هن باب ۾ فقط فعلي ڌاتوءَ تي بحث ڪيو ويو آهي، ۽
ان سلسلي ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آهي. هن ڏس ۾
سرگريئرسن جي جڳ مشهور ڪتاب
Linguistic survey of India
جي اٺين جلد (حصي پهرئين) جو اڀياس ڪرڻ موزون
ٿيندو. گريئرسن لکي ٿو:
”اسان ڏٺو آهي امر جي ’حاضر واحد صورت‘ /اُ/ يا/
اِي/ سان ڦري ٿي. فعل جي ڌاتوءَ لاءِ امر جي حاضر
واحد صورت جون اهي پڇاڙيون (اعرابون) ڪيرائبيون
آهن، مثال طور:
ضمير حاضر واحد ڌاتو
هَل’
هل
سنڌي عالمن جي راءِ موجب /هَلڻ/ ۽/ لکڻ/ صورتون
مصدر آهن، ۽ انهن مان/اَڻ/ ڪڍي ڇڏبو ته باقي امر
ٺهندو، پر سرگريئرسن جي راءِ، هن سلسلي ۾، سنڌي
عالمن جي راءِ کان بلڪل اُبتڙ آهي. گريئرسن ڌاتوءَ
کي
Root
ٿو ڪوٺي. هن پنهنجي مذڪور ڪتاب ۾
Root
۽
Infinitive
کي ٻه ڌار ڌار صورتون ڪري بيان ڪيو آهي. هُو
Infinitive
لاءِ لکي ٿو:
/to goهَلَڻ
Infinitiveis formed by adding
سرگريئرسن جي هن راءِ مان ثابت ٿو ٿئي ته:/ هَلَڻ/
صورت کي ڌاتو يا مصدر
(root)
نه چئبو، پر هلۡ/ صورت کي ڌاتو چئبو./ هَلَڻ/ ته
پاڻ ڌاتوءَ مان ڦٽي نڪتل هڪ صورت آهي، جنهن کي
(اردوءَ وارن وانگر) ”حاصل مصدر“ چئبو.
هندستان جي لسانيات جي هڪ مشهور سنڌي ماهر ڊاڪٽر
مرليڌر جيٽلي جو هن ڏس ۾ رايو آهي ته:
”هند- آريائي ٻولين جا ماهر انهيءَ راءِ جا آهن ته
هند-آريائي سڀني ٻولين ۾ فعلن جو بنياد، حاضر واحد
جي امري صورت
(imp: second person singular)
آهي. سنڌيءَ ۾ به فعل جو ڌاتو حاضر واحد جي امري
صورت مان وٺڻو پوندو. ڪن انڊو- آريائي ٻولين ۾ فعل
جو ڌاتو ڪنهن به پڇاڙيءَ لڳائڻ کان سواءِ ئي، صيغي
جي امر عدد واحد ۾ استعمال ٿيندو آهي.
اهڙيءَ حالت ۾ فعل جو ڌاتو ئي صيغي امر جي عدد
واحد جي معنى ڏيندو آهي. مثال طور هندي زبان ۾:
آ-ي+ آ=آيا.
آ-ت+آ=آتا.
آ-اؤن+گ+آ=
آئونگا
پر سنڌيءَ ۾ صيغي امر عدد واحد جي معنى، ڌاتوءَ ۾
پڇاڙي لڳائڻ سان ڄاڻائبي آهي، مثال طور:
پَڙههۡ+ آن=
پَڙهان.
پَڙههۡ+ اي=
پَڙهي.
پَڙههۡ+ اِي=
پَڙهي.
