سيڪنڊري تعليم مون پهرين ڪجهه سال ميران اسڪول مان
ورتي پوءِ جڏهن سن 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو
ماڊل اسڪول قائم ٿيو ته ان ۾ داخلا
روتم. جتان مون 1964ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ ميٽرڪ ڪئي. منهنجي صحيح
معنيٰ ۾ تربيت هن اسڪول ۾ ٿي، جتي جا استاد سائين
اڪرام الحق، سر عبيدالله ۽ سر صديقي بهترين استاد
هئا. اڪرام صاحب اهڙو مثالي استاد هو جنهن جي آءٌ
پاڻ به تقليد ڪندي رهي آهيان، پڙهائڻ جي انداز ۽
اپروچ ۾ ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽيءَ ان دور ۾
بهترين شاگرد پيدا ڪيا جن جي اڪثريت اڄ اهم جاين
تي ڪم ڪري رهي آهي.
ڪاليج
جي تعليم مون ڪراچيءَ ۾ ورتي. سنڌ جي پراڻي ڪاليج
ڊي جي سائنس ڪاليج مان بي ايس سي ڪيم، پوءِ وري
ايم اي انگريزيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيم. اتان
ئي ٻي ايم اي سنڌيءَ ۾ ڪيم. ٻنهي ۾ يونيورسٽيءَ
مان ٻي پوزيشن کنيم.
سنڌ يونيورسٽيءَ جو ماحول ان زماني ۾ بهترين هو.
سنڌي ڇوڪريون گهٽ هونديون هيون، انڪري اهميت گهڻي
ملندي هئي. هاڻي ته ڇوڪرين جو وڏو انگ ٿو
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي.
سوال: لکڻ ڪڏهن شروع ڪيوَ؟ پهرين تحرير؟ پهرين
ڇپيل تحرير؟ پهرين لکڻيءَ تي تاثر؟ پهرين ڇپيل
تحرير ڏسي ڇا محسوس ڪيوَ؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: لکڻ ننڍي هوندي کان شروع ڪيم.
پهرين ٻاراڻيون آکاڻيون لکيم. هڪ آکاڻي ”ڪاٺير
بادشاهه“ نالي ڪنهن ٻارن جي رسالي ۾ ڇپي هئي. ان
کان پوءِ ڊي جي ڪاليج جي مخزن ۾ ڪهاڻيون لکيم جن
تي انعام به مليم. ان کان پوءِ ”بادل“ رسالو نڪتو
ته ان ۾ لکيم... پهرين تحرير ڇپيل ڏسي ٽپا ڏيندي
بابا وٽ کڻي وئي هئس جنهن شاباس ڏيڻ سان گڏوگڏ ان
۾ ڪيل غلطيون ٻڌايون هيون يعني تنقيد ڪئي هئي.
سوال: عورتن جو صفحو ”سگهڙين سٿ“ سنڀالڻ جو تجربو
ڪيئن رهيو؟ اهو سلسلو ڪيئن ٽٽو؟ ڪهڙا مسئلا آڏو
آيا؟ ليکڪائن جو سهڪار ڪيئن رهيو؟
ڊاڪٽر فهمده حسين: ”سگهڙين سٿ“ جو صفحو سنڀالڻ کان
اڳ بادل رسالي ۾ به ڪجهه پرچن ۾ صفحو ايڊٽ ڪيو
هئم. انڪري ٿورڙو تجربو هئم. هن صفحي مون کي صحيح
معنيٰ ۾ ادبي دنيا سان متعارف ڪرايو. انهيءَ صفحي
ذريعي جتي مون گهڻين ئي ليکڪائن کي همٿايو ۽ لکڻ
ڏانهن راغب ڪيو اتي خود منهنجي به تربيت ٿي. مون
پنهنجي گهر ۾ لکڻ پڙهڻ جي مڪمل آزادي ماڻي هئي،
انڪري منهنجي تصور ۾ به ڪونه هو ته ڪو ڇوڪرين کي
ڪي ايڏا مسئلا هوندا جو اخبار ۾ خط يا ليک لکڻ ۽
