ان وچ ۾ اڪائونٽنٽ آهستي چيو، هو (پٽيوالو)شايد پان- سگريٽ وٺڻ
ويو آهي.“ اهو ٻڌي صاحب وڌيڪ غصي ۾ اچي ويو. توهان
هت ڪم ڪهڙو ٿا ڪريو. بس پٽيوالن کان پيا ڪم ڪرايو.
جنهن هن پٽيوالي کي پنهنجي شخصي ڪم لاءِ موڪليو
آهي، تنهن کي ميمو اشو ڪندس ۽ پٽيوالي جي به ڇٽي
ٿي ويندي.“
آفيس جا سڀ ملازم هڪ ٻئي جا منهن پيا تڪين سڀيئي هڪ ٻئي ۾ پيا
شڪ کائين ته هن ئي پٽيوالي کي موڪليو هوندو، ان وچ
۾ پٽيوالو به اچي ويو.
پٽيوالي کي ڏسندي ئي صاحب شير وانگر گجيو، ”ڪيڏانهن ويو هئين؟“
پٽيوالي بي ڊپائي مان چيو، ”ڪالهه توهان جي گهران
صاحبان چيو ته ڪڻڪ پيسائڻي آهي. سو اڄ ڪڻڪ کڻڻ
لاءِ توهان جي گهر ويو هوس.“
صاحب هلڪي طرح مرڪيو ۽ پنهنجي چئمبر ۾ هليو ويو.
شميم الطاف
سيني سورَ پچاريا
پريان ڪنهن ڪُتي جي ڀونڪڻ جو آواز رات جي اونداهيءَ کي چيري
رهيو هو. کَو کون کَون.... ڦاپوءَ کنگهندي پنهنجي
ڪکائين جهوپڙيءَ جي سانت ۾ ڪجهه هلچل محسوس
ڪئي.... ”ها جڏهن انسان گڏ نه هُجن ته پوءِ ڪڏهن
اهو آواز به دل کي سهارو ڏيندو آهي.“ هن دل ۾
سوچيو. لالٽين جي پيلي ۽ ڪمزور روشنيءَ ۾ هن چوڦير
نظر ڦيرائي. ڪو پکي به وٽس ڪونه هو ٻن ڌيئن ۽ ٽن
پٽن هوندي به کيس ياد آيو، جڏهن هوءَ محمد بخش سان
شادي ڪري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مان هالن جي پاڙي ۾ آئي
هئي، ڪيڏو نه خوش هوندا هئا ٻيئي..... جڏهن پهريون
پٽ ڄائو هئس ته محمد بخش خوشيءَ ۾ نٿي ماپيو، هوءَ
ساڻس گڏجي مخدوم نوح ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي مزار تي
مٺائي به ڏيڻ ويئي هئي. لاڳيتا ٽي پٽ ڄاوا هئس.
محمد بخش جو وڏو خاندان ڪونه هو سو خوش ٿي چوندو
هئس ته ”ڏسجئين اهي ٽي پُٽَ توکي پيريءَ ۾ ٽيهن
سالن جي جوان ڪري ڇڏيندا.“ پر ڇا ائين ٿيو هو؟
ڦاپوءَ کي رڳو اها تسلي هئي جو محمد بخش نياڻين جو
بار مٿانئس لاهي ويو هو نه ته اڄ هن بي وسي ۽
اڪيلائيءَ ۾ ساههُ به نه ڏيئي سگهي ها. سڪينه ۽
آمنه کي ٻارهن ۽ تيرهن سالن جي عمر ۾ پرڻائي ڇڏيو
هُئائين پنهنجي ڪن پري جي عزيزن ۾، جن جي بدران
پٽن کي سڱ به مليا هُئس پنهنجي حال سارو ڪک پن
ميڙي ٻه پُٽَ به پرڻائي آيو هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ
ايتري ئي سندس حياتي به هئي. شادين کي ٻارهن
مهينا به مسَ ٿيا ته پاڻ وڃي ربَ کي مليو، محمد
بخش جي هوندي به ڪو ٽڪن جون ڳوڻيون گهر ۾ ڪونه پي
آيون، پر دال ڀاڄي پنهنجي هئي. پر محمد بخش
کانپوءِ هُن کي ائين لڳو ڄڻ تتل ريتي سندس پيرن
هيٺان اچي ويئي هجي ۽ ٿر جو ڏڪارسندس گهر ۾ گهڙي
آيو هجي. کيس ننهرون ڏک ڏين ها ته به شايد ايترو
هيڻي نه ٿئي ها پر نشو سندس وڏي ويري نُنهن ٿي
پيو.
