سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :1

سرتيون 6/ 2006ع

گلبدن جاويد

خط ايڊيٽر ڏانهن

”سرتيون“ اڌ مهيني جي انتظار کان پوءِ مليو. ٽائيٽل روايتي آهي. چتر هجي ها ته سٺو. ”سرتيون شاهه لطيف چئي“ ۾ ”آلا اکر جئن...“ (سر آسا) منهنجي پسند جي بيتن مان آهي. ”سوچ ويچار“ ۾ پورهئي، پورهيت جي عظمت، قدر ۽ مڃتا بابت ڪارائتيون ڳالهيون آهن. پڄاڻيءَ وارو ڏاڍو اثرائتو آهي. ”پورهئي جو قدر ۽ پورهيت جي عظمت جي مڃتا ئي اصل اجورو آهي، جيڪو اسان کي ادا ڪرڻ گهرجي.“ مذڪر متڪلم بدران مونث متڪلم ڪم آڻڻ کپي، جيئن: ڪريون ٿا (ڪريون ٿيون)، يا چونداسين (چونديونسين). ”ڪتاب بهترين دوست آهي“ سٺو سلسلو، اهو مستقل طور هلائڻ کپي.

”ص و ر ت  ح ا ل“ معلوماتي ۽ احساساتي ليک آهي، سحر امداد کي ”ڊان“ واري ٽڪري جي تاريخ ڏيڻ گهربي هئي. ”پيڙا جو پڙلاءُ“ جي پنجن قسط معلوماتي، مزيدار ۽ سبق آموز آهي. ”واکڻي کچڻي، ڏندن ۾ اٽڪي“ پهاڪو پهريون ڀيرو پڙهيو اٿم. رتنا گوديا رولاڪ جي لکڻي اثرائتي آهي، جيئن: ”پوجا پاٺ ڪرڻ کان پنهنجي من اندر پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر ته هيءَ دنيا تنهنجي اُن کوج جي روشنيءَ ۾ چمڪي اٿندي.“

”سون ساريکا هٿڙا“ ۾ پورهيت نينگري
زيب النساءَ جي ڳالهه نجمه پنهور سٺي انداز ۾ ٻڌائي آهي. اهڙين سچين ڳالهين سان سماج جي ضمير کي جاڳائي سگهجي ٿو. رخسانه چنڙ جون ”ڳڻن ڀريون ڳالهڙيون“ وڻيون. خاص ڪري: ”اها ڳالهه هر باشعور ماڻهو ڄاڻي ٿو ته سماجي ويڳاڻپ جو حل تبديليءَ ۾ آهي ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ ئي گس آهي ۽ اهو آهي سياسي گس.“ سندس ان خيال ته ”شاعري ڏات آهي“ سان مون کي اختلاف آهي. شاعري ڏات نه آهي. ”بهار ۾ ڇڻيل گل“ ۾ توڙي جو فني ۽ نظرياتي جهول آهن، تڏهن به ريشما ناز سٺو نڀايو آهي. ڊاڪٽر جوتواڻيءَ ليک ”شاهه لطيف سائين - سراپا سنڌيت“ ڏاڍو سٺو آهي.

نصرت لاشاريءَ جو سفرنامو ”سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري“ پڙهي خوشي ٿي. پاڻ پنهنجي پيءُ فقير محمد لاشاريءَ جي پيرن جي نشانن تي هلي رهي آهي. فقير محمد لاشاريءَ جو نيپال جو سفرنامو ”سگهارو هماليا - هيڻا ماڻهو“ سنڌي سفرنامن ۾ پنهنجي اهميت مڃرائي چڪو آهي. نصرت جي ٻولي عام فهم آهي، پر ڪٿي گرامر جون چڪون به آهن، ڄاڻ ٺيڪ آهي، پر تفريح ۽ تربيت جو پڙ هلڪو آهي. لڳي ٿو پاڻ کائڻ پيئڻ جي شوقين آهي! کيس هند جي سماجي، معاشي ۽ سياسي صورتحال تي کُلي لکڻ گهرجي. قسط ۾ رام ڄيٺملاڻيءَ جي تقرير جو هي تز جملو ڏنو ويو آهي: ”اسين (سنڌي) دنيا ۾ ڪٿي به هجون، ڪيڏي به ترقي ڪري وڃون. جيستائين اسان مان چڙهت، چغلي ۽ گلا ڪرڻ جي عادت ختم نه ٿيندي، تيستائين اسان ڪا به ترقي نه ٿا ڪري سگهون.“ ايندڙ قسطن جو انتظار رهندو. شاعريءَ ۾ بينابيدل ۽ زيب نظاماڻيءَ جا ”زلزلي“ بابت آزاد/نثراڻا نظم آهن. بينا جي هڪ ڪوِتا ۾ ڌرتيءَ (انسان) کي قدرت آڏو بيوس ۽ ٻئي نظم ۾ زندگيءَ جي هار ۽ موت جي جيت ڏيکاريل آهي. زيب نظاماڻيءَ آزاد نظم ۾ سج کي اڀاڳو ۽ زلزلي کي ڏمر سڏيو آهي ۽ اهو ارضياتي علم سان مذاق آهي.

