اڄ جي هن مضمون ۾ اسين رت جي کوٽ جي ڪارڻ پيدا ٿيل
صورتحال کي ”ڪيئن منهن ڏجي؟“ جي باري ۾ تفصيلي
جائزو وٺنداسين. انگريزيءَ جي لفظ ”Anaemia“
جو جيڪڏهن لفظي ترجمو ڪنداسين ته مطلب بيهندو ”رت
جو نه هجڻ“، جنهن کي عام طور ”رت جو سڪي وڃڻ“ به
سڏيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته اِهڙي صورتحال
جاندارن ۾ ڪڏهن به پيدا ٿي سگهي ٿي، ڇو ته رت سان
زندگي ۽ ساهه جو اچڻ وڃڻ لاڳاپيل آهي، سو باقي
مختلف مرضن سبب رت گهٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي، جنهن
لاءِ لفظ اِنيميا استعمال ڪجي ٿو. خاص طور کاڌي جي
گهٽتائيءَ ڪارڻ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي خوراڪ جي
گهٽتائيءَ واري اينيما يعني
(Nutritional
Deficiency Anaemia)
سڏجي ٿو. روز مره جي زندگيءَ ۾ مجموعي طور تي اسين
جيڪو کاڌو کائون ٿا، تنهن ۾ موجود مختلف جزا اسان
جي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. رت جي پيداوار
۾ اهم سمجهيو ويندڙ فولاد (Iron)
جيتوڻيڪ تمام گهٽ مقدار ۾ گهربل هوندو آهي، پر اُن
جو هجڻ بي انتها ضروري سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته اُن
کان سواءِ رت ۾ موجود رت جا ڳاڙها جزا ۽ هيمو
گلوبن (Haemoglobin)
پروٽين، مقرر مقدار کان گهٽجي ويندا آهن. فولادي
کوٽ (Deficiency
of Iron)دراصل
جسم جي اندر موجود فولاد (جيڪو جمع ٿيل هوندو
آهي)، کي وقت بي وقت ضرورت کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ
جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. فولاد جيڪو هڏن جي مک (Bone
Marrow)
۾ موجود هجي ٿو، تنهن کي جڏهن وڌيڪ استعمال ڪجي ٿو
ته فولاد جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. کاڌي ۾ جيڪڏهن فولاد
جو مقدار گهٽجي ته پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي
ٿي. مثال طور وڏي عمر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ کي
چانهه ۽ بسڪوٽ تي رکندا يا وري ننڍڙا ٻار جيڪڏهن
صرف کير تي پلجن، يا وري کاڌو گهٽ واپرائيندڙ
ماڻهو، ان کوٽ جو جلد شڪار ٿي ويندا آهن. عام طور
تي متوازن غذا فولاد جو گهربل ضروري (نارمل) مقدار
(جيڪو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ملي گرام (1 m.g)
آهي آرام سان حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسين متوازن غذا
جي تشريح هيٺين ريت ڪري سگهون ٿا.
روز مره کاڌي ۾ گوشت (ٻڪري ۽ پاڏي وغيره جو)، آنا،
ميوو(تازو) ۽ سايون ڀاڄيون تمام سولائيءَ سان اسان
کي گهٽ ۾ گهٽ ضروري مقدار جيڪو صرف هڪ ملي گرام (1m.g)
مقرر ٿيل آهي، تنهن کي سولائيءَ سان حاصل ڪري
سگهجي ٿو. ڳورهارين عورتن لاءِ مقدار وڌيڪ مقرر
ٿيل آهي، جيڪو روزانو چار ملي گرام (4m.g)
ضروري سمجهيو ويندو آهي، ڇو ته پيٽ اندر پلجندڙ
ٻار (Fetus)
هڪ ملي گرام فولاد ماءُ جي فولاد واري حصي منجهان
حاصل ڪندو آهي. انڪري باربار ڳورهاري ٿيڻ واري
صورتحال دوران به ماءُ خاص طور جنهن جي کاڌخوراڪ
اڳ ۾ ئي متوازن نه هجي، ته پوءِ وڌيڪ متاثر ٿي
سگهي ٿي.