انهن مثالن ۾/ پڙههۡ-/ڌاتو آهي ۽/ آن، اي ۽ اِي/
پڇاڙيون آهن. اهڙيءَ طرح ٻيا مثال هي آهن:
ڌاتو
حاضر واحد جي امري صورت
آ-
آءُ
لِکۡ-
کُ
ڊاهه
ڊاهه
کا-
کاءُ
اَچۡ
اَچُ
سنڌي ٻوليءَ جا سڀ ڪردنت جهڙوڪ؛ اسم حاليه، اسم
مفعول، اسم استقبال ۽ اسم ماضيه
توڙي سڀني زمانن جا فعل ڌاتن مان ڦٽي نڪرن ٿا. مثال طور:
ڌاتو اسم حاليه جي نشاني ضمير غائب واحد
جي نشاني
لِکۡ -آندۡ-
-او
=لکندو
مارۡ -اِند-
-او
=ماريندو
اسم استقبال
ڌاتو اسم استقبال جي نشاني ضمير
جي نشاني
لِکۡ |
-اِڻ- |
-اوُ |
=لِکڻِو |
مارِ
|
-اِڻ- |
-اوُ |
=مارِڻو |
ڌاتو زمان حال |
زمان ماضي |
زمان مستقبل |
زمان مضارع |
لِک آن+ ٿو لکان ٿو |
- يو لکيو آند |
-+سُ=
لکندس |
آن=
لکان |
فعل متعدي مجهول
ڌاتو
نشاني
لِکۡ -اِجه- لِکِجان
هن سلسلي ۾ هڪ اهم نقطو هي به آهي ته سنڌي ٻوليءَ
جي اڪثر متعدي فعلن جا ڌاتو، لازمي فعلن جي ڌاتن
مان ڦٽي نڪرن ٿا، مثال طور:
لازمي فعل جا ڌاتو |
متعدي فعل جا ڌاتو |
متعدي بالواسطو |
سَڙ- |
ساَڙ- |
ساڙا- |
مَرۡ- |
مار- |
مارا- |
ٺَر- |
ٺار- |
ٺارا- |
ٽر- |
ٽار- |
ٽارا- |
ڦِس |
ڦيهه- |
ڦيها- |
ٻَر |
ٻار- |
ٻارا- |
ٺَهه- |
ٺاهه- |
ٺاهرا- |
سُر- |
سير- |
سيرا- |
ڦَٽ- |
ڦاڙ- |
ڦاڙا- |
ٽُٽ- |
ٽوڙ |
ٽوڙا- |
ٻُڌ- |
ٻوڙ- |
ٻوڙا- |
وِسام- |
وسا- |
وسارا- |
8- صرف جا اصول ۽ قانون:
ماهرن علم صرف جا پنج اصول مقرر ڪيا آهن، جن جي
مدد سان مفرد لفظن مان ٻيون صورتون جوڙي سگهجن
ٿيون. اُهي اصول هي آهن:
(الف) اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ملائي نئيون صورتون
ٺاهڻ:
سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻي مواد ۾، برصغير پاڪ- هند
جي ٻولين وانگر، انيڪ اهڙيون پر-وس صورتون ملن
ٿيون، جن کي اڳياڙيون ۽ پڇاريون به چئبو آهي. هن
کان اڳ لفظ جي وصف بيان ڪندي، انهن صورتن جو ذڪر
ڪيو ويو آهي. سنڌي وياڪرڻن ۾ انهن صورتن کي وياڪرڻ
جي دائري ۾ داخل ڪرڻ لاءِ ڪابه وضاحت ڪيل نه آهي.
اهو ئي سبب آهي جو محترم سراج پنهنجي مقالي ۾ سوال
ڪيو هو ته (آ، اَنهن ۽ اَڻ) وغيره اصل ۾ ڇا آهن؟
دراصل ڪنهن به ٻوليءَ جي لفظن جي سموري وياڪرڻي
مواد کي صرفيه چئبو، جنهن کي اڳتي خودمختيار يا
پر-وس صرفين ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جي اڳياڙين ۽ پڇاڙين کي، خودمختيار
صورتن جي اڳيان يا پويان ملائي نوان لفظ ٺاهبا
آهن. اڳياڙين توڙي پڇاڙين (۽ وچياڙين) کي لسانيات
۾ ’جوڙ‘
(affixes)
چئبو آهي، جن کي سندن ڪارج جي لحاظ کان اڳياڙيون
يعني جيڪي واسطيدار انهن ڌاتُن جي منڍ ۾ ملايون
وينديون آهن، جن سان اهي ٺهڪي اينديون آهن.
پڇاڙيون انهن ڌاتُن جي پويان ملايون وينديون آهن،
جن سان اُهي ٺهڪي اينديون ۽ وچياڙيون يعني جيڪي وچ
۾ ملائجن ٿيون. پويون قسم يعني وچياڙيون سنڌيءَ ۾
آيل اُڌارن لفظن ۾ ملن ٿيون.
جيئن: آمدرفت ۽ گفت وشنيد وغيره ۾/و/.
