وسيم ته پنهنجي ميز تي هليو ويو پر شبنم وري به
سوچ سمونڊ ۾ ٻڏڻ اپڙڻ لڳي.
آخر مرد کي رومانس کان سواءِ ٻي ڪا ڳالهه ڇو نه ٿي
سجهي، شل نه ڪنهن ڇوڪريءَ کي اڪيلو ڏسن. اهو ته
روز جو معمول هو. ٻاهر وسيم هو ته اندر وري اسان
جو باس سون تي سهاڳو! مون کي ڏسي ان کي به پنهنجي
زال جا ڏنل ڏک سور ياد اچي ويندا هئا! مان ته هن
نوڪريءَ مان بيزار ٿي پئي هيس. آخر هي مرد عورت کي
جيئڻ به ڏيندا يا نه! اڄ مان پڪو پهه ڪيو ته مان
هيءَ نوڪري ڇڏي ڏينديس. امان کي چونديس ته مون کان
هيءَ نوڪري ڪا نه ٿي ٿئي!، خدا خدا ڪري چار ٿيا،
مون فائيل سنڀالي اندر ٽيبل جي خاني ۾ رکي بند ڪيا
۽ گهر رواني ٿي هاڻ وري ٻيو مرحلو سر ڪرڻو هوم بس
۾ ڌڪا کائي گهر پهچڻ وارو مرحلو.
گهر پهچي دل کي ڪجهه سڪون مليو. پاڻ کي بيڊ تي ڪري
کڻي ڇڏيائين. ”شنبم ڇا ٿيو؟!“ ماءُ سيرانديءَ کان
ويهي هن جي مٿي تي هٿ رکيو ”تون ٺيڪ ته آهين!“
”امان مون کان هاڻ نوڪري ڪا نه ٿيندي.“
”مون ته توکي پهرين به چيو هو ته نوڪري
نه ڪر. مان سلائي ڪري ڪنهن جي گهر ۾ ڪم ڪري ٿورا
گهڻا پئسا آڻي گذر ڪنداسين...؟ پر تو نه مڃيو!“
”نه امان، مون کي اهو منظور ڪونهي ته منهنجي ماءُ
پراون گهرن ۾ ٿانوَ ٻهاري ڪري...؟“
”تون آخر چاهين ڇا ٿي؟ آءٌ ڪم نه ڪريان تون به
نوڪري نه ڪندينءَ، ته پوءِ گهر ڪيئن ته هلندو!“
”نه امان آءٌ نوڪري ڪا نه ٿي ڇڏيان!“
”پر به، ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڳالهه آهي!“
”امان آفيس جا مرد ڏاڍي خراب ذهنيت جا آهن. نوڪري
ڪو نه ٿا ڪرڻ اچن، ڄڻ ڇوڪرين سان ڪچهريون ڪرڻ ٿا
اچن!“
”شبنم پٽ، تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک.“
”ته امان ڇا توهان سمجهو ٿيون ته مان مردن سان
ڪچهريون ڪندي هونديس.“
”مون کي تو تي اعتبار نه هجي ها ته مان تو کي
نوڪري ڪرڻ جي اجازت ڪڏهن به نه ڏيان ها. انسان پاڻ
سٺو هجي ان کي ڪير خراب نه ٿو ڪري سگهي، هاڻ ڪاوڙ
ڇڏ اٿي ماني کاءُ.“ امان وراڻيو.
ٻئي ڏينهن کان اهائي آفيس! ڌکا ٿاٻا کائيندي زندگي
جا ڏينهن ڏکيا سکيا ويا گذرندا. پر هڪ ڏينهن باس
اندر گهرايو... آءٌ اندر ويس، باس ويهڻ جو اشارو
ڪيو. مان ڪرسيءَ تي ويٺيس.
”مس شبنم توهان چانهه پيئندا يا ٿڌو؟“
”ٿئنڪ يو سر. مان فقط صبح جو چانهه پيئندي آهيان.“
”ته پوءِ ٿڌو پيو، پليز مس شبنم!“
”ٺيڪ آهي سر پوءِ چانهه گهرايو.“ مون هار مڃيندي
چيو. هن مون کان منهنجي گهر جون حالتون پڇيون،
جيڪي مختصر کيس ٻڌايم. جنهن تي افسوس جو اظهار ڪيائين.
