سيڪشن؛  لسانيات

ڪتاب: سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس

باب: --

صفحو :20

ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ (1521ع-1592ع) ۾، ٺٽي ۾، شڪر الاهي سادات، مازنداني سادات، ميرڪ سبزواري سادات ۽ حسني سادات، قنڌار، شيراز ۽ هرات مان اچي، سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي (1). ارغون حاڪمن ۾ مرزا شاهه حسن (1555ع/962هه) شاعر هو ۽ ”سپاهي“ تخلص رکندو هو. مرزا جاني بيگ (1599ع/1021ع) به شاعر هو ۽ ”وقاري“ تخلص هوس. اهڙيءَ طرح اميرن ۽ نوابن ۾، امير ابوالقاسم سلطان بيگلار، مصنف بيگلار نامہ، ملا عبدالحڪيم ”عطا“ وغيره فارسي زبان جا نامور شاعر ۽ اديب هئا.(1)

اهڙيءَ طرح مغلن جي دور (1592ع-1700ع) ۽ ڪلهوڙن جي راڄ (1700ع/1783ع) ۾ مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ الدين، مولانا غلام علي ”مداح“ (ولادت 1733ع- 1145هه)، مير علي شير قانع (1727ع- 1140هه)، ۽ مير محمد جلال ٺٽويءَ (1789ع- 1203ع) جهڙا فارسي زبان جا ناميارا شاعر، اديب ۽ مؤرخ پيدا ٿيا.

اڳتي ٽالپرن جي حڪومت جي زماني (1083ع-1843ع) تائين، سنڌ ۾ دفتري زبان فارسي رهي. انهيءَ ڪري فارسي زبان جو نه فقط سنڌي علم ادب، موضوعن ۽ مضمونن تي اثر ٿيو، پر هن دور ۾ سچل سرمست ۽ ثابت علي شاهه جهڙن شاعرن، فارسيءَ کان سواءِ سنڌي زبان ۾ به شاعري ڪري، سنڌي زبان جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي، جيتوڻيڪ ڪلهوڙن جي دور ۾ شاهه لطيف جهڙو همه گير عظيم شاعر پيدا ٿيو، جنهن سنڌي زبان کي نئون روح بخشيو هو. شاهه صاحب جي ڪلام جي موضوعن ۽ مضمونن تي مولانا روميءَ جي تصوف جو ضرور اثر ٿيو، شاهه جي ٻوليءَ تي فارسي ٻوليءَ جو گهٽ اثر محسوس ٿئي ٿو؛ البت پر سچل ۽ ثابت علي شاهه جي شاعريءَ، سنڌي زبان، اُن جي هيئت، ساخت ۽ ترڪيب تي انقلابي اثر ڪيا. فارسي ادبيات جا بيشمار لفظ سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا. عروضي شاعريءَ ۾ اُن جي صنفن- غزل، قصيدو، مثنوي، رباعي ۽ مرثيو- سنڌي شاعريءَ ۾ به روپ ورتو.

3. سنڌ تي فارسي زبان جي 800 سالن واري عرصي ۾، فارسي زبان جا نه فقط بيشمار لفظ سنڌي زبان ۾ داخل ٿيا، پر فارسي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي سٽاءُ جو، سنڌي زبان جي صرفي ۽ نحوي سٽاءَ تي به گهڻو اثر ٿيو. فقرن ۽ لفظن ٺاهڻ ۾ فارسي ٻوليءَ جون اڪيچار اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون، زير اضافت، شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن جي سٽاءُ، فارسي زبان جا اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون، سنڌي زبان ۾ يا ته هوبهو اصلوڪي صورت ۾ شامل ٿيون، يا ترجمي جي صورت ۾ سنڌي ويس ورتائون. سنڌي تهذيب ۽ تمدن، فن تعميرات، هنر ۽ ڪاريگريون ۽ روزانه زندگيءَ تي ايراني تهذيب ۽ تمدن جو اثر به، ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ هڪ وسيلو بڻيو.

فارسي زبان جي مسلسل ۽ لڳاتار تسلط سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن تي اهڙا نالا رکيا ويا جن جي نحوي سٽاءَ، فارسي زبان جي نحوي سٽاءَ موجب جڙيل آهي، گويا اُهي شهر يا ڳوٺ يا انهن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا، سنڌي زبان تي فارسي زبان جي اثر جو اُهڃاڻ آهن. اهڙن ڳوٺن، واهڻن ۽ شهرن جي نالن جي نحوي بناوت بلڪل فارسي بوليءَ جي ڳوٺن، واهڻن ۽ شهرن جي نالن جي نحوي بناوت سان مشابهت رکي ٿي.

