پاڪستان ۾ به هن قسم جي اينيميا تمام عام آهي ۽
پنجاب ۾ هن جو وڌيڪ غلبو نظر اچي ٿو. سال 2001ع ۾
ٿيندڙ نيوٽريشن سروي مطابق
25.5
سيڪڙو
مائرون هن وقت اينيميا ۾ مبتلا آهن. منجهن
23.7
سيڪڙو
وچولي درجي واري ۽
1.8
سيڪڙو
شديد نوعيت واري رت جي کوٽ جو شڪار آهن.
منهنجي پنهنجي تحقيقي مقالي لاءِ ڪيل سروي مطابق
سال 1996ع کان وٺي 2003ع تائين حيدرآباد ۽ ان جي
پسگردائيءَ ۾
60
سيڪڙو
ڳورهاريون عوتون رت جي کوٽ جو شڪار نظر آيون جن
منجهان هيموگلوبن وچولي درجي ۾
6-10g/dl
۽ شديد نوعيت جي رت جي کوٽ جو شڪار
5gm/dl
مقدار شامل آهي.
ساڳيءَ نوعيت جو هڪ تحقيقي جائزو ملتان جي عوام جو
پڻ ورتو ويو. سال 2002ع کان 2003ع تائين ڪيل سروي
۾ مرد، عورتون ۽ ٻار سڀ شامل هئا جن منجهان عورتون
59
سيڪڙو، مرد
47
سيڪڙو ۽ ٻار
64
سيڪڙو شڪار ٿيل مليا.
فولاد گهٽجڻ سبب رت جي کوٽ جو شڪار بڻيل عورتن
منجهه جسماني ٿڪ، ذهني پريشاني ۽ روز مره جي
زندگيءَ ۾ معمول جا ڪم سولائيءَ
سان نه ڪرڻ، پنهنجي ٻارن جي پالنا پڻ صحيح نموني
نه ڪرڻ وغيره جون شڪايتون عام نظر اچڻ لڳنديون آهن
۽ گڏوگڏ جيڪڏهن ساڳيءَ صورتحال دوران وري ٻيهر
ڳورهاريون ٿي وينديون ته معاملو اڃا به وڌيڪ ڳنڀير
ٿي ويندو آهي. مثال طور اهڙي ماءُ طرفان پيدا ڪيل
ٻار منجهه غير مناسب واڌ - ويجهه، قوتِ مدافعت جي
شديد اڻاٺ ۽ ڪڏهن ڪڏهن موت جي شرح ۾ واڌارو پڻ
گهڻي تعداد ۾ نظر ايندو آهي.
عورتن منجهه فولاد جو ڪيترو مقدار هجڻ ضروري آهي؟
ٻارڙين ۽ بلوغت کي رسندڙ ڇوڪرين کي روزانو 15 ملي
گرام فولاد جي ضرورت هوندي آهي. ڳورهارين لاءِ 30
ملي گرام ۽ کير پياريندڙ مائرن لاءِ 15 ملي گرام
فولاد روزانو استعمال ڪرڻ نهايت ئي ضروري آهي.
جڏهن ته (Post
Menopausal women)
ماهواري ختم ٿي وڃڻ وارين عورتن کي صرف 10 ملي
گرام فولاد درڪار هوندو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته
خوراڪ ۾ موجود فولاد مڪمل طور تي جذب نه ٿي سگهندو
آهي، پر صرف لڳ ڀڳ
10
سيڪڙو جذب ٿي ڪري سرايت ڪندو ۽ فائدو پچائيندو
آهي.
هڪ ڳڻپ مطابق اسان وٽ عام طور تي
90 سيڪڙو عورتون مناسب مقدار ۾ فولاد جو استعمال نه پيون
ڪن. ان جو ثبوت هيءُ به آهي ته ڳورهاري عورت منجهه
گهٽ ۾ گهٽ هيموگلوبن
13-15g/dl
گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ گهرجي
جڏهن ته منهنجي پنهنجي ڪيل سروي /ريسرچ مطابق
ڳورهاري عورت منجهه عام طور تي وڌ ۾ وڌ 9 گرام يا
10 گرام في ڊيسي ليٽر
9or10g/dl
نظر آيو. جڏهن ته ٻئي طرف ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن
طرفان پڻ اهو مقدار گهٽ ۾ گهٽ، ڳورهاري عورت لاءِ
11g/dl
في ڊيسي ليٽر مقرر ڪيل آهي.