عام طور تي عورتن منجهه، فولاد جي کوٽ جي ڪري پيدا
ٿيندڙ اينميا جا هي سبب هوندا آهن:
1. رت جو دير تائين گهڻي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ
(گهڻو ڪري ماهواريءَ دوران).
2. هاضمي جي سرشتي ۾ پيدا ٿيندڙ خرابيءَ جي ڪري رت
جو ضايع ٿيڻ، مثال طور معدي جو السر، وڏي آنڊي جو
ڪينسر، آنڊي ۾ موجود ڪينئان جن کي هُڪ ورم (Hook worm)
سڏيو وڃي ٿو، وغيره.
هاڻي اسين رت جي کوٽ جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جو ذڪر ۽
ان کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟ ان باري ۾ ڄاڻ فراهم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪنداسين.
ڇا توهان مضمون جي پهرئين حصي کي پڙهي ۽ سمجهي
سگهيا آهيو ته دراصل رت آهي ڇا؟ ڪهڙا ڪهڙا اهم ڪم
سرانجام ڏيئي رهيو آهي، جي جواب توهان جو ”ها“ ۾
آهي ته پوءِ هينئر توهان کي اهو سمجهڻ ۾ بلڪل به
دير نه ڪرڻ گهرجي ته ”رت“ اوهان جي روز مره
زندگيءَ ۾ اوهان جي چهري جي شادابي، ڦڙتيءَ ۽
چستيءَ ۽ بنا ٿڪ جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيتن کي برقرار
رکي ٿو.
ڇا توهان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته هر وقت ٿڪُ،
ڪمزوري، اُداسي ۽ بک نه لڳڻ جو سبب ڪهڙو ٿي سگهي
ٿو؟ توڙي جو انهن علامتن جو ڪارڻ ٻيون بيماريون به
ٿي سگهن ٿيون، پر عام ۽ اهم عمومي طور تي نظرانداز
ٿيڻ واري بيماري اصل ۾ رت جي کوٽ يعني انيميا (Anaemia)
آهي. رت جي کوٽ يعني انيميا (Anaemia)
دراصل مرض نه پر هڪ اهڙي علامت ۽ عمل آهي، جنهن ۾
رت جا ڳاڙها جزا تعداد ۾ گهٽجي وڃڻ يا وري ڪم جي
لحاظ کان بي اثر ٿيڻ جي صورت ۾ جسم اندر خاص مقدار
۾ آڪسيجن پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا. اها صورتحال
ڪيترن ئي سببن جي ڪري پيدا ٿي سگهي ٿي، پر فولاد
يعني (Iron) جي گهٽتائيءَ سبب اهڙي صورتحال جو پيدا ٿيڻ تمام عام آهي.
انيميا رت جي کوٽ واري ڪيفيت، گهڻي ڀاڱي هيموگلوبن
(Haemoglobin)
جي اڻپوري مقدار جي ڪري جسم اندر آڪسيجن جو گهٽجي
وڃڻ آهي.“ اهڙي صورتحال جيڪڏهن ڪجهه عرصو برقرار
رهي ته پوءِ رت جا ڳاڙها جزا پڻ تعداد ۾ گهٽجي
ويندا آهن.