چانهه پيتي نه پيتي جهڙي، مان، ڪم جو هرج پيو ٿئي،
جو بهانو ڪري اٿي آيس. اچي ڪرسيءَ تي ڪري پيس.
توبهه هي مرد به عجيب آهن! شل نه ڪنهن عورت کي ڏسن
گگَ ڳڙيو پوين.
هاڻ ته سر مون کي پاڻ وٽ ڪمري ۾ سڏائڻ معمول بڻائي
ڇڏيو هو. ڪم هجي نه هجي پر پاڻ وٽ سڌائيندو
ضرور. هڪ ڏينهن معمول مطابق اندر سڏايائين.
” جي سر!“
”ها، مس شبنم، مون توهان کي اڳ به ٻڌايو هو، اهو
ئي ته منهنجن مائٽن مننجي شادي منهنجي مرضيءَ جي
خلاف ڪرائي هئي؟“
”پر سر توهان ڇوڪري ته ڪو نه هئا جو توهان جي
مائٽن توهان جي زوريءَ شادي ڪرائي. اڄڪلهه ته
ڇوڪرين جي به زوريءَ شادي نه ٿي ڪرائي سگهجي؟“
”مس شبنم ڇا ڪريان. بابا سائينءَ ڌمڪي ڏني ته چاچي
جي ڌيءَ سان شادي نه ڪندين ته تو کي ملڪيت مان
لادعويٰ ڪري ڇڏيندس. مجبوريءَ ۾ شادي ڪرڻي پيم.“
”سر ڇا توهان جي زال سهڻي ڪانه آهي؟ يا سلڇڻي
ناهي؟ يا توهان سان محبت ڪا نه ٿي ڪري!“
”ائين ناهي منهنجي زال سهڻي آهي، مون سان محبت به
ڪري ٿي، پر مون کي پڙهيل ڳڙهيل جيون ساٿي گهرجي،
جيڪا مون سان قدم ۾ قدم ملائي هلي. پر منهنجي زال
ته گهر جي ڪم، بابا ۽ امان جي خدمت ۽ ٻارن نپائڻ
مان ئي واندي نه آهي باقي مون کي ڇا ٽائيم ڏيندي؟
”هن ٿڌي ساهه تي جملو ڇڏيو.
”سر توهان ته خوش نصيب آهيو جو توهان کي اهڙي سٺي
زال ملي آهي، نه ته اڄڪلهه جون عورتون ته اهڙيون
آهن جو مرد کي مائٽن کان جدا ڪريو، الڳ وڃيو رهن!“
”پر مس شبنم، منهنجي
پسند جي نه پر مجبوريءَ جي شادي آهي، جنهن سان مان
اڄ تائين نباهه نه ڪري سگهيو آهيان منهنجيءَ دل کي
ڪو سڪون ڪو نه آهي!“
”سر توهان پنهنجي گهرواريءَ کي سمجهايو ته مرد جو
به حق آهي ته ان کي ٽائيم ڏئي. رڳو ٻارن ۽ گهر کي
نه لڳي پئي هجي.“
”هاڻ سمجهڻ کان ڳالهه مٿي چڙهي وئي آهي... مان
چاهيان ٿو ته هاڻ مان پنهنجي پسند سان شادي
ڪريان.“
”سر توهان جي مرضي پر سوچي سمجهي قدم کڻجو ائين نه
ٿئي جو توهان جي زال ۽ ٻارن جي ڪا حق تلفي ٿئي
پوءِ توهان پڇتايو.“ مون اٿڻ واري ٿي ڪئي ته باس
وري ويهڻ لاءِ ٿي چيو، خدا خداڪري سر مان جان
ڇڏائي اچي پنهنجي ٽيبل تي ويٺيس“.