عورتن ۾ رت جي کوٽ جا سبب:
هيٺ ڄاڻايل سببن ڪري عام طور تي عورتن منجهه
اينيميا ظهور پذير ٿي پوندي آهي:
1. زندگيءَ جي پهرين ٻن سالن ۾ سڀ ٻار (ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين سميت) ڪنهن حد تائين اينيميا جو شڪار ٿي
پوندا آهن،جيئن ته ڇوڪرن جو عام طور تي وڌيڪ خيال
رکيو ويندو آهي، اُنهن کي گوشت ۽ ميوو وغيره
ترجيحي بنياد تي پهريان ۽ وڌيڪ کارايو ويندو آهي،
انڪري ڇوڪرن ۾ رت جي کوٽ ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ٿي
ويندي آهي ۽ پوءِ اڳتي هلي دُرست به ٿي ويندي آهي،
پر جيئن ته عام طور تي ڇوڪرين کي بلڪل نظرانداز
ڪيو ويندو آهي، انڪري انهن ۾ اهڙي کوٽ مسلسل قائم
رهندي آهي. پهريان کان رت جي گهٽتائيءَ جو شڪار
ٿيل ڇوڪريون جڏهن بلوغت تائين پهچن ٿيون ۽ اُنهن
جو واسطو ماهواريءَ سان پوي ٿو ته پوءِ اِهڙي کوٽ
تهائين وڌي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته شديد کوٽ ۾
تبديل ٿي ويندي آهي.
2. حيض دوران ان ڳالهه جو شديد خطرو لاحق رهندو
آهي، ڇو ته هر مهيني اٽڪل
20-40 mg
ملي گرام فولاد ضايع ٿيندو رهندو آهي. اتفاقي طور
تي جيڪڏهن اهو عرصو وڌي وڃي ته صورتحال اڃا وڌيڪ
ڳنڀير ٿي پوندي آهي. انڪري جڏهن به ننڍيءَ عمر
واريون ڇوڪريون حامله ٿيڻ بعد ان دور مان گذرن
ٿيون ته اُهي شديد رت جي کوٽ جو شڪار ٿي پون ٿيون.
اهڙي صورتحال نه صرف سندن لاءِ،
پر سندن ايندڙ ٻار لاءِ پڻ هاڃيڪار ثابت ٿئي ٿي،
ڇو ته پيٽ
اندر پلجندڙ ٻار به پنهنجون گهرجون ماءُ منجهان ئي پوريون ڪندو
آهي، انڪري ٻار پڻ اِن کوٽ جو شڪار ٿي ويندو آهي.
3. صرف ڀاڄين منجهان حاصل ڪيل فولاد انساني جسم ۾
صحيح طور تي استعمال نه ٿو ٿئي، انڪري اهڙا ماڻهو
جن جي غذا ۾ گوشت شامل نه هوندو آهي، اُهي پڻ
اهڙيءَ کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.
علامتون: عام طور تي ٿڪ، بک نه لڳڻ يا وري گهٽ
لڳڻ، ڪمزوري ۽ بيچيني محسوس ڪرڻ، شديد ڊپريشن،
پيلو ٿي وڃڻ، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪرڻ، مٿي جو
سور وغيره شامل آهن. ان کان سواءِ اهڙيون شيون جن
جو تعلق غذا سان نه آهي، مثال طور مٽي، چاڪ يا
واري وغيره کائڻ تي دِل پئي چوندي.
پيچيدگيون:
رت ۾ فولاد جي معمولي کوٽ به سنگين پيچيدگيءَ جو
ڪارڻ نه بڻبي آهي. پر وقت سر صحيح طريقي سان
جيڪڏهن ان جو علاج نه ڪبو ته پوءِ تمام گهڻا
خطرناڪ اثر مرتب ٿي سگهن ٿا. جن منجهان ڪن جو ذڪر
هيٺ ڪجي ٿو.