مثال طور:

فارسي نحوي بناوت موجب سنڌي نالا

سنڌي نحوي بناوت موجب ساڳيا نالا

علي بندر

عليءَ جو بندر

وسي ملوڪ شاهه

ملوڪ شاهه جي وسي

دَرَ ملوڪ شاهه

ملوڪ شاهه جا در

ڪوٽ عالم

عالم جو ڪوٽ

ٽنڊو (ٽنڊه) آدم

آدم جو ٽنڊو

ٽنڊومحمد خان

محمد خان جو ٽنڊو

غلام علي

عليءَ جو غلام

ڇڇ جهان خان

جهان خان جو ڇڇ

سنڌي ٻوليءَ ۾، دفتري ٻوليءَ جي لحاظ کان جيڪي جاگرافيائي ۽ انتظامي نالا ملن ٿا، اُهي هي آهن:

لفظ

انتظامي

محال

محال ڪوهستان، محال ڪيٽي بندر محال ڪاري

سرڪار

ٺٽي جي سرڪار، بکر جي سرڪار، سيوهڻ جي سرڪار

پرڳڻو

چاچڪان پرڳڻو، ڪڪرالا پرڳڻو

اهڙن قريبي ناتن ۽ رشتن جي باوجود فارسي زبان، سنڌي زبان جي صوتياتي، صرفي ۽ نحوي ساخت تي ايتري قدر اثرانداز نه رهي سگهي. ان جي اثرن جو دائرو، لفظن جي ترڪيب ۽ ساخت تائين ئي محدود هو. لفظن جو بيشمار ذخيرو سنڌيءَ ۾ داخل ٿيو، پر عام گفتگو ۽ روزمره واريءَ ٻوليءَ تي فارسيءَ جو ڪو خاص اثر ڪونه ٿيو. هن ڏس ۾ شايد ڪي عالم ائين چون ته سنڌيءَ ۾ ضميري پڇاڙيون ۽ متصل ضمير فارسي ٻوليءَ جي اثر جو نتيجو آهن، پر ’سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد‘ ڪتاب ۾ انهن نڪتن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويو آهي ۽ نتيجا ڪڍيا ويا آهن ۽ ثابت ڪيو ويو آهي ته اهي خوبيون سنڌي ٻوليءَ جون پنهنجون اصلوڪيون ۽ نجي خوبيون آهن (1).

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر‘ ۾ ڪن اهڙن فارسي لفظن جي لڙهي ڏني آهي، جيڪي سنڌي زبان ۾ ڪم ته اچڻ لڳا، پر انهن جي اصلوڪي تلفظ ۽ سنڌي تلفظ ۾ گهڻو فرق آهي(2) . اهڙيءَ فهرست مان ڪي لفظ نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

فارسي لفظ            سنڌي ۾ اُچار

پالان                        پلاڻ

شگون                      سڳڻ

پيرهن                      پهراڻ

ڪانَ                       کاڻ

نيام                       مياڻ

پنجه                       چنبو

جوجه                       چوزو

مرهم                      ملم

اهڙيءَ طرح ڪن ڳوٺن ۽ شهرن تي اهڙا نالا به رکيا ويا جن جي سٽاءَ ۾ پهريون جُز ايراني شهرن جي نالن وارن سٽاءَ جو آهي ته وري پويون جُز سنڌي يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جو آهي؛ مثال طور:

اسم

پڇاڙي

لفظ

حيدر

-آباد

حيدرآباد، برهمڻ آباد، خدا آباد، محمد آباد،

شاهه آباد، سلطان آباد، اسلام آباد

خير

-پور

خيرپور، ميرپور، قبول پور، نصرپور، محراب پور، رسال پور، شڪار پور،

ٻڍو

-پور

ٻڍاپور

بهمن

-وا

بهمن وا

اهي پڇاڙيون يا شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا، جهڙوڪ ٽنڊو قيصر وغيره مختلف تاريخي دورن جي مطالعي لاءِ هڪ ڌار موضوع آهن.