مٿين صورتحال ٻين سببن ڪري، مثال طور اوچتو گهڻي
مقدار ۾ رت
جو وهڻ (ضايع ٿيڻ ڪنهن حادثي دوران) يا جسم تي چير اچڻ وغيره يا
وري اندروني طور رت جو مسلسل وهندو رهڻ جيئن ته
ڏندن منجهان رت جو وهڻ، کاڌي واري نلڪيءَ منجهان ۽
بعضي موڪن (Piles)
منجهان رت جو اخراج ٿيڻ وارن سببن جي ڪري به رت جي
کوٽ واري صورتحال پيدا ٿي پوندي آهي. انسان لاڳيتو
۽ ٿوري مقدار ۾ مسلسل ڊگهي عرصي تائين رت وهڻ واري
صورتحال کي ته منهن ڏيئي سگهي ٿو، پر اوچتو تڪڙ ۾
وهندڙ (جيئن ماهواري دوران)، تيز وهڪري وارو رت
توڙي جو اُهو ڀلي صرف پنج سو ملي ليٽر (500ml)
ڇو نه هجي، برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ ان سان موت واقع
ٿي سگهي ٿو. جيئن ته ننڍي آنڊي جي ڦٽن منجهان
لاڳيتي وهندڙ رت کي آهستي آهستي ڳاڙهي مکُ منجهان
پيدا ٿيندڙ رت جا جزا ڪنهن حد تائين هٿي ڏيندا
رهندا آهن ۽ اِهڙيءَ ريت ڪجهه نه ڪجهه کوٽ جي
پورائي ٿي ويندي آهي. روزانو اٽڪل پنجاهه ملي ليٽر
(50ml)
رت هڪ بالغ ماڻهوءَ منجهه پيدا ٿيندو رهندو آهي.
اينيميا جي متاثرين جي جسم جي چمڙيءَ جو رنگ پيلو
ٿي ويندو آهي. دِل جي ڌڙڪڻ ۽ ساهه کڻڻ جي رفتار ۾
تيزي اچي ويندي آهي، جيڪا وري رت جي کوٽ جي ڪري
پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري ٿي ويندي
آهي، ڇو ته هيگمو گلوبن جي مقدار گهٽجڻ سبب آڪسيجن
پڻ مقدار ۾ گهٽجيو وڃي. مٿي ڏنل تفصيل منجهان
ڀينرن کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته
اينيميا ڪنهن بيماريءَ جو نالو نه پر هڪ اهڙي
”ڪيفيت“ جو نالو آهي جيڪا ”عملاً“ ظهور پذير ٿي،
رت جي ڳاڙهن جزن ۽ هيموگلوبن جي مقدار کي گهٽائي
ڇڏي ٿي. جيئن ته پهرين ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙي
صورتحال مختلف سببن ڪري پيش اچي ٿي پر اسان وٽ
اهڙي صورتحال خاص طور تي آئرن (فولاد) يعني لوهه
جي گهٽتائيءَ جي ڪري پيدا ٿئي ٿي. هاڻي اچو ته
ڏِسون ته آئرن آهي ڇا؟ ۽ ان جو ڪم ڪهڙو آهي، ڪيئن
ٿو حاصل ٿئي ۽ دُنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود انسان (خاص
طور تي خواتين) ۾ عام طور تي اها ڪيفيت ڪيئن ٿو
پکيڙي؟
سموري دنيا ۾ خاص طور تي ۽ غريب ملڪن ۾ عام طور تي
فولادي اينيميا (Iron Deficiency Anaemia)
جنهن کي سولائيءَ لاءِ (IDA) لکي ۽ پڙهي سگهون ٿا جو وجود عام آهي.
پاڪستان ۾ آباديءَ جي غذائي صورتحال تي ٿيل هڪ
تازي نيوٽريشن سروي (Nutrition Survey)
پٽاندر هن وقت اسان جي ملڪ ۾
50
سيڪڙو
عورتون رت جي شديد کوٽ واري شڪايت جو شڪار آهن.
ساڳئي وقت پنجن سالن کان ننڍي ڄمار وارن ٻارن ۾ پڻ
اهو مسئلو ڏٺو ويو آهي، جنهن جو سراسري انگ
29.4
سيڪڙو آهي. اينيميا هڪ انتهائي قابلِ غور ۽ توجهه طلب مسئلو بڻيل
آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ”ماءُ جي سلامتي ۽ صحت“ جي
عنوان هيٺ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي مک
ڪاميٽيءَ جا ميمبر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO)
وارا ساڳيا ئي ميمبر آهن.
Safe Mother Hood statistics, and World Health
Organization (WHO)
وارا هر سال مختلف ملڪن ۾ ٿيل کوجنائن تي مشتمل
رپورٽ پيش ڪندا رهن ٿا جن جي مطابق سال 1997ع
دوران سموري دنيا ۾ ڪل ڳورهاري عورتن جو ٽيهه
سيڪڙو رت جي شديد کوٽ جو شڪار ڏٺو ويو.
