سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :11

وزيران ڪمري ۾ اچي ٿي. سڪندر ۽ تانيه کي ڏسي سڙي وڃي ٿي ۽ لهجي ۾ تلخي اچي ٿي وڃيس.

”سڪندر اوطاق تي مهمان ويٺا آهن ۽ تون هتي ويٺو آهين!“ وزيران منهن کي موڙو ڏئي هلي ٿي وڃي.

سڪندر ماءُ جي حرڪت کي محسوس ڪري ٿو.

”مان هلان ٿي. چاچي ڇا چوندي پاڻ اڪيلا ويٺا آهيون!“ تانيه وڃڻ لڳي.

سڪندر ڪاوڙ ۾ صوفي تي ليٽي پيو.

تانيه سامان بيگ ۾ رکي رهي هئي.

”وري ڪڏهن ايندا. دل چوي پئي توهان کي وڃڻ نه ڏيان. پر وڃڻ وارا آخر ته ويندا.“ عطيه ڪمري ۾ ايندي چيو.

”هاڻي توهان اچجو. توهان کي ڪراچيءَ جو سير ڪرائينديس.“ تانيه بيگ بند ڪري، اُن کي اُڀو ڪري رکيو.

”ها. هاڻي ته ضرور اچبو. مائٽ جو آهيون. دل ته چوي ٿي ته رشتي کي اڃا به مضبوط بڻايون جو فاصلا نظر ئي نه اچن. پنهنجائپ جو واس اسان کي واسي ڇڏي. خوشيون جنم وٺن. جيون سندر لڳي. ڪاش منهنجو سپنو ساڀيان بنجي!“ عطيه ٿڌو ساهه ڀريو.

”واهه. توهان جي سوچ ڪيڏي نه سندر آهي! اميد ئي لاٽ بڻجي سپني کي حقيقت جو روپ ڏئي ٿي. پر همٿ هجي. ڪاميابي پاڻ نه آهي ايندي، بلڪه ڪاميابيءَ کي حاصل ڪرڻو پوندو آهي. خير توهان ڪيترو پڙهيو آهي؟ تانيه مرڪندي پڇيو.

”مان ميٽرڪ ڪئي آهي.“

”ڏاڍو سٺو. پر مان ٻڌو آهي ته رئيس پنهنجي ڇوڪرين کي پڙهائيندا نه آهن!“

”مون کي ادا سڪندر پڙهايو. ڏاڏا سائين ناراض هيو، پر ادا جي چوڻ تي خاموش رهيو.“

۽ سڪندر ڪيترو پڙهيل آهي؟“

”ادا ته وڪالت پڙهيو آهي!“ عطيه فخر مان چيو.

”ريئلي! سروس ۾ آهي؟“

نه. سرڪاري نوڪري نه ڪيائين باقي مظلومن جي مدد ڪرڻ جو شوق اٿس. مفت ۾ غريبن جا ڪيس وڙهندو آهي.“

”اڇا“. تانيه خوشي محسوس ڪرڻ لڳي.

”مما سڏي پئي، توهان هتي ڪچهري ويٺيون ڪريو!“ ثانيه ايندي چيو.

تانيه، ثانيه ۽ عطيه پنهنجي ڏاڏيءَ رحمت جي ڪمري ۾ آيون، جت سڀئي موجود هئا.

شهاب ماءُ کي ڀاڪر پائي موڪلائي رهيو هو. تانيه ۽ ثانيه ڏاڏيءَ کان موڪلائين ٿيون.

سڪندر ۽ محمود گيٽ تائين هنن سان گڏ آيا. ڪار ۾ اچي ويهن ٿا. تانيه نظرن ئي نظر ۾ سڪندر کي خدا حافظ چوي ٿي.

سڪندر مرڪي جواب ڏنو.

ڪار هن جي نظرن کان دُور ٿي ويئي.

يار توهين ڪاڏي غائب ٿي ويون. ڪجهه ڏينهن کان يونيورسٽيءَ نه پئي اچين.

(هلندڙ)

امداد حسيني

جيڪڏهن

اڃا آدمشماري ايتري وڌي نه هئي شهر جي

اسٽيشن روڊ تي

ليڊِي ڊفرن اسپتال جي سامهون

نئين کليل ڪيفي ۾ چانهه سٺي ملندي هئي

اڃا اسٽيشن روڊ تي وڻ بيٺا هوندا هئا ڳاٽ اوچا ڪيو

جن تي شام ٿيندي ئي پکي اچي لهندا هئا

مٺڙيون ٻوليون ٻوليندا هئا

۽ رات ٿيندي ئي چپ ٿي ويندا هئا!

