سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :13

(ح) مشدد وينجن ۽ تشديد لاءِ قانون:

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾ ”شد“ جي استعمال ۾ به يڪسانيت ڪانهي. مثال طور 1962ع ۾ ڇپايل سنڌي پهرئين ڪتاب ۾ ’اَنَ‘ ۽ ’ڪَنَ‘ لفظن تي ’شَد‘ جو نشان نه ڏنو ويو آهي، پر اڳتي هلي ’پنَ‘ لفظ جي ’ن‘ مٿان شد جو نشان ڏيئي، ’پَنَّ‘، لکيو ويو آهي. (2)

عام طور سنڌي صورتخطيءَ ۾ حرفن مٿان شد جي نشاني ڪانه ڏني ويندي آهي. پر حقيقت ۾سنڌي صوتياتي نظام موجب، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ اُچار ۾ آواز ضرور مشدد ٿين ٿا. اهڙن مشدد  آوازن لاءِ به ڪي اصول ۽ قانون آهن.

سنڌي صوتياتي نظام موجب، ڏٺو ويو آهي ته نه فقط سنڌيءَ ۾، پر برصغير جي ٻين ڏيهي زبانن ۾ پڻ، مشدد آوازن لاءِ لڳ ڀڳ ساڳيا اصول ۽ قانون آهن. اهي قانون سمجهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لفظ ملاحظه فرمايو:

سنڌي لفظن جي عام لکت

صحيح لکت

بُتِ

بُتَ

پَٽِ

پَٽِّ

پَڪ

پَڪَّ

پَڪو

پَڪّو

سُٺِ

سَٺِّ

سَٽَ

سُٽّ

سۡٽُ

سٽّ

سڪَ

سُڪّ

سُڪَ

سُڪّ

سُکَ

سُکّ

سَچُ

سَچّ

سجۡ

سُجّ

اَکِ

اَکِّ

اَن

اَنّ

اُن

اُن

اَڇو

اَڇّو

مٿي ڏنل لفظن جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان ۾ پٻدي (ٻن پدن واري) لفظ جي پهرئين پد ۾، جڏهن ڇوٽن (ننڍن) سرن [آ، ا ۽ اُ] مان ڪوبه هڪ سُر هوندو آهي. تڏهن اُچارڻ مهل پهرين پد واري ڇوٽي سر کان پوءِ ايندڙ وينجن، يعني ٻئي پد جي مُنڍ وارو وينجن، ’مشدد‘ يعني ٻٽو ٿي ويندو آهي. مثال طور ’بُتِ‘ لفظ جي پهرئين پد ۾ [اُ] سر آهي ۾ [اُ] سُر کان پوءِ، ٻئي پد جي مُنڍ  ۾ [ت] وينجن آيو آهي، پهرئين پد ۾، ڇوٽي سر [اُ] جي اچڻ ڪري، ٻئي پد جي منڍ واري وينجن [ت] جو اُچار،  خود بخود ’مشدد‘ يعني ’ٻٽو‘ ٿي ويو. اهڙيءَ طرح ’مَٽِ‘ لفظ جي، پهرين ۾ پد ۾ [اَ] سُر جي اُچار ڪري، اُن جي پويان آيل [ٽ] وينجن ٻٽو يعني مشدد اُچاربو. ساڳيءَ طرح ’سِٽَ‘ لفظ ۾، پهرئين پد ۾ [اِ] سر کان هڪدم پوءِ آيل وينجن [ٽ]، مشَدد اُچاربو؛ پر جڏهن پهرين پد ۾ ڊگها سر [آ، اِي اوُ، اي، او] وغيره ايندا آهن، تڏهن انهن ڊگهن سرن کان پوءِ ايندڙ وينجن مشدد ڪري نه اُچاربو؛ جيئن:

پهرين پد ۾ ڇوٽو سر

اچار

 

پهرين ۾ ڊگهو سر اُچار

پَٽِ

پَٽّ

پاٽ

پاٽ

سَٽَ

سِٽّ

سيٽِ

سيٽ

سَٺِ

سَٺّ

سيٺ

سَيٺ

اُنَ

اُنّ

اونَ

اونَ

اَڇَ

اَڇّ

اَڇَ

آڇَ

پَڪو

پَڪّو

پيڪو

پيڪو

انهيءَ لحاظ سان سنڌي صورتخطيءَ ۾ شد جو استعمال لازمي آهي.

هت هڪٻئي نقطي طرف ڌيان ڇڪائڻ به ضروري آهي.

