جبار تاثير سومرو
غزل
سنڌڙي تنهنجا سارا ماڻهو،
منهنجي اکين جا تارا ماڻهو.
جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن،
سڏ ڪري، سڪَ وارا ماڻهو.
پنهنجي پنهنجي ڌُن ۾ آهن،
هيڏانهن
هوڏانهن وارا ماڻهو.
ڏُک سک ۾ گڏ هوندا آهن،
اوڙي پاڙي وارا ماڻهو.
ڪنهن جو ڪنهن جو نانءُ کڻان مان،
سڀئي ساهه سهارا ماڻهو.
جيءَ کان پيارا لڳندا آهن،
جاني جيءَ جيارا ماڻهو.
سنڌڙي مون کي وڻندا آهن،
تنهنجا ڪوجها ڪارا ماڻهو.
ديس جي خاطر ڪنڌ ڪپائي،
ٿيندا هن سوڀارا ماڻهو.
ڌرتيءَ لاءِ ”تاثير“ سدائين،
لکندا پيا مون پارا ماڻهو.
غزل
توکي جڏهن مان ڏسندي آهيان،
خوش ٿي کلندي وتندي آهيان.
خوشبو واري پين کڻي مان،
خطڙو توڏي لکندي آهيان.
ياد جڏهن تون ايندو آهين،
من ۾ مڪي پوندي آهيان.
سانوڻ رُت ۾ توکي ساري،
بارش وانگي وسندي آهيان.
تنهنجون تصويرون ۽ تحفا،
چاهه مان ويٺي چمندي آهيان.
تنهنجي پارَ کان جيڪو آيو،
تنهن کان تنهنجو پڇندي آهيان.
منهنجا جاني لڪندي لڪندي،
تنهنجا خطڙا پڙهندي آهيان.
تنهنجو ڇلڙو يار نشاني،
پيار مان پائي گهمندي آهيان.
هٿ وٺي ”تاثير“ مان تنهنجو،
پنهنجي قسمت
ڏسندي آهيان.
الطاف شيخ
نئون آيل ريڊيو آفيسر
۽
جهاز تي هڪ نئون ريڊيو آفيسر آيو هو، مسٽر فرخ.
پهرين سفر ۾ هو اسسٽنٽ ريڊيو آفيسر جي پوسٽ تي
رهيو، جيئن هڪ پراڻي ريڊيو آفيسر سان گڏ رهي ڪم ۾
ڀڙ ٿي وڃي. پر فرخ صاحب کي ڪم سکڻ جو ڪو شوق ئي نه
هو. چوندو هو جڏهن مٿي تي ايندو تڏهن ڏٺو ويندو. ۽
پراڻو ريڊيو آفيسر وري اهڙو شريف ماڻهو جو کيس
ڪجهه چوندو ئي نه هو. بلڪه سندس ڪم به پاڻ ڪري
ڇڏيندو هو. نتيجي ۾ فرخ صاحب سمنڊ توڙي ڪناري تي
واندو ئي واندو بي اونو بي اوسيئڙو وتندو هو
گهمندو ڦرندو.
آءٌ ان وقت سيڪنڊ انجنيئر هوس ۽ جهاز جو چيف آفيسر
مظهر زيدي هو. ٻنهي جي ڊيوٽي هڪ ئي وقت هوندي هئي.
يعني صبح جو به چئين کان اٺين تائين جهاز اسان کي
هلائڻو پوندو هو ته شام جو به چئين کان اٺين
تائين. ڊيوٽي بعد فرخ وٽ اچي گشا پتا هڻندا
هئاسين. جيڪو هر وقت واندو ملندو هو. اٿڻ جي ڪبي
هئي ته چوندو هو:”يار هينئر ته نه وڃو. فون ڪيو
اٿم. ڄاڻ اسٽيوورڊ چانهه کڻي آيو. ڀلا هتي ئي ٿو
ٺاهي وٺان. بس پندرهن منٽ ٻيا.“ الله جي ڏني مان
روز روز نوان نوان ڪوڙ سچ ٻڌائيندو هو. ڏسڻ ۾ آلو
ٻالو، طبيعت ۾ غريب ۽ نهٺو پر استادين ۽ ٺڳين ۾ ڪو
به کانئس کٽي نه سگهي. بندرگاهه ۾ سڄو ڏينهن رلندو
هو ۽ پوءِ سمنڊ تي ڪناري واريون خبرون سربستيون
ٻڌائيندو هو. پوءِ چاهي آمريڪا يورپ يا ڏور اوڀر
جو ڪو ”بي افعالو“ بندرگاهه هجي يا سوشلسٽ،
ڪميونسٽ يا عرب دنيا جو ”سخت مزاج“ ۽ ”خشڪ شهر.“
ٿي نه ٿو سگهي ته فرخ صاحب ڪو قصو يا ڪهاڻي گهڙي
نه ٻڌائي. پاڻ هڪ اخبار هو. بلڪ شام جي اخبار.