پر دوست چپ نه ٿيندا هئا

ڳالهائيندا رهندا هئا

فٽ پاٿ تي ويٺا چانهه پيا پيئندا هئا

تڏهن هڪ آواز ايندو هو

ڇن

ڇن

ڇن

ڇن

وک وک تي هڪ ئي رڌم

ٻيڙين جو آواز هوندو هو

قيدين جي قطار اچي لنگهندي هئي

۽ سڀ دوست جهٽ لاءِ چپ ٿي ويندا هئا

اهي قيدي ڪنهن ٽرين مان لهندا هئا

اسٽيشن کان جيل تائين

وڄندي ويندي هئي

اها ٻيڙين جي جهنڪار!

مان سدائين سوچيندو هوس

ته اهي قيدي ڇا سوچيندا هوندا؟

هتان لنگهندي

شهر جا رنگ  پسندي!

هاڻي جڏهن

وڌي وئي آهي آدمشماري شهر جي

تڏهن

نه وڻ رهيا آهن اسٽيشن روڊ تي نه پکي

نه انهن جون ٻوليون!

۽ دوست؟

ڪي مري/ مارجي ويا

ڪي جيئري جدا ٿي ويا!

۽ اڄ

جڏهن

ٻيڙيون آهن منهنجن پيرن ۾

وڏيري جي ڪرايل خون جي ڏوهه ۾

تڏهن ٻيڙين پاتل

قيدين جي قطار ۾ اسٽيشن تان لنگهندي

مان ڇا ٿو سوچيان؟

اهو ڪنهن ٻئي نظم ۾

جيڪڏهن

ڦاسيءَ جي سزا خلاف ڪورٽ سڳوريءَ منهنجي اپيل منظور ڪئي ته

جيڪڏهن

سزا کان اڳيئي جيل ۾ مارجي نه ويس ته!

سلميٰ گلزار

غزل

ڪلهه رات هئي حسين ۽ پويون پهر هيو،
ڪنهن کي ڏٺم خواب ۾ ڪو بي مهر هيو.
 

هر شخص پرخلوص هو، هر شخص باوفا،
مون کي يقين هو اُهو هن جو شهر هيو.
 

محرومين ۾ پاڻ، پناهون ڪيم تلاش،
نه ته شهر منهنجي ۾ ته ڏاڍو قهر هيو.
 

ڪيئن مان بچي ويس، ته اهو معجزو ئي آ،
هن نفرتن جو پياريو مون کي زهر هيو.
 

هٿ ڪنهن رکيا هئا منهنجي کليل اکين مٿان،
نه ته رات کان پوءِ نيٺ ته ٿيڻو سحر هيو.
 

هن کان پڄي ها ڪونه ڪو، مون ڏانهن اچڻ ڪڏهن،
پر پوءِ به هو اچي ويو، ڪهڙو اثر هيو!
 

غزل

تنهنجي ئي آس پاس ٿا گهاريون،
پوءِ به ڏاڍو اُداس ٿا گهاريون.
 

نيٺ گهر جي اسان کي پرچائڻ،
بنان هن جي نراس ٿا گهاريون.
 

توکي سڏ ڪيترا ڪيا هوندم،
هيڪلا منجهه هراس ٿا گهاريون.
 

هيءَ موسم به ڪهڙي آ سائين،
جنهن ۾ هيڏو اداس ٿا گهاريون!
 

چنڊ توکان سوا نٿو اُڀري،
هاءِ هر رات اماس ٿا گهاريون.

غزل

سج لٿو آ سانجهي ٿي وئي لٿا هن دل تان بارَ،
ٿڌڙي هير سان دل تي ڇانئي ساجن تنهنجي سارَ.
 

منهنجا سارا خواب ٽٽي پيا، ڪچ جي چوڙين جان،
رهجي ويا بس رَنگ هٿن تي پوپٽ جئن ها پيارَ.
 

ساڳيا ماڻهو ساڳي منزل، وقت صرف بدليو،
ڪيڏا پنڌَ پڇائي پهتس، جڏهن مان تنهنجي دُوارَ.
 

سالن کان تصوير جا منهنجي دل ۾ رهندي آ،
آسانيءَ سان ڪئن نه چوين ٿو اُن کي قديم آثارُ.
 

هيل به برکا رُت آئي ۽ هيل به آئي بهارَ،
مان ته خزان جي موسم آهيان ڪينَ ڪندس هٻڪارَ!

شبنم موتي

آخري تيلي

ڏريل ڌرتي ڦاٽي پئي آ

ٽاري ٽاري ٽڙڪي پئي آ.

 

آڪاس کي ڇهندڙ وَڻ ننگا ٿي پيا آهن

پن ۽ ٻوڙا

تيز هوائن جي تال تي نچي نچي

وقت جو گيت ٻڌائن پيا

تنهنجي ماچيس جي دَٻيءَ ۾ منهنجا ڀاءُ

هڪ آخري تيلي بچي آ

ان کي ٻاري

تون

چرس ڀريل سگريٽ دُکاءِ

يا

سڪل پنن ڏانهن اُڇلي ڇڏ!؟

ڪائي لات!

ڪائي لاٽَ آهي جا جهمڪا ڏئي ٿي،
توکي سڏي ٿي سا مون کي سڏي ٿي.
 