اهو نقطو هي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سنڌيءَ‘ (Assimilation) ڪيترن ئي مثالن ۾، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهڙا مشدد آواز بدلجي چوسڻا وينجن (Implosive Consonants) ٿي پيا آهن. مثال طور سنڌي ٻوليءَ ۾، هڪ لفظ آهي. ’سڄڻ‘. هي مرڪب لفظ آهي، جو ٻن مفرد لفظن ’ست‘+’جن‘ جي ميلاپ سان ٺهيو آهي. ’ستجن‘ لفظ جا انهيءَ ڪري ٻه جُز ٿيا: هڪڙو ’ست‘ ۽ ٻيو ’جن‘ (ست + جن). ’سنڌيءَ ‘ (Assimilation) جي قانون موجب، ’ست + جن‘ جُزن مان، پهرين جُز جو پويون آواز [تِ] ٻئي جُز جي پهرين آواز [ج]، يعني سخت تارونءَ وارو ڳرو اوسرگ ڌوڪڻو وينجن [ج] ٺهي پيو ۽ نئون لفظ ’سَجَّن‘ ٺهيو، جنهن ۾ [ج] جو اُچار مشدد ٿئي ٿو. اڳتي هلي، مشدد يعني ٻٽو [ج]، بدلجي سخت تارونءُ وارو چوسڻو وينجن (Palatal implosive) [ڄ] ٿي ويو، ۽ [ن] بدلجي [ڻ] ٿيو، ۽ اهڙي طرح لفظ ٺهيو [سڄڻ].

(ق) عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ آيل لفظن جي لکت ۾ ڦير گهير:

هن حقيقت کان ڪوبه شخص انڪار ڪري نه سگهندو ته عربي ۽ فارسي ٻولين سان سنڌ جو واسطو تمام قديم آهي. سنڌ عرب ۽ ايران  جا ناتا اسلام کان به اڳ جا ثابت ٿيل آهن. 712ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم، سنڌ ۾ اسلامي حڪومت جو جهنڊو جهولايو، تڏهن سنڌ ۾ عربي زبان اسلام جي زبان جي حيثيت ۾، هر هنڌ تسليم ڪئي وئي، پر حقيقت ۾ سنڌ، عرب دنيا ۽ ايران جي پاڻ ۾ سماجي، ثقافتي، ۽ تجارتي ناتن هئڻ ڪري، عربي ۽ فارسيءَ جا هزارين لفظ، سنڌي زبان جي لغات ۽ ثقافت جو جُز بنيا، ۽ ڪيترائي سنڌي لفظ، عربي ۽ ايرانيءَ ۾ داخل ٿي ويا. اهو سرشتو هزارين سالن کان هلندو ٿو اچي. اُن ۾ ڪي لفظ جن کي گهڻو زمانو گذري چڪو آهي. اهڙي طرح سنڌي لغات ۾ گڏجي مسجي ويا آهن، جو اڄ ڪلهه انهن کي سڃاڻي به نٿو سگهجي، پر ڪي لفظ پوئين دور ۾ يا گذريل سو کن سال اڳ، اسان جي ٻوليءَ ۾ شامل ٿيا آهن، جيڪي ظاهريءَ طرح سڃاڻي سگهجن ٿا، پر اهي لفظ به اسان جي لغات جو حصو ۽ ثقافت جو ورثو ۽ سرمايو بڻجي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ورهاڱي کان اڳ ۽ آزاديءَ کان پوءِ، ڪن دوستن انفرادي طور يا گڏيل نموني اها ڪوشش ڪئي آهي ته عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مان ترڪ ڪيو وڃي،  انهن لفظن کان جند ڇڏائي وڃي، ۽ انهن لفظن جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي يعني (هندي ۽ سنسڪرت وارا) لفظ ڪم آڻجن. هي هڪ جدا بحث آهي، جنهن تي روشني وجهڻ هن باب جي دائري کان ٻاهر آهي.

هن ڏس ۾ مالٽا جي هڪ مشهور لسانياتي ماهر مسٽر اَئڪلينا جي راءِ غور ڪرڻ وڌيڪ مناسب ٿو لڳي. جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته ٻين ٻولين کان اُڌارا ورتل لفظ ۽ لغوي خزانو، ڪنهن به ٻوليءَ جي لغات ۽ ثقافت جو حصو بڻجي ويندا آهن. اهڙن لفظن کي ترڪ ڪرڻ يا انهن کي ٻوليءَ جي لغوي خزاني مان ڪڍي ڇڏڻ واري تحريڪ، اُن ٻوليءَ کي ته ڪوبه نقصان پهچائي نٿي سگهي، جنهن مان اهي لفظ اُڌارا ورتا ويا آهن، پر دراصل اُن ٻوليءَ جي لغات ۽ لغوي خزاني ۽ ثقافتي سرمايي کي ضرور نقصان پهچندو، جنهن اهڙا لفظ اُڌارا وٺي، پنهنجي لغوي خزاني کي شاهوڪار بنايو آهي. مسٽر ائڪلينا جي هن راءِ جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته سنڌي زبان مان عربي ۽ فارسي ٻولين جي لفظن کي ڪڍي ڇڏڻ واري تحريڪ، سنڌي زبان لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندي، ڇوته عربي ۽ فارسيءَ مان اُڌارا ورتل هزارين لفظ، هاڻ اسان جي لغات، لغوي خزاني ۽ ثقافتي ورثي جو حصو بڻجي ويا آهن؛ مثال طور جيڪڏهن هاڻ اسين ’دل‘ لفظ ڪڍي ان جي جاءِ تي ’هردو‘ لفظ ڪم آڻينداسين، ’مرشد‘ لفظ ڪڍي ان جي جاءِ تي ’گرو‘ ڪم آڻينداسين ته پوءِ ٻوليءَ کي فائدي جي بدران نقصان پهچائينداسين.

