سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون  6/ 2006ع

مضمون --

صفحو :10

مون چيو، ”ها، زيني! تون هميشه ڪتابي ڪيڙو هوندي هئينءَ، آخر ڪاوش ڪري منزل تي پهتينءَ!“ ائين چئي مون کيس خوبصورت گلن جو گلدستو ۽ هڪ پئڪٽ، جنهن ۾ وڳو پئڪ ٿيل هو ڏنو. هن ڊوڙي مون کي ڏاڍي قرب سان ڀاڪر پاتو ۽ چيائين، ”ڇو تڪلف ڪيو اٿئي!“

زينيءَ چيو ”صوفيه مون توکي ڏاڍو ياد ڪيو، تنهنجون ته منهنجيءَ جيءَ ۾ جايون آهن، اُتي ڪا به دل واري دوست نه بڻجي سگهي. جڏهين ڪا به ڳالهه دل ۾ ڪندي هئس ته تون خاص طور سان ياد ايندي هئينءَ، دل چوندي هئي ته وطن پهچي توسان اچي دل جو حال اوريان.“ ڪجهه مهينن کان پوءِ زينيءَ کي ڪاليج ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڪري پروفيسر جي Job ملي ويئي.

هوءَ وري مشغول ٿي ويئي ۽ مسرور به. انڪري جو هوءَ هاڻي واحد سهارو هئي، سڄي ڪٽنب جو، هڪ دفعي فون جي گهنٽي وڳي Receive  ڪيم ته زينيءَ جو آواز آيو. ”صوفيه، اڄ واندي آهين؟ شام جو توسان ڪچهري ڪرڻ تي دل اٿم!“

”ڀلا! اِها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي زيني!، مون وراڻيو، ”ڏس ڌارين جو اثر کڻي آئي آهين نه؟“

شام جو زيني آئي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي نئين موڙَ جي ڳالهه ڪيائين. مان ته ٻڌي بس گدگد ٿي ويس. پڇيومانس، ”زيني ٻڌاءِ ته آهي ڪير؟، ڪندو ڇا آهي؟ فئملي ڪهڙي آهي؟ تون هڪڙي حساس دل ڇوڪري آهين، ڇا هو تنهنجو قدر ڪندا!؟“ هڪ ئي ساهه ۾ ايتريون ڳالهيون پڇي ڇڏيم.

زينيءَ چيو ”صوفيه تون سڪون سان ويهه، منهنجي آرام سان ڳالهه ٻڌ، آءٌ سوچيان پئي 26 (ڇويهن سالن) جي عمر ۾ آءٌ هڪ اجنبي انسان سان Adjust ڪري سگهنديس وڏي ڳالهه ته هو آسٽريليا ۾ ملازمت ڪندو آهي ۽ اڪيلو رهندو آهي. مائٽ سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا اٿس. 30 سالن جي عمر اٿس ۽ هن به PH.D ڪئي آهي، ٿي سگهي ٿو مائٽن انڪري به جوڙي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هاڻي صوفيه ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان!؟ بقول شاهه صاحب جي:

”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏُک ڏسن!“

مون يڪدم زينيءَ جي وات تي هٿ رکيو. Please زيني فلاسافيءَ کي ڇڏ. ڳالهه تفصيل سان ٻڌاءِ. مان  واقعي Excited ٿي وئي آهيان.

- - - هلندڙ

سون ساريڪا هٿڙا

(پورهيت نينگريون)

