سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :3

جنهن چوڪريءَ جي اوجاڳيل اکين ۾ روز نوان نوان سپنا سرجندا هجن، اُها نيٺ ته پنهنجي تصوراتي دنيا جي سندر سپنن کي ساڀيان جي روپ ۾ رچائڻ جي خواهش ته رکندي نه! خواهش جي کنيل قدم تي غلط رنگ جا الزام مڙهي، والدين پنهنجي مردارُ انا کي زنده رکڻ لاءِ بغير ڪنهن سوچ، سمجهه جي، خود غرض ماڻهن جا انبوهه گڏ ڪري غلط فيصلا ڪرائي، پنهنجي دل جگر جي ٽڪري کي موت جي منهن ۾ اڇلائي، زنده رهڻ جو حق کسيندا، يا وري سندس سڪون ۽ سک جي سنسار کي اجاڙي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندا!

سوال ٿو اُڀري ته ڇا ماءُ پيءُ جي پيار، محبت ۽ شفقت جو وسيع دائرو اِن موڙ تي اچي دنگ ٿي دم ٿو ٽوڙي!؟

ڇا ماءُ پيءُ جو پيار جتائڻ جو آهي يا نڀائڻ جو؟ جي نڀائڻ جو آهي ته پوءِ جهنگلي جانورن وارو قانون صرف ڌيءُ مٿان ڇو؟

جيڪڏهن بالغ ڇوڪري پنهنجي حقيقي زندگي گذارڻ جو حق استعمال ٿي ڪري ته ڄڻ آسمان ستارن سميت ڌرتيءَ جي ڌُوڙ ۾ دفن ٿو ٿئي! پر جيڪڏهن ساڳيو عمل ڇوڪري کان سرانجام ٿئي ٿو ته ڄڻ اهو ڌرتيءَ کي آسمان جو سير ٿو ڪرائي، ان کان سواءِ ان جي بچاءَ ۾ گهر کي سامان سميت نيلام ڪري به هر سزا کان بچايو ٿو وڃي!

ٻه - اکيائي واري هن ڌُپر سماج ۾ عورت کي ايترو مجبور، بيوس ۽ لاچار ڇو رکيو ويو آهي؟

جنهن عورت جي پيرن هيٺان الله سائينءَ جنت جون سڀ نعمتون نڇاور ڪيون آهن، اُن ديوتا سمان عورت سان غير انساني سلوڪ ۽ اُن مٿان هر اهو حڪم صادر ڪيو ٿو وڃي، جيڪو ڪنهن حيوان جي قبوليت کان به ڪريل آهي، اهڙيون غير انساني ناانصافيون ڇو؟

هاڻ اسان کي هڪ طرف ٿيڻ گهرجي يا ته عورت کي جنهن دل آزار دائري ۾ رکيو ويو آهي ته اُن کي اُن ئي دائري ۾ رهڻ ڏيون، يا اُن جا گهربل انساني حق اُن جي حوالي ڪريون. جي نه ته پوءِ هي منافقيءَ وارو رينگٽ بند ڪرڻ گهرجي ته ماءُ جي پيرن هيٺ جنت آهي ۽ ماءُ جي دعا جنت جي هوا.

هن سڄي مضمون ۾ ڪيل بحث ڇوڪريءَ جي اُٻهرائي واري قدم بابت آهي، ته ڇوڪرِي بغير ڪنهن سمجهه ۽ سوچ جي خوني رشتن جي تقدس کي لتاڙي، چادر ۽ چوديواريءَ جي ٻنڌڻن کي چيهاڙيون ڪري، مائٽن جي عزت ۽ اَنا کي هماليا جبل جي چوٽيءَ تان اڇلائي ۽ لوڪ جي مهڻن، ميارن ۽ طعنن جا ٽياس ٽنگي ۽ پنهنجي مٿان به دنيا جهان جي خوارين ۽ گلائن جا گهاٽ گهڙي، ويجهن رشتن، ناتن ۽ ٻهروپي سماج جي روايتن جو اپمانُ ڪري، هميشه، هميشه لاءِ ماءُ پيءُ جي گهر کي الوداع چئي اڪيلي سر ڀوائتي بنواس جو رُخ ڪري ٿي ته ڇو؟ ڇا مائٽن ان تي ڪڏهن سوچيو آهي ته ڪٿي سندن ئي تربيت ۾ ڪا کوٽ ته نه رهجي ويئي!؟

ماءُ، پيءُ، ڀيڻن، ڀائرن، عزيزن، قريبن ۽ ننڍپڻ جي سڳنڌ ساروڻين سان سينگاريل سنسار ڇڏي وڃڻ به ڪا معنيٰ رکي ٿو!