اهڙيءَ طرح ٻي جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي، سا آهي عربي ۽ فارسي لفظن جي صورتخطين کي ڦيرائڻ، اُن ۾ هڪڙا دوست چون ٿا ته هزارين سال اڳ جيڪي عربي ۽ فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ضم ٿي ويا آهن، ۽ اهي سنڌي صورتخطيءَ جو روپ وٺي، سنڌي ٿي چڪا آهن، انهن کي اصلوڪي زبان واري صورتخطيءَ واري روپ ۾ لکجي؛ ته وري ٻيا دوست چون ٿا ته جيڪي عربي ۽ فارسي لفظ، تازو سنڌيءَ ۾ آيا آهن، انهن کي اصلوڪي صورتخطيءَ ۾ نه، پر سنڌي صورتخطيءَ جي اصولن موجب لکيو وڃي. مثال طور سنڌي اڪيڊميءَ طرفان ’نڪور ڪهاڻيون‘ نالي افسانن جو مجموعو شايع ٿيو هو. اُن ڪتاب ۾ ناشر صاحب، ڪن ليکڪن جي عربي نالن جي اصلي صورتخطي ڦيرائي،  ان کي هيٺ موجب لکيو:

اصل نالو

ڦيرائي لکيو ويو

نوالهديٰ

نورل هدا

خيرالنساء

خير الا نساءِ

آءُ نٿو ڀانيان ته انهن مان ڪنهن به ڪهاڻيڪار، پنهنجي نالي جي صورتخطي ڦيرائي لکڻ جي اجازت ڏني هوندي، يا اهڙيءَ ڦير گهير تي انهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هوندو، جيڪي درست انهيءَ قسم جي ڦير گهير يا تبديلي جا شوقين آهن، اهي اجازت ڏيندا ته سندن نالن ۾ به ڦيرگهير ڪري، سندن نالا هن ريت لکيا وڃن:

نالو

ڦريل صورتخطي

ظفر

جڦر

نثار

نسار

نصير

نسير

عبدالقادر

ادل ڪادر

بخش علي

بشڪلي

غلام علي

گلاملي

هيٺ ڪي نالا ۽ ڪي لفظ ڏجن ٿا جيڪي جدا جدا طريقي سان پيا لکجن، انهن جي مقرر صورتخطيءَ جي پڻ سفارش ڪجي ٿي:

لفظن جون جدا جدا صورتون

هڪ مقرر صورتختيءَ جي سفارش

امينا، امينه، امينہ

امينہ

زرينا، زرينه زرينه

زرينه

خديجا، خديجہ، خديجة

خديجہ

عائشيا، عائشيه، عائشيہ

عائشہ

سعيدا، سعيده

سعيده

سڪينا، سڪينه، سڪينہ

سڪينہ

روزينا، روزينه

روزينه

علاما، علامه

علامه

فتويٰ، فتويٰ

فتويٰ

دعوا، دعويٰ

دعويٰ

معنيٰ، معنا

معنيٰ

عيوض؛ عِوض

عِوض

بالڪل، بلڪل

بلڪل

(ل) سرائڪي ٻوليءَ جي اثر سبب اُچار ۽ لکت ۾ فرق:

سنڌ ۾ سرائڪي زبان ڳالهائيندڙ سوين سالن کان آباد آهن. اهي ماڻهو ثقافتي، سماجي ۽ معاشرتي طور سنڌ ۾ ضم ٿي چڪا آهن. هُو ٻاهر روزانه وهنوار ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن. انهن جا ٻار اسڪولن ۾ سنڌي زبان، مادري زبان طور پڙهندا آهن، پر اُنهن مان اڪثريت گهرن ۾ سرائڪي ٻولي قائم رکيو اچي، انهيءَ ڪري اُهي ماڻهو ڪيترائي سنڌي لفظ، سرائڪي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام موجب اُچاريندا آهن؛ مثال طور:

 (i)سرائڪي ڳالهائيندڙ اُنهن سنڌي لفظن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘ اعراب هوندي آهي، تن جي ’اَ‘ اعراب کي، ’اِ‘ اعراب ۾ بدلائي اُچاريندا آهن؛ جيئن:

سنڌي اُچار

سرائڪي اُچار

پَنجَ

پَنجِ

سَتَ

سَتِ

اَٺَ

اَٺِ

وَڇَ

وَڇِ

هَٿَ

هَٿِ

اُٺَ

اُٺِ

(ii) اُهي سنڌي لفظ، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اِ‘ يا ’اُ‘ اعراب هوندي آهي، سرائڪي ڳالهائيندڙ، اهڙن لفظن جا اُچار ڪندي ’اِ‘ يا ’اُ‘ اعرابن کي ’اَ‘ اعراب ۾ بدلائي اُچار ڪندا آهن.