(ادا، ماهتاب محبوب ”ڀاڳ“ ان معنيٰ ۾ نه لکيو آهي، جنهن معنيٰ ۾ توهان ان کي ورتو آهي. شاهه سائينءَ به چيو آهي: لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي، ان لاءِ توهين ڇا چوندؤ!)

نعيمه سومري ”ڪيئن وساريان“ ۾ پنهنجي ڀاءُ مهراڻ سومري کي ياد ڪيو آهي. نجمه نور ڦلپوٽي گيت ”جشن بهاران“ ۾ بهار جي مند جون بهارون پسايون آهن. پارس عباسيءَ جي خيالي اُڏام تمام اوچي آهي کيس اڃا وڌيڪ فني مهارت حاصل ڪرڻ گهرجي.

سنجها سرواڻ ”ڪاش“ شال! هن کي سمجهه ۾ اچي وڃي. ڊاڪٽر رخسانه پريت سنڌ جي منفرد ۽ پختي شاعره آهي. سندس شعرن ۾ جان آهي. پر کيس دعائن ۽ پٽن تي ڀاڙڻ بجاءِ محنت جو ڏَسُ ڏيڻ گهرجي.

حسين سارنگ

e.mail:hsaarang@yahoo.com

Mobile#: 0300329866

(اسين اردوءَ مان ٿيل ترجمو نه ڇاپيندا آهيون، انڪري جو اردو اسين پڙهي سگهون ٿا - ادارو)

نورالهديٰ شاهه ”سرتيون“ جي آفيس ۾

سنڌ جي ٻهڳڻي ليکڪا ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر سائڻ نورالهديٰ شاهه 2006/05/19 تي ”سرتيون“ جي آفيس وِزٽ ڪئي. ”سرتيون“ جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا ۽ جوائنٽ ايڊيٽر نجمه پنهور ۽ مون سندس آجيان ڪئي.

سائڻ نورالهديٰ شاهه، سرتيون جي چيف ايڊيٽر امداد حسيني، ايڊيٽر گلبدن جاويد ۽ جوائنٽ ايڊيٽر سان هڪ غير رسمي گڏجاڻي ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ ”سرتيون“ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون. گلبدن جاويد ان موقعي تي ”سرتيون“ بابت بريفنگ ڏني.

سائڻ نورالهديٰ شاهه ”سرتيون“ (مئي 2006ع) جي تازي پرچي جي معياري مواد جي تعريف ڪئي. ساڳئي وقت پاڻ پني ۽ ڇپائيءَ جي معيار بابت پڻ سوال ڪيائين.

سائڻ، نورالهديٰ شاهه نين ڪهاڻيڪار خواتين بابت پڇيو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته اختر افروز شاهه، پارس راڻي، ريحانه نظير، شگفته جبين، اڀرندڙ ڪهاڻيڪار آهن ۽ سٺو لکن ٿيون.

گڏجاڻيءَ جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر سحر امداد حسيني به اچي پهتي ۽ ڪجهه دير ان سان به ڪچهري ٿي. موڪلائڻ مهل گلبدن جاويد، نجمه پنهور ۽ امداد حسيني، سائڻ نورالهديٰ شاهه جا ٿورا مڃيا.

(رپورٽ:ثمينه ميمڻ)

ڇاتي ڪينسر

ويجهڙائيءَ ۾، برطانيا جي وزيراعظم ٽوني بليئر جي گهر واريءَ چيري بليئر پاڪستان جو دورو ڪيو. ان دوري دوران هوءَ لاهور به آئي، جتي هُن فاطمه جناح ميڊيڪل ڪاليج ۾ ”ڇاتي – ڪينسر سجاڳي پروگرام“ جو مهورت ڪيو.