سنڌي وياڪرڻ تي اثر:

سنڌي وياڪرڻ تي، فارسي ويارڪڻ جو جيڪو اثر ٿيو، اُن مان ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:

(1) فعل: سنڌي ٻوليءَ ۾ فارسي ٻوليءَ جي امر جي پويان اڻ يا اِڻ ملائي، سنڌي ٻوليءَ جا حاصل مصدر ٺاهيا ويا آهن، مثال طور:

فارسي مصدر

فارسي امر

سنڌي حاصل مصد

آزمودن

آزماءِ

آزمائڻ

بخشيدن

بخش

بخشڻ

فرمودن

فرماءِ

فرمائڻ

(2) اسم ٺاهڻ: فارسي زبان جي ڪيترن ئي امرن جي پويان،- ش پڇاڙي ملائي سنڌيءَ ۾ اسم ٺاهيا ويا آهن؛ جيئن(1):

فارسي امر

سنڌي فعل

سنڌي اسم

آزماءِ

آزماءِ

آزمائش

فرماءِ

فرماءِ

فرمائش

بخش

بخش

بخشش

(3) حرف جملو: فارسيءَ جي لغوي خزاني مان سنڌيءَ ۾ اهڙا لفظ به شامل ٿيا آهن، جيڪي حرف جملي طور سنڌيءَ ۾ ڪم اچن ٿا؛

مثال طور:

اگر ۽ مگر

(4) مرڪب لفظ: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا مرڪب لفظ آهن جيڪي فارسي ٻوليءَ جو اثر ظاهر ڪن ٿا. هيٺ اُهي تفصيل سان بيان ڪجن ٿا.

’و‘ جو استعمال: فارسيءَ جي اثر کان سنڌي ۾ مرڪب لفظن ۾ ’و‘ وچياريءَ (Infix) طور استعمال ٿي آهي. هيٺ اهڙا لفظ مثال طور ڏجن ٿا:

روز و شب، صبح و شام، بحر و بر، آمد و رفت،

گفت و شنيد، نشست و برخاست.

’ب‘ وچياريءَ جو استعمال: سنڌي ۾ فارسي زبان جا اهڙا ڪيترائي لفظ ڪم اچن ٿا، جن ۾ ’ب‘ وچياڙيءَ طور ڪم آئي آهي؛

مثلاً:

درجه بدرجه، سال بسال، وقت بوقت، دربدر،

روز بروز.

فارسي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون: سنڌي ٻوليءَ جي علم صرف جي اصولن موجب، هزارن جي تعداد ۾ نوان لفظ، مفرد يا مرتب ڌاتن جي اڳيان يا پويان ملائي، ٺاهيا ويندا آهن. ان سلسلي ۾ ڌيان جوڳو نقطو هي آهي ته ڪيترائي اهڙا مرتب ۽ مرڪب لفظ ملن ٿا، جن جو بنياد يا ته عربي لفظ آهي، جنهن جي اڳيان يا پويان، اڳياڙيون يا پڇاڙيون ملائي، نوان لفظ جوڙي، سنڌي علم صرف جي باب ۾، نوان موضوع شامل ڪيا ويا آهن؛

مثال طور:

فارسي زبان جون اڳياڙيون: هيٺ جيڪي به مثال ڏجن ٿا، اُنهن ۾ اڳياڙيون فارسي زبان جون آهن ۽ ڌاتو عربي زبان آهن، جيئن:

اڳياڙي

+  ڌاتو

= نئون لفظ

در-

اصل

دراصل

بي-

وقوف، وقت

بيوف، بي وقت

با-

وفا، عزت

باوفا، باعزت

نا-

لائق

نالائق

بد-

بخت، نصيب

بدبخت

 

بدنصيب

بدصورت

بر

وقت، طرف

بروقت، برطرف

ڪم

بخت، فهم

ڪم بخت، ڪم فهم

ڪي سنڌي لفظ، سنڌي ڌاتن اڳيان، فارسي اڳياڙيون ملائي ٺاهيا ويندا آهن؛ مثال طور:

اڳياڙي

+   ڌاتو       = 

نئون لفظ

بي

لڄ، وَڙُ، نڪ

بي لڄو، بيوڙو، بي نڪو

فارسي پڇاڙيون: هيٺ اهڙا مثال ڏجن ٿا جن ۾ پڇاڙيون، فارسي ٻوليءَ جون آهن ۽ ڌاتو عربي ٻوليءَ جا آهن؛ جيئن:

پڇاڙي

ڌاتو +

پڇاڙي

نئون لفظ

- باز

دغا

باز

دغا باز

-دان

قلم

دان

قلم دان، شمعدان

 

شمع

 

 

-گار

خدمت

گار

خدمتگار، پرهيزگار

 

پرهيز،

آباد

آبادگار

- انداز

نظر

انداز

نظرانداز

-آويز

دل

آويز

دل آويز

-مند

ضرورت

مند

ضرورت مند، صحتمند

-آر

گفت

رفت

ديد

آر

گفتار، رفتار، ديدار

-دار

جواب

دار

جوابدار، عهديدار،

 

 