ڪرن ۽ مسرت

آءٌ گهر ۾ چوڙين جو ڪم ڪندي آهيان. در تي ئي چوڙيءَ وارا چوڙيون ڏئي ويندا آهن. ٻاهر نڪرڻو ڪونه پوندو آهي. چوڙين کي جوڙيندا آهيون. هڪڙي ٻانهينءَ ۾ 24 چوڙيون ٿينديون آهن. ڏهه ٻانهيون هڪ ڏينهن ۾ ٺاهي ويندا آهيون. هڪ هڪ چوڙيءَ کي باهه تي سيڪ ڏئي جوڙڻو پوندو آهي. گرمي به گهڻي ٿيندي اٿم ۽ گئس جو بل به ايندو آهي، پر ڇا ڪريان؟ گهر ۾ ڪير ڪمائڻ وارو ڪونهي. ماءُ گهرن ۾ ڪم ڪري ٿي هڪ هزار رپيا کڻي ٿي اچي. پنج ڀائر ڀينرون آهن. کارائڻ وارو ڪير ڪونهي، سڄي ڏينهن ۾ ٻئي ڀيڻون گڏجي ويهي چوڙيون جوڙينديون آهيون، تڏهن به 50 رپيا روز جو حساب ٺهندو آهي. چوڙيءَ وارو مهيني تي به پيسا مشڪل سان ڏيندو آهي، صبح جو نيرن ڪانه ٺاهيون. بنگلي تي امان ويندي آهي ته ٻارن لاءِ مانيءَ ڀور کڻي ايندي آهي ته ڪجهه کائي وٺندا آهيون، نه ته هڪ وقت جي شام جو ماني ٺاهيندا آهيون. سخت گرميءَ ۾ چلهي تي ۽ باهه تي ڪم ته ڪونه ٿيندو آهي، پر گهر جي مجبوري! بک سڀ ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڏاڍو ڏکيو وقت ٿو گذري. اڳ ٽوپيون ٺاهينديون هيونسين، پر هيرا بند ٿيڻ ڪري ڪم بند ٿي ويو آهي. هن حڪومت ته غريبن ۽ مسڪينن کي ڪجهه ڪونه ڏنو آهي. الله ڪري بينظير اچي ته ڪجهه غريبن کي ملي. اسان جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي گذري، بس اسان جي ته قسمت ئي اهڙي آهي، ڪنهن کي ڏوهه ڏيون. سڀ ٻنپهرن جي ننڊ ڪن پر اسين گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ گئس جو چلهو ٻاري چوڙيون جوڙينديون آهيون. هيتري عمر ۾ اسان جون به ڪي خواهشون هونديون. ڪو ڀاءُ هجي ها، پيءُ هجي ها ته ههڙا ڏکيا ڏينهن ڪونه ڏسون ها. دل چوندي آهي ته ڪنهن گهر ۾ ڪم ڪريون ته سونهن اسان جي دشمن آهي، جتي به ڪم تي بيهون ته بنگلي واريون چون، اسان توهان کي نٿا بيهاري سگهون.

اهڙي سونهن به ڪهڙي ڪم جي جو بک مرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي. آمنه ڇوڪرين جي ماءُ وچ تي ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪڙي گهر ۾ مسرت ڪم پئي ڪيو ته مهمان اچي ويا. اهي مسرت کي باجي ڪوٺڻ لڳا. مسرت شرمندي ٿي وئي ۽ چيائين ته باجي ٻئي پاسي آهي. منهنجي ڌيئن کي ڪير به بنگلي واري رکڻ لاءِ تيار ناهي، انڪري اسان وڌيڪ ڏُکي زندگي گذاريون ٿيون.