پهرين پهرين وڏي پُٽس گلوءَ چرس پيئڻ شروع ڪيو شونق ۽ ياري ۾
پوءِ عادت جي ڪري، سندس ڏسندي ڏسندي ٻئي پُٽ
پيروءَ به شروعات ڪئي.
هاڻ گهر ۾ دال ماني نه هُئي پَر هيروئن هئي ۽ پئسن تان جهيڙو
هو، آخر بک کان تنگ ٿي پيروءَ کي وٺي پورهئي ۽
علاج خاطر شهر هلي آئي، پر سندس پيري پٽ جو نشو
پورو نه ڪري سگهي. ڪيترائي ڀيرا پٽ جو نشو پورو نه
ڪري سگهي. ڪيترائي ڀيرا سيٺياڻيءَ کي چئي چوريءَ
جي الزام ۾ گرفتار ٿيل پيروءَ کي ڇڏرائي آئي هئي،
اسپتال به داخل ڪيائينس پر پيروءَ کي هيروئن پي
پنهنجو پاڻ کي جهرير تارن جي دُنيا ۾ ڪجهه وقت
اڏامڻ راس اچي ويو هو. سو هو به واپس ورڻ لاءِ
تيار نه ٿيو ۽ آخر گهر ڇڏي ويو. ڳوٺ ۾ وڏي جا به
ساڳيا پرڪار هئا، ان ڪري ئي ته ننڍي رمونءَ کي وڏي
ڀيڻس ڏانهن اُماڻيو هئائين ته ڪٿي اُهو به اهو
ساڳيو دڳُ نه جهلي، اُهو ڪڏهن وراڪو ڪندو به هو ته
لڪي. سندس زال کي ڊپ هو ڪٿي ماڻس ڀائرن جي نشي
لاءِ ڏوڪڙ نه گُهري، پاڻ شهر ۾ نوڪري ڪندي ڪندي
اکيون به جهڙوڪر وڃائي ويٺي هئي ۽ هاڻ ته پاڙي
وارا رحم کائي مانيءَ ڳڀو ڏيئي ويندا هئس. ڏينهن
ته ڪُرلائيندي ڪرڪُندي گذرندو هو پر رات جا هي
پهر سينيما جي ريل وانگيان گذريل ڏيهن کي سندس آڏو
آڻي بيهاريندا هئا. جتي محمد بخش هو ۽ ٻچا هئا،
ڦاپوءَ ڳوٺ به ڏٺو ۽ شهر ۾ به رهي هئي. خبر هُئس
ته شهرن کان وڌيڪ هيروئن ٻهراڙيءَ ۾ هاڃا مچائي
ڇڏيا هُئا جتي غربت، مجبوري ۽ بي ڪسي اڳيئي گهڻي
هئي، فرق رُڳو اهو هو ته اڳي ماڻهو وڏيرن جا
غلام هئا ۽ هاڻ وڏيرن جي هلايل هيروئن جا. کَون
کَون کَون..... هاڻ ته سندس کنگهه به زور وٺي ويئي
هئي. حياتي به شايد ڪجهه ساهن جي مهمان هئي.
حياتيءَ جي هن پوئين پهر ۾ هڪڙو سوال سندس ذهن ۾
وري وري تري ايندو هو ته هن نشي جي ڪري آخر
ڪيستائين گُلو ۽ پيرو ڪچري جي ڍير تي دم ڏيندا ۽
لاوارث دفنائبا؟ آخر ڪيستائين مائرون ساڻس جيئن
بي وس ۽ بي آسري ٿي دم ڏينديون جن کي پنهنجن هوندي
به پاڙي وارا لاوارث سمجهي چندو ڪري دفنائيندا؟
آخر ڪيستائين ڏکن جو هي ڏهڪائيندڙ جبل لاچار ۽
مجبور گهرن جا وارث وڇوڙيندو رهندو؟ آخر
ڪيستائين.....؟؟؟
سيد الطاف ”عاصي“ مني ڪهاڻي
سَرسِي اڳ کان سُونهن ۾
جڏهن به پيار انتها تي پهچندو آهي، تڏهن دماغ پنهنجا فيصله پاڻ ڪندو آهي،
ڪنهن شئي جي تميز باقي ناهي رهندي.
