ڪتاب جي مهورت ڪار سائين قمر شهباز پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي
چيو ته، شاهڪار ادب قومن کي ـشعور ڏئي ٿو. جيئن
مئڪسم گورڪي جي ناول ”ماءُ اسان کي قومي شعور
ڏنو. جيتوڻيڪ ناول ”ماءُ“ هن ڌرتي جو نه هيو، سندس
ڄاڻايل ڪردار ۽ ماحول هتان جو نه هيو، پوءِ به
انهيءَ ناول امر جليل، اياز.... ۽ ٻين کوڙ سارن
ليکڪن کي لکڻ لاءِ اتساهيو، ڌرتيءَ ماءُ جي سڳنڌ
سبب ئي اسان ۾ شعور جو سفر هليو، ڌرتيءَ سان پيار
۽ انقلاب جون چڻنگون دکيون.“ قمر شهباز چيو ته،
”استاد هڪ بهترين سکيا ڏيندڙ آهي، سائين ايڇ. ايم
خواجه اسان کي لکڻ لاءِ اتساهيو ۽ چيو هئائين ته،
مان اوهان جي هر پيڙا ۾شامل هوندس، ڇاڪاڻ ته مان
استاد آهيان.“ ليڪن اڄوڪو استاد پنهنجو مقصد وڃائي
ويٺو آهي. وڌيڪ چيائين ته، سنڌ ۾ نڪرندڙ سڀني
رسالن توڙي اخبارن ۾ هڪ لفظ به غيرسنجيده ڪونهي؛
ڇو ته سنڌ ٻري رهي آهي ۽ ان جو عڪس اسان جي لکڻين
۾ نمايان آهي، ”قمر شهباز“ چيو ته، ڪلهه ۽ اڄ ۾ ڪو
فرق ڪونهي، اسان ۾ ۽ نئين نسل ۾ ڪو فرق ڪونهي ڪا
پيڙهه وڇوٽي ڪونهي، ڇو ته اسان ڏاڍ جا ماريل
آهيون، غلام قوم جا غلام فرد آهيون، اسان کي سهپ
پيدا ڪرڻ گهرجي. منهنجا خيال اوهانجا آهن ۽
اوهانجا خيال منهنجا آهن، چوندا آهن ته پيار ۾ وڏي
طاقت آهي پر مان چوان ٿو ته نفرت ۾ وڏي طاقت آهي.
ڪتاب بابت چيائين ته، ”ڪتاب جي تخليق انسان جي
تخليق جيان آهي، جيئن هڪ ماءُ سور ڀوڳي ٿي تئين
اديب به سور ڀوڳي ٿو، اڪبر ساگر به پنهنجن ڀوڳنائن
کي قلمبند ڪيو آهي. اڪبر کي اسان سڀني کي ڌرتي جي
هر شيءَ تي لکڻ گهرجي..... ۽ جيڪڏهن اڄ اسان نه
لکيو ته سڀاڻي ڪو نوحو لکڻ وارو به ڪونه هوندو.“
آخر ۾ هن نيشنل سينٽر جي انچارج ۽ ميزبان سائين
عابد لغاري چيو ته، ڏات ڌڻي منهنجي ڪمزورين مان هڪ
ڪمزوري آهن. اوهان اچو ٿا ته دل ٺري ٿي پئي. هي
ادارو اوهانجو آهي. هتي اچو، مطالعو ڪريو، ڪجهه
ڳالهايو، رهاڻيون ڪريون، مان اوهان سان گڏ آهيان
.“ هن رهاڻ ۾ سائين مخدوم جميل الزمان، نواز علي
شوق، نصير مرزا، زيب نظاماڻي، نثار حسيني، اظهار
سومرو، نزهت پٺاڻ، خيرالسناءِ جعفري، سلميٰ
پنهور، شگفته جماڻي، روشن آرا تبسم، نجمه پنهور،
ثمينه ميمڻ، زيب ساريو، سائين خدا بخش پنهل،
عبدالمجيد سومرو، امين ارباب، جاويد سحر ۽ ٻين کوڙ
سارن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر محمود مغل نارائڻ شيام جي
خوبصورت شعر جو سهارو وٺي، رهاڻ جو اختتام ڪيو ۽
پوءِ سُرن جي ڇيڙڻ جو وقت آيو محفل موسيقي رچائي
وئي ۽ انهن سازن جي چرپر ۾ ئي الوداع.... الوداع
چيو ويو.