اسين ماڻهو ان معنيٰ خيز سبب جي ڳولهڻ جي نه ته تميز رکون ٿا ۽ نه جرئت. ڇو ته جيستائين هن بدبودار جاگيرداراڻي سماج جي غلط روايتن جو ڇيهه ڪري انت نه ٿو آندو وڃي، تيستائين ”حوا“ جي ڄاين مٿان ڪارونڀاري ڪڪرن جا پاڇا هٽڻ جا ناهن ۽ نه ئي ڪوس جا قصا ۽ الميائي ايذائن جا عذاب کٽڻ جا آهن!

اُف يا خدا وه گهر سي نڪلي هي ننگي پائون،

                        مقتل ڪي خير هو.

صحرا کي سمت، سايه، ڇت هي نه ڪوئي ڇائون،

                        مقتل ڪي خير هو.

لوگون ڪي ڀيڙ، ڪتون کي طرح ڀگ پڙي هي،

                        ديوانگي ڪي دوڙ.

معصوم نازنين ڪي پيڇي هي سارا گائون،

                        مقتل کي خير هو.

نوٽ: والدين جو پيار شفقت جي ڇانوَ آهي. ۽ هم آهنگيءَ جو پيار زندگيءَ جو اَرمانُ.

هن مضمون لاءِ بيت مخصوص آهن.

جيئڙو ائين جڳت ۾، آهي اَڻ آري،
گلڙن واسَ وچ ۾، جيئن ککيءَ جي کاري،
صاحب ڪجُ ستاري، آءٌ اڀاڳڻ آهيان!
 

جيئڙو منجهه جڳت ۾، بي وس ۽ باري،
ڪرڙن ڪهل، نه ڪئي ڪا، ڪ
نڪي ڪوهياري،
سورن سڱِ ساري، آءٌ اڀاڳڻ آهيان!
 

جيئڙو ائين جڳت ۾، نڌڻڪي ناري،
وحشين، ويرين وِچَ ۾، وَسِ نه ويچاري،
ڪاريءَ، ريءَ، ڪاري، آءٌ اڀاڳڻ آهيان!
 

(دوهو)

آزاديءَ جون سوڀ، ڪٿائون،
ساڀيان ٿينديون نيٺ،
چو
تيءَ وارا، چوٽين ڪرندا،
چوٽان، ترِڪي هيٺ
.
آتم ڪٿا – قسط: 4

رتنا گوديا ”رولاڪ“

پيڙا جو پڙلاءُ

مون وڌيڪ اپٽار نه ڪئي. اهو سڄو ڏينهن بورنگ پئي لڳو. رات جو مردن جي محفل چالو ٿي. ٻئي ڏينهن جو پروگرام پئي ٺاهيائون جو ڪراچي صبح سويل جو اچڻي هئي. جهاز سڄو ڏينهن اتي بيهندو. مون پنهنجي مٺڙي سنڌ جي ڌرتي ڏسڻ ٿي چاهي، جنهن سان وڇڙئي ورهيه ٿيا هئا. جيئن وقت ويجهو ايندو ويو ته ڏسڻ جو موه به ويو وڌندو. مون اکو آندو هو ته ڪراچيءَ تي سمنڊ ۾ وهجنديس، جو سنڌو نديءَ جو پاڻي به ان سمنڊ ۾ مليل هوندو آهي، اها ڪلپنا ڪندي ئي منهنجي اکين ۾ ڳوڙهن سان گڏ ممتا ۽ وڇوڙي جو دک به هو.