موڪلڻ به ڄڻ جرم هجي. ڇوڪريون لڪي لڪي، نالا
بدلائي لکنديون هيون، پر پوءِ آهستي آهستي مون
انهن کي قائل ڪيو ته ادب، لکڻ، پڙهڻ ڪو جرم نه پر
فخر جهڙو
ڪم آهي. اهو زمانو ون يونٽ جي ٽٽڻ کان پوءِ سنڌي
سماج لاءِ نئين سجاڳيءَ يا
Renaissance
جو زمانو هو جنهن ۾ تمام مثبت
تبديليون آيون ۽ سنڌ ۾ مڊل ڪلاس اڀريو، اسڪولن،
ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جو تعداد وڌيو ۽
آهستي آهستي ادبي کيتر ۾ به سندن تعداد وڌندو
ويو... مون صرف صفحي ۾ لکڻ لکائڻ تائين پاڻ کي
محدود ڪونه رکيو، سگهڙين سٿ جي پهرين سالگره تي
حيدرآباد ۾ ليکڪائن جي پهرين ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي
جنهن جو سڄو انتظام منهنجي ڀيڻ انيس پاڪستان نئشنل
سينٽر حيدرآباد ۾ ڪيو ۽ اها پنهنجي قسم جي پهرين ۽
يادگار ڪانفرنس هئي جنهن جي صدارت ماهتاب محبوب
ڪئي هئي ۽ اڄ جون سڀئي وڏيون ليکڪائون جيڪي ان وقت
نيون لکندڙ هيون، ان ۾ شريڪ ٿيون هيون.... سو اها
به هڪ قسم جي تربيت ئي هئي جيڪا نين لکندڙن کي
ميسر ٿي هئي.
ان ئي زماني ۾ ”سوجهرو“ جاري ٿيو ته ان ۾ به حصو
ورتم ۽ ايڊيٽنگ ڪيم. ان زماني ۾ ايترو ته جوش ۽
جذبو هوندو هو جو مون کي ڪا به مشڪلات ياد ڪانهي
بس سٺيون يادون ئي آهن. اهو سلسلو چڱو ئي عرصو
هليو. تقريباً پندرنهن سال، ان کان پوءِ ڪجهه وقت
”جاڳو“ اخبار ۾ به صفحو سنڀاليم، جيڪو پڻ اخبار
بند ٿيڻ سان بند ٿي ويو.
سوال: منهنجو بابا پنهنجي زماني کان سو سال اڳيان
جي سوچ رکندڙ ماڻهو هو. جڏهن ڳوٺ ۾ رهندو هو تڏهن
ئي پنهنجي خاندان ۾ ڪيترين رسمن جي خلاف بغاوت
ڪيائين، ننڍي هوندي جون شاديون، بدو/ڏي وٺ ۽ عورتن
تي پابنديون ۽ پردو... اهڙا رواج هئا جن خلاف هو
ٽڪر کائيندو هو.“ پر خاندان ۾ ننڍي هئڻ ڪري پڄي
ڪونه سگهندو هو، پوءِ نيٺ هن پنهنجي گهر جي عورتن
کي ان ماحول مان ڪڍڻ ۽ ڌيئرن کي پڙهائڻ لاءِ ڳوٺ
ڇڏيو ۽ حيدرآباد لڏي اچي ويٺو. هن پٽن جي ڀيٽ ۾
ڌيئرن تي وڌيڪ توجهه ڏني. هو اسان کي پاڻ ويهي پڙهائيندو هو. چوندو هو ڇوڪرا پڙهي پوندا پر ڇوڪرين کي خاص ڌيان
ڏيڻ گهرجي. گهر ۾ اردو، سنڌي علمي ادبي رسالا
ايندا هئا، ٻارن جا به رسالا ايندا هئا. انهن کي
پڙهڻ لاءِ آماده ڪرڻ کان سواءِ مختلف لائبريرين
مان ڪتاب آڻي ڏيندو هو. ائين اسان سڀني ۾ پڙهڻ جي
عادت وڌائين. لکڻ لاءِ به همٿائيندو هو پوءِ جن ۾
اها ڏات ڏٺائين، انهن جي ڀرپور نموني تربيت
ڪيائين. باقاعدي تنقيد ڪندو هو ته جيئن اصلاح ٿئي.