رپورٽ: بينا حاجي ميمڻ
سنڌ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان غريبن ۾ عيد جا ڪپڙا ورهائڻ واري پروگرام
جو اکين ڏٺو احوال
سنڌ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي طرفان عيد جا ڪپڙا
غريبن ۾ ورهايا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ريڊيو
پاڪستان ڪراچيءَ جي پروڊيوسر خليل چنا ڪئي،
پروگرام جي صدارت وزير جنگلات منظور پنهور ڪئي،
مهمان خاص سنڌ ڪائونسل جو صدر جوهر لاڙڪاڻوي هو،
جڏهن ته اعزازي مهمان مسز عابد هئي، پروگرام جي
شروعات رب پاڪ جي نالي سان ڪئي وئي، ڪلام پاڪ جي
تلاوت نظر محمد ڪئي، يڪدم سڀني مهمانن کي روشن
تبسم اجرڪون پارايون.
ان کانپوءِ سنڌو ويفليئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين ۽
انهيءَ پروگرام جي آگنائيزر ميمڻ روشن تبسم، سنڌو
ويلفيئر ايسوسيئيشن جي تنطيمي ڪارڪردگي ٻڌائيندي
چيو، مان هميشه الله جي بندن جي خدمت خدا جي
عبادت سمجهي ڪندي آهيان، مون جڏهن کان خلق جي
خدمت جو ٻيڙو کنيو آهي، تڏهن کان پنهنجي وجود کان
وڌيڪ ڏکويلن جي ڏکن جي پرگهور سمجهيو اٿم، هن چيو
هن تنظيم جو بنياد 1989ع حيدرآباد ۾پيو، انهيءَ وچ
۾ رب پاڪ جي مهربانيءَ سان تنظيم طرفان 20 نوجوانن
کي روزگار وٺي ڏنو ويو. ڪافي دفعا اسڪول جي ٻارن ۾
يونيفارم ۽ ڪتاب ورهايا ويا، مسجدن ۾ پنکا ۽ بيوه
عورتن ۾ سلائي مشينون ورهايون ويون، پنجن نياڻين
کي ڏيج ڏنو ويو ۽ ڪجهه غريب ماڻهن جو علاج ڪرايو
ويو، هن وڌيڪ چيو ته بي روزگاري ۽ غربت، معاشري ۾
براين کي هٿي ڏي ٿي، جيڪي ماڻهو سٺي پوزيشن وارا
آهن، تن تي فرض آهي ته ننڍيون ننڍيون صنعتون قائم
ڪري، بک ۽ بيحالي خلاف جدوجهد ڪن.
مسز عابد چيو، سوشل تنظيمون معاشرتي جوڙجڪ ۾ مکيه
ڪردار ادا ڪن ٿيون، ميمڻ روشن تبسم کي جَسُ هجي،
جو هن هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺي غريب يتيم نياڻين جي
خوشين ۾ حصيدار ٿي، ثواب ڪمايو آهي. مهمان خاص
محمد علي جوهر تقرير ڪندي چيو، ميمڻ روشن تبسم جو
قدم ساراهه جوڳو آهي، هن اڪيلي سر هيءُ مانڊاڻ
مچايو آهي.
اسان وٽ جيڪڏهن تبسم جهڙيون نياڻيون جنم وٺنديون
رهن ته اسانجو معاشرو براين کان پاڪ ٿي سگهي ٿو.
صدارتي تقرير ڪندي وزير جنگلات مير منظور پنهور
چيو مونکي هن محفل ۾ ايندي تمام وڏي خوشي محسوس
ٿي رهي آهي. آئون غريب ماڻهن جي وچ ۾ پاڻ کي
خوشنصيب ٿو سمجهان. هن چيو ته آئون هنن ۾ هنن
منجهان پاڻ پيو سمجهان، آئون سنڌو ويلفيئر
ايسوسيئيشن جي چيئرمين جو شڪر گذار آهيان، جنهن
مونکي هتي اچڻ جو شرف بخشيو ۽ آئون يقين ٿو
ڏياريان ته جڏهن به تبسم صاحبه سوشل ڪم ۾ مونکي
سڏ ڪندي، مان کيس سڏ ۾ سڏڏيندس. آخر ۾ هن تنظيم
کي پنج هزار رپين ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
تقريرن کانپوءِ ڪراچيءَ جي ڳوٺن مان آيل غريب،
يتيم ۽ بيواهن ۾ واري واري سان عيد جا ڪپڙا ورهايا
ويا.
پڄاڻيءَ تي ميمڻ روشن تبسم آيل مهمانن جو شڪريو
ادا ڪيو، ائين هيءُ پروگرام ٻن ڪلاڪن تائين هلي،
پڄاڻي تي پهتو.
قمر شهباز
عيد
چئني پاسي عيد جو شور آهي.
جلدي ڪيو ڪپڙا سبي ڏيو، عيد پئي اچي.
جلدي ڪيو بوٽ وٺي ڏيو، عيد پئي اچي.