1. دل جون بيماريون:
رت ۾ فولاد جي شديد کوٽ جي ڪري دل جي ڌڙڪڻ جي
رفتار گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي، جنهنڪري رت - ناليون سسي
وينديون آهن ۽ انڪري دل ۾ سور يعني اِينجائنا (Angina)
جو سبب پيدا ٿي سگهي ٿو.
(2) حمل دوران، رت جي کوٽ جي ڪري ڳورهاريون خواتين
گهڻي ڀاڱي موت جو شڪار ٿي وينديون آهن ۽ اهڙين
مائرن جا پيدا ڪيل ٻار، يا ته وقت کان اڳ ۽ گهٽ
وزن وارا پيدا ٿيندا آهن يا وري پيدائشي طور ڪنهن
نه ڪنهن معذوريءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن.
(3) ٻارن جي واڌ - ويجهه ۾ ڏکيائي: هيءَ کوٽ
درحقيقت ننڍڙن ٻارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿي.
رت جي کوٽ کان بچڻ جا اُپاءَ:
(1) اهڙا
عذائي
جزا استعمال ڪيا وڃن، جن مجهان فولاد جو گهڻو
مقدار حاصل ٿي سگهي. جيئن وڏو گوشت، ڪڪڙ جو گوشت،
بيضا، جيرانڊي، خشڪ ميوا، کل سميت اناج ۽ داليون،
ڦريون، مٽر، پنن واريون سايون ڀاڄيون، جيئن پالڪ
وغيره حمل دوران ۽ ماهواريءَ وارن ڏينهن ۾ خوراڪ
جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
(2) غذائي شيون جن ۾ وٽامن سي
Vitamin C
جو مقدار وڌيڪ هجي، جهڙوڪ ساون
پنن وارين ڀاڄين ۽ مندائتي ميوي جو استعمال وڌيڪ
ڪيو وڃي، ڇو ته اِهي سڀ جزا ملي جسم جي اندر فولاد
کي جذب ٿيڻ ۾ مدد ڏيندا آهن.
(3) ڳورهاري عورت جو هيموگلوبن 13 کان
15.5
ملي گرام في ڊيسي ليٽر هجڻ کپي، جيئن ماءُ ۽ ٻار
ٻنهي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهن. جيڪڏهن
هيموگلوبن گهٽ هجي ته پوءِ ان جو پورائو غذا ۽
گورين (Tablet)
ذريعي ڪري سگهجي ٿو.
رت جي کوٽ حد کان وڌيڪ هجي ته پوءِ ڊاڪٽرياڻيءَ جي
هدايت موجب ڪنهن ويجهي عزيز (صحتمند) جو رت
لڳرائجي.
وڌيڪ بهتر ٿيندو ته رت لئبارٽريءَ مان ٽيسٽ ڪرائي
لڳرائجي.
اِهڙيون شيون جيڪي فولاد کي رت ۾ جذب ٿيڻ کان
روڪينديون هجن خاص ڪري گوشت ۽ بيضو گڏي اِستعمال
ڪرڻ کان پرهيز ڪجي.
چانهه ۽ ڪئلشيم واريون شيون کير ۽ ڏهي وغيره گڏي
نه کائجن.
انٽرويو: نجمه پنهور
ڳڻن ڀريون ڳالهڙيون
ڊاڪٽر فهميده حسين سان ڳالهه ٻولهه
سوال: پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي ڪيئن بيان ڪنديون؟
جنم ڪٿي ٿيو؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: منهنجو جنم 5 جولاءِ 1948ع
ٽنڊي ڄام ۾ ٿيو. ڀائرن ڀينرن ۾ ستون نمبر هئس.