پنجاب جي صحت جي وزير ان ڏس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته: ”پاڪستان ۾ ڇاتي - ڪئنسر جا واقعا تمام گهڻا ٿين ٿا. عورتن ۾ ڪئنسر جي مڙني قسمن ۾ ڇاتي – ڪئنسر 35 سيڪڙو آهي.“ هن چيو ته ”هر سال 100،000 تي 57 سيڪڙو ڇاتي – ڪئنسر جا ڪيس ٿين ٿا. پاڪستان ۾ هر سال اٽڪل 90،000 نوان ڪيس رپورٽ ٿين ٿا. انهن مان اڌ پنجاب ۾ هوندا آهن، اولهه جي ملڪن ۾ ڇاتي – ڪئنسر جي 80 سيڪڙو مريضن کي بچايو وڃي ٿو، ڇو ته انهن جي تشخيص مُنڍ ۾ ئي ٿي وڃي ٿي ۽ انهن جو صحيح علاج ڪيو وڃي ٿو.“

مس بليئر، جيڪا پاڻ به ”ڇاتي – ڪئنسر سنڀال، برطانيا“ جي سرپرست آهي، ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ته ”پاڪستان ۾ ڪيتريون عورتون ته ڊاڪٽر وٽ پهچڻ کان اڳي ئي، ڇاتي – ڪئنسر وگهي مري ٿيون وڃن.“ مس بليئر چيو ته ”سجاڳي ۽ منڍ ۾ تشخيص سان، پاڪستان ۾ ڇاتي – ڪئنسر وگهي موت جو انگ گهٽائي سگهجي ٿو.“

هن ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته ”عورت کي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اُهي جسماني تبديلين کي ڪيئن ٿيون چڪاسي سگهن.“ مس بليئر چيو ته ”انگلنڊ ۾ ڇاتي – ڪئنسر سنڀال پروگرام 30 سال اڳي شروع ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ پروگرام عورت جي زندگي بدلائي ڇڏي آهي، اسين ان ڏس ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ ڇاتي – ڪئنسر وگهي موت جي شرح کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين.“

مس بليئر چيو ته ”اهڙيءَ سجاڳيءَ آڻڻ لاءِ ڏوڪڙن کان وڌيڪ انفرادي ڪوشش جي ضرورت آهي.“ هن ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل جي شاگردن / شاگردياڻين تي زور ڀريو ته اُهي هر عورت کي، ڄاڻَ ڏين. هن چيو ته ”اهڙي سجاڳي آڻڻ سان اسين ڪيترين عورتن کي معياري زندگيءَ  ڏانهن آڻي سگهنداسين.“

(”ڊان“ جي ٿورن سان.)

مس بليئر ڳالهيون ته سٺيون ڪيون آهن – پر ڪاش، هوءَ پنهنجي گهر واري، برطانيا جي وزيراعظم ٽوني بليئر کي ”جنگ – ڪئنسر“ بابت به سمجهائي سگهي ۽ کيس سجاڳ ڪري سگهي ته ”جنگ – ڪئنسر“ ۾ نه رڳو مرد، مايون ۽ ٻار ڀوڳين ٿا پر ملڪ ۽ سڄي دنيا ڀوڳي ٿي! انڪري ”جنگ – ڪئنسر“ جي خاتمي لاءِ به اُپاءَ ورتا وڃن ۽ ”جنگ – ڪئنسر“ بابت به سجاڳي پيدا ڪرڻ کپي.

الفريڊ نوبيل - ۽ نوبيل پرائيز /انعام

(ترجمو: ڊاڪٽر سحر امداد حسيني)

دلي طور پرامن، صلح جُو، ماٺيڻو ۽ فطري طور کوجناڪار، موجد، سوئيڊن جي ڪيمياگر الفريڊ نوبيل باروت (ڊائنا مائيٽ) ايجاد ڪيو. ڇا به هجي، اها ايجاد جنهن لاءِ هن جو خيال هو ته ان سان سڀني جنگين جي پڄاڻي ٿي ويندي، ان کي ٻين ڪيترن هڪ هاڃيڪار پيداوار طور ڏٺو. 1881ع ۾ جڏهن الفريڊ جي ڀاءُ لدوِگ لاڏاڻو ڪيو، تڏهن هڪ فرينچ اخبار، غلطيءَ سان، الفريڊ جو موت – نامو (Obitury) ڇپيو ۽ کيس ”موت جو سوداگر“ لکيو. هن تاريخ جي ڪارنهن ۽ اهڙي ڀوائتي ڪتبي کان بچڻ چاهيو ۽ هڪ وصيت تيار ڪرايائين، جنهن سندس مائٽن کي صدمو رسايو، ائين مشهور نوبيل پرائيز قائم ٿيو.