اسان سان ويهي علمي ادبي بحث ڪندو هو. اسان سان
دوستن وارو رويو هئس. هو اسان ۾ خود اعتمادي پيدا
ڪرڻ لاءِ عملي تربيت ڏيندو هو. هڪ ڀيري ريڊيو
پاڪستان وڃڻو هئم. گاڏي کاتي ۾ اسان جي گهر کان
ريڊيو پاڪستان گهڻو پري ڪونه هو پر وچ ۾ رستي تي
ڪافي رش هوندي هئي ۽ اڪيلو وڃڻ عجيب لڳندو هو، سو
مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ ضياءَ کي چيو ته مون سان گڏ
هل، ٿورو اڳڀرو ڪري اچ... بابا اها ڳالهه ٻڌي ته
ضياءَ کي سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيائين ۽ مون کي
چيائين... ”ضياء توکان ننڍو آهي، اهو تنهنجي ڪهڙي حفاظت ڪندو، تون پاڻ همت واري آهين، پاڻ تي
ڀروسو ڪر ۽ اڪيلي وڃ.“ منهنجي ڀيڻ انيس کي سائيڪل
هلائڻ جو شوق هو، سو پاڙي جي ماحول کي ڌيان ۾ رکي
هوءَ گهر جي اڱڻ ۾ ڀاءُ جي سائيڪل هلائيندي هئي.
(سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ واري جاءِ جو ڪشادو اڱڻ) هڪ
ڏينهن بابا هن کي پاڻ سائيڪل آڻي ڏني ۽ چيائينس ته
ٻاهر گهر جي سامهون واري گرائونڊ ۾ وڃي هلاءِ...
امان اعتراض ڪيو ته ماڻهو ڇا چوندا، ڪنهن هڪ ڀاءُ
به اعتراض ڪيو پر بابا ڪنهن جي ڪانه ٻڌي ۽ پاڻ سان
گڏ وٺي وڃي سائيڪل هلرايائينس. پوءِ ٻارنهن تيرهن
سالن جي عمر تائين انيس پاڙي ۾ سائيڪل هلائيندي
هئي، سندس ساٿياڻي هوندي هئي. تبسم مهتاب قريشي
جيڪا پاڻ به پئي ان سان سائيڪل هلائيندي هئي، جيڪا
ان زماني ۾ حيدرآباد ۾ معيوب سمجهي ويندي هئي.
بابا اسان کي چوندو هو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن ڪم يا
ڳالهه کي صحيح سمجهو ۽ توهان جو ضمير اجازت ڏي ته
پوءِ اهو ڪڏهن به نه سوچيو ته ماڻهو ڇا چوندا...
اهو ڪم ضرور ڪريو.
عورتن سان بابا جي رويي جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سندس
اسان جي امان سان رويو هو. هو پاڻ ۾ بلڪل دوستن
وانگر هوندا هئا. صبح جو امان کي پنهنجي هٿ سان
چانهه ٺاهي ڏيندو هو ۽ پوءِ جڏهن هو اُٿي نيرن
لاءِ ماني پچائيندي هئي ته بابا اسان ٻارن کي
اسڪول لاءِ تياري ڪرائيندو هو، نيرن ڪرائيندو هو
ته جيئن پاڻ سان گڏ اسڪول لاءِ وٺي نڪري. اسان
ڪڏهن به کيس امان سان وڏي آواز ڳالهائيندي ڪونه
ٻڌو. پاڻ عورت جي عزت ڪندو هو ته پنهنجي اولاد کي
به اهو ئي سيکاريندو هو. آءٌ ڀانيان ٿي ته هو هڪ
مثالي انسان هو، مثالي استاد هو (سندس شاگرد ان جي
گواهي ڏيندا) مثالي مڙس ۽ مثالي پيءُ هو. سندس
تربيت جي نتيجي ۾ ئي هو پڇاڙيءَ ۾ اولاد جو سک
ماڻي هن دنيا مان هليو ويو.