عهدو

مال

مالدار

سار

ڪوهه

سار

ڪوهسار، خاڪسار

 

خاڪ

 

 

 - گي

شرمندو

 

شرمندگي، آسودگي

 

آسودو

 

 

سنڌي علم صرف جو هڪ دلچسپ نقطو هي به آهي ته نون لفظن ٺاهڻ لاءِ، ڪٿي ڪٿي فارسي ٻوليءَ جي ڌاتُن جي پويان، سنڌي ٻوليءَ جون پڇاڙيون ملايون وينديون آهن؛ جيئن:

فارسي ڌاتو

سنڌي پڇاڙي

نئون لفظ

ڪار

آئتو

ڪارائتو

آب

آئتو

آبائتو

شان

آئتو

شانائتو

سنڌي زبان جي مرڪب لفظن جي مطالعي مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪن سنڌي هندن جا نالا، عربي ۽ فارسي زبانن جي مفرد لفظن ۽ ديسي لفظن جي ملائڻ سان ٺاهيا ويا آهن:

مثال طور:

صاحب+ چند= صاحبچند    حشمت+ را= حشمتراءِ

لال/ لعل+ چند= لالچند/لعل چند سلامت+ راءِ= سلامتراءِ

خان+ چند= خانچند           چين+ راءِ= چينراءِ

فتح+ چند= فتحچند         دولت+ رام= دولترام

مهر+ چند= مهرچند          وطڻ+ مل= وطڻمل

لال/لعل+ سنگهه= لال/لعلسنگهه گر+ بخشاڻي= گربخشاڻي

صاحب+ سنگهه= صاحبسنگهه      مهار+ راڄ= مهاراج

                                  مها+ ديو = مهاديو

دولت+ راءِ= دولتراءِ              مها+ آتما= مهاتما

زير اضافت: سنڌي وياڪرڻ تي فارسي وياڪرڻ جو نمايان اثر زير اضافت جو استعمال آهي، جيتوڻيڪ هر اديب يا شاعر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن ترڪيب يعني زير اضافت کان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به سوفي سيڪڙو جند ڇڏائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به سو في سيڪڙو جند ڇڏائڻ آسان نه آهي. زير اضافت جو گهڻي ۾ گهڻو استعمال عروضي شاعري ۽ اخباري ٻوليءَ ۾ ٿيندو آهي پر تنهن هوندي ته تحقيقي مقالن، مضمونن، افسانن ۽ ڊرامن ۾ هن جو استعمال ٿيندو رهندو آهي. هيٺ هن ترڪيب جا ڪي ٿورا مثال ڏجن ٿا:

فارسي ترڪيب (زير اضافت)

سنڌي ترڪيب (زير اضافت کانسواءِ)

قابلِ ذڪر

ذڪر جي لائق

قابلِ توجهه

توجهه جي لائق

دُخترانِ وطن

وطن جون ڌيئر، دخترون، نياڻيون

اهڙيءَ طرح صورتِ حال، قابلِ رحم، زير اهتمام، نظرثاني ۽ پيش نظر، وغيره صورتون، غير سنڌي ترڪيبون فارسي تَرڪيبون آهن، جيڪي فارسي زبان کان اُڌاريون ورتيون وئيون آهن. هيٺ سنڌي شعر مان ڪي مثال ڏجن ٿا:

تيغ ابروئِي بُتانِ مہ جبين.

عاشقن جي سر تي آهي دم بدم (گدا)

ـــــــ

نثارِ عارضِ، زيبائي جانان

گل ولالئه نسرين وِسمن آهه (گدا)

ڪاڪل خمدار جو سودا جنونِ عشق ۾

آهه، تنهن لئه حلقہ زنجير خود چڪر ۾ آهه

                              (محمود خادم)

حرف ندا: فارسي ٻوليءَ ۾ حرف ندا جو اضافي حرف ’الف‘ هوندو آهي. اها ترڪيب سنڌي عروضي شاعريءَ ۾ عام نظر اچي ٿي؛ مثال طور:

حسرتا

فريدا! ڪک به نه ننڊ جي، ڪک به وڏي وٿ

اهڙيءَ طرح هيٺيان حروف ندا جا مثال ڏسو:

ڪاش!

شاباش!