جيئن:

اعراب

سنڌي اُچار

سرائڪي اُچار

اُ

سِنڌُ

سِنڌ

اِ

سيٺِ

سَيٺَ

اِ

راتِ

راتَ

اهڙو  فرق جملن ۾ ته تمام گهڻو نمايان هوندو آهي. مثال طور سنڌي وياڪرڻ جي قانن موجب، اهي اسم (مؤنٽ يا مذڪر) جن جي آخر  ۾ ’اِي‘ اعراب هوندي آهي، اُنهن جي زمان حال مان، زمان ماضيءَ لاءِ يا تغيري صورت (حالت جري ۽ حالت اضافت وغيره) بنائڻ لاءِ جڏهن اُن اسم جي پٺيان حرف جر ايندو آهي، تڏهن اُن اسم جي آخري اعراب ’اِ‘ پٺيان ’ءَ‘ اعراب پڻ ايندي آهي، ۽ پوءِ حرف جر استعمال ٿيندو آهي:

مثال طور:

زمان

سنڌي اُچار

سرائڪي اثر موجب اُچار

 

 

 

حال

ڇوڪري ماني کائي ٿي.

ڇوڪريءَ کي ماني کاراءِ.

ڇوڪريءَ کي پاڻي پيئار.

هُو وڇونءَ کي ماري ٿو.

ٻڪريءَ کي پَنجَ ڦرَ آهن.

هوءَ سنڌ ۾ رهندي آهي.

سانوڻَ جي رُتِ ۾.

سيٺِ کي دعوت ڏي.

ڇوڪري ماني کائي ٿي.

ڇوڪري کي ماني کاراءِ.

ڇوڪري کي پاڻي پيئار.

هُو وڇون کي ماري ٿو.

ٻڪري کي پنج ڦَر آهن.

هُو سنڌ ۾ رهندي آهي.

سانوڻِ جي رُتَ ۾.

سيٺَ کي دعوت ڏي.

ڏٺو ويو آهي ته موجوده وقت اهو سرائڪي اثر نصابي ڪتابن ۽ معياري  ادبي رسالن،  بلڪه ريڊيو، ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ پڻ نظر اچي ٿو. نصابي ڪتابن ۾ ’ڇوڪريءَ‘، ’هاريءَ‘ ۽ ’ماڻهوءَ‘ وغيره صورتن جي پويان استعمال ٿيندڙ اعراب ’ءَ‘ هاڻ تمام گهٽ نظر اچي ٿي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جا وڏا وڏا اديب به هن وهڪري ۾ وهي رهيا آهن. بهرحال هن موضوع تي هڪ ڌار مقالي لکڻ جي ضرورت آهي.

(م) لفظن جي صورتخطين ۾ عام ڦير گهير:

سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترائي لفظ آهن جيڪي عام طور جدا جدا نموني لکجي رهيا آهن. اهڙا  لفظ نه فقط رسالن ۽ اخبارن ۾ جدا جدا نمونن ۾ پيا لکجن، پر درسي ڪتابن ۾ پڻ ليکڪ ۽ تعليمي ماهر انهن کي پنهنجي پسند يا قابليت جي رعب ۾، جيئن وڻين تيئن لکندا رهندا آهن. اهڙن لفظن جو تعداد سون کان مٿي آهي. اهڙن سڀني لفظن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ۽ پوءِ انهن لفظن جي هڪ صورتخطي مقرر ڪرڻ گهرجي. هيٺ اهڙن لفظن جون لڙهيون ڏجن ٿيون، ۽ انهن جي هڪ صورتخطي پڻ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪجي ٿي:

نمبر لفظن جو ڌار ڌار صورتون

 

هڪ صورتخطيءَ لاءِ سفارش

(1)

اڄڪلهه، اڄ ڪلهه

اڄڪلهه

(2)

اَڃان، اَڃا

اَڃا

(3)

اَسانکي، اَسان کي

اسان کي

(4)

اَسانوٽ، اسان وٽ

اسان وٽ

(5)

اَسانجو، اسان جو

 اسان جو

(6)

اسينۡ

اسين

(7)

الاجي، اَلائي

اَلاجي

(8)

املتاس، املداس، املڌاس

اَملتاس

(9)

امان، اما

اما

(10)

اڻپڙهيل، اڻ پڙهيل

اَڻپڙهيل

(11)

اَڻپور، اڻ پور

اَڻپور

(12)