امان ۽ بابا جي پيار ۽ توجهه مون ۾ خود اعتمادي
پيدا ڪئي. مثال: ننڍي هوندي جي هڪ يادگيري شيئر
ڪنديس. منهنجي امان رنگ جي تمام اڇي ۽ خوبصورت
عورت هئي. مون کان وڏي ڀيڻ جميله به رنگ جي صاف
هئي پر منهنجو رنگ سانورو هو ۽ اڪثر بيمار به
رهندي هئس (ٽانسلز هوندا هئم) انڪري اڃا به ڪاري
لڳندي هئس. هڪ ڀيري امان جي هڪ ساهيڙيءَ منهنجي
سامهون امان کي چيو ”ادي حوا تون پاڻ هيڏي اڇي،
سهڻي، جميله به ڳاڙهي اڇي، هيءَ ڪاري ڪوجهي ڪنهن
تي وئي آهي؟“ اها ڳالهه ٻڌي منهنجو منهن شايد وڌيڪ
ڪاراٽجي ويو ۽ شايد احساس ڪمتريءَ جو شڪار به ٿي
وڃان ها پر امان مون کي ڳراٽڙي پائي پنهنجي
ساهيڙيءَ کي جواب ڏنو”برابر ادي هن جو رنگ ٻين
ٻارن کان هلڪو آهي پر هن جي منهن ۾ جيڪو نيمڪ
آهي سو وري ٻين ۾ ڪونهي. ۽ وري هشيار به ڏاڍي آهي.
انڪري پڻس جي به دادلي آهي!“ امان منهنجون تعريفون
ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ غير شعوري طور آءٌ شايد پاڻ وڻائڻ
لاءِ پڙهڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيندي هئس جنهن سان سڀڪو
مون کي ساراهيندو هو. انهيءَ سبب بابا کي به ڏاڍي
پياري هئس، هن مون تي محنت به ڏاڍي ڪئي. سنڌي
ٻوليءَ جو گرامر ۽ حساب منهنجا پسنديده مضمون هئا
۽ هو به انهن ٻنهي مضمونن جو ماهر هو. هن پنهنجون
سڀ صلاحيتون ادا سراج کان پوءِ مون ۾ منتقل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي. سنڌي ٻوليءَ سان عشق هئس، هن اهو اسان
سڀني ڀائرن ڀيڻن ۾ منتقل ڪيو. پاڻ عربي، فارسي،
سنسڪرت، هندي ۽ اردو ٻوليون به ڄاڻندو هو ۽ جي
اسان مان ڪو ڪنهن لفظ جي رڳو معنيٰ پڇندو هئس ته ان جو بڻ بڻياد، اشتقاق ۽ هڪ کان وڌيڪ معنائون
ٻڌائيندو هو، اهڙيءَ ريت مون ۾ ٻولين جي ڄاڻ ۽
سنڌي ٻوليءَ جي ساڃاهه پيدا ٿي جيڪا اڄ مون کي ڪم
اچي رهي آهي.
سوال: تعليم (پرائمري، سيڪندري،
ڪاليج، يونيورسٽي)؟ تعليمي ماحول ڪيئن هو؟
ڊاڪٽر فهميده حسين: پرائمري تعليم پاڙي جي هڪ عام
اسڪول ۾ ورتم، جيڪو سرڪاري طور مسلم گرلس اسڪول
نمبر ٽيون سڏبو هو. پر پاڙي وارا ان کي استاد ڇٽڻ
جو اسڪول چوندا هئا جيڪو ٽنڊي ولي محمد ۾ هوندو
هو. ان اسڪول سان ڪيتريون يادگيريون وابسته آهن جن
جو ذڪر ڪرڻ چاهينديس. پهرئين ڪلاس ۾ پنهنجو نالو
لکڻ سکيم ته سڀ کان پهرين پنهنجي بينچ تي اهو وارن
جي پن سان کوٽي ڇڏيم... استاد ڇٽڻ کي خبر پئي تنهن
مون کي ڏاڍا دڙڪا ڏنا ته بينچ خراب ڪري ڇڏيئي.