هوا سانت آهي، آهنِ پنَ ساڪن،
وحشت ۽ دهشت! هيءَ فضا ڇا چوي ٿي.
 

آهي چئني پاسي موت جي ماٺ ڇالئه،
سمجهو ڪجهه، خاموشيءَ جي صدا ڇا چوي ٿي.
 

ڪائي لاٽَ آهي جا جهمڪا ڏئي ٿي،
توکي سڏي ٿي سا مون کي سڏي ٿي.
 

شبنم موتي

عورت جو آواز

ورهين کان وهايا نيڻن رت جا ڳوڙها،
هاڻي موٽ ۾ مرڪَ ماڻڻ ٿا چاهيون.
 

دٻايون ڇو خواهش ۽ جذبن کي گُهٽيون،
گ
ُهٽيل جذبا پنهنجا جيارڻ ٿا چاهيون.

سدائين آ ڪوٽن ۾ گذري حياتي،
سڀئي ڏاڍا ڏونگر به ڏارڻ ٿا چاهيون.
 

اَڏيون هن اوهان جيڪي ديوارون اونچيون،
سموريون سي ديوارون ڊاهڻ ٿا چاهيون.
 

اسان کي ٿا سمجهو ڇو ڪمزور هيڻو،
اسان پنهنجي طاقت مڃائڻ ٿا چاهيون.
 

ڌَريو ڀل اسان تي بغاوت جو الزام،
اسان پاڻ باغي سڏائڻ ٿا چاهيون.

***

اختر افروز شاهه

ڳالهيون

هاڻ هيئن ڪريون ٿا، سڀان هونءَ ڪنداسون،
ٻڌؤن ٿا ورهين کان بس ڳالهين جون ڳالهيون.
 

ويون ڪيئي مٽجي، هن دنيا جون قومون،
سمجهو ڪجهه انهن جي زوالن جون ڳالهيون.
 

آهي راتِ ڪاري، ڪجهه ڏيئڙا ته ٻاريو،
ڪيو نه سفر جي عذابن جون ڳالهيون.
 

اوهان پاڻ پنهنجي اندر ۾ جهاتي ته پايو،
ڪيو پوءِ ٻين جي افعالن جون ڳالهيون.

ويو پهچي ڪاٿئون جو ڪاٿي زمانو،
اسان جي زبان تي نازنينن جون ڳالهيون!

 

سنڌيا شاهه

غزل

 

موتي موتي پوئين پئي ڇا؟
تون خواب ٿي وڪڻڻ چاهين!
ڏاڍي وئي بدلجي دنيا،
تون ڇو نه ٿي بدلجڻ چاهين!
مالهڻ ٿي پئي آهين ڇا؟
تون خوشبو ٿي وڻڊڻ چاهين!
جيئڻ تان ارواح کڄي ويو،
تون سنسار ٿي ارپڻ چاهين!
هيڏو سهندي به نه ٿي ٿڪجين!؟
تون (دل) اڃا ٿي ڌڙڪڻ چاهين!

***

زندگي

تون ناهين!

تو کان پوءِ

زندگي سچ پچ

بي مزي ٿي وئي آ

پر پوءِ به

مستقل آهي

اداس ۽ اڪيلي

مختلف منزلن ڏانهن ويندڙ

ريل جي پٽڙيءَ جيان!!

                ***

تنهنجي ياد

مينهوڳي مند ۾

ڪنهن خالي مسافر خاني جيان

زندگيءَ جي هر اسٽيشن تي

تنهنجي ياد!

چانهه جي گرم ٻاڦ جيان

ٿڌي پاري ۾

دونهين سان دُکندڙ باهه جيان

سياري جي ڊگهي رات ۾

اڌ رات جي خواب جيان

جڏهن به ايندي آهي

بيچين ڪري ڇڏيندي آهي.

                        ***

حسين سارنگ

اجرڪ اوڍيل نينگري (بيت)

اجرڪ اوڍيل نينگري! وڃين پئي ڪاڏي؟
جندڙيءَ جي گاڏي، ڪٿي تو پهچائيو!
 

اجرڪ اوڍيل نينگري! ڪاڏي وڃين پئي،
تنهنجي عزم - عظمت جي، مون ه
ِت هُت ڳالهه ڪئي،
موهن(1) - ڌيءَ چئي، توکي آءٌ پڪاريان.
 

اجرڪ اوڍيل نينگري! ڪاڏي وڃين پئي،
جي منهنجي ڳالهه مڃين، ڪتاب کڻ تون هٿَ ۾.
 

اجرڪ اوڍيل نينگري، ڪالهه ڪنوار بڻي،
سرتي سهڻي سنڌ جي، وئي سڀني وڻي،
سندس پير - پڻي، اڏامندي وئي اُڀ ڏي.

ترجمو: ولي رام ولڀ


(1) موهن جي دڙي جي ڌي يعني وارثياڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com