اَڻٽٽندڙ، اڻ ٽٽندڙ

اَڻٽُٽندڙ

(13)

اَڻڇڙيل، اَڻ ڇڙيل

اڻڇڙيل

(14)

اَڻميا، اَڻ ميا

اَڻمَيا

(15)

اَڻهوند، اَڻ هوند

اَڻهُوند

(16)

آبهوا، آب هوا

آب هوا

(17)

آرِتَوارُ، آرتوار

آرتَوار

(18)

آهي، آئي، آه

آهي

(19)

آهيۡن، آهين

آهين

(20)

آءُ، آئون

آءُ

(21)

اِئين، ايئن

اِئين

(22)

اُڀۡريو، اُڀريو

اُڀريو

(23)

بيۡت، بيت

بَيت

(24)

بٽئي، ڀٽئي

ڀٽَئي

(25)

بَابَا، بابا

بابا

(26)

بي اونا، بي اونا

بي اونا

(27)

بيحال، بي حال

بيحال

(28)

بيدرد، بي درد

بيدرد

(29)

بيوقوف، بي وقوف

بيوقوف

(30)

بُڪ، بُوڪ

بُڪ

(31)

ٻَرَنۡ، بَرَنِ

ٻَرن

(32)

ٻڪۡري، ٻَڪِري

ٻڪِري

(33)

ٻئي. ٻيئي

ٻئي

(34)

ٻيون، ٻيو

ٻيو

(35)

ٻيۡر، ٻير

ٻير

(36)

ٻانهان، ٻانها

ٻانها

(37)

ٻانهون، ٻانهو

ٻانهو

(38)

ڀنڀور، ڀمڀور، بنڀور، ڀنبور

بنڀور

(39)

ڀاڱون، ڀاڱو

ڀاڱو

(40)

ڀائڻ، ڀانئڻ

ڀائڻ

(41)

ڀائيندو، ڀانئيدو، ڀانئيندو

ڀائيندو

(42)

تَرسۡ، ترۡس

ترسُ

(43)

تنهنجو، تنهن جو

تنهن جو

(44)

تُنهنجو، تنهن جو

تنهنجو

(45)

مُنهنجو، منهن جو

مُنهنجو

(46)

تُوريۡ، توريۡ

توري

(47)

توهانکي، توهان کي

توهان کي

(48)

ٿين، ٿيئَن

ٿين

(49)

تۡيِلي، تيلي

تيِلي

(50)

ٿُوڪِڻ، ٿُوڪَڻ

ٿوڪِڻ

(51)

ٽِيو، ٽِيون، ٽيون

ٽيو

(52)

ٽَئي، ٽيئي

ٽيئي

(53)

ٽِياڻ

ٽياڻ

(54)

پَڙهيو، پَڙهِيو، پَڙهيو

پَڙۡهيو

(55)

پَنهنجو، پنهن جو

پنهنجو

(56)

پَنجون، پنجون

پنجون

(57)

پندرهن، پنڌرهن

پندرهن

(58)

پَهِريون، پهۡريُون

پَهِريُون

(59)

پئسو، پَيسو

پيَسو

(60)

پئدائش، پئدايش، پَيدائش

پَيدائِش

(61)

پئدا، پَيدا پيدا

پَيدا

(62)

پئي، پوي

پَوي

(63)

پاڙيوارن، پاڙي وارن

پاڙي وارن

(64)

پريۡمُ

پۡريمُ

(65)

پيار

پۡيار

(66)

پَئي، پيئي

پيئي

(67)

پئيون، پيئيون، پييون

پيئيون

(68)

پَهَتيون، پُهتُيون، پُهتيون

پهتيون

(69)

پيڻ، پيئڻ، پئڻ

پيئڻ

(70)

پيئار، پيار

پيئار

(71)

پيئاريو، پياريو

پياريو

(72)

پيئندا، پيندا، پئندا

پيئندا

(73)

پوڄَڻ، پوڄڻ

پوڄِڻ

(74)

ڦوڪڻ، ڦوڪِڻ

ڦوڪِڻ

(75)

جهجَهو، جهَجو، جَجهو

جَجهو

(76)

جَڏهِن، جَڏِهن، جَڏَهين، جَڏِهين

جَڏَهن

(77)

جَنهن، جِنهِن

جَنهن

(78)

جيئن، جِئَن

جيئَن

(79)

جُوار، جُوئار

جُوئار

(80)

جُواري، جُوئاري

جُوئار

(81)

جيتريقدر، جيتري قدر

جيتري قدر

(82)

جيتوڻيڪ، جيتوڙيڪ

جيتوڻيڪ

(83)

جيڪڏهن، جيڪڏهين

جيڪڏهن

(84)

ڄَڻان، ڄڻا

ڄَڻا

(85)

ڄڻون، ڄڻو

ڄڻو

(86)

چَرِچو، چَرۡچو

چَرۡچو

(87)