عدد جمع: فارسي ٻوليءَ ۾ عدد جمع ٺاهڻ لاءِ، اسم جي پويان ’ها‘ يا ’آن‘ پڇاڙيون ملائبيون آهن؛ مثلاً:

فارسي واحد

فارسي جمع

فارسي واحد

فارسي جمع

گل

گلها

پسر

پسران

بچه

بچها

دختر

دُختران

اسپ

اسپها

دانشمند

دانشمندان

 

 

بزرگ

بزرگان

سنڌي ٻولي ۾ فارسيءَ جا ڪي اسم جمع جي حالت ۾ ساڳيءَ طرح ڪم ايندا آهن، پر اها ترڪيب گهڻو ڪري يا ته عروضي شاعري ۾ ڪم ايندي آهي ۽ يا اخباري ۽ تقريري ٻوليءَ ۾؛ جيئن مٿي زيرِ اضافت جا ڪي مثال ڏنا ويا آهن. انهن مثالن ۾ فارسيءَ جا جمع ڪم آندا ويا آهن: مثال طور:

برادرانِ اسلام

دُختران پاڪستان

بزرگانِ دين

دانشمندانِ قوم.

اسم مفعول: مطالعي مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته فارسي ٻوليءِ جا اسم مفعول، ساڳيءَ ترڪيب سان سنڌي وياڪرڻ ۾ ڪم اچن ٿا؛ جيئن:

فارسي تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين جو استعمال:

گفته فرموده، ديده، دانستہ، آزموده، رفتہ وغيره.

سنڌي ٻولي جي شاعريءَ، افسانوي ادب ۽ ڊرامن ۾، فارسي ٻوليءَ جي تشبيهن، استعارن ۽ ڪناين جو استعمال گهڻو آهي. ڪي مثال هيٺ ڏجن ٿا:

   لفظ                     سنڌي ترجمو

ماه وش                        چند جهڙي

ماه رو                          چنڊ جهڙو منهن

ماه لقا                          چنڊ جهڙو منظر

ماهتاب                        چنڊ وانگر چمڪندڙ

پري وش               پريءَ جهڙي

فارسي پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح:

سنڌي ۽ فارسيءَ جي اٺ سو سالن واري ڊگهي ساٿ جي ڪري، فارسي زبان جون بيشمار چوڻيون، پهاڪا ۽ اصطلاح سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن،(1) ۽ اهي هاڻ سنڌي لغات ۽ سنڌي ثقافت جو حصو بڻجي ويا آهن. اُنهن مان ڪي هوبهو اصلوڪي حالت ۾، يعني فارسي زبان ۾ ڪم اچن ٿا، ۽ ڪي ترجمي جي صورت ۾، سنڌي زبان جي ڍانچي ۾ سمائجي ويا آهن. هيٺ ڪي نموني طور ڏجن ٿا:

(1) فارسي اصطلاح:

فارسي                         سنڌ

انگشت بدندان                ڏندين آڱريون اچڻ

دندان نمودن                   ڏند ڏيکارڻ

دل دادن                                دل ڏيڻ

چشم دوپاره شدن              اکيون چار ٿيڻ

ڪمر بستن                    سندرو ٻڌڻ، همٿ ڪرڻ

پروفيسر اياز قادري لکي ٿو ته:

”سنڌيءَ جي غزل گو شاعرن جي پارسي زبان سان ايتري قربت ۽ ويجهڙائي ٿي ڏسجي جو هنن نه صرف پارسي لفظ پنهنجن خيالن کي بيان ڪرڻ لاءِ، عام جام استعمال ڪيا آهن، پر فارسي اصطلاح، محاورا، چوڻيون ۽ زبان زد مصرعون به، پنهنجن غزلن ۾ اهڙي روانيءَ سان استعمال ڪيون آهن؛ مثال طور:

 رام ٿيڻ      =  راضي ٿيڻ

رام جڏهن ٿئي گلبدن، تنهن جي تڏهن اچان ڪتب،

توسان هجان اي من موهن، سينہ به سينہ لب به لب.

                                              (سانگي)

دل دهي= دل ڏيڻ

دلستاني ڪرڻ= دل وٺڻ

ٻن ڪمن مان ته هڪڙو ڪر دلبر،

دل دهي يا دل ستاني ڪر.

                                  (سانگي)

چوڻيون:

آفتاب آمَد دليلِ آفتاب

تنهنجو دل افروز جوڀن تنــهنجو شهرو ٿــــو ڪري،

سچ چيو ڪنهن آفتاب آهي دليلِ آفتاب.“ (1)(فقير)

(2) فارسي زبان جا اصلي حالت ۾ مروج پهاڪا:

اول خويش بعد درويش

آه غريبان قهر خدائي

يک تندرستي هزار نعمت

يک انار سؤ بيمار

پنج انگشت برابر نيست

هنوز دلي دور است

يک نه شد دوشد

(3) فارسي زبان جا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل پهاڪا:

فارسي پهاڪو

سنڌي پهاڪو

آمدن به ارادت رفسن به اجازت

اچڻ پنهنجي خوشيءَ سان وڃڻ پرائي وس

آمد براي اخگر چون مطيخ نشست

آئي ٽانڊي ڪاڻ ٿي وئي بورچياڻي

اگر راستي، کارت آراستي

سچ ته بيٺو نچ

ديوار هُم گوش دارد

ڀتين کي به ڪن آهن

دو برادر سويم حساب

ٻه ڀائر ٽيون ليکو

دشمن دانا بہ از دوست نادان

نادان دوست کان دانا دشمن چڱو

گندم از گندم برويد جواز جو

ڪڻڪ پوکي ڪڻڪ لڻبي

 جوَ پوکي جوَ لڻبا

خود کرده  را علاج نيست

هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب

خوءِ بد را بهانه بيسار

دل کوٽي عذبر گهڻا

صدا از يک دست نمي آيد

هڪ هٿ جي تاڙي نه وڄندي

جوينده يا بنده

جو ڳوليندو سو لهندو.

لفظن جي معنوي حيثيت:

فارسي زبان جي سنڌيءَ ۾ آيل ڪن لفظن جي معنوي حيثيت (semantics) جو مطالعو ڏاڍو دلچسپ آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر جوڻيجي ڪن فارسي لفظن جي اصولي معنى ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ هو لکي ٿو:

”ڪن لفظن جو اڀياس نهايت دلچسپي آهي. لفظ ’ترس‘ جون سنڌيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ معنائون آهن. هڪ معنى اٿس انتظار ڪر (ترسڻ)، ٻي معنى اٿس ’رحم‘ (mercy) فارسي مصدر ۾ ’ترسيدن‘ جي معنى ’ڊڄڻ‘ آهي. سنڌي زبان ۾ اسين ’خدا ترس‘ لفظ ڄڻڪ فارسيءَ جي اصل مفهوم موجب ڪم آڻيون ٿا. ’خدا ترس‘ لفظ جي سنڌيءَ ۾ معنى آهي ’رحمدل‘ خدا ترس به اهو چئبو جيڪو خدا کان ڊڄندو هوندو، ۽ ماڻهن سان رحمدل ٿي هلندو هوندو.“ (1) 

اردو ٻوليءَ جو اثر:

اردو ٻوليءَ جو، سنڌي ٻوليءَ تي اثر قيام پاڪستان کان پوءِ ٿيو آهي. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ، آباديءَ جي لڏ پلاڻ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو، ۽ لکن جي تعداد ۾ اُهي هندستاني مسلمان جن جي مادري زبان اردو هئي، هندستان جي ڌار ڌار علائقن مان لڏي، سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. اُهي گهڻو ڪري سنڌ جي وڏن وڏن شهرن ۾ ڪيا ويا. اهڙي آباديءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نواب شاهه جهڙن وڏن شهرن ۾، اڪثريت جي زبان اردو بنجي وئي، ويتر جو پاڪستان جي پنجاب، سرحد صوبن ۽ اُترين علائقن جا ماڻهو، روزگار خاطر، سنڌ جي مٿي بيان ڪيل وڏن شهرن ڏانهن جوق درجوق اچڻ لڳا، ۽ انهن شهرن ۾ آباد ٿيڻ لڳا، اهي به اردوءَ کي پنهنجي رابطي جي زبان طور ڪم آڻڻ لڳا. انهيءَ ڪري مقامي ٻولي يعني سنڌي انهن شهرن ۾ اقليت جي زبان بنجي ويئي(1).

مهاجرن ۽ مقامي ماڻهن يعني سنڌين جي گڏ رهڻ ڪري، ۽ باهمي ذريعه گفتگو اردو هجڻ ڪري، سنڌي زبان تي، اردو زبان جو ڪجهه قدر اثر ٿيڻ لڳو ۽ سنڌيءَ زبان ۾ اردوءَ جي لفظن جو ذخيرو شامل ٿيڻ لڳو.

ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾، جتي اڪثريت جي زبان سنڌي هئي، اُتي اردودانن، پٺاڻن ۽ پنجابين جي ٻوليءَ تي سنڌي ٻولي اثرانداز ٿيڻ لڳي. اهڙين ٻنهي حالتن ۾ سنڌي ۽ اردوءَ جي صورت، ڪجهه قدر اثرانداز ٿيڻ لڳي.