سنڌ ۾ ڄاول، سنڌ جي مٽيءَ ۾ پليل ماڻهو اُهو وڇوڙي جو دک وساري نه سگهندا. ڀلي ٿوري وقت لاءِ اها دل ۾ دفن ٿي وڃي. موقعو ملندي ئي اها ياد تازي تواني ٿي ويندي آهي، اهو منهنجو وشواس آهي. ڪراچي پهچڻ تي منهنجي سڪ ڳوڙهن جي روپ ۾ وهي سنڌ جي سمنڊ ۾ پاڻيءَ سان ملي هڪ ٿي ويئي. سڪ جي بوند ساگر ۾ سمائجي ويئي. جهاز جي بيهڻ شرط مسافرن ۽ ڪولين جو گوڙ شور شروع ٿي ويو. مون کي ياد آيو ته پاڪستان ۾ لهڻ واري مائيءَ چيو هو ته منهنجي جاءِ اچي والاري ويهج نه ته ڪراچيءَ کان پوءِ هيٺ ساهه کڻي نه سگهندينءَ. مان جهٽ ۾ هيٺ وڃي چادر کڻي اچي ان جاءِ تي وڇائي ۽ ان ٻڍڙيءَ کان کلي موڪلائي چيو ته، ”تون منهنجن پيڪن ۾ وڃي رهي آهين. منهنجا انهن کي سلام ڏج.“

هن وراڻيو، ”ها ٻچڙي، منهنجا پيڪا به هندستان ۾ آهن. موٽي تون انهن کي منهنجا سلام ڏج.“

ڪيترو وقت بيٺي رهيس سنڌ جي آسمان ۽ پريان ڌرتيءَ کي ڏسندي. اچانڪ ڪنهن جو آواز آيو، ”پاسي پاسي.“ مزور وڏيون وڏيون لوهه جون پيتيون کڻي پئي آيا. پاڪستان مان ماڻهو چڙهڻا هئا، جن جو سامان هو. هيتيءَ اچي پڇيو، ”توکي ڪجهه کپي ڪراچيءَ مان؟ نيزا، آڏيا، ٻوراڻي، موهن ۽ ماڇيءَ لاءِ پلو. دل ته منهنجي به هئي پر هڙ ۾ روپيو به نه هو. سو چيم، ”نه، مون کي ضرورت نه آهي.“

جيڏانهن تيڏانهن سنڌي ٻولي پئي ٻڌم،مزور سڀ سنڌي هئا. ماڻهن کان پيا پڇن، ”ديوان، ڪجهه کپيئي؟ جهاز رات جو ڇٽندو.“

ماڇي ۽ موهن به ڪٿي بيٺا هئا. ڪولي هنن کي سڃاڻندا هوندا. هنن پنهنجو آرڊر ڏيئي روپيا به ڏنا ته ڪولين چيو، ”ديوان، پئسا ڀڄيو ڪين ٿا وڃن، اسان موٽي اچي ڳنهنداسين.“

جهاز ڇٽڻ کان اڳ، ڪولي سڀني جو مال کڻي آيو. ٿورو وقت يٽ شٽ هلي ڪجهه سامان جو آرڊر موهن کي ڏيئي چيو، ”ادا، قرب ڪجو، منهنجي ٻچڙن لاءِ هي ٿورو سامان ڳنهيو اچج. تنهنجا پئسا سون جهڙا.“

موهن: ”ها ادا، وٺي ايندس. منهنجو ته ڪم ئي اهو آهي.“

جهاز وسل هنئي. سڀ موڪلائي هليا ويا. مان مٿي ئي ليٽي رهيس ته اچي ٿڌ پئي. مون وٽ ڪو گرم بلئنڪيٽ به ڪونه هو، سو لهي آيس هيٺ. محفل متل هئي. زالون مرد اڄ گڏ ويٺا هئا. بوتلون رکيل هيون، پر اڃا وقت نه ٿيو هون. سو يٽ شٽ پئي هنيائون ته هڪ وڏي عمر جي زال اچي منهنجي پاسي کان ويٺي. مون ڏانهن نهاري چيائين، ”توکي ڏٺو اٿم ڪٿي؟“

مون چيو، ”مان نٿي سمجهان ته اسين ڪڏهن گڏيا آهيون.“

”پهريون دفعو ٿي وڃين؟“

”ها.“

”پهريائين ڇا ڪندي هئينءَ؟ اتي وڃي ڇا ڪندينءَ؟“

مون خفي ٿي چيو، ”نوڪري ڪنديس.“

”رهندينءَ ڪٿي؟“

”خبر ناهي.“

مرد اڄ هيتيءَ جي بستري تي ديرو ڄمائي ويٺا هئا، تن اهو سڀ ٻڌو پئي. وري هن سوال ڪيو، ”نوڪري ڳولهي هوندءِ، ڪهڙي فرم ۾؟“