پنهنجي ماڻهوءَ کي سڏي اهو ڊهرائي ڇڏيائين. گهر
وڃي بابا کي روئي دانهن ڏنم، بابا مون کي
پرچائيندي چيو ته ”جي تون چاهين ٿي ته تنهنجو نالو
ڪڏهن نه مٽجي ته پوءِ محنت سان پڙهه ۽ پهريون نمبر
اچ، پوءِ ڏس ڪيئن نه ٿو تنهنجو نالو هرهنڌ
ٿو
لکجي. چوٿين سنڌيءَ جو امتحان وٺڻ هڪڙو صاحب آيو.
آءٌ هميشه پهريون نمبر ايندي هئس، انڪري
ماسترياڻيون مون کي اڳيان اڳيان ڪنديون هيون. هن
صاحب، جنهن کي هڪ اک ۾ ڦلو هو، مون کان جيڪو سوال
پڇيو سو ٻڌايم، بليڪ بورڊ تي حساب لکي سڄي ڪلاس
کان پڇيائين، مون سڀ جواب ڏنا، مطلب ته استادن جي
اميدن تي پوري لٿس، صاحب به ڏاڍو خوش ٿيو مون کي
پاڻ وٽ سڏي ويهاريائين ۽ ڪي سوال پڇيائين ته ڪير
پڙهائيندو اٿئي، گهڻو وقت پڙهندي آهين وغيره
وغيره. انهيءَ دوران استاد ڇٽڻ منهنجو مڪمل تعارف
ڏيڻ خاطر چيو ”اسان جو تعلقي ماستر صاحب آهي نه
محمد يعقوب ميمڻ، فهميده انهيءَ جي ڌيءَ آهي.“
صاحب، جيڪو جمالي صاحب جمالي صاحب پئي سڏيو ويو،
ان کان ڇرڪ نڪري ويو يڪدم چيائين ”پر اهو ته
ڪامريڊ آهي، ڪميونسٽ آهي!“ سندس ڇرڪ جي نتيجي ۾
رزلٽ بدلجي وئي ۽ پهريون نمبر هڪ ٻي ڇوڪريءَ کي
مليو. استادن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو، احتجاج به
ڪيائون، مون به روئي روئي کڻي منهن سڄايو پر صاحب
رزلٽ تيار ڪري هليو ويو. گهر آيس بابا کي پڪ هئي
ته پهريون نمبر مون ئي کنيو هوندو پر منهنجو سڄيل
منهن ۽ سڏڪا ٻڌي
پريشان ٿي ويو. پهريون سوال ڪيومانس ”بابا ڪامريڊ ۽ ڪميونسٽ ڇا
ٿيندو آهي؟“ مون سمجهيو ته بابا ڪو خراب ڪم ڪندڙ
آهي. بابا حيران ٿي ويو. جڏهن سڄي ڳالهه معلوم ٿيس
ته مون کان پڇيائين ”پٽ صاحب جو نالو ڇا هو؟“ مون
کي ان تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي سو مون خار مان چيو ”بابا
اهو مئو ڪاڻو هو..!“ بابا جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽
مون کي چماٽ اُلاري ذري گهٽ مارڻ وارو هو.
”بدتميز! پاڻ کان وڏي لاءِ ائين چئبو آهي.“
امان انهيءَ ڳالهه تان بابا سان ڏاڍي ناراض ٿي ته
نياڻيءَ تي اُلر ڪبي آهي؟ ويچاري ڇوڪري اڳي ئي
روئي روئي بيحال ٿي وئي آهي مٿان وري تون به پيو
ڇينڀينس. پوءِ امان مون کي سمجهايو ته ڪنهن جو عيب
ڪونه ڪڍبو آهي.
منهنجا ڀائر ڀيڻون اڃا به ڪڏهن ڪڏهن مون کي اهو
چئي چيڙائيندا آهن ته ”پاڻ کان وڏي کي ائين چئبو
آهي!“
مون کي پوءِ خبر پئي ته اهو صاحب استادن جي ان
تنظيم جو صدر هو جيڪا ساڄي ڌر سان تعلق رکندي هئي
۽ بابا وري پروگريسوِ استادن سان سلهاڙيل هو ۽
پنهنجي ترقي پسند خيالن جي ڪري ڪامريڊ ۽ ڪميونسٽ
سمجهيو ويندو هو. |