جيڪا فقط ڏوهن ۽ پيار جي پرڻن ۽ ڀڄي ويل زالن جي
خبرن سان ڀريل هئي.
پاڻ ويندو به جتي ڪٿي هو. هڪ هڪ ..... هڪ هڪ
.........گهر ۽ سئنيما هال جو جائزو وٺي ايندو هو.
لڳندو هو ته هو آيو ئي ڇوڪرين ۽ شراب لاءِ آهي.
نمازون به ڏاڍيون پڙهندو هو. خاص ڪري خراب سمنڊ
تي. ڦيري، دل ڪچي ۽
Sea-Sickness
به ڏاڍي ٿيندي هيس. موسم جي
خرابيءَ ڪري جهاز ٿورو ئي لڏندو هو ته اسان جو
هيرو هٿن مان نڪري ويندو هو. لاڦ هڻڻ ڇڏائي ويندي
هيس. پوءِ رڳو گگ پئي ڳڙندي هيس. توبهه زارين جو
ڦهڪو لڳائي ڏيندو هو. وڏي عمر ۾ شاديءَ بعد آيو
هو. ٻه ٽي ٻار به هئس. چوندو هو: ”نصيب (گهر
واريءَ) نوڪريءَ لاءِ ڇڏيو ئي ڪونه پئي. ايندي وقت
ٻارن جي مٿي تي هٿ رکائي قسم کڻايو هئائين ته نه
............... وٽ ويندس ۽ نه شراب پيئندس.
منهنجا مولا! بس هاڻ منهنجي سچيءَ دل سان توبهه!
بس فقط هڪ دفعو سمنڊ صحيح ڪري سلامتيءَ سان
ڪراچيءَ پهچاءِ.“
ان وقت خبرون پڇندا هئاسين ته ستي ستي اٻڙاڪ ڏيئي
چوندو هو:”يار باهه ڏيو خبرن کي. پنهنجا آنڊا ٿا
ٻاهر نڪرن، توهان کي لڳي آهي خبرن جي.“
”چڱو ڀلا چانهه ته اٿي پيار.“ اسان کيس وڌيڪ ڇتو
ڪرڻ لاءِ چانهه جي ڳالهه ڪڍندا هئاسين. سي سڪنيس ۾
چانهه يا ڪنهن مٺي شربت جو سوچڻ سان وڌيڪ دل ڪچي
ٿيندي آهي.
”يار جيڪي وڻيوَ سو کائو پيو“، هٿ ٻڌي چوندو هو،
”پر هتان کڻي وڃو، منهنجي اڳيان نه کائو. الٽيون
ڪري ڪري صفا ساڻو ٿي پيو آهيان.“
”واهه سائين واهه. سمنڊ جي ٿوري ئي خراب ٿيڻ تي
تنهنجي هيءَ حالت ته ٻي سفر ۾ اڪيلي سر ڊيوٽيءَ کي
ڪيئن منهن ڏيندين؟“ اسان پڇندا هئاسينس.
۽
پوءِ ٻئي سفر ۾ هن لاءِ واقعي ٿيو به وڏو مسئلو.
پهرين سفر بعد جهاز جڏهن ڪراچيءَ پهتو ته پراڻو
ريڊيو آفيسر پروگرام موجب موڪل تي لهي ويو ۽ فرخ
کي اڪيلي سر جهاز تي ريڊيو آفيسر جون ڊيوٽيون
ڪرڻيون پيون. ڪم ته چڱيءَ طرح سکيو ئي نه هو ويتر
بدقسمتي اهڙي جو پهريون وارو ڪئپٽن - جيڪو بيحد
نرم دل هو، پڻ جهاز تان هليو ويو. نئون آيل ڪئپٽن
- عثمان صاحب به هو ته سٺو ماڻهو پر ڊيوٽيءَ جي
معاملي ۾ تمام سخت ۽ ايماندار هو - ۽ اها ئي اسان
جي يار ريڊيو آفيسر ۾ ڪمزوري هئي. ڪئپٽن عثمان
هيڏي عمر جي باوجود نوڪريءَ جو هڪ هڪ منٽ
ايمانداريءَ سان پورو ڪندو هو ۽ چاهيندو هو ته
جهاز جا ٻيا آفيسر به ائين ڊيوٽي ڪن. سو ان ڪئپٽن
کي فرخ جي نه سستي پسند آئي ۽ نه مڪرانين واري غلط
سلط انگريزي.