مان جواب ڏيان ئي ڏيان ته گدوري هن مائيءَ کي چيو، ”هيمن ماءُ، توکي ڪوئي پئسينجر کپي يا پٽهين جي دڪان تي سيڪريٽري؟ هاڻ ئي هن کان درخواست وٺي رک. شڪل صورت جي به ملوڪ آهي. پڙهيل به هوندي. باقي ڦاهو کپي ڇا توکي؟“

هيمن ماءُ چيو، ”اتي هلڻ ته ڏيوس. نوڪريون ڪو ورهايون رکيون آهن ڪيئن، جو لهندي وڃي ڊيوٽيءَ تي چڙهندي.“

موهن: ”ڀيڻ، چنتا نه ڪر. رهڻ لاءِ هيءُ جهاز تنهنجو گهر آهي ۽ ڪمائڻ لاءِ هتان مال کڻي هلج، جو مان هڪ ڏينهن ۾ توکي  وڪڻي ڏيندس. پگهار کان ٽيڻو پيئي ڪمائيندينءَ. آفيسرن جي به ڪا چنتا نه ڪج. هڏي ڦٽي ڪرين ته ڪتن وانگر ڊڪندا ايندا.“

ماڇي: خود ته گهر گهاٽ ٺاهي نه سگهيو آهين، وتين ٿو ٻين کي ابتيون سبتيون صلاحون ڏيندو.

گدوري: ”ڪاري ماڇيءَ کي ڊپ آهي ته ڪٿي مارڪيٽ ۾ هن جي مال جو اگهه نه لهي وڃي.“

مامو هيترو وقت چپ ڪيو ويٺو هو، تنهن چيو، ”دبئي آهي ڀريل سمنڊ. ڪير ٻڪ ڀري پاڻي ڪڍندو ته اهو کٽي نه پوندو. هتي ته ائين لڳو پيو آهي جيئن ٿڌ تيئن وڌ. هي جو هيڏا ماڻهو غير سنڌي جهاز ۾ چڙهيل آهن، سي به ٻوڏ جيان دبئيءَ ۾ اچي پهتا آهن. سري پري پيا هڪٻئي کي جاءِ ڏين، تڏهن مارڪيٽ مضبوط بيٺي آهي ۽ رهندي.“

موهن: ”شال ٻچا جيئن تنهنجا ماما، تون ئي آهين منهنجو سچو دوست، جو پاسو کڻي رهيو آهين. نه ته هي جنّ جو اولاد منهنجو ماس به کائي وڃن ها ۽ هڏيون هن سمنڊ ۾ وجهن ها، جي سڌو وڃي هردوار پهچن ها. رتنا، توکي خبر آهي ته هي سڀ ڀاٽيا، جن جو اولاد آهن. سڀاڻي توکي اهو داستان ٻڌائيندس. هاڻ ڄڀ ئي ٻاهر نڪري آئي آهي. گلاس ٺاهيو ته ڄڀ اندر وڃي.“