چَوي، چَئي

چَوي

(88)

چَهَبُڪَ، چَهۡبُڪَ

چَهۡبُڪَ

(89)

چاڪ، چاق

چاق

(90)

چاقُوۡ، چاقو

چاقو

(91)

چُهُنب، چُهِنبَ

چُهِنبَ

(92)

چُڪَ، چُوڪَ

چُڪَ

(93)

چوٿوۡن، چوٿون

چوٿُون

(94)

چَوڏيل، چَوڏول

چَوڏول

(95)

ڇَه، ڇَههَ

ڇَههَ

(96)

ڇَنۡڇَر، ڇَنِڇَر

ڇَنۡڇَر

(97)

خَيرُ، خۡيرُ

خيرُ

(98)

دريا، درياهه، درياء

درياء

(99)

دُوڪان، دُڪان

دُڪان

(100)

ڌِيان، ڌِيان

ڌۡيان

(101)

ڌُئَڻ، ڌوئَڻ، ڌوئِڻ

ڌوئَڻ

(102)

ڌوڪڻ، ڌوڪِڻ

ڌُوڪِڻ

(103)

ڏاڙُهُوُن، ڏاڙهون

ڏاڙهوُن

(104)

ڏِسبا، ڏِسۡبا

ڏِسبا

(105)

ڏِنَمُ، ڏَنَمُ، ڏِنُم

ڏِنّمَ

(106)

ڏِهاڙيۡ، ڏيهاڙي، ڏِهاڻي

ڏِهاڙي

(107)

ڏِياري، ڏِياريۡ

ڏۡياري

(108)

ڏيئي، ڏَئي

ڏيئي

(109)

رَڌَڻ، رَڌِڻ

رَڌِڻ

(110)

رکۡجي، رَکِجي

رَکجي

(111)

رَهجي، رَهِجي

رَهِجي

(112)

رَنگ، رڱَ، رنڱَ

رڱ

(113)

رُوئڻ، روئِڻ، رُئَڻ

رُئَڻ

(114)

روئَندي، روئيندي، رُئندي

رُئندي

(115)

رؤنشو، رَئُنشو

روۡنشو

(116)

رَوشن، روشن

روشَن

(117)

ريڊئي، ريڊيي

ريڊئي

(118)

رنگيندو، رڱيندو

رڱيندو

(119)

زِيان، زيان

زۡيان

(120)

زَيتوۡنُ

زيَتونۡ

(121)

سِڀۡ، سَڀۡ، سَڀِ

سَڀِ

(122)

سَڀۡڪو، سَڀِڪو

سڀِڪو

(123)

سڀَئي، سَڀيئي

سِڀَئي

(124)

سَڄِيُونۡ، سَڄون

سَڄِيُون

(125)

سَمونڊ، سَمنڊ، سمونڊر

سَمنڊ

(126)

سَنِهون، سَنهو

سَنهون

(127)

سَنهي، سَنهي

سَنهي

(128)

سهي، صحيح

صحيح

(129)

ساراهِيُون، ساراهُيون

ساراهِيُون

(130)

سگِري، سگِڙي

سِگڙي

(131)

سَرنهن، سَرهن، سَرهه

سَرنهه

(132)

سُڀاڻي، صُبحاڻي

سڀاڻي

 

(133)

سُٿڻيون، سُٿڻون

سُٿڻيون

 

(134)

سُمُهار، سُمهار

سُمهارُ

(135)

سُمهِي، سُمهي

سُمهي

(136)

سُهۡڻو، سُهِڻو

سُهِڻو

(137)

سُهۡڻا، سُهِڻا، سُنهڻا

سُهِڻا

(138)

سيڄَ، سيجَ

سيڄَ

(139)

سَير، سَئر

سَير

(140)

شيءَ، شيءِ، شئي

شيء

(141)

عيوض، عِوض

عوض

(142)

غَلطُ، غلط

غَلَطُ

(143)

فُوُٽ، فُٽ

فُٽ

(144)

فَوۡجَ

فوَجَ

(145)

قومَ

قوَمَ

(146)

ڪَڏهين، ڪَڏِهن

ڪَڏَهن

(147)

ڪَنبل، ڪَمبل

ڪَنبلُ

(148)

ڪَهِڙو، ڪَهۡڙو

ڪَهِڙو

(149)

ڪنِهن کي، ڪنهن کي

ڪنهِن کي

(150)

ڪَئنچي، قئنچي

قَئِنچي

(151)

ڪاٺيَر، ڪاٺِرُ، ڪاٺيارُ

ڪاٺِيرُ

(152)

ڪچرو، ڪِچۡرو

ڪچرو

(153)

ڪُلۡفَ، ڪُرف، قفل

ڪُلۡفَ

(154)

ڪُئو، ڪُوۡئو

ڪوُئو

(155)

ڪُئا، ڪُوئا

ڪُوئا

(156)