ريڊيو آفيسر کي جهاز تان نياپا موڪلڻ ۽ وٺڻ کان
علاوه خط و ڪتاب ۽ ٽائيپ جو ڪم پڻ ڪرڻو پوندو آهي.
فرخ صاحب خبر ناهي ڪٿان مئٽرڪ ۽ انٽر ڪري آيو هو
جو ڪئپٽن جي نه انگريزي ڳالهه سمجهندو هو ۽ نه چڱي
طرح خط جو خاڪو ٽائيپ ڪري سگهندو هو. ڪئپٽن به هو
پنهنجي طبيعت وارو جواب موڪلڻ لاءِ ڊيوٽيءَ جو هڪ
هڪ منٽ ڪرسيءَ تي ويهاري ڪم وٺندو هوس. اهي حال
ڏسي اسان جو فرخ صاحب جلدي ئي بي حال ٿي ويو. پر
منهن جو وري اهڙو پڪو جو زيدي ۽ مون سان به اها
ڳالهه نه ڪيائين ته ساڻس ڇا ويڌن رهي آهي يا ڪم ۾
ڪيترو چٽ ثابت ٿيو آهي. هونءَ سندس ڪمرو ۽ ڪئپٽن
جي آفيس صاف ڪرڻ واري اسٽيوورڊ کان ٿوري ٿوري خبر
پي پئي ته همراهه سورن ۾ آهي، پر وري سوچيوسين ته
فرخ جهڙو استاد ماڻهو ڪٿي ٿو ائين وٺ ڏئي. پوءِ
چڱيءَ طرح خبر تڏهن پيئي جڏهن ڪئپٽن هڪ ڏينهن انجڻ
روم ۾ فون ڪري مون کي سندس ڪمري ۾ سڏايو. ان وقت
مشينريءَ جي ڪم ۾ رڌل هوس. سو چيو مانس ته آءٌ
ڪلاڪ ٻن بعد ٿو اچان.
”ضروري ۽ اهم ڪم آهي مهرباني ڪري هينئر جو هينئر
هليو اچ.“
ڪئپٽن
کي پهريون دفعو عاجزيءَ ۾ ڳالهائيندو ٻڌم.
تيل ۽ گريز هاڻا هٿ ڪپهه سان اگهندو مٿي چڙهيس ته
ڪئپٽن جي ڪئبن اڳيان مظهر زيدي مليو جيڪو برج
(ڪنٽرول روم) مان هيٺ لهي رهيو هو. کيس پڻ ڪئپٽن
سڏايو هو. زيديءَ کان پڇيم:
”خير ته آهي-؟“
”خبر ناهي. هل ته ڏسون.“
ڪئپٽن جي ڪئبن ۾ گهڙياسين ته هو منهن ۾ سگريٽ وجهي
پريشانيءَ جي حالت ۾ چوويهه فٽ ڊگهي ڪئبن ۾ تکيون
تکيون ٻرانگون ڀري رهيو هو. اسان جي گهڙڻ سان يڪدم
دروازو بند ڪري، ڀر ۾ ويهي راز واري انداز ۾ چيو:
”هڪ مسئلو ٿي پيو آهي. ان لاءِ مون توهان کي سڏايو
آهي. توهان ٻئي ريڊيو آفيسر سان چڱا گهرا آهيو. هن
ننڊ جون گوريون کائي شايد خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي
آهي. هن وقت هو بيهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي هنڌ تي
پيو آهي.“
هن قسم جي اوچتي خبر اسان تي به يڪ ٽڪ اثر ڪيو. پر
هوش سنڀالي ڪئپٽن کان پڇيوسين:
”سائين! توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته هن ننڊ جون
گوريون کاڌيون آهن؟“
”سندس ڀر ۾ ننڊ جي
گورين جي خالي شيشي پيئي هئي“
”پر ڪهڙي خبر ته هڪ اڌ کائي ستو هجي - گهاٽي ننڊ
ڪارڻ.“ اسان پنهنجو خيال ڏيکاريو.