جلدي ڪيو پگهار ڏيو، عيد پئي اچي.
جلدي ڪيو اوڌر موٽائي ڏيو، عيد پئي اچي.
عيد ڇا پئي اچي، ڄڻ ان کانپوءِ ٻيو ڏينهن نه
ٿيندو.
هر ماڻهو ان فڪر ۾ آهي ته جلد کان جلد، جيترو ٿي
سگهي اوترو گهڻون پئسو هٿ ڪجي ۽ جيترو ٿي سگهي،
اوترو گهڻو پئسو خرچ ڪجي.
سڀاڻي جو ڪنهن کي به فڪر ڪونهي، بچت جي ڪنهن کي به
ڳڻتي ناهي.
اهو ڪوبه نٿو سوچي ته عيد کانپوءِ ڇا ٿيندو؟
ڪٿان کائينداسين ، ڪٿان رهنداسين، ڪٿان جيئنداسين
؟
هڪ مزور کان پڇيم: سڀ ڪجهه کپائي خرچي ويهي
رهندين. پوءِ ڇا ڪندين؟
چيائين: مزور آهيان مزدوري ڪندس.
چيم: خدانخواسته اگهو سگهو ٿي پوين ته پوءِ؟
چيائين: اگهو ٿيندو آهيان تڏهن جڏهن پئسو هڙ ۾
هوندو اٿم. سڃي جي ڪهڙي اگهائي؟ سڃائي ته پاڻ
بيماري آهي بادشاهه!
هڪ ٽي- وي پروڊيوسر دوست اٿم، اڄڪلهه ڏاڍو مشغول
آهي.
پڇيومانس: ڇا ڳالهه آهي؟ اڄڪلهه تمام گهڻو ڪم
اٿئي ڇا؟
چيائين: ڏاڍو، ڊڪي ڊوڙي مري پيو آهيان.
چيم: ڇا پيو ڪرين؟
چيائين : هڪ ڊرامونپيو پروڊيوس ڪيان عيد جي لاءِ.
ان ۾ ڦاٿل آهيان.
چيم: عيد لاءِ ڪو خاص ڊرامون آهي ڇا؟
چيائين: ها. فضول خرچيءَ جي خلاف هڪ مزاحيه
ڊرامون لکايو اٿم، ان تي ڪم پيو ڪيان. ڏسجانءِ
ويٺو منهنجي ان ڊرامي ڏسڻ کانپوءِ ماڻهو اجايو خرچ
ڪرڻ ڇڏي ڏيندا. ڪوڙي ڏيکاءُ خاطر قرض وٺڻ وارا شرم
کان پاڻي پاڻي ٿي ويندا. آمدني کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ
وارا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا.
مان هلڻ لڳس ته هن چيو: ترس يار، هڪ ڳالهه ته
ٻڌ.
چيم: حڪم ڪر.
چيائين: هڪڙا پنج سو روپيه اڌارا ڏيندين؟
زال ڏاڍو بيزار ڪيو آهي ته عيد لاءِ نئين ساڙهي
وٺي ڏي.
چيم: تو ته فضول خرچيءَ خلاف ڊرامون تيار ڪيو آهي؟
چيائين: زال لاءِ ساڙهي وٺڻ فضول خرچي ٿورو ئي
آهي!
منهنجي پٽيوالي رمونءَ چيو: سائين عيد ويجهي آهي.
هن ڀيري پگهار ٿورو اڳواٽ وٺائي ڏيو ته ڏاڍي
مهرباني ٿيندي.
چيم: رمون توکي پگهار جي ڪهڙي گهرج؟
چيائين: سائين عيد تي خرچ ته ضرور ٿيندو نه.
چيم: توکي هن مهيني ۾ ٻه بونس مليا آهن.
چيائين: سائين هڪ مان پنهنجا ڪپڙا ٺهرايم،
ٻي مان ٻارن جا ٺهرايم.
چيم: توکي هن مهيني موڪل جي بدلي پگهار به ته ملي آهي.
چيائين: سائين ان مان بوٽ ورتم.
چيم: توکي هن مهيني طبي سهوليتن جي بچت وارا پئسا به ته مليا
آهن.
چيائين: سائين انهن مان سڄو گهر سينيما ڏسندو.
چيم: توکي هن مهيني بهبوديءَ وارو قرض به ته مليو آهي.
چيائين: سائين ان مان سڄي ڏينهن جي ٽئڪسي ڀاڙي ڪري عيد ڏينهن
ڪلفٽن تي وينداسين.
چيم: تو هن مهيني پراويڊنٽ فنڊ مان به قرض کنيو آهي.
چيائين: ان مان سس کي نوان ڏند وجهايا اٿم سائين.