سوال: توهان جي فئملي پڙهيل ڳڙهيل آهي، ادب سان
واڳيل به رهي آهي، جيئن سراج صاحب سنڌي ادب ۾ وڏو
نالو آهي. عبدالحق عظيم به ليکڪ آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين: بابا کان پوءِ جنهن ماڻهوءَ
اسان کي نه صرف ادب جي دنيا ۾ بلڪه هر ڳالهه ۾
همٿايو ۽ رهنمائي ڪئي اهو ادا سراج آهي. اسان جي
تربيت ڪرڻ ۾ هن جو پنهنجو انداز هو. هو اسان کي
پاڻڀرو ڏسڻ چاهيندو هو. هر ڳالهه ۾ هڪ ڳالهه جيڪا
آءٌ هميشه محسوس ڪندي هئس پر سمجهي ڪانه سگهندي
هئس ته ادا ايترو روشن خيال ۽ کليل
دماغ جو ماڻهو هوندو هو ۽ اسين پردو به ڪونه ڪنديون هيونسين.
سائين ابراهيم جويو، شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد
حسيني، مولانا گرامي، شمشير الحيدري، رشيد ڀٽي ۽
ٻيا به ڪيترائي وڏا وڏا اديب سراج جا ۽ ادا
عبدالحق جا دوست هئا ۽ اسان کين پڙهڻ ۽ سڃاڻڻ ۽
ساڻن ملڻ جو شوق به رکنديون هيونسين پر ان باوجود
ڪڏهن سندن سامهون ڪونه وياسين ۽ ائين محسوس ڪيوسين
ته هو نه ٿو چاهي ته اسان انهن سان سندس معرفت
ملون.... ننڍي عمر ۾ ته ڪڏهن ڪونه پڇيوسين پر جڏهن
يونيورسٽيءَ ۾ استاد ٿيڻ کان پوءِ انهن مان ڪيترن
سان تعارف ٿيو، سڃاڻپ ٿي وئي ته پوءِ ڪجهه سال اڳ
هڪ ڏينهن
شڪايت
ڪئي مانس ۽ چيومانس ”جيڪڏهن مون کي انهن وڏن وڏن
ذهنن سان ملڻ جو موقعو گهڻو اڳ ملي ها ته آءٌ
کانئن گهڻو ڪجهه سکان ها. توهان جا اهي سڀ دوست
هئا، توهان ڇو نه ڪڏهن اسان کي اهڙو موقعو ڏنو.“
تڏهن چيائين ته ”مون چاهيو ٿي ته تون پنهنجي واٽ
وٺين، پنهنجي صلاحيت سان اڳيان وڌين، جيڪڏهن آءٌ
توکي انهيءَ سرڪل ۾ متعارف ڪرايان ها ته ائين لڳي
ها ته تون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري نه پر منهنجي
Projection
جي ڪري اديبه ٿي آهين.هن وقت
تون جيڪي به آهين پنهنجي ڪري آهين.“ ادا سراج جي
ان ڳالهه مون کي حيران به ڪيو پر دل سان به لڳم ڇو
ته مون ڏٺو آهي ته جنهن به ليکڪا جو ڪو مٽ مائٽ،
پيءُ يا ڀاءُ يا مڙس ليکڪ هجي، ماڻهو اهو ئي
سمجهندا آهن ته اهو کيس لکي ڏيندو هوندو يا انهيءَ
ئي کيس اڳيان آندو آهي. يعني اڻسڌيءَ طرح ان ليکڪا
جي صلاحيتن ۽ ان جي پاڻ ليکڪا هئڻ تي شڪ جو اظهار
هوندو آهي. اهڙو هو منهنجي گهر جو ماحول ته جيئن
سراج پنهنجي واٽ ٺاهي، تيئن فهميده به پنهنجي واٽ
ٺاهي، رهنمائي رهبري ته ڪيائون پر هٿ وٺي ڪونه
هلايائون.
سوال: توهان نوڪريءَ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ به
اپلاءِ ڪيو هو؟ پر اها نوڪري اوهان کي نه ملي،
ڪارڻ؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: ها مون جڏهن انگريزي ادب ۾ ايم
اي ڪئي ۽ ان ۾ ٻي پوزيشن کنيم ته مون سنڌ ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ ۾ اپلاءِ ڪيو هو... جڏهن آءٌ انٽرويو
لاءِ وئي هئس ته ڏاڍي پراعتماد هئس پر مون کي اهو
چئي موٽايو ويو ته ”بابا هن اداري ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ
کي رکي اسين ماحول خراب ڪرڻ نه ٿا چاهيون... جڏهن
مون ان تي دليل ڏيڻ چاهيا هئا ته اداري جي سربراهه
زور سان مون کي چيو هو وعليڪم السلام!“ - ٻين لفظن
۾
get lost.