”نه“، ڪئپٽن پنهنجو دليل ڏنو، ”رات هن کي مون ٽي
چار دفعا دڙڪا ڏنا هئا جو مون طرفان آفيسر ڏي خط
جو خاڪو صحيح طرح نه لکيو هئائين. ٿي سگهي ٿو چڙ ۾
اچي هن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي هجي. مهرباني ڪري
توهان کيس سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، مون ته ڏاڍي ڪئي
آهي.“
هن پراڻي ۽ سخت مزاج ڪئپٽن کي پهريون دفعو پريشان
ٿيندي ۽ هيٺاهين وٺندي ڏسي جيترو تعجب مون کي لڳو
ايترو زيديءَ کي به. ڇو جو ٻاهر نڪري اسان ٻنهي
ساڳيو تبصرو ڪيو. ڪئپٽن تي کل به ڏاڍي آئي ته هاڻ
ڦاٿو آهي ته اسان کي گهرايو اٿس. هونءَ ته ڪڏهن
کنگهي به ڪو نه ٿو. ساڳئي وقت دعا گهريسين ته فرخ
جيئرو رهي. پر آهي وڏو لاهه، جو ٻيون سڀ ڳالهيون
ٻڌائي ٿو، پر پنهنجن دڙڪن کائڻ جون ڳالهيون سينسر
ڪريو ڇڏي.
فرخ جي ڪمري ۾ پهتاسين ته ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پيو هو.
جنهن طرف پاسو ورايونس ته ان طرف ڦهڪو وڃيو ڪري.
سڏ. واڪا، هلڪيون ٿڦڙيون، گاريون پر مجال آهي جو
فرخ اک کولي يا ورندي ڏئي. ناڪامياب ٿي ٻاهر
نڪتاسين. زيديءَ چيو:”ڪئپٽن به ڪمال ٿو ڪري. اسان
کي سڏائي سجاڳ ڪرائڻ جي ڪوشش پٺيان اجايو وقت ويٺو
وڃائي. جهاز کي يڪدم موڙي ڪنهن ويجهي بندرگاهه ۾
ڇو نه ٿو وٺيو هلي جيئن ڊاڪٽرن ۽ اسپتال جي مدد
ورتي وڃي.“
ڪئپٽن جي ڪئبن ۾ پهچي ساڻس ڪناري جي مدد جي ڳالهه
ڪئي سين. هو تکي تکي واڪ ۾ مشغول رهيو. آخر واڪ ۽
سگريٽ ڇڪڻ تي بريڪ هڻي چيائين:”اهو آءٌ به سمجهان
ٿو، پر توهان پليز ٿوري ڪوشش ڪريو. مون کي اڃا به
لڳي ٿو ته هو مکر ڪري رهيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته
بيهوش نه هجي. ڇو جو مون جڏهن کيس ٻاهر تازي هوا
کائڻ لاءِ ڇڪي ڪڍيو ته در جي چانئٺ وٽ گسڪي هلڻ
بدران لانگ ورائي ائين ٽپيو جيئن هوش مند ماڻهو
ٽپي.“
اهو ٻڌي اسان ٻنهي کي کل آئي ته هيڏانهن ڪئپٽن
اسان کي گهرائڻ کان اڳ پاڻ به ڏاڍي ڪوشش ڪئي آهي ۽
جڏهن صفا ٿڪجي پيو آهي تڏهن سڏيو اٿس ۽ هوڏانهن
فرخ جو به واقعي جواب ناهي. اسان سان سچي ڪرڻ لاءِ
به تيار نه آهي. جي ڍونگ ڪيو اٿس ته ان ”لانگ
ورائي چانئٺ ٽپڻ“ واري ”ٽيڪنيڪل غلطي“ ڪري جهلجي
پيو آهي.
اسان وري فرخ جي ڪمري ۾ آياسين. هن دفعي مٿيان
نسخا آزمائڻ بدران زيديءَ يڪدم چيو:”الطاف کول ڪٻٽ
ته فرخ جا لڪايل ڊالر پائونڊ ڪڍي اڌواڌ ڪريون.“
اهو ٻڌندي ئي هن اکيون کولي آهستي چيو:
”ٻيو ته ڪو ڪونهي.“
”ڪير ڪونهي. اٿي کڙو ٿي.“
”ڪئپٽن به ناهي نه؟“ هن وري پڪ ڪئي.
اهو ٻڌي، ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ در کي اندران لاڪ ڪري
پهرين پاڻيءَ جو گلاس يڪ ساهيءَ پي پوءِ ٽوال سان
پگهر اگهيو. ”واقعي گوريون کاڌيون اٿئي ڇا-؟“ اسان
پڇيس.