امينه

هڪ بنگلي تي 25 سالن کان ڪم ڪندڙ، پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ٿي ته: ڪهڙا ٿي زندگيءَ جا سور پڇين؟ ڦٽن تان ڪرڙيون لاهبيون ته تڪليف ٿيندي. هڪ ڏينهن نه ٿي سنڀران ته ڪو سک جو ساهه کنيو هجيم! ننڍي هيس، 12 سالن جي، ته مائٽن شادي ڪرائي. تڏهن به بيگم صاحبه وٽ ڪم تي بيٺل هئس. بيگم صاحبه منهنجي شاديءَ ۾ به گهڻي مدد ڪئي. تڏهن منهجو پگهار سَو ٻه هوندو هو. منهنجا وي. سي طور پيسا به پاڻ بچائي رکندي هئي. مون کي سٺن ڪپڙن پائڻ ۽ زيورن پائڻ جو تمام گهڻو شوق رهيو آهي. اِهو مون کي بيگم صاحبه سمجهايو ته وڏا خواب نه ڏسجانءِ نه ته زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندئي. پهرين به پورهيو ڪندي هئينءَ ۽ هاڻي به ڪنهن لاٽ صاحب سان شادي ڪين ٿي اٿئي. بس اِها زندگي اٿئي خوش گذار ته سٺو.جڏهن آءٌ خوش رهندي هيس ته منهنجي مڙس کي ڪاوڙ لڳندي هئي ته تون ايتري خوش ڇو ٿي رهين. مون کي تيار ٿيڻ به وڻندو هو. منهنجو مڙس ڪم ڪار به ڪونه ڪندو هو، پوءِ ٻار ٿيا، انهن جي ماني ٽڪيءَ جو مسئلو ٿيو. بيگم صاحبه منهنجي گهڻي مدد ڪندي هئي. منهنجو مڙس مون کي روز ماريندو هو ته ڪم ڇڏي اچ. شايد هن جي اَنا گوارا نه ٿي ڪيو ته آءٌ ڪم ڪريان، پر ايئن ڪونه هو. آءٌ وڏن ماڻهن ۾ اٿڻ، ويهڻ، کائڻ پيئڻ جو ڍنگ سکي وئي هيس. هنن جا اڌوراڻا ڪپڙا پهريندي هيس ته چڱي لڳندي هيس. جهيڙا جهٽا ڪين ڪيم، صبر ڪيم. ڇو ته مون کي هڪ قسم جي تربيت به هن گهر مان ملي. اڄ به منهنجي سگهڙائپ ۽ گهر جي ٺاهه ٺوهه ڏسي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن ۽ چوندا آهن ته: ”امينه، تون واقعي سگهڙ آهين!“ بيگم صاحبه منهنجا پيسا بچائيندي هئي، گهڻن سالن کان پوءِ اُهي ڏنائين. اسان جي پٽ تي مون جڳهه کڻائي ٻن ڪمرن جو اجهو ڪري ورتو. هاڻ موٽر لڳرائي پاڻيءَ جي سهولت ڪيم. پٽ جي شادي پنهنجي برادريءَ مان ڪرايم. دل کولي سڄي ڳليءَ ۾ ناچ ڪيم. دُکيل دونهينءَ کي ڪاٺيءَ سان کوٽبو ته دونهون ته اُٿندو نه! امينه وڌيڪ ٻڌايو ته شڪ جي ڪري ڏاڍيون مارون کاڌم، پر پنهنجي ڪم سان ڪم رکيم. ڪڏهن به دانهن ڪانه ڪيم. اڄ به ڳليءَ مان لنگهندي ڪنهن کي سلام ڪانه ڪريان. ڪڏهن ڪڏهن پويان جملو ٻڌڻ ۾ ايندو اٿم ته ”بنگلي تي ڪم ٿي ڪري، ڄڻ پاڻ بيگم صاحبه هجي!“ پر مان چپ سکي آهي. ڪنهن جي ڪاڻ ڪانه اٿم، محنت ڪريان ٿي، اُجورو ملي ٿو. وڌيڪ تمنا ڪانه اٿم. گهر ٺهڻ جي ڳڻتي هئم بس. مڙس هڪ ڏينهن به پيار جا ٻه ٻول ڪونه ٻوليا اٿم. محبت جي نانءُ کان اڻواقف آهيان. بيگم صاحبه کي ماءُ ڪري ٿي ڀانيان ۽ صاحب کي پيءُ ٿي سمجهان. اِها آهي منهنجي سورن سان ڀريل زندگي. زيور اڄ به پايان، ڪپڙا سٺا پايان، پاڻ کي سمارٽ رکان، ڇو ته اِهو منهنجو حق آهي.

روزي، نماز جي پابندي آهيان. صبح جو ڪم ڪار ۽ شام جو عبادت ڪندي آهيان. سال جا ٽي مهينا روزا رکندي آهيان. خير خيراتون ڪريان انهيءَ ۾ مون کي ذهني سڪون ٿو ملي.

ڳالهه ٻولهه: نجمه نپهور

ڪزبانو سنڌو           قسط – 4  (ناوليٽ)

چاهت جن جي من ۾

”نه چاچا سائين. مان توهان تي ڪوئي احسان ناهي ڪيو. تانيه جي زندگي وڏي آهي. مون کي ڪهڙي طاقت آهي جو مان تانيه کي بچايان!“ سڪندر ادب مان چيو.

”ڇا مسئلو آهي؟ اسان کي به ته ٻڌايو.“ محمود شهاب سان مخاطب ٿيندي چيو.

شهاب سڄي حقيقت ٻڌائي ٿو.

”او منهنجا موليٰ. اسان جي ٻچڙيءَ سان ايڏو مسئلو ٿيو ۽ اسان کي خبر ئي ڪانهي! رحمت رڙ ڪندي چيو.

.بس امان، الله رحم ڪيو.“ شهاب ماءُ جي هٿ تي هٿ رکيو.

”سڪندر! اهڙي ڪا ڳالهه اسان سان ته نه ڪئي!“

محمود جي لهجي ۾ اچرج هو.

”ها. مون امان ۽ عطيه سان ڳالهه ڪئي هئي.“ سڪندر تانيه ۾ نهاري چيو.

وزيران غرور مان تانيه ڏانهن ڏٺو.

”ادا سائين خبر اٿئي. سڪندر تارُو آهي. بابا سائينءَ کيس ترڻ سيکاريو. شڪر آهي جو سندس ترڻ ڪم ته اچي ويو!“ محمود فخر مان چيو. وزيران ڪاوڙ مان محمود ڏانهن نهاريو.