سنڌي صوتيات جي جائزي مان معلوم ٿو ٿئي ته آوازن،
يا ڪن آوازن جي ميلن يا جوڙن ۽ انهن جي عمل لاءِ
ڪي قانون ۽ اصول مقرر ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح اڳياڙين
۽ پڇاڙين جي ميلاپ ۽ ڪارج لاءِ به ڪي قانون ۽ اصول
مقرر ٿيل آهن، جن جو اڃا تائين اڀياس ڪيو ئي نه
ويو آهي. هر ٻوليءَ جي سڄي ڍانچي يا رچنا ۾ لفظن
جا ڌار ڌار گروهه هوندا آهن، جن مان ڪنهن هڪ گروهه
سان فقط ڪي اڳياڙيون يا پڇاڙيون ملائي سگهبيون
آهن، پر اهڙي گروهه سان هر اڳياڙي يا پڇاڙي ملائي
ڪانه سگهبي آهي؛ يعني ڪي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون لفظن
جي ڪن خاص گروهن سان ئي ملڻ لاءِ پابند هونديون
آهن، ۽ ٻين گروهن سان انهن جو ميلاپ ممڪن نه هوندو
آهي.
مثال طور]ب[
۽
]پ[
ٻن چپن وارا آواز آهن، انهن کي نرم يا سخت تارونءَ
وٽ بلڪل اُچاري نه سگهبو. ساڳيءَ طرح
]س
۽ ز[
جو مخرج
]ڪ
۽ گ[
جي مخرج کان بلڪل الڳ هوندو آهي. آوازن جي سڄي
ذخيري کي اهڙيءَ طرح ڌار ڌار گروهن ۽ ڪٽنبن ۾
ورهايو ويو آهي؛ جيئن:
]ف،
و، س، ز، هه، ش، ح ۽ غ[ هڪڙي گروهه يا ڪٽنب وارا آواز آهن،
]م،
ن، ڻ، ڃ ۽ ڱ
[
ٻئي الڳ گروهه وارا آواز آهن. اهڙيءَ طرح
]پ،
ڦ، ب، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، د، ڌ، ڊ، ڍ، چ، ڇ، ج، جهه،
ڪ، ک، گ ۽ گهه
[
آواز سان واسطو رکن ٿا.
نه فقط آوازن جي گروهبنديءَ لاءِ ڪي صوتياتي قانون
مقرر ٿيل آهن، پر آوازن جي ميل ۽ ميڙ
(sequence)
لاءِ به ڪي قانون آهن، يعني ته ٻوليءَ جي سٽاءَ
موجب اهو مقرر ٿيل قانون آهي ته ڪهڙو آواز، ٻئي
ڪهڙي آواز سان ’جوڙ‘ بنائي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح
اهو به مقرر ٿيل قانون آهي ته آوازن جي ميل ۾ ڪهڙو
آواز پهرئين جُز طور ڪم اچي سگهي ٿو ۽ ڪهڙو آواز
پوئين جُز طور ڪم ايندو آهي. آوازن جي اهڙي
’ورهاست‘
(selection)
جي مڪمل ڄاڻ ’علم صوتيه‘
(phonology)
جي مدد سان معلوم ٿي سگهي ٿو.
صوتين جي ورهاست ۽ گروهبنديءَ وانگر، صرفيه به ٻوليءَ جي
وياڪرڻي سٽاءَ موجب مختلف گروهن ۾ ورهايل هونديون
آهن.
صرفين
جي اهڙي عمل ۽ ڪارج لاءِ به هر زبان ۾ قانون ۽
اصول مقرر ٿيل هوندا آهن. مثال طور جيئن اڳتي هلي
خبر پوندي ته سنڌي ٻولي ۾ ڪهڙي پر-وس صرفيه، ڪهڙين
ڪهڙين خودمختيار صرفين سان ملي، جوڙ بنائي سگهي
ٿي، يا ڪهڙين ڪهڙين خودمختيار صرفين سان، ڪهڙيون
ڪهڙيون پر-وس صورتون ملي، جوڙ بنائي سگهن ٿيون.
مطلب ته صوتين وانگر، صرفين جا به جوڙ
(set)
مقرر ٿيل آهن. اهي جوڙ ڪنهن ماهر ڄاڻوءَ ويهي مقرر
نه ڪيا آهن، پر هر زبان جي اوسر ۽ ارتقا سان گڏ،
عام گفتگو ۾ ڪم اچي، اهي جوڙ پنهنجي پنهنجي بيهڪ
وٺي بيٺا آهن، يعني سندن بيهڪ مقرر ٿي وئي آهي.