”نه بابا، ڇاجيون گوريون. ڪئپٽن اصل ڇتو ڪري ڇڏيو
آهي. ٻيو ڪو گس نه ڏسي اهو بهانو ڪيم.“
ڪئپٽن چيو پئي ته بنهه ڪم نٿو ڪرين. ڪراچي ڇڏي
هفتو اچي ٿيو آهي. ڪو نياپو موڪلڻو پوي ٿو ته چوين
ٿو ته ٽرانسميٽر خراب آهي ۽ موسم جي رپورٽ وٺڻ مهل
چوين ٿو ته رسيور خراب آهي.“
فرخ پنهنجي اسٽائيل ۾ چپن هيٺ دٻيل مرڪ مرڪي چيو:
”ڇا ڪريان ڀلا.“
فرخ جي اها ”ڇا ڪريان ڀلا؟، اسان سڀني کي مهانگي
پيئي. دبئيءَ ۾ هفتو کن رهڻ بعد جهاز ممباسا لاءِ
روانو ٿيو. جتان پوءِ آمريڪا وڃڻو هوس. ٻن ڏينهن
بعد اچي ٿو سخت طوفان جهاز کي ڪڏائي. طوفان کان
پري ڀڄڻ بدران هر وقت اسان جو جهاز ان جي اک ۾. هر
هڪ جي وات تي اهو ئي ته ههڙي سخت طوفان جو ڪئپٽن
ڇا ڪري. هو ته اسان کان اڳ ريڊيو آفيسر تي دڙڪن جو
هڪ دس لاهي ٿو ته ٻيو چاڙهي ٿو. جنهن موسم جي صحيح
رپورٽ وٺڻ بدران پنهنجي طرفان ڪوڙي ٺاهي ڪئپٽن کي
ٻڌائي ته موسم بلڪل صحيح آهي ۽ دٻي رک. حالت اها
آهي جو ٻارهن ڪلاڪ گذرڻ بعد به هو اڃان تائين
وائرليس ذريعي معلوم نه پيو ڪري سگهي ته اها هوا
جهڪ آهي، طوفان آهي، سائڪلون آهي يا ٽائفون ۽ ان
جو وچ
Centre
ڪهڙي طرف وڌي رهيو آهي جيئن ان
مڇريل سمنڊ ۽ طوفاني مينهن کان جهاز کي پاسو
ڪرائجي. طوفان به وري اهڙو ڇتو ۽ ميلن ۾ پکڙيل جو
سڄو ڏينهن
۽
رات گذري ويئي، پر ٺاپر نه ٿي.
لڳاتار طوفان ۽ جهاز جي لوڏن انجڻ تي به اثر ڪيو ۽
انجڻ جو بريڪ ڊائون (حادثو) ٿي پيو. هڪ پسٽن جو
هولڊنگ ڊائون بولٽ، ڍرو ٿي ويو. ڊايا فرام پليٽ کي
ڦاڙي هيٺ ڪرئنڪ ڪيس ۾ هليو ويو. وقت اندر ڊيوٽي
انجنيئر انجڻ بند ڪري ڇڏي انڪري وڏي نقصان کان به
بچاءُ ٿي ويو. پر هلڪي ڦلڪي مرمت تي به لڳاتار
ٻارهن ڪلاڪ لڳي ويا پوءِ جهاز آهستي آهستي رفتار
سان هلڻ جوڳو ٿيو. وڌيڪ مرمت لاءِ اهو فيصلو ڪيو
ويو ته جيئن ممباسا (ڪينيا) ۾ ڪو سٺو شپ يارڊ ناهي
ان ڪري جهاز کي واپس ڪراچيءَ ڏي موڙڻ ۾ وڌيڪ عافيت
ٿيندي. مفاصلي جي لحاظ کان به ڪراچي ممباسا کان
ويجهو هو.
ان بعد جهاز کي موڙيو ويو.
ٻن اڍائي ڏينهن جي سفر بعد اچي ڪراچيءَ کان ٻاهر
لنگر ڪيرايوسين. فرخ جي ته الله ڪا ٻڌي - يا شايد
ڪئپٽن جي. نه ته فرخ چواڻي سڄي سفر ڪرڻ بعد هڪ کي
ته بلڊ پريشر ٿئي ئي ٿئي ها.
فرخ کي چيوسين: ”يار هاڻ ته منهن مرڪ آڻ واپس وطن
کان اچي نڪتو آهين. اجها ته لانچ آئي - يا اڃا به
ڪئپٽن سان ڪو پلاند رهيل اٿئي-؟“
فرخ ٿورو مرڪي چيو:”ان جي ۽ منهنجي حشر جي خبر
سڀان پوندي جڏهن ڪئپٽن گهران ٿي ايندو.“
”ڇو ڀلا-؟“ اسان تجسس مان پڇيس.