ان مهل اتي سائين محمد ابراهيم جويو، جمال رند ۽
ٻيا ويٺل هئا جن کي ڇو ته آءٌ سڃاڻندي هئس، انڪري
مون کي ڏاڍي بيعزتي محسوس ٿي هئي ۽ مون ٻاهر اچي
ڏاڍو رنو هو.
سوال: ڇا توهان کي اها خبر آهي ته اها نوڪري وري
به هڪ ڇوڪريءَ کي ڏني وئي هئي؟ جنهن
وٽ گهربل لياقت به نه هئي؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: ها پوءِ مون کي خبر پئي هئي ته
اهو هڪ بهانو هو مون کي نه کڻڻ جو! اصل ۾ ڪنهن
سفارشيءَ کي کڻڻو هو... پر اُن ڳالهه جو وري اينٽي
ڪلائميڪس به ٿيو هو. اهو سن 1970 يا 1971 هو. مون
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار لاءِ اپلاءِ ڪيو هو. ڇا
ٿيو جو 1972ع ۾ ادا سراج هلال پاڪستان اخبار جو
ايڊيٽر ٿيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو اهو سربراهه
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيو. هن کي ڪجهه
وقت کان پوءِ شايد ڪنهن ٻڌايو ته اها ڇوڪري جنهن
کي تو ”وعليڪم السلام“ ڪيو هو اها ته سراج جي ڀيڻ
هئي. پوءِ هن منهنجو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار جو
آرڊر ڪڍيو ۽ ادا سراج تي ٿورو ڪرڻ لاءِ کيس فون
ڪري چيائين ته آرڊر موڪليانءِ ٿو. پنهنجي ڀيڻ کي
چئو ته اچي جوائن ڪري. ادا مون سان ڳالهه ڪئي ۽
اسان فيصلو ڪيو ته آءٌ جوائن ڪانه ڪنديس. گهڻا
ڏينهن گذري ويا... جڏهن آءٌ ڪانه ويس ته ان صاحب
ادا کان پڇيو ته ڇو تنهنجي ڀيڻ جوائن ڪونه ٿي ڪري.
هولڊر آهي، ان جو حق آهي، ان کي اچڻ گهرجي. ادا هن
کي چيو ته اها پنهنجي مرضيءَ واري آهي. توهان پاڻ
ڳالهايوس.
ادا دراصل هن کي اهو تاثر ڏيڻ ٿي چاهيو ته هو سندس
انهيءَ آڇ کي ڪو ادا تي ٿورو نه سمجهي... مون وري
به ڪونه مڃيو ۽ آءٌ ڪراچيءَ هلي ويس جتي مون وڃي
ريڊيو پاڪستان تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪري ڪئي ۽
گڏوگڏ ”سنڌي اردو بول چال“ پروگرام به شروع ڪيو.
پوءِ هڪ ڏينهن پير مظهر (جيڪو ان وقت يونيورسٽيءَ
۾ پي آر او هو) منهنجو اهو آرڊر کڻي ريڊيو پاڪستان
آيو هو ۽ سائينءَ جو نياپو ڏنو هئائين ته ”تو جهڙي
پوزيشن هولڊر ڇوڪريءَ جي اسان کي ضرورت آهي انڪار
نه ڪر!“
پوءِ آءٌ نومبر 1972ع ۾ اها پوزيشن کڻڻ جي اڍائي
سالن کان پوءِ، يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار ٿيس... آءٌ
اڄ به سمجهان ٿي ته اها نوڪري مون کي پوزيشن هولڊر
هئڻ ڪري هرگز ڪانه ملي هئي... پر مون قبول انڪري
ڪئي جو اهو منهنجو حق هو جيڪو سڌي نموني هن سماج ۾
ڪونه ٿو ملي (جي ملندو هجي ها ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ
بورڊ ۾ ئي ملي ها).