گفتگو واري ٻوليءَ کان سواءِ، ادبي سطح تي به سنڌي ادب تي، اردوادب جو اثر ٿيو، سنڌي زبان جي ممتاز اديبن ۽ شاعرن، اردو زبان ۾ به لکڻ شروع ڪيو. انهن ۾ سيد حسام الدين راشدي شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شيخ اياز، ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“، پروفيسر لطف الله بدوي، شيخ عبدالرزاق ’راز‘ مولانا غلام محمد گرامي، سيده نورالهدى شاهه، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل ۽ ٻين جا نالا وٺي سگهجن ٿا.

قومي زبان بنجڻ سبب به، سنڌ ۾ اردو زبان کي اسڪولن ۾ لازمي قرار ڏنو ويو. ان کان علاوه رابطي جي زبان هجڻ سبب به اردو سنڌ ۾ عموماً ۽ سڄي پاڪستان ۾، اڳ ئي مقبوليت حاصل ڪري چڪي هئي، انهيءَ ڪري هيءَ زبان پاڪستان ۾، هر صوبي ۾، صوبائي زبان سان هم آهنگ نظر آئي؛ ويتر فلمن، ڊرامن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ڪري به اردوءَ کي پاڪستان جي دور دراز علائقن تائين رسائي حاصل ٿي. هونئن به برصغير جي آزاديءَ جي هلچل دوران اردو ٻين صوبن سان گڏ سنڌ ۾ به باهمي اظهار ۽ رابطي جو ذريعو هئي. انهيءَ ڪري وڏن وڏن شهرن ۾ قيام پاڪستان کان اڳ ئي اردو زبان سمجهي، پڙهي ۽ لکي ويندي هئي.

معياري سنڌي ۽ اردوءَ جو بيشمار لغوي خزانو عربي ۽ فارسيءَ وارو ساڳيو آهي، پر انهيءَ هوندي به ڪيترائي اردو مصدر، اصطلاح، پهاڪا ۽ چوڻيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، سنڌي لغات جو حصو بنيا آهن. ڪيترائي هندي پهاڪا اڳ ئي سنڌي ۾ استعمال ۾ هئا.

شهرن تي اردوءَ جي غلبي، اديبن ۽ شاعرن تي اردو ادبيات جي اثر ۽ ڪن فئملين طرفان گهرن ۾ اردوءَ کي مادري زبان طور استعمال ڪرڻ سبب، سنڌي ٻوليءَ تي، اردو صرف و نحو جو اثر به واضح نظر اچي ٿو. هيٺ اهڙن اثرن مان ڪي مثال طور بيان ڪجن ٿا:

جنس جو استعمال

سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي اهڙا اسم آهن، جيڪي جنس مؤنث طور استعمال ٿيندا آهن، پر اردو ٻوليءَ جي اثر کان پوءِ، اُهي لفظ ڪن شهرين جي استعمال موجب، جنس مؤنث جي بدران جنس مذڪر طور اُچاريا ويندا آهن؛ جيئن:

’موسم‘ لفظ سنڌيءَ ۾، جنس مؤنث طور استعمال ڪبو آهي پر ڪي ماڻهو ان کي ’جنس مذڪر‘ ۾ ڪم آڻيندا آهن؛ مثال طور:

     عام سنڌي                          اردوءَ جي اثر کان

اڄ موسم سٺي آهي.                   اڄ موسم سٺو آهي.

اڄ موسم سُهڻي آهي.                  اڄ موسم سهڻو آهي.

اهڙيءَ طرح ٻيا مثال هي آهن:

لفظ

عام سنڌي فقرو اردو فقرو

اردوءَ جي اثر کان پوءِ سنڌي فقرو

دل

منهنجي دل       ميرا دل

منهنجو دل

ڪتاب

منهنجو ڪتاب    ميري کتاب

منهنجي ڪتاب

ڪتابَ

منهنجا ڪتاب    ميري کتابين

منهنجون ڪتابون

مٿي ’ڪتاب‘ لفظ جو جمع ڪيترا شهري ۽ پڙهيل گهرن جا ٻار ۽ خاص ڪري ڇوڪريون، ’ڪتاب‘ جي بدران ’ڪتابون‘ استعمال ڪندا آهن. اهو سڌو سنئون اردوءَ جو اثر آهي.

اهڙيءَ طرح اردوءَ جي اثر جي ڪري ’غزل‘ ۽ ’نظم‘، ڪي سنڌي شاعر مؤنث طور ڪم آڻيندا آهن؛ مثال طور:

لفظ

عام سنڌي

اردو

اردوءَ جي اثر کان پوءِ سنڌي اُچار

غزل

تنهنجو غزل

تيري غزل

تنهنجي عزل

غَزَل

تنهنجو غزل

تيري غزلين

تنهنجون غزلون

                              تنهنجون غزلون لاجواب آهن.