”خبر اٿو“، فرخ چيو، ”دبئي ڇڏڻ وقت ڪئپٽن هڪ تار
ڏني هئي ته سندس زال کي ڪراچيءَ موڪليان ته پاڻ
ممباسا روانو ٿي رهيو آهي. هن جا اهم خط اوڏانهن
موڪليا وڃن. اها تار مون سمنڊ تان موڪلي ئي ڪانه
هئي.“
”ته پاڻ سٺو. هاڻ ته واپس موٽي آياسين. ڪئپٽن ته
پاڻ خوش ٿيندو ته چڱو جو اها تار نه ڪئي. سندس خط
هيڏانهن هوڏانهن رکڻ بدران گهر ئي ملندس.“
”اهو ته سڀ صحيح آهي پر مون کيس نه فقط اهو ٻڌايو
ته تار موڪلي ڇڏي اٿم پر ان جو ڪوڙو بل ست پائونڊ
ڏهه شلنگ ٺاهي ڏنو هئومانس جيڪو هن مارڪوني (تار
ڪمپني) وارن جي نالي ادا به ڪري ڇڏيو.“
اهو ٻڌي اسان پراڻن جهازين کي به ڏندين آڱريون اچي
ويون. ڪو به حل سمجهه ۾ نه آيو. آخرڪار زيديءَ کلي
فرخ کي چيو:”پيارا! ننڊ جون گوريون هجنئي ته هاڻ
ڀلي کائي ڇڏ!...“
سونيا علي سومرو
ڌڻ ڌڪاري
ڪل جڳ جي ڪارساز ڌڻيءَ، هن جنگ و جدل جي نگري
نگريءَ کي تخليق ڪرڻ کان اڳ، پيار جي تصور کي
تجويز ڪري، سونهن ڀرئي سنسار کي پيار جي ارپنا سان
عبادتگاهه نما ڪائنات کي تخليق ڪيو.
فطري سرشتي جي قانونن ۽ اصولن ۾ هر جيوَتَ لاءِ
هڪجهڙا، هڪ ڪرا ۽ هڪجيترا حق محفوظ آهن، جيڪو ڪو
فرق آهي ته صرف منهن مهانڊي جو آهي.
هن جڳ ۾ هر جيوَت، ننگي تن سان اچي ۽ ننگي تن ئي
وڃي، پر تن لڪائڻ واري ريت انسان جي سماجي روايتن
جو حصو آهي. مهذب انسان جتي مهذب اصول جوڙيا آهن،
اتي غير مهذب روايتن کي به دخل ڏنو آهي. مهذب اصول
فطرت جي اصولن سان مشابهت رکن ٿا ۽ غير مهذب اصول
ذات پات، اوچ نيچ ۽ ٻين ڪيترن ئي متنفر مذهبي
فرقن، گروپن ۽ طبقن جي نمائندگي ڪن ٿا، متنفر
سماجي روايتون، انسانيت جي اُنس کي ڇيهو رسائن
ٿيون.
جيئن ته جيڪو ماڻهو جيترو ڏاڍو آهي، اُهو اوتريون
ئي ڏاڍايون ڪري فطري قانونن جي لتاڙ ڪري ٿو، ان کي
هٿيڪو ڪري سزا ڏيڻ وقت سماجي قانون بي حس بت جيان
نظر ٿو اچي پر بي پهچ ۽ ڪمزور ماڻهو بغير ڪنهن
ڏوهه ۽ پاپ جي زيادتين جو شڪار آهي. ذاتي مفادن جي
جنگ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه انسانيت جو اُلڪو آهي
۽ نه ئي خدا جو خوف، اهي سڀ انسانيت سوز عمل
انسانيت جي خاتمي جا ڪارڻ بڻجي سگهن ٿا.
هن سائنسي دور ۾ ماضي بعيد جي قبل مسيح واري رومن
دَور جهڙا هنيانءَ ڏاريندڙ ظلم ۽ زيادتين وارا
واقعا ۽ قهري قصا اڄ به ڪاريهر نانگ جيان ڪرُ کنيو
بيٺا آهن:
قبل مسيح کان رومن جي تاريخ وري آ ڪرُ موڙيو،
دهشت، وحشت، قتل و غارت ساڳي اڄ به جاري آ.