چوندا آهن ته من جي مُرڪ روح جي راحت هوندي آهي.“ پر من جو مرڪڻ
ايترو آسان ناهي هوندو.“
اها مُرڪ ئي آهي جيڪا چاهي ته ڀريل گهر خالي ڪرائي ڇڏي، ويران
گهر آباد ڪرائي ڇڏي.ان مُرڪ جي ئي آسري انسان
پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لهي ٿو. پاڻ ۾ ڪجهه ٻيو
محسوس ڪري ٿو.
پيار جي گُلستان ۾ جڏهن ڪا حسين ڪوئل خيال جي وڻ تي ويهي مٺڙي
آواز ۾ ڪُوڪُو ڪندي آهي، تڏهن دل ۾ هڪ اهڙي خلش
پيدا ٿيندي آهي جنهن جي باري ۾ تاثر لکڻ جي معنيٰ
آهي.
دل ڪنهن سان اٽڪي پوي ۽ اُن اٽڪ ۾ حقيقت جي ڏور هجي ته اها
پريت جي ڳنڍ سُٿري ناهي ڇُٽندي. سواءِ اُن محبوب
جي ذڪر جي ٻيو هر ذڪر ڪوڙ لڳي.
۽ پوءِ ان ڪيفيت ۾ ماڻهو به اُهوئي چڱو لڳندو آهي
جيڪو اُن وڻندڙ ذڪر کي ويٺو سُٺن سُٺن لفظن سان
بيان ڪري. مان به اهڙي ماڻهو جي تلاش ۾ رهيم، جيڪو
مونکي ان ذڪر ۾ مشغول رکي، ۽ مان به پنهنجي عبادت
۾ مصروف رهان. ”پر ائين شايد، منهنجي نصيب ۾ نه
هو.“
”فقير“ شهمير خان چانڊيو (لوڪ ڪهاڻي)
نيت لوڙيندو.....!
اڄوڪي ڏينهن، درٻار خاص جو ڏينهن هو. بادشاهه سلامت اڃان پنهنجي
جاه جلال سان ڪرسيءَ تي براجمان نه ٿيو هو،
تقريباً سڀ وزير وزراءِ، امير ۽ امرا، ۽ اعليٰ
منصب تي فائز ٿيل عملدار پڻ درٻار خاص اندر پهچي
چڪا هئا، ايستائين جو ننڍن ملازمن ۾ بادشاهه
سلامت جو بورچي به انهن ۾ شامل هو.
اوچتو بگل وڄڻ جو آواز، ڪنن ۾ گونجڻ لڳو ۽ با ادب- باملاحضه
هوشيار جو پڙاڏو به وڌندو وڌندو شهنشاهي ايوان ۾
گم ٿي ويو. بادشاهه سلامت جي اچڻ سان درٻار ۾
ٿيندڙ مکين واري ڀڻ ڀڻ، پڻ بند ٿي ويئي.
”توهان کي خبر آهي، ته اڄوڪي ڏينهن تي اوهان کان ڪهڙا سوال ڪيا
ويندا؟ ۽ انهن سوالن جا جواب مثبت موٽ ۾ ملڻ
گهرجن. منفي موٽ ملڻ تي ڇتن ڪتن جو کاڄ به بڻجي
سگهو ٿا، جن کي مون ڪافي ڏينهن کان بکيو رکيو
آهي.“درٻار جي خاموشيءَ کي چيريندڙ بادشاهه جو
آواز، هڪ موت جي پاڇي وانگر درٻارين کي محسوسو
ٿيڻ لڳو.
”پهريون سوال، دنيا ۾ راهي ڀلي يا پوکي؟“ بادشاهه سلامت جو ٻيهر
آواز گونجڻ لڳو ۽ سندس نظرون چئني پاسي ڦرڻ لڳيون.
”پوکي!“ درٻار ۾ ويٺل سڀني امير امرائن، وزير وزرائن ۽ ٻين هڪ
آواز ٿي چيو.
”ڪيئن ٿا چئو، کولي بيان ڪريو؟“ بادشاهه پڇيو.
”سائين، چوندا آهن ته دنيا ۾ ظالم شئي بک آهي، جيڪڏهن اَن نه
هجي ۽ پوکي نه ٿئي، ته انسان بُک جو بُک ٿي
وڃي.“ درٻار ۾ ويٺل هڪ وزير جرئت ڪندي، بادشاهه
سلامت کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
”هون!“ بادشاهه سلامت جي نظر بورچيءَ تي ”هون،“ سان گڏ ٽڪجي
وئي.