مان اٿي وڃي ليٽي پيس. ٿڪ هئڻ ڪري بنان ڪجهه سوچڻ جي ننڊ اچي ويئي. صبوح سويل جو مان مٿي وڃي پنهنجي وڇايل چادر تي ويهي رهيس، تان جو سورج لڏندو لمندو، لهرن تي ناچ ڪندو، اچي سر مٿان پهتو. هن جا تن کي ساڙيندڙ ڪرڻا سمنڊ ۾ ٽٻي ڏيئي، شايد پاڻي کي سيتل ڪري رهيا هئا. لهرن کي پينگهو بڻائي شرارتي ٻارن جيان جهولي جهولي مستي ڪندا رهيا. گرم گرم هوائون، پاڻيءَ ۾ شيتلتا چورائي، اچي مون سان ٿي ٽڪرايون. تمام پريان هڪ جهاز پئي ڏسڻ ۾ آيو. ائين ٿي لڳو ڄڻ تمام ننڍي ٻيڙي پرَ ڦهلائي تڪڙي وڃي رهي آهي. رکي رکي ويل مڇين جا ٽولا، هڪ ئي وقت گڏجي ٻاهر نڪري اندر ٿي ويا، ڄڻ اسان کي چيڙايائون پئي. ان وقت پاڻيءَ ۾ هلچل مچي ٿي ويئي. ٺيڪ ان وقت هڪ هلچل منهنجي اندر ۾ شور ٿي مچايو، وڃي ته رهي آهيان، ان جون جوڻس گهڻيئي بي جوابداريءَ جون ڪهاڻيون ٻڌايون آهن. اهو به چيو آهي ته هو جادو ٽوڻا ڄاڻندو آهي. هيڏو ڪمائڻ کان پوءِ به ڪجهه بچائي نٿو. تون وڃي هن کي سمجهائي، ڪنٽرول ڪج. هر مهيني مون کي خرچ موڪلي، اهو تنهنجو ذمو آهي. بي بي اتي آهي، پر بي عقل آهي ايتري ۾ هيتيءَ اچي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”ڇوڪري، کائڻ پيئڻ جو هوش اٿيئي ڪين نه؟ اُٿ، هل.“ هٿ پڪڙي وٺي آئي، جتي ميڙاڪو ڪري زالن ويٺي ڳالهيون به ڪيون ته هٿ سان اڻڻ ڀرڻ جو ڪم به. مون کي  ڏسي هڪ ڀاٽياڻيءَ چيو، ”اچ پٽ، اسان سان اچي ويهه. اسان سان ئي ڪم پوندو تنهنجو. منهنجي پٽ کي دبئيءَ ۾ وڏو دڪان آهي. هتي ايندڙ هر ماڻهو گهڻو ڪري اسان وٽان ئي مال کڻي ويندو، جي نه وڪڻي سگهندو ته اسان جي دڪان تي هڪ جا اڍائي روپيا وٺي ويندو آهي. توکي ڪڏهن به مال کپي ته مان توکي وٺي ڏينديس. ڀل پئسا نه هجنئي. بمبئي وڃي ڏج. مان پهريائين اهو ڪم ڪندي هئس، جو مجبوري هئي. ٻار ٻچا اڃا سمجهه وارا نه هئا. پر هاڻ ته ايشور جي مهر آهي. بمبئيءَ ۾ پنهنجا بنگلا، گاڏيون ۽ دبئيءَ ۾ به وڏا دڪان ۽ گهر آهن. ٻچا ته چون ٿا ته هاڻ ڪم نه ڪريو، پر مون کي عادت ٿي ويئي آهي، جنهن لاءِ گهر ۾ ويهي نٿي سگهان. تون ڪنهن کان به پڇج، منهنجي پٽ جو نالو آهي هتي، هڪ ئي ابري واري مارڪيٽ ۽ ٻي پار دبئي. اتي ته سنڌي نه ويندا آهن، پر مدراسي سڄي خريداري اتان ڪندا آهن. مانيءَ واري جي اچڻ تي سڀ هيٺ وڃي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويٺا.

جيئن جيئن شام ٿيندي ٿي ويئي ته گرمي به وڌندي ٿي ويئي. منهنجو دم گهٽجڻ لڳو، سو چادر وهاڻو کڻي، مٿي پنهنجي جاءِ تي اچي يڪ ٽڪ مڇين جي مستيءَ کي ڏسڻ ۾ مشغول ٿي ويس. ايتري ۾ ڪنهن جو آواز آيو، ”توهان ڪيڏنهن ويندا؟“

مون عجب وچان پڇندڙ ڏانهن نهاري، هن کي ويهڻ لاءِ چيو، هوءَ سورهن سترهن سالن جي جوان، خوبصورت ڇوڪري هئي. هن خود ئي ٻڌايو ته هوءَ سعودي عرب وڃي رهي آهي. پڇيائين، ”توهان ڪٿي لهندا؟“

هن جي آواز ۾ معصوميت ۽ ميٺاج هو، جو ڪوبه هن ڏانهن مائل ٿي وڃي. مون کي ته اهڙي وڻي جو مون هن کي پنهنجي سامهون ويهڻ لاءِ چيو.