گهر کان ٻاهر توڙي گهر اندر ڪو به ماڻهو پاڻ کي
محفوظ ڪونه ٿو سمجهي.
سائنسي علم، تجربن ۽ ايجادن جتي ماڻهن کي سهولتون
بخشيون آهن، اُتي ماڻهپي جو مانُ ۽ خدا جو خوف به
کسيو آهي.
جنهن سماج ۾ خدا جو خوف ۽ انسانيت جي رِدا (چادر)
کي چيهاڙي تار تار ڪيو وڃي، اُن سماج ۾ خالص انسان
جو رهڻ ائين آهي، جيئن خون خوار وحشي جانورن جي وچ
۾ رڍ يا ٻڪري! اهڙي بيهودي سماج ۾ عورت جو حشر ڇا
هوندو؟
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي.
قدرت جو قانون به اهڙي تسلي ڏئي ٿو ته ڪمال کي
زوال اچڻو آهي، هي زوال پذير سماج هڪ ڏينهن نيٺ
ڍير ٿيندو. ڇو ته فطري ارتقا جو عمل رُڪجڻ جو
ناهي، جهڙيءَ طرح وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهي ٿو،
اهڙيءَ طرح فطري ارتقا جو عمل به جاري ساري ۽ روان
دوان آهي.
هيءَ حقيقت آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن شيءِ
جي ضرورت پوندي آهي ته اُن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر
جائز توڙي ناجائز طريقي سان حاصل ڪرڻ تائين هر
ممڪن ڪوشش ڪندو آهي.
پيار به فطري ارتقا جو عمل آهي. جڏهن پيار، فطري
ارتقا جي عمل ۾ ايندو آهي ته اڪيلائيءَ جي احساس
جون انيڪ اڻانگيون گهٽنائون ۽ ڪٺن منزلون طيءِ ڪري
حقيقي پيار ملندو آهي. اڪيلائيءَ مان مراد آهي تنَ
جي تنهائي، جنهن تن جي من اندر موجون
ماڻيندڙ
پيار جو ساگر هجي اُتي من جي آتما کي پيار جو آٿت
ڏيندڙ پريم پوڄاريءَ جو پاڇو به نظر نه اچي ته
اڪيلائي تنها تن کي گمراهيءَ جي گهاڻي ۾ اڇلائي،
وحشت جا وار وڇائي راڪاس جو روپ اختيار ڪندي آهي.
حضرت آدم جو مثال به اهڙي ئي مشابهت رکي ٿو. حضرت
آدم عليہ السلام به اڪيلائيءَ جي المياتي احساس جي
ڪيفيت دوران، الله تبارڪ تعاليٰ جي مرضي ۽ منشا
سان پنهنجي جسمِ خاڪيءَ منجهان بيبي ”حوا“ جي ظهور
جو چمتڪار ڪيو، اِهو چمتڪاريءَ وارو مزاجي عنصر
تسلسل سان اڄ به انسان جي اوتار ۾ موجود آهي.
خواهشاتي هر جيوَ، اڪيلائيءَ جي اوباش حرڪتن کان
تنگ ٿي ڪو شرانگيز يا حيرت انگيز قدم کڻندو آهي.
خواهه اهو قدم سخت گير يا سنگين نوعيت جو ڇو نه
هجي، کنيل قدم جو هاڪاري به هوندو آهي ته ناڪاري
به.
انڪري خداوند ڪريم هر خواهشاتي مخلوق جو جوڙو پيدا
ڪيو آهي ته جيئن پيار جي درياهه جون فلڪ بوس
ڇوليون ڇڙواڳيءَ جي ڇوههَ جون شڪار ٿي ڇيهون،
ڇيهون نه ٿين.
ظاهري لحاظ کان به اهو اکين ڏٺو مشاهدو هر ماڻهوءَ
جي نظر کان گذريو هوندو ته تارون تار درياهه کي
جيڪڏهن رستي ۾ روڪيو ويو، يا بند ٻڌي بند ڪيو ويو،
ته لازماً درياهه جي تيز ڌارا وارو وهڪرو ڪنارن
توڙي بندن کي روڻيون هڻي ٽوڙيندو، يا ڪپن ۽ ڪنارن
مٿان ڪراس ڪري اُٿلي، ڀرِ وارين وسندڙ وستين کي
ٻوڙي ويران ڪندو يا صحرائن کي لتاڙي ٺوٺ
درتيءَ
کي سيراب ڪندو.
تار درياهه جو عمل ۽ اڪيلائيءَ جي احساس جو عمل
ساڳيو ئي نتيجو ڏين ٿا هاڪاري به ته، ناڪاري به.