وسيم مون وٽ آيو ۽ عجيب نگاهن سان ڏسندي چوڻ لڳو
”مس شبنم توهان تي باس ڏاڍو مهربان آهي.“
مون کي چڙ ته ڏاڍي لڳي، پروري به مون پاڻ ٿڌو
رکيو.”سر وٽ وڃڻ منهنجي نوڪريءَ جو حصو آهي. توهان
کي ڇو تڪليف ٿي آهي!؟“ وسيم وڃي پنهنجي ٽيبل تي
ويٺو. پر آفيس جو هر ماڻهو مون کي عجيب نظرن سان
ڏسي رهيو هو، جهڙوڪ باس وٽ وڃي مون
گناهه ڪيو هجي.
”مئڊم، توهان کي صاحب ٿو سڏي.“ پٽيوالي چيو. مان
اندر وڃڻ لڳيس ته سڀني مخصوص انداز سان مون کي
ڏٺو، پر منهنجي نيت صاف هئي سو مون کي اهڙن ماڻهن
جي پرواهه ڪانه هئي، ته هو منهنجي باري ۾ ڇا ٿا
سوچين!
”مس شبنم توهان سان اڄ هڪ ضروري ڳالهه ڪرڻي اٿم!“
”جي سر!“
”مس شبنم مان شادي ٿو ڪرڻ چاهيان.“
”سر ضرور شادي ڪريو مان توهان کي ڇا ٿي چئي
سگهان!“
”مس شبنم توهان مائنڊ نه ڪجو پر مان توهان سان
شادي ڪرڻ ٿو چاهيان!“
منهنجي نرڙ تي گهنڊ پئجي ويو. مٺيون پيڙجي ويون،
منهنجون اکيون پيپر ويٽ تي کپي ويون.
”مس شبنم توهان مائينڊ ته نه ڪيو“ هر ٽيٽمڪڙو وري
وههُ اوڳاڇڻ لڳو. ”مون کي پنهنجي مرضيءَ سان
پنهنجي پسند جي لائيف پارٽنر سان شادي ڪرڻ جو حق
آهي سڄي عمر پنهنجي جاهل زال
سان ته ڪونه گڏ گذاريندس.“
منهنجي مٺ کلي وئي. دل ۾ آيم ته هٿ وڌائي پيپر ويٽ
کڻي هڻانس ٻوٿ تي.
”مس شبنم هڪ ته مان توهان کي پسند ٿو ڪريان، ٻيو
توهان جو پيءُ ڪونهي، ننڍا ننڍا ڀائر ۽ ڀينرون
آهن، ان ڪري به مان توهان جي مدد ڪرڻ ٿو چاهيان؟“
هن وِههُ جي ڳنڍي تي همدرديءَ جي پني ويڙهي.
مون کي ايڏي ته ڪاوڙ لڳي، جو مون کان اکر به نه
پئي اُڪليو مان اٿي بيٺيس ۽ سموري سگهه ميڙي، پيپر
ويٽ کنيم ۽ واڪو ڪيم.
”مسٽر سهيل، توهان جي جرئت ڪيئن ٿي مون سان اهڙي
بڪواس ڪرڻ جي! مان هتي نوڪري ٿي ڪرڻ اچان، انهن
فضول ڳالهين ٻڌڻ لاءِ ڪا نه ٿي اچان! توهان ڇا
سمجهيو هو ته منهنجو پيءُ مري ويو آهي، ته مان
مجبور آهيان! تنهنڪري توهان سان شادي ڪنديس، توهان
کي اهڙي ڳالهه چوندي شرم اچڻ کپي. مون کان ٿوريون
ننڍيون ته توهان جون پنهنجون ڌيئر آهن. جي توهان
کي پنهنجي زال سان محبت ڪا نه هئي ته پوءِ اٺ ٻار
توهان ڪٿان پيدا ڪيا؟ ڇا توهان جي زال مائٽن مان
کڻي آئي هئي؟“
”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي مسٽر سهيل! توهان جي
زال توهان جي ٻارن جي ماءُ ٿي،توهان سان هر ڏک سک
۾ ساٿ ڏنو، ۽ اوهان کيس اهو ٿا ان جي خدمتن جو صلو
ڏيو! عورت ڪا پير جي جتي ناهي، جيڪا لاهي ٻي پائي
ورتي! مان انهن عورتن مان ناهيان جيڪي ٻيءَ عورت
جي حق تي ڌاڙو هڻن!“ مون پيپر ويٽ ڏٺو ۽ ان کي
ٽيبل تي رکي ٻاهر نڪري آيس. پنهنجي ٽيبل تي ويهي
استعفا لکي، سپرنٽيڊنٽ جي حوالي ڪري، ٻاهر نڪري
آيس! ٻاهر رستي تي زندگي ائين روان دوان هئي،
ٽرئفڪ هئي، شور هو، مون هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ رستي
تي هلڻ لڳيس.
ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ
مينديءَ رتا هٿرا
زيني اڪيلي ڪمري ۾ ويٺي هئي ۽ پنهنجن مينديءَ رتل
هٿن کي غور سان ڏسي رهي هئي، جيئن ئي آءٌ ڪمري ۾
داخل ٿيس ته مون کي ڏسندي ئي اٿي کڙي ٿي. مون
ڳراٽڙي پائي پلنگ تي ويهاريومانس. سندس خوبصورت
اکيون بوندُن سان ڀريل هيون. مون کي ڏسي هوءَ
هنجون هاري ويٺي، ڀلا مون کان مٺڙيءَ دوست جو جهڄڻ
ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهيو! سڏڪا ڀريندي
چيومانس:”زيني هيءُ ته خوشيءَ جو موقعو آهي، تون
ايتري پريشان ۽ مايوس ڇو ٿي ٿئين؟“
زيني ڳوڙها اگهندي چيو، ”صوفيه جتي ٻري باهه، سائي
جلي جاءِ! ٻيو ڪو منهنجي ڪيفيت کي ڪونه محسوس ڪري سگهندو! هاڻي اچ
صوفيه، مون وٽ ويهه، ڳالهيون ڪريون. شايد منهنجي
دل تان ڪجهه بار هلڪو ٿي وڃي.“ هن مون کي ويجهو
ڪري ويهاريو. اوچتو سندس ڀيڻ آئي ۽ چيائين ”ادي
اچو، مينديءَ جي ساٺ سؤڻ لاءِ ڪنوار کي سڏين پيا.“
مون غور سان زينيءَ ڏي نهاريو. هوءَ ڪيڏي نه اذيت
۽ عذاب ۾ مبتلا هئي. هن جي منهن تي ترَ جيتري به
خوشي ۽ سرور ڪونه هو. مون سوچيو ”يا الله! هيءَ
ڪهڙي شادي آهي، جنهن ۾ ڪنوار کي ڪا شادماني
ناهي،ڪنوار کي ته دل دماغ تي سهاوڻا خواب هوندا
آهن ۽ اُهي ئي خوبصورت تاثرات ئي هن جي چهري تي
نمايان هوندا آهن. اڳيان عاقبت خوشگوار هجي نه هجي
پر شاديءَ وقت ته هر ڇوڪري شادان ۽ فرحان هوندي
آهي.“
الائي ڇو مون کي من ۾ مونجهه ٿي پيئي. مون کي ڪا
ڳالهه ئي نه ٿي وڻي. آءٌ ماٺ ڪري اڱڻ جي هڪ ڪرسيءَ
تي جيڪا ڪنڊائتي پيل هئي، ويهي رهيس ۽ سوچن جي
عميق ساگر ۾ گم ٿي ويس. مون کي ماضيءَ جا پرده
کڄندا نظر آيا. زيني ۽ منهنجو گهر آمهون سامهون
هو. اسان ننڍي هوندي کان گڏ راند روند ڪنديون
هيونسين، ڪڏهين هوءَ مون وٽ ڪلاڪن جي منهن ويٺي
هوندي هئي، ماني به گڏجي کائينديون هيوسين. زيني
ڏاڍي سٺي طبيعت جي، شائسته، مٺڙي ڳالهائڻ واري،
ماءُ پيءُ جي خدمت ڪرڻ واري، اسڪول ۾ هوشيار
ڇوڪرين ۾ شمار ڪئي ويندي هئي، عقل واري، هر ڳالهه
بردباريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان ڪندي هئي. شايد انڪري
به جو ڀيڻن ڀائرن ۾ وڏي هئي. مان اڃا ننڍي هئس ته
امان کي منهنجي شاديءَ جي تڪڙ لڳي. وڏي خاندان ۾
شادي ٿيڻ ڪري آءٌ ته ڄڻ پاتال ۾ پيهجي ويس. ڪڏهين
ڪڏهين امان جي گهر وڃڻ ٿيو ته امان کان زينيءَ جي
خبرچار پئي پوندي هئي.