انهيءَ بيان کان پوءِ ڏسڻ گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي
وياڪرڻي سٽاءَ موجب اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڪهڙيون
آهن، ۽ اُهي ڪهڙين ڪهڙين خودمختيار يا آزاد صورتن
سان ملي ’ممڪن جوڙ‘ بنائي سگهن ٿيون؛ مثال طور:
اڳياڙيون |
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
اَ-
اُڻ- |
ڄاڻ، مَر، مُلهه، کُٽ
ڄاڻ، هُوند، پڙهيل، آريه |
اَڄاڻ، اَمر، اَملهه، اَکُٽ،
اڻڄاڻ،
اَڻهوند، اَڻپڙهيل اَڻ آريه |
اَڀ (ڏنَهُن)
اُپ
اَوَ-
پَرَ-
ڏُ (دُر)- |
مان، ياس
ڀاشا، ٻيٽ، سمنڊ، کنڊ
گُڻَ، تڙ
ديس، وس
ڄَڻ، ٻَل، تَڙ،
ڪار (ڪال) |
ا اَڀمان، اَڀياس
اُپڀاشا، اُپٻيٽ، اُپسمندَ
اَوَگُڻ، اَوَتَڙ
پرديس، پَرَوس
ڏُڄڻ، ڏُٻل، ڏُتڙ
ڏڪار |
ري- |
لُوڻ، کير، گهريو |
ري لوڻ، ري، کير، ري گهريو |
سَ- |
ڄڻ، ڀاڳ، پُٽ |
سَڄڻ، سَڀاڳ، سَپوُٽ |
سُ- |
ڪار (ڪال)، پت، رڇڻ |
سُڪار، سُپت، سُلَڇڻ |
سَت- |
گُر |
سَتگُر |
سَن- (گڏ)- |
جوڳ |
سَنجوڳ |
ن- |
ڀاڳ، ڌڻي |
نَڀاڳ، نڌڻڪو |
نَر- |
مَل، ٻَل، آس، گڻ |
نِرمل، نِرٻل، نِرآس،
نرگڻ |
ڪُ- |
لَڇڻ، پت |
ڪُچلڻ، ڪُپت |
اڳياڙيون |
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
با- |
وفا، عزت، قاعدو |
باوفا، باعزت، باقاعدي |
بي- |
گناهه، عزت، وفا، |
بيگناهه، بيعزت، بيوفا |
|
غيرت، جان، روح |
بيغيرت، بيجان، بيوفا |
|
ڪار، وس |
بيڪار، بيوس |
بالا- |
دست، تنگ |
بالادست، بالاتنگ |
بد- |
ڪار، نصيب |
بَدڪار، بَدنصيب |
بر- |
زبان |
برزبان |
پُر- |
غم، درد |
پُرغم، پُر درد |
پَس- |
منظر، پرده |
پَس منظر، پَس پرده |
زير- |
دست، بار |
زيردست، زير بار |
زبر- |
دست |
زبردست
ڪم- عقل، خرچ |
نا- |
پسند، اُميد |
ناپسند، نااميد |
لا- |
جواب، چار، حد |
لاجواب، لاچار، لاحد |
پڇاڙيون- |
|
|
|
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
- آئِي |
ڀلو، چڱو، ڊگهو |
ڀلائي، چڱائي، ڊگهائي |
|
ڏاڍو، ڌڙو باغ، کنڌو، حلوو |
ڏاڍائي، ڌڙائي، باغائي
کنڌائي، حلوائي |
-اِي |
اُٺ، ڏُڌ، ڪُتر، ڏُٿ، مڇي، |
اوٺي، ڌوڌي، ڪوتري، |
|
ڪڪڙ، پتل، ڌڪڙ |
ڏوٿِي، ماڇي، ڪوڪڙي،
پيتلي، ڌوڪڙي |
- اَڻ |
اڇو، ڪارو، ڳاڙهو، سائو، |
آڇاڻ، ڪاراڻ، ڳاڙهاڻ، |
|
پيلو |
ساواڻ، پيلاڻ |
- آئوُ |
آسَ، آرٿ |
آسائو، ارٿائوُ |
پڇاڙيون |
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
- تا |
نرمل، ڪومل، سندر |
نرملتا، ڪوملتا، سندرتا |
- تائي |
گهٽ، اوجل |
گهٽتائي، اوجلتائي |
- ت |