ڪُئَن، ڪوُئَن

ڪُوئَن

(157)

ڪُنوار، ڪونئار

ڪُوئنار

(158)

ڪُنڀَر، ڪُنڀارَ

ڪُنڀار

(159)

ڪوڙڻ، ڪوڙۡڻ

ڪُوڙَڻَ

(160)

ڪيڏهن، ڪيڏانهن

ڪيڏانهن

(161)

کاڌِم، کاڌِيَم

کاڌِيَم

(162)

کاڌُم، کاڌُم

کاڌُم

(163)

گَجَرَ، گَجَرُون

گَجَرَ

(164)

گَدۡلي، گَدِلي

گَدلِي

(165)

گڏِجيۡ

گَڏِجي

(166)

گَهگهو، گَهگو، گَگهو

گهگهو

(167)

گهاتُوۡ

گهاتو

(168)

گِيان

گۡيان

(169)

گُهُگهي، گَهگي، گُگهي

گُگهي

(170)

گيۡت، گيتِ

گِيتُ

(171)

لَغَڙ، لَغڙۡ

لَغَڙَ

(172)

لَهُرون، لَهِرِؤن، لَهَرُون

لَهروُن

(173)

لِکيل، لِکيل

لِکيَلُ

(174)

لوهَرُ، لوهار

لوهار

(175)

مَڃُونۡ، مڃيُون

مَڃِيُون

(176)

مَڇون، مَڇيُون

مَڇيُون

(177)

مَحنَتَ، محِنَتَ

مَحِنَتَ

(178)

مَنَ مُهِڻون، مَنَ مُهِڻو

مَنَ مُهِڻو

(179)

مَهربان، مِهِربان

مهِربان

(180)

مَٿانهُون، مَٿاهون

مَٿانهون

(181)

مَهلَ، مَهَلَ

مَهِلَ

(182)

مَلۡهُون، مَلهُون

مَلهُون

(183)

مَکِين، مَکۡيُن

مَکيُنَ

(184)

مَهِينو، مَهِنوُ

مَهينُو

(185)

مَهينَن، مَهينن

مَهِينَن

(186)

ماڻهون، ماڻهو

ماڻهُو

(187)

ماڻهوءَ، ماڻهو

ماڻهوءَ

(188)

مُلِڪُ، مُلۡڪُ

مُلۡڪَ

(189)

مُنِهنجو، مُنهنۡجو، منهن جو،

مُنهِنجو

(190)

مينهنُيون، مينِهيون، مينهُون

مينهِنيُون

(191)

مُوۡريۡ

مُوري

(192)

مونۡکي،  مون کي

مون کي

(193)

نَنَهَن، نُنهَن، نُنۡهُن

نَنهَن

(194)

نِڪِرو، نِڪۡرو

نِڪِرو

(195)

نيئي، نَئي

نيئي

(196)

واٽَهۡڙُو، واٽَهَڙؤ

واَٽهِڙوُ

(197)

وِهاريو، ويهاريو

ويهاريو

(198)

وَهَڻ، ويهَڻ

ويهَڻ

(199)

وَئي، ويئي

وَئي

(200)

وَئيُون، ويئيون

وئيون

(201)

هڪ ٻئي، هڪٻئي،

هڪَ ٻئي

(202)

هڪ جهڙو، هڪجهڙو

هڪجهڙو

(203)

هن کي، هنکي

هن کي

(204)

هِيۡ، هِي

هِي

(205)

هيينۡ، هئين، هِيۡئين

هِئين

(206)

هوس، هُئَس

هوس

(207)

هُئا، هُوا، هُوئا

هُئا

عربي ۽ فارسي ٻولين جا لفظ

 

 

(208)

حقيقتاً، حقيقتن

حقيقتاً

(209)

عموماً، عمومن

عموماً

(210)

فوراً، فورن

فوراً

(211)

مثلاً، مثلن

مثلاً

(212)

بلفعل، بالفعل

بالفعل

(213)

بالڪل، بلڪل

بلڪل

(214)

يادداشت، ياداشت

ياداشت

 

 

 

 

 

 

 

ببليو گرافي

1. ابراهيم جويو: سنڌي پرائمر، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1962ع

2. ڀيرومل آڏواڻي، وڏو سنڌي وياڪرڻ، ڀاڱو 2، ڪراچي، هندو پريس، 1926

3. غلام علي الانا، ڊاڪٽر: سنڌي صورتخطي، ڇاپو چوٿون حيدرآباد، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، 1993ع

4. ايضاً سنڌي صوتيات، حيدرآباد ادبيات پبليڪيشنس، 1967ع

5. ايضاً، سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ڇاپو ٻيو، ڪراچي، سنڌيڪا اڪيڊمي، 2004ع

6. لوڪناٿ:  سنڌي ٻوليءَ جي لپي، بمبئي، مساني روڊ، 1959ع

7. نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ، ڇاپو ٽيون، ڄام شورو، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي، 1992ع