”ادا سائين. بابا سائين ته هميشه لاءِ پاڻ کي ڇڏي هليو ويو. ٻه ڀائر آهيون هڪ ماءُ پيءُ جو اولاد. امان ته اڃا به زنده آهي. منهنجي خواهش آهي ته باقي زندگي گڏجي گذاريون. بابا سائين همٿ وارو هو پر مان ڪمزور آهيان. مون کي تنهنجو ساٿ گهرجي.“ محمود جذباتي ٿي ويو.

وزيران جي نڙيءَ ۾ گرهه اٽڪي پيو ۽ کنگهڻ لڳي.

”ڇا امان؟“ عطيه جلدي ماءُ کي پاڻي ڏيندي چيو.

محمود سڪندر ۾ نهاريو. وزيران جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي.

شهاب خاموش هو.

”ڀاڄائي، توهان ئي ادا سائينءَ کي سمجهايو.“ محمود ارم کي منٿ ڪئي.

ادا، شهاب جيڪو فيصلو ڪندو سو مون کي قبول آهي.“ ارم مختصر جواب ڏنو.

انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته ڀاڄائيءَ کي ڪو اعتراض نه آهي. ”محمود خوشيءَ مان چيو ۽ ڀاءُ کي چيائين. توهين خاموش ڇو آهيو. ادا سائين!“  ”محمود، جڏهن محبت جنم وٺندي آهي تڏهن فاصلا مٽجي ويندا آهن. ڀلي ڪيتري به دُوري هجي پر اها نظر نه ايندي آهي.اها محبت جي ڪشش هوندي آهي، جيڪا اسان کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي. پاڻ هاڻي پري نه آهيون.

بلڪ هڪٻئي جي قريب آهيون. منهنجون نياڻيون پڙهن پيون. منهنجو بزنس آهي. ويهن سالن کان اُتي سيٽل آهيان. في الحال مان هتي رهي نه ٿو سگهان. وقت آيو ته ان بابت سوچيندس.“ شهاب گلاس ۾ پاڻي وجهندي چيو.

”پليز ادا، انڪار نه ڪر. منهنجو حوصلو ئي ختم ٿي ويو آهي. مان اڪيلو ٿي ويو آهيان.“ محمود اداسيءَ مان چيو.

شهاب هڪ ئي ساهه ۾ پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏيو. ”تون اڪيلو نه آهين. ماشاءَ الله توهان جو پٽ سڪندر توهان جي قد جيترو آهي. ها توهان کان وڌيڪ هوشيار همٿ وارو آهي.“ شهاب مرڪندي چيو.

”ان جي معنيٰ ته تون هتي نه رهندين!“ ماءُ ويچاريءَ جي لهجي ۾ ڏک ڀرجي آيو.

”يقين ڪر امان، مان هر هفتي ايندس.“ شهاب ماءُ کي ڀاڪر پاتو.

”شهاب، مون هميشه تنهنجي خوشي چاهي. تون شهر ۾ رهڻ چاهين ٿو ته ڀلي رهه. جيئن ويهه سال گذري ويا، تيئن ٻيا به گذري ويندا، پر ياد رکجان تنهنجي پوڙهي ماءُ اڃا زنده آهي. جنهن کي آسرو ڏنو اٿئي ملڻ جو. سا ڏيئو ٻاري تنهنجي راهن ۾ بيٺل آهي.“ رحمت سڏڪي پئي.

”منهنجو توهان سان واعدو آهي. مان ايندو رهندس. في الحال مان رهي نه ٿو سگهان!“ شهاب ماءُ جا هٿ چمي ورتا.

وزيران جي ته ڄڻ الله ٻڌي ته شهاب هتي نه ٿو رهي!