سنئون، هَل، وڻ، آءُ |
سنوَت، هَلت، وَڻت، اَوت |
- پَ |
ڏاهو، واهي، هاري، |
ڏاهپ، واهيپ، هارَپ، |
- تَ |
ڪارائو |
ڪارَاوَتَ |
- تُ |
پورهيو، جوُڻ |
پورهيت، جوڻيت |
- ٺَ |
پاڻي، ڪارو |
پاڻيٺ، ڪارٺ |
- آت |
ماسي، لَهَڻ، ڏيڻ |
ماسات، لهڻيات، ڏيڻيات |
- آٺ |
ڪارو |
ڪاراٺَ |
- پَڻو |
مُکي، وڏو، ٻال (ٻار)، ٻڍو |
مَکيپڻو، وَڏپَڻو، ٻالتپڻو، ٻُڍاپڻو |
- پَڻ |
مکي، وڏو، ٻال، ٻڍو |
مُکپڻ، وَڏپڻ، ٻالپَڻي، ٻُڍاپڻ |
- تَڻ |
مکي، وڏو، |
مُکتڻ، وَڏتَڻ، |
- پي |
ڀاءُ |
ڀائپي |
- پَو |
سيڻ، ڀاءُ |
سيڻپو، ڀائپو |
- ڪارَ |
ٿڌو، وَڻ، اَنڌ، هندو، |
ٿڌڪار، وڻڪار، اَنڌڪار، هِندڪار، |
- آر |
ٻڪر، اُٺَ، پِن |
ٻڪرارُ، اوٺارُ، پينارُ |
- آرو |
پڳ، پڃ |
پاڳارو، پيڃارو |
- آري |
بيکَ، کيڏ |
بيکاري، کيڏاري |
- اُرِ |
گاڏِي، گاهه، ڪاٺِي، |
گاڏيرُ، گاهَير، ڪاٺير |
|
جهَپ، کاٽ |
جَهپر، کاٽِر |
- ڙيو |
لَٺ، سَڌَ، گهورَ |
لِٺڙيون، سَڌِڙيو، گهورڙيو |
پڇاڙيون |
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
-ايل |
ڌاڙو، ٿر |
ڌاڙيل، ٿاريل |
- اِيلو |
هَٺ، رس |
هَٺيلو، رَسيلو |
- وان |
ديا، گاڏِي |
ديا وان، گاڏي وان |
- وَنت |
ڀاڳ، ڪلا |
ڀاڳونۡت، ڪلاونۡتَ |
- وندۡ |
مال |
مالوند |
- مند |
عقل، عزت، غيرت |
عقلمند، عزتمند، غيرتمند |
- آل |
ڏيو، ساري |
ڏيال، ساريال |
- اُو |
ڇَپَرُ، ٽَڪَرُ، جَبَلّ |
ڇاپروُ، ٽاڪِرُو، جابِلَو |
- آئوُ |
ڌرم |
ڌرمَائو |
- آئُون |
هئڊ، لوهه |
هئڊائون، لوهائون |
- او |
ٻَڪَرُ، اُٺُ، ڏکي |
ٻاڪرو، اوٺو، ڏکيو |
- اوُن |
اڳ، اندر |
آڳيون، اندريون |
- آٺو |
پاڻي، ڪلر، ڇٻر، ٺڪر |
پاڻياڻو، ڪلراٺو، ڇٻراڻو |
- آرو |
هاڪَ، سونِ، نامِ |
هاڪارو، سونارو، ناميارو |
- آر |
سچ، لوهه |
سچار، لوهار |
- آلو |
جُهڙ |
جُهڙالو |
- آڙ |
کاٻو، ساڄو |
کاٻَڙِ، ساڄَڙ، |
- آڪ |
چڙ، هير |
چيڙاڪ، هيراڪ |
- اوڪو |
ڪالهه، پر، رات، اڄ |
ڪالهوڪو، پروڪو، راتوڪو، اڄوڪو |
- اوُڪو |
ٺَههَ |
ٺاهُوڪو |
پڇاڙيون |
آزاد صورتن جو ممڪن گروهه |
ٺهندڙ لفظ |
-اِڪو |
واڻيوُن، جَت، ڄٽ |
واڻِڪو، جَتڪو، ڄَٽِڪو |
- آڻو |
چور، پٽ |
چوراڻو، پٽاڻو |
- اِيڻو |
ماٺ، لَکُ |
ماٺيڻو، لاکيڻو |
- اُوڻو |
رات، راڄ، هِڪ، پنج، اَٺ |
راتوڻو، راڄوڻو، هيڪوڻو
پنجوڻو، اٺوڻو |
- اِيڪو |
هٿ، وَس، |
هٿِيڪو، وَسيڪو، |
- ايتو |
لڳ |
لاڳيتو |
- آئتو |
سانگ |
سانگائتو |
- لُ |
ديا |
ديالَ |
- لو |
لاڏ، چاڳ |
لاڏلو، چاڳلو |
- سو |
واري |
وارياسو |