”اڙي تون ڇو خاموش آهين؟“ هن ڀيري بادشاهه بورچيءَ سان مخاطب
ٿيو. بورچي، بادشاهه سلامت کي پاڻ سان مخاطب
ٿيندي، پنهنجي جاءِ تان ڏڪندي ڏڪندي اٿيو ۽ ادب جا
هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو.
”جيئندا قبلا، جنهن ساهه ڏنو آهي، سو روزي به هر حال ۾ ڏيندو،
باقي انسان لاءِ راهي ڀلي آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن سان
راهي نه رکندو، ته اُن جو ربط ٽٽي پوندو ۽ ربط
ٽٽڻ سان هو ڪٿي جو به نه رهندو!“
بورچيءَ جي جواب تي بادشاهه سلامت جا تيور ڦري ويا ۽ جوش جذبات
۾ اچي، اُن بورچيءَ کي ڇتن ڪتن جي واڙي ۾ اڇلائڻ
جو حڪم ڏنو.
حڪم جي تعميل ٿيندي ئي، بورچيءَ کي ڇتن ڪتن جي واڙي ۾ بيدرديءَ
سان اڇلايو ويو ۽ ان سان گڏ درٻار خاص برخواست ڪئي
وئي.
ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ تي بادشاهه سلامت، اُن بدنصيب بورچيءَ جي هڏن
کي زمين ۾ پُورڻ جو حڪم ڏنو.
چوبدار جڏهن ڪتن جي واڙي وٽ پهتا، ته سندن حيرانيءَ جي حد نه
رهي، ڏٺائون ته ڪتا، بورچيءَ جي پيرن ۾ ليٿڙيون
پائي رهيا هئا. اهو منظر ڏسي، ڊوڙي وڃي بادشاهه
سلامت کي آگاهه ڪيائون.
بادشاهه کي اها ڳالهه ٻڌي، يقين ئي نه پئي آيو ۽ پوءِ پاڻ انهن
چوبدارن سان گڏجي اتي پهتو، بادشاهه سلامت کي ڏاڍو
تجسس ٿيو ۽ ان راز تان پردو کڻڻ لاءِ بورچيءَ کي
واڙي مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنائين ۽ گڏوگڏ اهو به حڪم
ڏنائين ته کيس خلوت خاص ۾ موڪليو وڃي.
بورچي ويچارو هڪ دفعو ٻيهر ڏڪندو، ڏڪندو خلوت خاص ۾ داخل ٿيو.
بادشاهه سلامت کي، سندس اها حالت ڏسي، ترس اچي
رهيو هو. جنهن نهايت پاٻوهه سان کيس ويهڻ جو حڪم
ڏنو ۽ چيائينس ته ”هاڻي ٻڌاءِ، ته ڪتن توکي ڇو نه
کاڌو، ان ۾ ڪهڙو راز هو!“
”منهنجا سائين! توهان کي ته خبر آهي، ته مان هڪ بورچي آهيان،
”بورچي“ منهنجو ڌنڌو آهي، پر آهيان انسان! هڪ
انسان جي ناتي منهنجو فرض ٿئي ٿو، ته مان هر ڪنهن
سان ڀلائي ڪريان، چاهي اهو ڪتو ڇو نه هجي. جڏهن به
بچت، سچت ٿيندي هئي ته مان ڪتن کي کارائيندو هوس.