چيم: ايترا سارا فضول خرچ ڪيا اٿئي اڃان به پگهار اڳواٽ ٿو
گهرين؟
چيائين: سائين فضول خرچ ته صرف هڪڙو ئي ڪيو اٿم ۽ ان لاءِ ڏاڍو
پڇتايان پيو.
چيم: ڪهڙو؟
چيائين: سائين بي وقوفي ڪري ٻه ڳوڻيون ڪڻڪ جون خريد ڪري ويٺو
آهيان، اهي پئسا هجن ها ته جيڪر سهري کي به نوان
ڏند وٺي ڏيان ها. عيد تي کائي پي ڏاڍو خوش ٿئي
ها!
هڪڙي فقير اچي هٿ کان جهليم. چيائين: خدا جي نالي تي ڏهه روپيه
ڏي.
مان وائڙو ٿي ويس. چيم: ڏهه روپيه؟
چيائين: سائين ڀلائي ڪر. ڏهه روپيه ڏينم.
چيم: فقير ڏهه پئسا گهرندا آهن. ڏهه روپيه ته ڪونه گهرندا آهن.
چيائين: عيد جو موقعو آهي صاحب.
چيم: عيد تي ڇا ڪندين؟
چيائين: ڪو ڪم اٿم سائين.
چيم: ڪهڙو اهڙو ڪم اٿئي جنهن لاءِ ڏهه روپيه کپني؟
چيائين: سو روپيه کپندا هئم. نوي روپيه گڏ ڪري ورتا اٿم، باقي
ڏهه روپيه ڏينم ته وڃان.
چيم: پوءِ به ٻڌاءِ ته سهي، سور پئي جا ڇا وٺڻو اٿئي؟
چيائين: سائين پنڻ وارو ڪشتو پراڻو ٿي ويو آهي، اڄڪلهه انهن
ڪشتن جو فيشن به ڪونه رهيو آهي. ان ڪري سو روپيه
جو اسٽيل جو ڪشتو ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو اٿم.
ڏينم ڏهه روپيه ته عيد تي نئون ڪشتو کڻي ڪا لئه ڪيان!
**
مائي ملوڪان آئي. چيائين: ابا توکي عيد جي پائڻ جا ڪپڙا آهن ئي
ڪونه، سو چوان ٿي ته هن ڀيري مان وٺي ڏيانءِ.
چيم: نه مائي مهرباني. مان ائين ئي چڱو آهيان. تون نه رڳو
منهنجن ڪپڙن جا پئسا مونکان گهرندينءَ پر مون رڳو
پنهنجا به چار پئسا مون منجهان ڪڍي ويندينءَ.
مائيءَ کي چپ وٺي وئي. چڱي دير رکي چيائين: پٽ مون ته تنهنجي
ڀلائي پئي گهري، وڌيڪ تنهنجي مرضي.
چيم: مائي پهريون اهو ٻڌاءِ ته مون کان پئسا اوڌر ته نه
گهرندينءَ؟
مائي چيو: نه ابا.
چيم: پئسا ساڻ اٿئي؟
چيائين: هائو ابا.
چيم: هاڻي اهو ٻڌاءِ ته اهي پئسا آندئي ڪٿان؟
چيائين: لڌا اٿم پٽ. سڄا ساراٽي سو روپيه.
چيم: ڪٿان لڌئي اهي ٽي سو روپيه.
چيائين: تنهنجي ٻٽونءَ مان ٻچا!
چاچو ڪوڙو خان، جنهن کي اڪثر ماڻهو ”ڪُوڙو خان“ پڙهندا آهن، سو
به عيد جي خريداري ڪرڻ ڪراچيءَ آيو.
خوش خير عافيت کانپوءِ پڇيومانس: چاچا ڪر خبر ڪهڙي خريداري ڪرڻ
آيو آهين؟
چيائين: ابا، چيم ته انسان ته عيد ڪن پيا.
ويچارن گگدامن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟ گهوڙي ڀلي ويچاري سدوري ٻُسي بيٺي
آهي در تي، ڇو نه ان کي عيد ڪرايان؟ سو ان لاءِ ڪو
هنو، ڪو تل، ڪو رڪاب، ڪو نئون لغام، گلن وارا
جهاٻا، چانديءَ جون ڇمڪڻيون وٺڻ لاءِ آيو آهيان.
ٻيو مڙئي خير.
چيم: چاچا اهو ته وڏو خرچ ٿي ويندو.
چيائين: هزار کن کڻي آيو آهيان پٽ.
چيم؟ هزار روپيه آندئي ڪٿان چاچا؟
چيائين: آڻيندس وري ڪٿان؟ گهوڙي وڪڻي پئسا ڪري آيو آهيان پٽ! |