- هار |
اُپائڻ، خلقڻ، پالڻ، سرجڻ |
اُپائڻهار، خلقڻهار، پالڻهار،
سرجڻهار |
- يو |
ڀاڳ، ڪوڏر، گودڙي |
ڀاڳيو، ڪوڏِريو، گودڙيو |
- اَٽُ |
واڄو، گهوُ گهوُ، سُو سُو |
واڄَٽُ، گهوگهَٽُ، سُوسُٽ |
- آٽُ |
ڇوڪرو |
ڇوڪراٽُ |
- ايرو |
ڊگهو، گهَڻو |
ڊگهيرو، گهڻيرو |
- اوٽ |
|
|
- اُنهن |
ڪارو |
ڪارَنهن |
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته صرفين جي مٿينءَ
گروهبنديءَ لاءِ به ڪي اصول يا قانون آهن يا نه؟
مٿي ڏنل لڙهين مان ثابت ٿو ٿئي ته صرفين جا به ڪي
گروهه ۽ اصول آهن. صرفين جي اهڙين گروهبندين لاءِ
جيڪي اصول مقرر ٿيل آهن، تن جو بيان جيتوڻيڪ ’نحو‘
واري باب ۾ ڪيو ويو آهي، پر هن باب ۾ فقط ايترو
ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته: جڏهن ڪابه پَرَ-وس صورت،
ڪنهن مناسب آزاد صورت جي اڳيان ملائبي آهي، ته
اهڙيءَ حالت ۾ اُن کي ’اڳياڙي‘ چئبو آهي. اهڙيءَ
طرح جيڪا پَرَ-وس صورت، ڪنهن واسطيدار آزاد صورت
جي پويان ملائبي آهي، ته اهڙيءَ حالت ۾ اُن کي
’پڇاڙي‘ چئبو آهي. پروس صورتن جي انهيءَ ميلاپ
واري اصول کي ’صرفيه جي تَرتيب
(ORDER)
چئبو آهي پر ’ترتيب‘ سان گڏوگڏ ان آزاد صورت سان
ملندڙ پَرَ-وس صورت جو ”انتخاب“
(selection)
يعني گروهبندي به علم صرف جي سٽاءَ ۾ اهم حصو ادا
ڪري ٿي. صرفين جي گروهبنديءَ ۽ ورهاست
(distribution)
جا اصول، هنن اصولن يعني ’انتخاب‘ ۽ ’تربيت‘ جا
محتاج آهن.
هن سلسلي ۾ علم صرف موجب صرفين جي ڇيد جا ڪجهه
مثال پيش ڪن ٿا:
/اَڻڄاڻپ/ صورت جي ڇيد لاءِ، پهرين ڇيد ٿيندو:
[اڻ+ڄاڻپ] ۽ پوءِ ڇيد ٿيندو آهي [ڄاڻ+پَ] [اڻڄاڻ+
پ] ڇيد غلط ليکبو.
اهڙيءَ طرح ڇيد جا ٻيا مثال آهن:
سُچيتائي: [سُچيتائي]>
سُ+چيت+ آئي]
اَورچائي: [اَورچ]>
اَ+ورچ+ آئي]
انتخاب هڪ اهڙو اصول آهي جنهن جي مدد سان اها خبر
پوي ٿي ته ’هڪ‘ اڳياڙي، ڪهڙين ڪهڙين آزاد صورتن جي
اڳيان ملائي سگهجي ٿي؛ مثال طور:[س-] اڳياڙي ڪهڙين
ڪهڙين آزاد صورتن جي مُنڍ ۾ ملي، نوان لفظ ٺاهي
سگهي ٿي؛ ساڳيءَ طرح اهو به ڏسڻو آهي ته [سُ-]
اڳياڙيءَ جو ڪهڙين ڪهڙين آزاد صورتن سان ملي، جوڙ
ٺاهڻ ممڪن آهي. انتخاب جا اصول بلڪل ساڳيءَ طرح
پڇاڙين جي ميلاپ سان به لڳن ٿا. مثال طور:
اڇو + آڻ
= اَڇاڻ
ڪارو + آڻ
= ڪاراڻ
پيلو + آڻ
= پيلاڻ
سائو + آڻ
= ساواڻ
هئڊو + آڻ
= هئڊاڻ
ڳاڙهو + آڻ
= ڳاڙهاڻ
مٿين مثالن مان ظاهر آهي ته- آڻ پڇاڙي، سڀني رنگن
جي نالن جي پويان اسم ذات ٺاهڻ لاءِ لڳائي سگهجي
ٿي؛ پر
(-اَنهن) پڇاڙي فقط ڪارو صفت سان ملائي سگهجي ٿي.