الفريڊ نوبيل ڪير هو؟ نوبيل جي ان وصيت انهيءَ پرائيز کي ڏکيو ڪيئن بڻائي ڇڏيو؟

الفريڊ نوبيل: 21- آڪٽوبر 1833ع اسٽاڪ هوم، سوئيڊن ۾ ڄائو. جڏهن الفريڊ نون ورهين جي ڄمار جو هو، تڏهن سندس ماءُ (ائنڊريتا اهلسيل) ۽ ڀائرَ (رابرٽ ۽ لدوِگ) الفريڊ جي پيءُ (امانئيل) سان گڏجڻ لاءِ سينٽ پيٽرسبرگ، روس هليا ويا. جيڪو اوڏانهن چار پنج سال اڳي هليو ويو هو. انهن ئي سالن ۾ الفريڊ جو ننڍو ڀاءُ، ايمل ڄائو.

امانئيل نوبيل هڪ اڏاوتڪار ۽ کوجناڪار هو، هن سينٽ پيٽرسبرگ ۾ هڪ مشين شاپ کولي ۽ سُتت ئي روسي سرڪار کان دفاعي هٿيارن ٺاهڻ جي ٺيڪن وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

پنهنجي پيءُ جي مصروفيتن ڪارڻ، 16 سالن جي ڄمار تائين الفريڊ گهر ۾ ئي پڙهيو. گهڻا ته ائين چون ٿا ته الفريڊ پنهنجي ليکي ئي پڙهيو. هڪ سکيا ورتل ڪيمياگر هئڻ سان گڏوگڏ الفريڊ ساهتيه پريمي پڻ هو ۽ انگريزي، جرمن، فرينچ، سوئيڊش ۽ روسي ٻوليون روانيءَ سان ڳالهائي سگهندو هو.

الفريڊ ٻه سال سفر ڪندي به گذاريا. هن پنهنجو اهو وقت گهڻي ڀاڱي پئرس جي لئبارٽريءَ ۾ گذاريو، پر ان وچ ۾ هو آمريڪا جو چڪر به هڻي آيو، اُتان موٽي هن پنهنجي پيءُ جي فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪيو. اتي هن پيءُ جي ڏيوالي نڪرڻ (1859ع) تائين ڪم ڪيو.

الفريڊ ستت ئي نائٽرو گلسرين تي تجربو شروع ڪيو ۽ اونهاري 1862ع جي مُند ۾ پنهنجو پهريون ڌماڪيدار باروت ايجاد ڪري ورتو ۽ ان لاءِ هن ”نوبيل لائٽر“ جي نالي سان سوئيڊش حقي سند حاصل ڪري ورتي.

پنهنجي پيءُ کي هڪ کوجنا ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ جڏهن هو سوئيڊن موٽيو، تڏهن نائٽرو گلسرين ٺاهڻ لاءِ اسٽاڪ هوم ويجهو هيلن بورگ ۾ هن هڪ ننڍي فئڪٽري قائم ڪئي.

بدقسمتيءَ سان، (نائٽرو گلسرين سنڀالڻ هڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ خطرناڪ مادو آهي.) 1864ع ۾ الفريڊ جي فئڪٽريءَ ۾ باهه ڀڙڪي پئي ۽ ڪيترائي ماڻهو مري ويا، جن ۾ هن جو ننڍو ڀاءُ ايمل به شامل هو. پر انهيءَ ڌماڪي الفريڊ کي نانجهو نه ڪيو ۽ هڪ مهيني اندر ئي نائٽرو گلسرين ٺاهڻ لاءِ هن ٻيون فئڪٽريون منظم ڪري ورتيون. 1867ع ۾ الفريڊ هڪ نئون ۽ سنڀالڻ ۾ محفوظ ڌماڪيدار مادو ڳولي ورتو. جيتوڻيڪ، الفريڊ ڌماڪيدار مادي جي ايجاد جي ڪري مشهور ته ٿي چڪو هو، پر گهڻن ماڻهن کي هن بابت ڪابه خبر نه هئي. هو هڪ ماٺيڻو ماڻهو هو ۽ ڏيکاءُ کي پسند نه ڪندو هو. ٿوراڙا سنگتي هئس، ۽ ڪڏهن شادي نه ڪيائين.