هن وري سوال ڪيو، ”توهان سان ٻيو ڪير آهي؟“

ٻڌايومانس ته، ”مان اڪيلي دبئي وڃي رهي آهيان. پر توسان ڪير آهي؟“

هن شرمائيندي چيو، ”منهنجو خاوند آهي. منهنجو اٺ ڏينهن اڳ نڪاح ٿيو آهي. منهنجو خاوند عرب آهي، سعودي عرب جو. مان به اتي وڃي رهي آهيان.“

مون من ۾ سوچيو ته اهو ڪهڙو خوش نصيب ماڻهو هوندو، جنهن کي اهڙي پياري، سهڻي، اٻوجهه ڇوڪري ملي آهي. مون مسڪرائيندي هن کان پڇيو، ”آهي ڪٿي تنهنجو خاوند؟ ههڙي خوش نما سفر تي توکي اڪيلو ڇڏي پيو گهمي.“

هن ڦڪي مرڪ مرڪندي چيو، ”هو سامهون جيڪو عرب چلم ويٺو ڇڪي، اهوئي منهنجو خاوند آهي.“

”هي پوڙهو! جنهن جا هٿ پيا لڏن! ڇڏ مسخري.“

هن ڪنڌ هيٺ ڪري چيو، ”ها، اهو ئي آهي.“

مان ڪا ساعت ته سن ٿي ويس. سوچيم، هيءُ هن جي پڙڏاڏي کان به وڏو، جنهن کي ڏسي بڇان پئي اچي، اهو! هي پرڀو، تون هي ڪهڙيون ٿو بي جوڙ جوڙيون پيو جوڙين!؟“

ٺيڪ ان وقت آواز آيو، ”خانم ٻي، چمني ڪٿي رکي اٿئي؟“ هوءَ تڪڙ ۾ وڃي هڪ ٿيلهي مان کانگهارن رکڻ جي چمني کڻي هن جي ڀرسان رکي ته هن چيو، ”تون وڃ ڀلي، گهرج پئي ته توکي سڏ ڪندس.“ خانم هن کي شال ٻنهي ڪلهن تي وجهي واپس اچي مون وٽ ويٺي.

مون چيو، ”خانم، تون مون سان چرچو ته نٿي ڪرين؟ تو جهڙي ڇوڪريءَ لاءِ سوين سر قربان ڪن ها ۽ تو هن پوڙهي سان شادي ڪئي! خبر نه آهي گهڻا ڏينهن جي سگهندو، تو انڪار ڇو نه ڪيو؟“

”اهو چوڻ سؤلو آهي، پر حقيقت ڪجهه ٻي ٿيندي آهي. عورت جي مجبوري هن کان سڀني خوشين جي قرباني گهرندي آهي.“