سڪندر پنهنجي بيڊروم ۾ اچي بيڊ تي ليٽي ٿو. هن جي تصور ۾ تانيه جو چهرو ڦرڻ لڳو. ”مان جو چاهيو آهي. اهو حاصل ڪيو اٿم. توهان کي پهرين ملاقات ۾ ئي چاهيم، پر سوچيم ته توهان کي حاصل ڪري نه سگهندس. ضروري ته نه آهي هر خواهش پوري به ٿئي! هڪ اجنبي مسافر مدد لاءِ پڪاريو. مان انهيءَ جي مدد ڪري ان جي نظرن ۾ مهان بنجي انهيءَ کي حاصل ڪريان. مان تنهنجو عڪس ذهن ۾ چٽي خيالن کي ساڻ ڪري هليو آئيس. توهان کي ڪيئن ٿو حاصل ڪري سگهان! توهان کان ڪجهه به نه پڇيم. خلش دل ئي دل ۾ رهي. پاڇي کي چاهڻ لڳس. عجيب ڪيفيت هئي. توهان جي عڪس کي ذهن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم، پر هر ڪوشش ناڪام ٿي. ٻيهر ائين ملاقات ٿيندي مان ڪڏهن سوچيو ئي نه هو! هڪدم اجنبي پنهنجو بنجي ويو ۽ ايترو قريب! جنهن کي حاصل ڪرڻ جي اميد اڀري آهي. خواهش جاڳي آهي. ڇا مان توهان کي حاصل ڪري سگهندس؟ خبر نه آهي! ڇا توهان اهو چاهينديون؟ خبر نه آهي! توهان جي مرڪي نهارڻ کي مان ڇا سمجهان؟ محسن لاءِ ويلڪم يا....!“ سڪندر ڪافي رات سوچيندي گذاري. اها ئي ڪيفيت تانيه جي هئي. سڪندر هن جي چاهت بڻجي ويو.

عطيه، سڪندر لاءِ چانهه کڻي انهيءَ جي ڪمري ۾ آئي. ”ادا ڪهڙن خيالن ۾ آهين؟“

”چاچا سائينءَ وارا وڃي رهيا آهن ڇا؟“ سڪندر چانهه وٺندي پڇيو.

”ها ادا، تياري پيا ڪن شام جو ويندا.“

”هڪ ڪم ڪندينءَ؟“

”چئو ادا!“

”تانيه کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي اچ مان چانهه پي اچان ٿو.“

”ٺيڪ آهي ادا“. عطيه ويندي چيو.

سڪندر چانهه پي، عطيه جي ڪمري ۾ آيو، جتي اڳ ئي تانيه ۽ عطيه ويٺيون هيون.

”توهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيم؟“ سڪندر صوفي تي ويهندي چيو.

”نه اسان ڊسٽرب ڇو ٿيون!“ تانيه مرڪي چيو.

”اڄ وڃڻ جي تياري آهي ڇا؟“ سڪندر تانيه کان پڇيو.

”جي، چار ڏينهن ٿي ويا آهن. گهر کي تالو ڏئي آيا آهيون.“

”مان اچان ٿي. امان سڏي پئي!“ عطيه هنن کي اڪيلائي مهيا ڪرڻ لاءِ اُتان هلي وئي.

”توهان جي اجرڪ انهيءَ ڏينهن ڏيڻ وسري وئي!“ تانيه جو آواز سڪندر جي ڪنن ۾ رس اوتي ويو.

”ياد ڪري کڻي اچين ها.“ سڪندر مرڪي چيو.

”جي، مون کي خبر نه هئي. توهان هت هوندا.“ تانيه ڪنفيوز ٿيندي چيو.

مان چرچو ڪيو. اجرڪ واپس ڪرڻ ضروري نه آهي. گفٽ سمجهه.“

”پوءِ مان رکي ڇڏيان؟“

”بلڪل رکي ڇڏ. گفٽ واپس ڪبي آهي ڇا؟“

”مان اڪثر سوچيندي آهيان، اگر توهان نه هجو ها ته شايد مان هن دنيا ۾ نه هجان ها!“

”غلط سوچيندي آهين. اگر مان نه هجان ها ڪوئي ٻيو هجي ها. پر توکي ڪجهه به نه ٿئي ها.“ سڪندر مرڪي چيو.

شايد توهان صحيح ٿا چئو. پر...! ”تانيه خاموش ٿي وئي.

”پر ڇا؟“ سڪندر اتاولو ٿي ويو.

.توهان سان ٻيهر ملڻ جي تمنا هئي. ائين ملنداسين، اهو ته سوچيو ئي نه هيم!“ تانيه نظرون جهڪائيندي چيو.

”ڪيئن نه ڪيئن ته آخر ملڻو ئي هو. ٻنهي جي تمنا به ته اها ئي هئي نه! انهيءَ تمنا جو راز ڇا آهي؟ جو ملائڻ واري کي به ته ائين منظور هو.“ سڪندر جي چپن تي مرڪ هئي. ”وري ملڻ جي تمنا ته ڪري سگهان ٿو نه! اعتراض ته نه هوندو!“

”بلڪل نه، اعتراض نه هوندو، بلڪه انتظار هوندو!“ تانيه مرڪي چيو.

ريئلي پوءِ ته ضرور ملبو! رائيٽ؟“

”رائيٽ. جڏهن رشتا ظاهر ٿيا آهن ته انهن کي نڀائڻ به گهرجي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com