سوال: اسان جي سماج ۾ اڪثر سفارش تي ڪم ٿئي ٿو،
ميرٽ تي نه، ان بابت ڇا چونديون؟ پنهنجا ڪي تجربا؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: مٿيون جواب ان جي ثابتي آهي.
سوال: نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ ڪهڙيون ڏکيائيون آهن؟
توهين نوڪريءَ جي حوالي سان پنهنجي ڪارڪردگيءَ کان
ڪيتريقدر مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: نوڪري ڪندڙ عورتن کي جيڪڏهن
گهر وارن جو ساٿ هجي ته به هن لاءِ ڪجهه عرصو تمام
گهڻو ڏکيو هوندو آهي، جڏهن سندس ننڍا ٻار هجن، خاص
ڪري ان وقت جڏهن گهر ۾ انهن کي سنڀالڻ وارو ٻيو
ڪونه هجي. منهنجي خيال ۾ اسان وٽ اهڙا ادارا يا ڊي
ڪيئر سينٽر هئڻ گهرجن جتي ٻارن کي رکي سگهجي. اهي
عورت جي ڪم واري جاءِ کي ويجها هجن ته جيئن هوءَ
وچ ۾ هڪ ٻه ڀيرا وڃي انهن کي ڏسي
به سگهي.
مون کي گهر واري طرفان مڪمل سهڪار هئڻ ڪري ٻي ڪا
تڪليف ڪانه ٿي. منهنجي نوڪريءَ کي مون هميشه
انجواءِ ڪيو آهي. هڪ استاد جي حيثيت ۾ به ته هاڻي
هڪ علمي ادبي اداري جي رڪن هئڻ جي حيثيت ۾ به ۽
مون جيڪو به ڪم ڪيو آهي، اهو نوڪري سمجهي نه پر هڪ
مشن سمجهي ڪيو آهي. جيتريقدر ڪارڪردگيءَ مان مطمئن
هئڻ جو تعلق آهي ته آءٌ ڀانيان ٿي ته حالتون
سازگار هجن ۽ اجائي اندروني سياست نه هجي ته جيڪر
آءٌ اڃا وڌيڪ بهتر ڪم ڪري سگهان ها.
سوال: گهرو زندگيءَ مان ڪيتريقدر مطمئن آهيو؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: گهرو زندگيءَ مان ايتريقدر
مطمئن آهيان جو دعا ڪندي آهيان ته شل منهنجي ڌيئرن
سوڌو هرهڪ عورت کي اهڙو ئي مڙس ۽ گهر ملي جهڙو مون
کي مليو آهي. آءٌ سمجهان ٿي ته آءٌ سنڌ جي انهن
چند خوش قسمت عورتن مان آهيان جن کي شاديءَ کان اڳ
۽ شاديءَ کان پوءِ آدرشي ماحول مليو آهي.
سوال: شاعري توهان تسنيم يعقوب جي نالي سان ڪئي
آهي، ان جو ڪو خاص ڪارڻ؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: ڪو خاص سبب ڪونهي، بس جڏهن
”سگهڙين سٿ“ ۾ شاعريءَ جي کوٽ ٿيندي هئي ته پنهنجي
شاعري مختلف نالي سان ڏئي ڇڏيندي هئس.
سوال: توهان ”سگهڙين سٿ“، ”ڪلاچي“ وغيره ايڊٽ ڪيا
آهن، توهين محقق ۽ نقاد به آهيو، لسانيات به توهان
جو موضوع رهي آهي ته لطيفيات
تي به توهان ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. شاعري به
توهان ڪئي آهي. بنيادي طور تي توهين ڇا آهيو؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ادنيٰ
خادم، جنهن جو وسُ نه ٿو پڄي ته ان لاءِ ڇا
ڪريان ۽ ڇا نه ڪريان! انڪري جتي جيڏي مهل ضرورت
هوندي آهي، اتي اهڙو ڪردار ادا ڪندي آهيان.
سوال: نياڻي/ڀيڻ/گهر واريءَ/ماءُ/استاد جي حيثيت ۾
توهان پنهنجي ذميوارين کي ڪيتريقدر نڀايو آهي؟ |