مٿي ذڪر ڪيل دريائي مثال مان مائٽن کي سمجهڻ گهرجي
ته جيئن فطرت جي فلسفياتي ۽ مشاهداتي منظرن مان
چڱيءَ ريت سبق حاصل ڪري فطري اصولن جي مطابق ڪردار
ادا ڪن، رڳو پنهنجي هٿ ٺوڪين اصولن کي معصوم اولاد
تي نه مڙهين.
مائٽن جو فرض صرف اولاد جي سکي پالنا
ئي ناهي، نه ئي پيار ڀري شفقت جو ڇانورو، پر سٺن
ويچارن ۽ سلڇڻائين جي تربيت جو به آهي، خاص ڪري
نياڻين جي تربيت طرف وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽
انهن جي ضرورتن کي به سمجهڻ گهرجي، ڇو ته نياڻيون
شرم و حيا جي دائري کي پنهنجو ڌرم سمجهنديون آهن.
ان دائري کي ڪراس ڪرڻ سندن نه اصول ۾ آهي ۽ نه
ڌرم.
پر جڏهن جوان ناريون پنهنجي حقيقي جياپي جو دائرو
تنگ ٿيندي ڏسنديون آهن تڏهن به اندر جي اُڌمن جي
صرف ٻاڦ ئي ٻاهر ڪڍنديون آهن، اِها ڄر ڄڀي نه بڻبي
آهي. هي پاڪ پوَتر جذبن جون پيڪر ۽ شرم حيا جون
مارئيون پنهنجي سينن ۾ جذبن جو جولان ۽ ارمانن جي
طوفان جا سمنڊ لڪايو ويٺيون هونديون آهن. هنن جي
سيني ۾ لڪل جذبن ۽ ارمانن جي سامونڊي ڇولين کي صرف
ماءُ ئي محسوس ڪري ٿي، پيءُ نه.
آڱرين جي سنڌَن جيان اولاد ۾ به سنڌا آهن (پٽ ۽
ڌيءُ جا) پٽ خاندان جي ورثي جو وارث ۽ ڌيءُ پرائو
ڌَنُ! يعني ڌيءُ خاندان جي سڃاڻپ ۾ ايندي آهي، پر
خاندان جي ورثي جي شريڪ ناهي.
سَنڌي
جو احساس خود به خود اولاد ۾ به موجود رهي ٿو،
مثلاً پٽاڻو اولاد پاڻ کي مائٽن جي گهر جو مالڪ
سمجهندو آهي ۽ ڌِياڻو اولاد مائٽن جي گهر ۾ پاڻ کي
مهمان تصور ڪندو آهي. مشاهدي طور به پٽ مالڪاڻي
حيثيت ۾ پلجي ٿو ۽ ڌيءُ پرائي ڌن ۽ ماتحتيءَ جي
تاثر هيٺ پلجي ٿي. اِهو ڌاريائپ ۽ ماتحتيءَ وارو
احساس ڌياڻي اولاد ۾ ڪمتريءَ جو احساس پيدا ڪري
ٿو. ڇو ته گهر ۾ پٽ جي مرضيءَ اڳيان ڌيءَ جي
مرضيءَ کي نظرانداز ڪيو ويندوآهي.
ماتحتي، ڌاريائپ ۽ مرضيءَ جي فقدان جو تاثر جي ڪري
ئي بالغ ڇوڪريءَ جي ذهن ۾ مالڪاڻي ۽ خومختياريءَ
جي سوچ جو احساس جنم وٺي ٿو. هر بالغ ڇوڪري پنهنجي
الڳ نئين دنيا جي اڏاوت جي خوابن جا کيت کيڙيندي
آهي.
ڇوڪريءَ جي نئين دنيا وَرَ جي گهر سان منسوب هوندي
آهي. ور جي گهر کي ئي پنهنجو مستقل ۽ ذاتي گهر ۽
ملڪيت سمجهندي آهي.
شاديءَ کان اڳ پنهنجي عجيب غريب تصوراتي دنيا جا
اوجاڳيل اکين سان اوسيئڙا ڪاٽيندي گذاريندي آهي.
جوان ڇوڪرين کي گهڻو وقت گهر ۾ ويهارڻ والدين جي
اهم غلطي هوندي آهي. ڇو ته ڇوڪريون هونئن ئي پرائو
ڌن هونديون آهن، پرائي ڌن تي مالڪي جتائڻ واريون
ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ڪڏهن وڏي غلطان ۾ وڃي غرق
ڪنديون آهن. |