اهو ئي سبب هو، جو ڪتا مون سان مانوس ٿي ويا، جنهن
ڪري مون کي کاڌائون ڪونه ۽ هونءَ به انهن جو پيٽ
ڀريل هوندو هو. ”هڪڙي ڳالهه ٻي به عرض ڪري ڇڏيان
ته: بورچي وري جرئت ڪندي چيو. ”اوهان جي درٻار ۾
هن وقت فقط حلقه احباب خوشامدڙيا اچي گڏ ٿيا آهن،
جيڪي اوهان جي زوال جو سبب بڻجي سگهن ٿا.“
بادشاهه بورچيءَ جي ڳالهين کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجي باغ
جو مالهي ڪري رکيائين ۽ اها به تاڪيد ڪيائين ته
”باغ ۾ جڏهن به شهزاديون اچن، ته تون اتي موجود نه
هج.“
چوندا آهن، ته وقت جهڙو ڪو بادشاهه ڪونهي، ۽ هو هميشه پنهنجي
شان بي نيازي ۾ گم هوندو آهي. اهڙي طرح بورچيءَ به
پنهنجي مالهڪي ڪم ۾ مگن هوندو هو، پر قسمت جي ستم
ظريفي اها ٿي جو، هو جڏهن به ڪونڊين ۾ گل ٻوٽا
پوکيندو هو، ته باغ ۾ پيدا ٿيل ڪوئا اچي انهن کي
ڪتري ويندا هئا، سا ڳالهه کيس ڏاڍي ڏکي ۽ هو ڪنهن
ڪوئي کي ماري به نه پئي سگهيو، ڇاڪاڻ ته کيس خدا
جو خوف ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن قدرت خدا جي اهڙو اتفاق ٿيو، جو هڪ ٻلي اچي اُتي هري
۽ اُن اهڙو ته ڪوئن ۾ ٽاڪوڙو وڌو، جو ڪافي ڪوئا
سندس بک ٿي ويا ۽ ڪي ڀڄي ويا. ٻليءَ جي هرڻ سان
بورچي (مالهي) سک جو ساهه پٽيو ۽ ڪوئن جي وڃڻ
کانپوءِ باغ به باغ بڻجي ويو.
دراصل بورچي (مالهي) هڪ حساس طبيعت انسان هو دل ۾ خيال ڪيائين
ته اهڙي حقيقت کان بادشاهه کي آگاهه ڪجي، سو درٻار
۾ پهچي، کيس عرض ڪيائين ته ”بادشاهه سلامت! باغ
۾ ڪوئا جام هئا، پر مون انهن کي مارڻ مناسب نٿي
سمجهيو جو باغ کي نقصان پهچائيندا هئا، پر خدا جي
قدرت سان هڪ ٻلي اچي هري، جنهن ڪوئن کي نقصان
پهچايو. ڪي ماري ڇڏيائين ۽ ڪي خوف جي ڪري ڀڄي ويا،
هاڻي باغ، باغ آهي.“
بادشاهه سلامت اهو ٻڌي کيس چيو ته ”ابا، جي ٻلي ڪوئن کي نقصان
پهچايو آهي، ته ٻلي به پنهنجي نيت لوڙيندي، تون
وڃي پنهنجو ڪم ڪر!“.
ڏينهن پنهنجي مدام سان گذرندا رهيا ۽ بورچي (مالهي) پنهنجو ڪم
ڪندو رهيو. هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو هڪ ڪتو باغ ۾
گهڙي آيو ۽ ٻليءَ کي ماري ڇڏيائين. مالهيءَ کي
ٻليءَ جي مرڻ تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وري به ان جو اطلاع
بادشاهه سلامت کي ڏنائين.
بادشاهه سلامت سندس ڳالهه ٻڌي، چيو ته ”ابا“ جي ڪتي، ٻليءَ کي
ماريو آهي، ته اُهو به پنهنجي نيت لوڙيندو ۽
تون وڃي پنهنجو ڪم ڪر!!“
مالهيءَ کي بادشاهه سلامت جو اهو جواب نه وڻيو ۽ ڪاوڙ مان
درٻار مان ٻاهر نڪري ويو. سندس هٿ ۾ رنبو هو. جيڏي
مهل هو باغ ۾ پهتو ته اتي ڪتي کي بيٺل ڏٺائين ۽
ڪاوڙ ۾ ته اڳي ئي هو، رنبو کڻي ڪتي کي هنيائين ته
ڪتو مري ويو.
ڪُتي کي مارڻ کانپوءِ مالهيءَ جو جوش ڍرو ٿيو ۽ ڏاڍو پڇتائڻ
لڳو ۽ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو. دل ۾ وري به
خيال آيس ته بادشاهه سلامت کي وري به ان حقيقت کان
آگاهه ڪري، ته مون ڪتي کي ماري ڇڏيو.
بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي، طيش ۾ اچي ويو ۽ چيائين ته ”توجي ڪتي
کي ماريو آهي، ته تون به پنهنجي نيت لوڙيندين!“
مالهيءَ کي اچي خوف طاري ٿيو ۽ هو هر وقت ڪنهن اڻ ڄاتل ڊپ جي
ڪري، موت جو انتظار ڪرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن شهزادين کي اچي شوق جاڳيو ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن،
باغ ۾ گهمڻ نه ويون آهيون، اڄ باغ گهمجي، پر اها
خبر مالهيءَ کي نه پئي، ته ڪو اڄ باغ ۾ شهزاديون
اچي رهيون آهن، سو پنهنجي ڪم کي لڳو. اوچتو جڏهن
باغ ۾ شهزادين کي داخل ٿيندي ڏٺائين، ته ڊپ جي
ڪري، هڪ وڻ تي چڙهي ويهي رهيو.
اتفاق سان باغ گهمندي، گهمندي، جڏهن شهزاديون ان وڻ جي ڇانو هيٺ
اچي بيٺيون ، جتي مالهي لڪل هو، هڪ شهزاديءَ کي نڇ
آئي، ته ان مٿي نهاريو ته کيس ويٺل ڏٺائين ۽ وٺي
دانهون ڪيائين.دانهن تي سڀ حيران ٿي مٿي نهارڻ
لڳيون. مٿي مالهيءَ کي ويٺل ڏسي. بادشاهه سلامت
کي اطلاع ڪيائون، بادشاهه کي جڏهن خبر پئي، ته
مالهيءَ منهنجي حڪم جي انحرافي ڪئي آهي، تڏهن حڪم
ڪيائين ته کيس ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي.
مالهيءَ ڦاهيءَ جي آخري ڏينهن تي پنهنجي آخري خواهش جو اظهار
ڪيو، جنهن تي جلاد کيس بادشاهه اڳيان پيش ڪيو.
”منهنجا سائين! توهان منهنجي ڦاهيءَ جو حڪم ته ڏئي ڇڏيو آهي، پر
حقيقت ۾ مان بي گناهه آهيان ۽ ياد رکجو توهان به
هڪ ڏينهن پنهنجي نيت لوڙيندا.“
بادشاهه سلامت، مالهيءَ واتان اهي لفظ ٻڌي، وائڙو ٿي ويو ۽
پنهنجي نيت لوڙڻ کان بچن لاءِ حڪم ڪيائين ته
مالهيءَ کي آزاد ڪيو وڃي!.
سهڻي پارس مني
ڪهاڻي
ويچاري گگدام
”هو“ روز ٻن ڪتن کي صبوح ۽ شام جو ٻه دفعا کير پيئاريندو هو. هڪ
ڪتي هئي ٻيو سندس ٻچو هو. نت نيم صبوح جو ساڍي
ڇهين ۽ ستين بجي جي وچ ۾ ٻئي ڪتا اچي هن جي در تي
بهندا هئا. ڪڏهن ٿوري دير لڳندي هئي ته ٻئي ڪتا
دروازي جي ٻاهران ويهي رهندا هئا ۽ ”هن“ جي جي
دروازي کولڻ تي پڇ لوڏي ڄڻ ”گڊ مارننگ“ چئي کيس
کيڪاريندا هئا. ”هن“ کي هڪدم اهو فرض ياد ايندو هو
۽ ٻن مقرر ڪيل ٺڪرجي ٿانون ۾ کير کڻي هنن اڳيان
رکندو هو. کير پي ٻئي ڪتا وري پڇ لوڏيندا هئا،
گويا شڪرانا ادا ڪندا هجن. ڪتن سان ”هن“ جي دوستي
ايتري ته گهري ٿي وئي هئي جو، اهي پنهنجي مقرر وقت
تي نه ايندا هئا ته ٿوري وقت لاءِ ”هن“ جي دل ۾
خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ويچار ايندا هئا. وري جي، هڪ
اڌ ڏينهن پنهنجي مهربان مالڪ جي بدران ڪنهن ٻئي کي
کير پيئاريندو ڏسندا هئا ته ٻئي ڪتا ملول منهن سان
ڪجهه وقت اتي بيٺا هوندا هئا. سندس چهري جي ڀاونا
مان لڳندو هو ته هو پڇندا هجن: ”اسان جو مهربان
سائين ڪٿي آهي؟ ٺيڪ ته آهي نه؟“
۽ جڏهن پنهنجي مالڪ جو ديدار ڪندا هئا تڏهن ٻنهي سمجهؤ پسن جا
منهن سرها ڏسبا هئا ۽ کير پيئڻ کان اڳ ”هن“ جي
پيرن کي اچي چمندا هئا. |