”اڙي ڳالهيون ته سياڻپ جون پئي ڪرين، ڪجهه پڙهيل به آهين؟“

”ها، هن سال مئٽرڪ پاس ڪئي هئم. پر اها منهنجي مائٽن جي بک مٽائي نه سگهي ها. مان جڏهن هڪ ٻن مهينن جي ماءُ جي پيٽ ۾ هئس ته پاڪستان ٿيو هو. مون کي ٻه ڀينر اڳ ۾ ئي هيون.  هڪ چئن سالن جي ۽ ٻي ٻن سالن جي. تڏهن مائٽ ڪراچيءَ لڏي آيا. ابا سرڪاري ملازم هو ته ساڳي نوڪري مليس. ابا کي هاڻ پٽ کپندو هو، پر اسان جي بدنصيبي هئي جو مان ۽ منهنجي ڀيڻ جاڙيون ڄايونسين.  ابا خفي ٿي چيو چار چار ڌيئر ڪجهه وقت کان پوءِ هو خبر نه آهي ڪيڏانهن هليو ويو. وري واپس نه آيو. اسان جي حالت تمام مسڪين ٿي ويئي. منهنجي خالا ڀوپال ۾ ته غريب هئي پر هتي اچي شاهوڪار ٿي پئي. امان جي منٿن کان پوءِ هن اسان کي نوڪر ڪري پاڻ وٽ رهايو. مون کان سواءِ ٻين ڀينرن جي پڙهائي بند ٿي ويئي.  امان ڇهن سالن کان پوءِ گذاري ويئي. سڀ ڀينر مون کان وڏيون هيون. جيڪا مون سان گڏ ڄائي، ڏهه منٽ اڳ، اها به وڏي سڏجڻ لڳي. خالا ڪوشش ڪئي ته ٽنهي جي شادي بنان پئسي جي ٿي وڃي.  پر جيڪو ايندو هو، سو مون کي پسند ڪندو هو. هڻي ڌڻي مون مئٽرڪ پاس ڪئي. خالا جو پارو چڙهي ويو جڏهن مون کيس چيو ته مان ڪٿي نوڪري ڪرڻ ٿي چاهيان. هن هڪ چماٽ هڻي ڇڏي ته ‘ويهه گهر ۾، نوڪري ڪري عزت وڃائيندينءَ ڇا؟ پوءِ تنهنجي هنن ڀينرن جي شادي ڪيئن ٿيندي؟’ انهن ڏينهن ۾ گهڻائي ڇوڪرا آيا، پر بنان جواب ڏيڻ جي هليا ويا. خالا جو پڦيءَ جو پٽ مائٽيون ڪندو هو. اهو هن عرب کي اسان وٽ بنان اطلاع جي، ڇوڪري ڏيکارڻ لاءِ وٺي آيو. هن مون کي پسند ڪري، پڦيءَ کي چيو ته باقي ٽن ڇوڪرين لاءِ ڇوڪرا ڳولهه، ناڻو مان ڏيندس. مون تمام رنو پر منهنجي هڪ نه هلي. پئسي جي لالچ تي ڀينرن کي به ڇوڪرا ملي ويا. اسان چئن ئي ڀينرن جو نڪاح هڪ وقت ئي ٿيو. پڦيءَ کي به ويهه هزار ڏنائين، چي، ”مان نواب آهيان. پئسي جي ڪمي آهي ڪانه. مون کي ٽي زالون آهن، پر اولاد نه هئڻ ڪري وري شادي ٿو ڪريان.“

مون پڇيو، ”سعودي عرب مان هن کي چوٿين نه ٿي ملي سگهي ڇا؟“

”خبر نه آهي آپا، هن جهڙا ڪيترا پاڪستان ۾ اچي شاديون ڪري ويندا آهن. مولوي به خوش ٿي سڀني کي چوندا آهن ته سچا ملسمان ته هي آهن، عربستان جا.“

جهاز ڪراچي پٺيان ڇڏيندو پئي ويو ته مون چيو، ”هيءُ اسان جو ملڪ هو، سنڌ. پر اڄ پاڪستان ۾ آهي. اسان مرڻ تائين پنهنجي جنم ڀوميءَ کي وساري نه سگهنداسين.“

خانم مشڪي چيو، ”آپا، مون ماءُ جي پيٽ ۾، پهريون ساهه هندستان ۾ کنيو، جنم پاڪستان ۾ ٿيو ۽ هاڻ عربستان وڃي رهي آهيان. هاڻ مون کي ٻڌايو ته منهنجو وطن ڪهڙو؟ منهنجي خاوند ٻڌايو هو ته مان وڏو نواب آهيان، پوءِ هو فرسٽ ڪلاس ۾ نه هليو، هتي مٿي ڊيڪ جي ٽڪيٽ ڇو ورتي؟ مون ته نڪاح کان پوءِ، نفرت هوندي به، ايمانداريءَ سان پاڻ کي هن جي حوالي ڪيو آهي. پر.........“ خاوند جو سڏ اچڻ ڪري اٿي چيائين، ”مان اچان ٿي.“

هاڻ منهنجو گهڻو وقت خانم سان گڏ گذرندو هو، هن کليل آسمان هيٺان. اسان کي هڪ ٻئي جي ضرورت به هئي. ان ڏينهن چنڊ پنهنجي پوري سونهن سان نڪري، تارن کي ڦڪو ڪري ڇڏيو هو. هن جو عڪس سمنڊ ۾ چانديءَ جي گولي جيان چمڪي، پنهنجي ڪرڻن سان سڄي سمنڊ تي چانديءَ جو تهه چاڙهي ڇڏيو. اسان ٻئي ان نظاري کي ڏسڻ ۾ محو ٿي وياسين. مڇين جو جهنڊ مٿي اچي، وري اندر پئي ويو. خانم تاڙيون وڄائي چيو، ”آپا ڏس، ڏس.“

(هلندڙ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com