هو جيتوڻيڪ هاڃيڪار ڌماڪيدار مادي جي موجد طور ڄاتو سڃاتو ٿي ويو، پوءِ به الفريڊ جو ويساهه هو ته اهو امن جي بشارت هو. الفريڊ، عالمي امن جي هڪ وڪيل کي چيو ته:

”منهنجون فئڪٽريون، توهان جي ڪانگريس کان اڳي، جنگ جي پڄاڻي آڻي سگهن ٿيون. جنهن ڏينهن ٻه فوجي سپاهي پل ۾ هڪٻئي کي ناس ڪري سگهندا، سڌريل قومون، اهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، جنگ کان ڪؤ کائينديون ۽ فوجين کي فارغ ڪري ڇڏينديون.“

بدقسمتيءَ سان الفريڊ پنهنجي دور ۾ امن نه ڏسي سگهيو! الفريڊ نوبيل، دماغي رڳ ڦاٽڻ وگهي، 10- ڊسمبر 1896ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پوءِ ڪيترائي تعزيتي اجلاس منعقد ڪيا ويا ۽ الفريڊ نوبيل جي مڙهه کي ساڙيو ويو. ان کان پوءِ هن جي وصيت کولي وئي، جنهن سڀني کي هڻي ڌوڏي رکيو.

وصيت:

الفريڊ نوبيل پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي وصيتون لکيون. پر آخري وصيت، مرڻ کان سال کن اڳي، 27- ڊسمبر 1895ع ۾ لکيائين. پنهنجي ملڪيت جو ٿلهي ليکي 94 سيڪڙو پنجن انعامن (فزڪس، ڪئمسٽري، فزيالاجي/ ميڊسن، ادب/ ساهت ۽ امن تي ڏيڻ لاءِ وقف ڪيائين. ”انهن لاءِ جن گذريل سال دوران، انسانذات جي ڀلائيءَ لاءِ، ڪو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي.“

جيتوڻيڪ نوبيل پنهنجي وصيت ۾، پرائيز ڏيڻ لاءِ، وڏي پيماني تي رٿا پيش ڪئي هئي، پر انهيءَ وصيت ۾ انيڪ مونجهارا پڻ هئا.

الفريڊ نوبيل جا مٽ مائٽ ڌڏي ويا هئا ۽ ڪيترن وصيت کي تڪراري بڻائڻ گهريو. وصيت جي هيئت ۾ اهڙا چٽا پٽا نقص هئا، جن جي ڪارڻ، فرانس ۾ وصيت تڪراري ٿي پئي سگهي ۽ ان ريت انهيءَ مان فرينچ ٽيڪسن جي اڳاڙي پڻ ٿئي ها.

اهو به اڻچٽو هوته الفريڊ جي ڪهڙي ملڪ ۾ قانوني رهائش آهي. نون ورهين جي ڄمار تائين هو سوئيڊش شهري هو. پر ان کان پوءِ هو روس، فرانس ۽ اٽليءَ ۾ رهيو، بنا شهريت حاصل ڪرڻ جي. هو حتمي طور سوئيڊن ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ رٿائون جوڙيندو رهيو. گهر لاءِ هنڌ جي به چونڊ ٿي چڪي هئي، پر موت مهلت نه ڏنس، ڪهڙي قانون هيٺ ان وصيت جو انتظام هوندو ۽ ملڪيت ڪنهن وٽ هوندي.

ڇاڪاڻ ته نوبل گهريو ٿي ته امن پرائيز ماڻيندڙ جي چونڊ، ناروي پارليامينٽ ڪري. انڪري ڪيترن نوبل جي حب الوطنيءَ تي شڪ پڻ ڏيکاريو.

پرائيز لاءِ جيڪو فند گهربل هو، اُهو اڃا موجود نه هو، اُهو اڃا وجود ۾ آڻڻو هو. پرائيز ڏيڻ لاءِ نوبيل پنهنجي وصيت ۾ جن تنظيمن جانالا ڏنا هئا. انهن کي نوبيل جي مرڻ کان اڳ انهن جي فرض سنڀالڻ لاءِ نه چيو ويو هو، نه ئي پرائيز تي ڪم ڪرڻ لاءِ انهن جو ڪو اجورو مقرر ڪيل هو. نه ئي وصيت ۾ اهو ڄاڻايل هو ته جيڪڏهن ڪنهن سال پرائيز ماڻيندڙ نه ملي ته پوءِ ڇا ڪجي!

الفريڊ جي وصيت جي اڻپورائيءَ ۽ ٻين اوڻاين جي ڪري، پرائيز ڏيڻ ۾ پنج سال لڳا، جيستائين نوبل فائونڊيشن نه جُڙي ۽ پهريون انعام نه ڏنو ويو.

پهريون نوبيل انعام

الفريڊ نوبل جي پنجين ورسيءَ 10- ڊسمبر 1901ع تي پهريان انعام ڏنا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com