نَظم

منهنجو نظم

ميري نظم

منهنجي نظم

نظمَ

منهنجا نظم

ميري نظمين

منهنجون نظمون

مصدر: مطالعي مان اهو به معلوم ٿيو آهي ته اردو ٻوليءَ جا ڪيترائي مصدر سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿي ويا آهن؛ مثلاً:

اردو مصدر

سنڌي مصدر

اردو مصدر

سنڌي مصدر

پهلانا

ڦهلائڻ

اپنانا

اپنائڻ

ڻهلانا

ڍَلڻ

 

 

حرف اضافت: ڪيترائي شهري سنڌي نوجوان، اسڪولن ۾ ذريعه تعليم اردو اختيار ڪرڻ جي ڪري يا اردو دان اڪثريت واري پاڙي ۾ رهڻ جي ڪري يا اهڙين فئملين سان اُٿ- ويهه جي ڪري، پنهنجي روزمره جي گفتگو ۾، سنڌي ٻوليءَ جي نحوي سٽاءُ ۾ فرق ڪندا آهن؛ مثال طور:

اردو فقرو

اردوءَ جي اثر کان سنڌي فقرو

عام طور سنڌي فقرو

کونسي والي ڪتاب

ڪهڙي واري ڪتاب

ڪهڙو ڪتاب

پهلي والي ڪتاب

پهرين واري ڪتاب

پهريون ڪتاب

پهاڪا: اردو ۽ سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ ستر- اسي سالن جي ساٿ جي ڪري، اردو زبان جي لفظن سان گڏ ڪيترائي اردو پهاڪا به سنڌي زبان پنهنجا ڪري ورتا آهن، پر هت ايترو بيان ڪرڻ مناسب آهي ته ڪيترائي هندي پهاڪا، ادبي ڪتابن، خصوصاً ڊرامن، ناولن ۽ افسانن جي هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمي سان گڏ سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ شامل ٿي ويا (1). اهڙن پهاڪن مان ڪي نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:

اردو/ هندي پهاڪا:

آپ سُکهي تو جگ سکهي

آپ گهاتي مها پاپي.

ايک پنتهه دو کاج.

بڙا کهاون بڙا دُکهه پاون چهوٽي کا دکه دور

آسمان کا تهوکا منه مين آتا هي

اونڻـه کي منهه ميڻ زير.

آڻي ميڻ نمک

تم بهي راني ميڻ بهي راني کون بهريگا پاني.

دودهه کا دوهه پاني کا پاني

پئسا پهينک تماشا ديکهه.

گجراتي ٻولي جو اثر:

سنڌ جي لسانياتي جاگرافيءَ جي اونهي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌي زبان جي ڪڇي، لاڙي، ٿري ۽ پارڪري لهجن تي، گجراتي زبان جو اثر گهڻو رهيو آهي. ڪڇ ۽ ٿر جا پارڪر وارا حصا، گجرات جا پاڙيسري علائقا آهن. اُن کان سواءِ ڪڇ جو وڻج واپار سڄو گجرات جا پاڙيسري علائقا آهن. اُن کان سواءِ ڪڇ جو وڻج واپار سڄو گجرات جي اثر هيٺ رهيو آهي. گجرات ۽ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي ناتا، سومرن جي زماني کان به آڳاٽا رهيا آهن. اهڙن ناتن ۽ رشتن جو تفصيلي احوال سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي ڪتاب ۾ ڏنل آهي(1).


(1) علي شير قانع: تحفة الڪرام، حيدرآباد سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع، ص ص 482، 494، 496 ۽ 520.

(1) غلام علي الانا: سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، ڇاپو ٻيو، ڪراچي، سنڌيڪار اڪيڊمي 2004ع.

(2) عبدالجبار جوڻيجو، سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1980ع، ص 41

(1) عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، حوالو ڏنو ويو آهي، ص 43.

(1) عبدالجبار جوڻيجو ڊاڪٽر: سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، ص 47.

(1) اياز قادري: سنڌي غزل جي اوسر. ڀاڱو پهريون. ڄام شورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1983ع، ص 29

(1) عبدالجبار جوڻيجو ڊاڪٽر: سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر، ص 47.

(1) اصلاحي شرف الدين: سنڌي اردو ڪي لساني روابط لاهور، مرڪزي اردو بورڊ، 1970ع، ص 93.

(1) ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻولي، حيدرآباد. سنڌي ادبي بورڊ 1956ع ص 195

(1) غلام الانا غلام علي: سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي، ٻيو ڇاپو. ڄامشورو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1983ع، ص ص 59-86.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com