8. واحد بخش شيخ: سنڌي صرف و نحو، حيدرآباد آر_ ايچ_ احمد ائنڊ برادرس، 1956ع

9. Bartil Malmberg, Phonetics, New York, Dover Publications, INC. 1963.

باب پنجون

سنڌي ٻوليءَ جي قديم ۽ تاريخي حيثيت جو اڀياس

1. سنڌي ٻوليءَ جي قدامت:

”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب ۾، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جي باري ۾ ڪافي دليل ڏيئي، ان جي ساخت،  سٽاءُ ۽ وياڪرڻي جوڙجڪ جا مثال ڏيئي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جا ابتدائي اُهڃاڻ، موهن جي دڙي واريءَ تهذيب ۾ ملن ٿا، جنهن تي پوءِ اڳتي هلي پهرين آرين جي پراڪرتن، پوءِ سنسڪرت، پالي، قديم ايراني، يوناني، عربي، جديد فارسي ۽ ٻين ٻولين جو اثر ٿيو. انهيءَ ڪري سنڌي زبان جو صوتياتي،  صرفي ۽ نحوي مطالعو ڏاڍو دلچسپ آهي. هن قسم واري مطالعي جا گهڻا ئي مثال ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڏنا ويا آهن.

هيٺ انهن لفظن جو ذڪر ڪجي ٿو جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت واري حيثيت جي ساک ڀرين ٿا.

2. رگويد ۾ سنڌي لفظ:

رگويد جيتوڻيڪ  آرين جو هڪ پراڻو ڌرمي ڪتاب آهي، پر جيئن مٿي عرض ڪيو ويو آهي، ۽ جيئن ”سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد“ ڪتاب ۾ به چيو ويو آهي ته آرين جي اچڻ کان اڳ، سنڌو ماٿرهڪ شاهوڪار تهذيب جي مالڪڻ هئي. هن تهذيب جي ڌڻين کي پنهنجي زبان به هئي. جڏهن آرين سنڌو ماٿر تي قبضو ڪيو، تڏهن آرين جي ٻوليءَ، تي تهذيب ۾ ڌرم جو سنڌو- ماٿر جي ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ تهذيب تي ضرور اثر ٿيو هوندو؛ سنڌو- ماٿر جي قديم رهاڪن، آرين جي ٻوليءَ جا ڪيترائي لفظ اُڌارا ورتا هوندا، پر ائين ناممڪن آهي ته قديم سنڌو- ماٿر جي ماڻهن، پنهنجي سڌريل ۽ مذهب ٻوليءَ کي بلڪل ڇڏي ڏنو هوندو؛ البته حاڪمن جي زبان جي اثر ڪري، سنڌو- ماٿر جي ٻوليءَ جو لفظي ذخيرو گاڏڙ بڻجي ويو هوندو. انهيءَ جو ثبوت اهو آهي جو رگ ويد ۾ به ڪيترائي اهڙا لفظ ملن ٿا جيڪي آريائي نه آهن، پر اُهي سنڌو_ ماٿر جي قديم رهاڪن جي زبان جا آهن. اهڙن لفظن جي هڪ لڙهي هيٺ ڏجي ٿي، انهن لفظن جي صوتياتي جائزي ۽ تقابلي مطالعي جي مدد سان اهو ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اِهي لفظ آريائي نسل جا نه آهن؛ مثال طور:

رگ ويدڪ لفظ

سنڌي لفظ

وَسۡتي

بَسۡتي، وسۡتي، (وَسئين> وَسي)

ديوَرَم

ڏير

پَڪۡوَ ڦلَم

پڪو ڦل، پڪل ڦل

مانَ

ماڻ

ڪۡشير

کِير (ڪش> ک)

چَر

چَروڙي، چؤنري

مُنجَ

مُڃَ

ڪُنب

ڪُنڀ (وڏو پيالو)

چَڪَر

چَڪَرو، چَڪَر

پۡرٿوي

پرٿوي

داس

دَاس

رَٿَ

رَٿُ

آپو

آب

يوڪۡتَر

جوٽو

سنيهه

سنيههَ (نيههَ، نينهن)

وَڌَ ويوَ

وِڌوا

مَامۡس

مَاس

ڪانچي

ڪانچَ (سٿڻ)

ڪَنۡڪَتَ

ڪنگي (ڦڻي)

يَوَ

جَوَ

گئو

ڳئون

سَمُندرَ

سمونڊ، سمنڊ

سَتۡيَ

سَچُ

آرۡٿَ

اَرٿ

جَهوَ

ڄڀَ

سنڌي زبان جي اصلي بنياد وارن لفظن جي فهرست ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد“ ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ صفحي 46 کان 49 تائين ڏني وئي آهي.


(2) محمد ابراهيم جويو: سنڌي پهريون ڪتاب، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، مارچ 1962ع، ص ص 6 ۽ 7.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com