رت جي کوٽ يعني اينيميا جا تمام گهڻا قسم آهن، پر
فولاد جي ڪري ٿيندڙ اينيميا سڀني کان وڌيڪ اهم،
عام ۽ خطرناڪ آهي. ان کان سواءِ ٻين قسمن جي
اينيميا ۾ هيٺين حالتن جو نظر اچڻ عام آهي.
(1) رت
۾ وٽامن جي گهٽتائيءَ سان پيدا ٿيندڙ اينيميا.
(2) پيچيده مرض ڪري رت جي گهٽتائي.
(3) رت ۾ ڳاڙهن جزن جي وڏي مقدار ۾ ضايع ٿي وڃڻ
ڪري پيدا ٿيندڙ هيمولائيٽڪ اينيميا.
(4) رت ۾ موجود ڳاڙهن جزن جي شڪل بگڙجي وڃڻ ڪري،
نتيجي طور پيدا ٿيندڙ اينيميا.
هاڻي اسين فولاد جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ اينيميا
جو ذڪر ڪنداسين.
زندگي ساهه کڻڻ جي سرشتي سان وابسته آهي ۽ ساهه
کڻڻ لاءِ آڪسيجن ضروري آهي، اها آڪسيجن جسم جي
سڀني عضون جي سمورن جيو-گهرڙن تائين پهچڻ بيحد
ضروري آهي. هيءُ ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ رت ۾ موجود،
رت جا ڳاڙها جزا (RBCS)
پاڻ منجهه هڪ ڪيميائي مادو هيموگلوبن رکي ويٺا
آهن. آڪسيجن ان مادي سان گڏجي آڪسي هيموگلوبن ٺاهي
وٺندي آهي ۽ جيو-گهرڙي (Cell)
۾ اندر داخل ٿي ويندي آهي. آڪسيجن جو هيموگلوبن
سان ميلاپ تيستائين ممڪن نه آهي، جيستائين
هيموگلوبن ۾ فولاد (آئرن) هڪ مخصوص حالت ۾ موجود
نه هوندو. اهڙيءَ طرح هيموگلوبن جسم ۾ موجود هر هڪ
عضوي تائين آڪسيجن کي پهچائڻ جو ذميوار مادو آهي ۽
آڪسيجن جي فراهمي زندگيءَ جي گارنٽي آهي، ڇو ته
اِن کان سواءِ زندگي ممڪن نه آهي.
جسم ۾ فولاد جو مقدار:
جسم ۾ فولاد (Iron)
جي مقدار جو تعين خوراڪ ذريعي ان جي فراهمي ۽ رت
جي ٺهڻ ۽ ڊهڻ يعني ضايع ٿيڻ جي رفتار سان ڪري
سگهجي ٿو. آنا، گوشت
خاص طور تي (ڳاڙهو گوشت)، جيرانڊي، خشڪ ميوات،
اناج، ڦريون، مٽر ۽ ساون پنن واريون ڀاڄيون مثلاً
پالڪ وغيره ۾ فولاد جو چڱو موچارو مقدار موجود
هوندو آهي. فولاد آنڊي ذريعي جذب ٿي، رت ۾ شامل ٿي
ويندو آهي. جيترو فولاد جسم کي گهربل هوندو آهي،
اُهو جذب ٿي ويندو آهي ۽ باقي بچيل فولاد هڏن جي
ڳاڙهي مِک
يعني (Red
Bone Marrow) ۾ جمع ٿي ويندو آهي.