انهيءَ لاءِ جيئن مٿي ’انتخاب‘ جي بيان ۾ چيو ويو
آهي ته مقرر ۽
محدود پابندين ۽ گروهبندين جي ڪري (-اَنهن) پڇاڙي، /اڇو/ ۽/
پيلو/ وغيره صفتن جي گروهه ۾ شامل ٿي نٿي سگهي.
جيئن اڳ ۾ چيو ويو آهي ته اها گروهبندي ڪنهن به
ماهر جي وس جي ڳالهه نه آهي، پر ٻوليءَ جي ارتقا ۽
اوسر دوران اهڙا گروهه پاڻيهي مقرر ٿي ويا آهن، جن
کي ٽوڙڻ يا ڌار ڪرڻ ممڪن نه آهي، پر وري هي به ڏسڻ
گهرجي ته/ ڪارو/ صرف سان جيڪي پڇاڙيون ملي، اسم
ذات ٺاهين ٿيون، انهن مان هر هڪ اسم جي معنى ۾ فرق
ڏيکاري ٿي، مثال طور:
ڪارو + آڻ
= ڪاراڻ
ڪارو + آن
= ڪارنهن
ڪارو + اَٺ (آٺ)
=
ڪاراٺ، ڪارَٺ
گروهبنديءَ جا اهي اصول ۽ انتخاب جا اهي قانون، نه
فقط سنڌي ٻوليءَ سان لڳن ٿا پر انگريزي ٻولي به
اهڙن اصولن ۽ قانونن جي محتاج آهي؛ مثال طور:
انگريزي ٻوليءَ جي ڪنهن به ڳالهائيندڙ اهو ڪڏهن به
سوچيو نه آهي ته:
جڏهن
Box جو جمع
Boxes آهي ته پوءِ
ox جو جمع
oxes ڇو نه آهي ۽
oxen ڇو آهي؟ هن سلسلي ۾ بلومفيلڊ جو رايو آهي:
The features of selection are often highly
arbitrary and whimsical. We combine prince,
author, sculptor with the suffix-ess in
princess, authoress, sculptress, but not king,
singer and painter. By virtue of this habit, the
former words belong to a form- class from which
the latter words are excluded.
هن راءِ مان هي نتيجو ٿو نڪري ته ’ترتيب‘
(order)
۽ ’انتخاب‘
(selection)
به اهڙا اصول آهن جن جي مدد سان صرفيه جي گروهبندي
ٿئي ٿي.
9- صوتي تبديليون:
(الف) اڳياڙين ۽ پڇاڙين جو باقاعدي ملائڻ-
سنڌي ٻوليءَ ۾ مشق
(Derived)
لفظن ۽ ”ڦريل صورتن“
(inflected forms) وارن لفظن ٺاهڻ لاءِ اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ٻئي اهم حصو ادا
ڪنديون آهن؛ پر جملي ۾ اسم، ضمير وغيره جي جمع
(number)
۽ حالت
(case)
وغيره جي گردانن يا ڦيرن لاءِ جيڪي پڇاڙيون (اَ،
آ، اُ ۽ اي) ڪم اينديون آهن، تن کي ’اعراب‘
(inflection)
چئبو آهي، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته هر ’زبر يا
زير‘ کي اعراب ڪونه چئبو، پر هر اُها زبر يا زير،
جيڪا ڪنهن اسم جي پڇاڙيءَ ۾ اچي، اُن جي عدد، حالت
۽ جنس جو گردان ڏيکاري، تنهن کي اِعراب چئبو.