زيني ڇاڪاڻ ته پنهنجي مضمون ۾ هوشيار هئي، هن کي
يونيورسٽيءَ طرفان آمريڪا جي اسڪالر شپ ملي ويئي ۽
مائٽن به اجازت ڏني. مان اڃا خيالن ۾ گم هئس ته
مون کي ڪنهن ٻانهن کان وٺي جهنجهوڙيو. ”اڙي صوفيه
تون ڪنڊ ۾ ويهي ڇا پئي سوچين؟“
”اوهه! مان - مان ته ساٺ سؤڻ پئي ڏٺا.“ زينيءَ جي
ڀيڻ وڏو ٽهڪ ڏنو. ”اڇا، جناب ساٺ سؤڻ به ٿيا!!
ڪنوار ڪمري ۾ وڃي سمهي به رهي. بار بار توهان لاءِ
پئي پڇيائين ۽ توهان گم!!
صوفيه خبر اٿئي گهوٽ جو ساٺ ڪيوسين، 3 هزار به
ڦرياسين گهوٽ کان. ماشاءَ الله ڇا ته سهڻو گهوٽ
آهي! الله ڪري ته جوڙي خوش رهي. هوءَ ڏاڍيون دل
سان دعائون ڏيندي هلي ويئي.
مان وڌيڪ ويهي نه سگهيس، گهر هلي آيس. امڙ انتظار
پئي ڪيو، جيڪو شايد مائرن جي قسمت ۾ لکيل آهي،
منهنجا ٻار سمهي رهيا هئا. امان پڇيو:”صوفيه،
زينيءَ جي شاديءَ ۾ ڏاڍو مزو آيئي ڇا جو اٿڻ تي دل
ئي نه پئي
”نه امان مون وارڻيو
دراصل ڪنوار جي ساٺن سؤڻن ڏسڻ ۾ ايتري مشغول هيس
جو وقت جو احساس ئي نه رهيو.“
امان چيو ته ”ماني ته کاڌي اٿئي نه؟“
”امان بک ئي نه لڳي آهي، شام جو دير سان ماني کاڌي
هيم نه!“
امان کي ڪهڙي خبر ته مان زندگيءَ جي ڪهڙين ڪٺن
راهن تي هلي رهي هيس. پلنگ تي ليٽيس پر ننڊ! ننڊ
ته اڄ رات مون کان رُسي ويئي هئي. زينيءَ جو چهرو
اکين آڏو پئي ڦريو. زينيءَ جا سور تيرن جيان
منهنجي دل ۾ چڀي رهيا هئا. زيني جڏهن ڊاڪٽريٽ ڪري
واپس آئي هئي ته هوءَ اڃا به ٽڙي پئي هئي. سندس
گلابي چهرو وڌيڪ شگفته ٿي ويو هو. جڏهن مان پهريون
دفعو سالن کان پوءِ هن سان مليس ته مون کان ڄڻ رڙ
نڪري ويئي.
”اڙي زيني، يار تون ته چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪين
پئي. ڇا کاڌئي آمريڪا ۾!؟ يا اڇن انگريزن ۽
امريڪنس جو اثر ٿيو اٿئي!“
زيني جو کلي ته يڪي پئي کلي، ٽهڪ رڪجنس ئي نه.
پڇيائين، ”واقعي صوفي، آءٌ ايڏي خوبصورت پئي لڳان؟
پر اُتي ته ڪنهن به
Propose
ڪونه ڪيو. نه، صوفي مذاق ٿي
ڪريان، مون کي ته پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان
عشق آهي. مون کي اُتي رڳو ڪتابن ۽ ڪتبخاني سان عشق
هو ته جلدي منزل ملي ته ماڳ موٽان
۽
مارن سان ملان!“ |