فولاد گهٽ ٿيڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟
هاڻي اسين جائزو وٺنداسين ته فولاد گهٽ ٿيڻ سبب
جسم اندر ڪهڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي؟
جيڪڏهن ڪنهن انسان جي استعمال هيٺ خوراڪ ۾ فولاد
واري غذا جي کوٽ هجي، يا وري نه هئڻ جي برابر هجي،
ته سندس جسم ۾ موجود گڏ ٿيل فولاد هوريان هوريان
استعمال ٿيندو رهندو ۽ نيٺ فولاد جي گهٽتائي ٿي
ويندي، ۽ ان جي نتيجي ۾ وري هيموگلوبن جو مقدار به
گهٽجي ويندو آهي. هاڻي جڏهن هيموگلوبن گهٽجي ويندي
ته لازمي طور تي آڪسيجن جو مقدار تمام گهٽ ٿي
ويندو ۽ هر هڪ جيو-گهرڙي تائين آڪسيجن جي رسد پڻ
گهٽجي ويندي. اهڙي طرح گهٽ هيموگلوبن گهٽ
مقدار ۾ آڪسيجن سان گڏبي ۽ جڏهن آڪسيجن جو مقدار
گهٽ هوندو ته يقيناً جيوَگهرڙي کي پنهنجي ساهه کڻڻ
واري سرشتي کي نارمل رکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. اهڙي وقت
جيڪڏهن فولاد جي کوٽ کي فوراً ختم ڪرڻ جي ڪوشش نه
ڪبي ته آهستي آهستي هيءُ مسئلو ايترو وڌي ويندو جو
اُن ماڻهوءَ جو موت به ٿي سگهي ٿو يا وري سندس موت
جا امڪان واضح ٿي ويندا.
اهڙا ماڻهو جن کي فولاد گڏيل غذا ميسر نه هوندي
آهي، يا وري مناسب ڄاڻ نه هجڻ ڪري، اُهي اهڙي
خوراڪ استعمال نه ڪندا آهن، ته اُنهن منجهه فولاد
جي مستقل طور تي فراهمي نه هجڻ جي صورت ۾ اينيميا
ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن خوراڪ ٺيڪ هجي، پر اُهو
ماڻهو اهڙي بيماريءَ ۾ ورتل هجي جو، اُهو فولاد کي
استعمال جوڳي حالت ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت نه رکندو
هجي، ته به اُن ماڻهوءَ کي اينيميا ٿي سگهي ٿي.
معدي ۾ هڪ خاص اِينزائيم (Enzyme)
نه هجڻ واري بيماري ان جو هڪ مثال آهي، پر اِها
بيماري عام طور تي اسان وٽ تمام گهٽ نظر ايندي
آهي. جيڪڏهن ڪنهن انسان جي جسم اندر رت وهڻ جي
رفتار تيز ۽ گهڻي هوندي ته پوءِ فولاد واري خوراڪ
کائڻ باوجود به فولاد جي ڪمي ۽ اينيميا واري
صورتحال موجود رهندي.
عورتن ۾ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ ضايع ٿيندڙ رت جي
بدلي جيڪڏهن فولاد واري غذا ڀرپور طريقي سان
استعمال هيٺ نه رکبي ته به رت جي کوٽ جي شڪايت
قائم رهندي ۽ گهڻي وقت تائين ساڳي قسم جي صورتحال،
مستقل طور تي رت جي کوٽ جو ڪارڻ بڻجي ويندي.
عورتن ۾ فولاد جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندر
اينيميا.
عام طور تي عورتن منجهه فولاد نسبتاً گهٽ مقدار ۾
هوندو آهي. هر مهيني ماهواري دوران رت جو جسم
منجهان اخراج ۽ خوراڪ ۾ فولاد گڏيل کاڌو گهٽ هجڻ
يا وري نه هجڻ منجهن اينيميا جي شديد ڪيفيت جو
ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو. عورتن ۾ غذائي اعتبار کان
فولاد جي شديد کوٽ جو موجود هجڻ خاص طور تي اڄ جو
هڪ عام ۽ عالمگير مسئلو آهي. اڄ جي جديد ۽ ماڊرن
دنيا ۾ عورتن لاءِ غذائي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ اهم
۽ سنگين مسئلو فولاد جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿيندڙ
صورتحال ۽ فولادي گهٽتائيءَ واري اينيميا آهي.
هڪ تحقيي جائزي موجب سڄي دنيا ۾ ويهه سيڪڙو
عورتون، پنجاهه سيڪڙو ڳورهاريون عورتون ۽ ويهه
سيڪڙو مرد، هن عام موذي مرض ۾ ورتل آهن. |