سنڌي ٻوليءَ جي صرفين جي ذخيري مان ڪي صرفيه هڪ ئي
صورت جون هونديون آهن، پر ڪن جون صورتون هڪ کان
وڌيڪ ٿين ٿيون؛ مثال طور زمان ماضي ٺاهڻ لاءِ جيڪا
صرفيه (پڇاڙي) ڪم ايندي آهي، تنهن جون سنڌيءَ ۾ ٽي
صورتون ملن ٿيون يا ٽي ڪارج ملن ٿا؛ مثلاً:
(i) ڌاتو پڇاڙي ماضي صورت
لِکۡ- يو لکيو
ڇَپ- يو ڇَچيو
(ii)
وَسۡ- يو وَٺو
لَههۡ- او لَٿو
کام- -اُون کاڻون
(iii)
اُجهامۡ- اُون اُجهاڻون
مٿي
(i)،
(ii)،
(iii)
۾ ڏنل مثالن ۾، جيتوڻيڪ {-يو، -او ۽ -اُون} جي
صورتن ۾ فرق آهي، پر هر مقامي ماڻهو ائين چوندو
آهي ته اهي ٽيئي هڪ ڳالهه آهن؛ مقامي ماڻهو فقط
لغوي معنى جي لحاظ کان ائين چوندو؛ پر حقيقت ۾،
جڏهن ٻوليءَ جي بي انداز مواد جو مطالعو ڪجي ٿو،
تڏهن هيٺيان اصول معلوم ٿين ٿا:
(الف) {-يو} پڇاڙي، فعلي ڌاتوءَ جي پويان فقط تڏهن
ئي ملائي سگهجي ٿي، جڏهن اُن جي ملائڻ کان اڳ،
ڌاتوءَ ۾ بنيادي طور ڪابه تبديلي ڪانه ايندي آهي.
(ب) {-او} پڇاڙي ڌاتوءَ جي پويان ان وقت ملائبي
آهي جڏهن اُن ڌاتوءَ جو فعل لازمي صورت وارو هوندو
آهي، ۽ اها پڇاڙي ملائڻ کان اڳ ڌاتوءَ جي پوئين
وينجن يعني پد ۾ صوتي تبديل ايندي آهي؛ مثال طورِ
وَس> وَٺۡ+
=وَٺو
(پهرين/ س/ کي/ ٺ/ ۾ بدلايو ويو)
ڊَههۡ> ڊَٺ+ او=
ڊَٺو (پهرين/ هه/ کي/ ٺ/ ۾ بدلايو ويو.
ڦِس> ڦِٿ+او=
ڦِٿو (پهرين/س/کي/ ٿ/ ۾ بدلايو ويو)
(ت) {-اُون} پڇاڙي دراصل {-او} آهي، پر هن حالت ۾
{-او} پڇاڙي پنهنجي اڳيان آيل گهُڻي وينجن کان
متاثر ٿيڻ ڪري، ’گهڻي انوسُوار‘
(nasalized)
خصوصيت ۾ تبديل ٿي آهي.
کام> کاڻ+ او=
کاڻون (پهرين/م/>/ ڻ/ ٿيو)
{کاڻون} فعل ۾/ ڻ/ ج اثر جي ڪري/ ڻ/ کاڻ پوءِ يا
اڳ ۾ آيل سُرَ، متاثر ٿي، اَنوسوار
(nasalized) ٿي پون ٿا. فعلي ڌاتوءَ مان زمان ماضيءَ ٺاهڻ لاءِ، صرفيه جي
انهن ٽنهي صورتن جو استعمال انتخاب تي مدار رکي
ٿو، پر اهو انتخاب خودڪار يعني پاڻمرادو
(automatic)
آهي، جيئن مٿي چيو ويو آهي. مقامي ماڻهوءَ، ڌاتوءَ
جي پويان انهن ٽنهي صورتن مان ڪنهن به هڪ جي
استعمال ۾ ڪڏهن به غلطي نه ڪندا آهن. انهن ٽنهي
صورتن جي صرفيائي معنى ساڳي، يعني مراد زمان ماضي
ٺاهڻ آهي، پر انتخاب جي قانون موجب ورهاست ۾ فرق
آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن چئبو ته- يو،- ار ۽- اُون جي
ورهاست، ڌاتوءَ جي پوئين جُز تي مدار رکي ٿي. انهن
ٽنهي صورتن- يو،-او ۽- اُون کي ساڳيءَ صرفيه جا
متبدل
(alternate)
چئبو آهي. ماضيءَ جي انهن ٽنهي متبدل صرفي صورتن-
يو،- ار ۽ -اُون ۾ صوتياتي لحاظ کان فرق آهي، تنهن
ڪري انهن کي ’صوتي مٽ- سٽ‘ يعني صوتي تبديلي
(Phonetic alternate)
چئي سگهجي ٿو؛ جيئن ته صرفيائي صورتن جي اها
تبديلي ڪنهن اصول موجب ٿيندي آهي، تنهنڪري اهڙيءَ
تبديليءَ کي ’باقاعدي تبديل‘
(regular changes) چئبو.
Gleason HA. Op. Cit,. pp.61-63
Bloomfield, L.,Op. cit., p. 65
|