سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :6

هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ واندي ويٺي هئي، جڏهن ته شيله ۽ سطوت ڪنوار سينگارڻ لاءِ ويل هيون. ڪجهه عورتون هيون جن کي پارلر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريون ڊيل ڪري رهيون هيون. تڏهن سندس نظر ڪائونٽر تي پي- منٽ ڪندڙ نوجوان عورت تي پئي. هوءَ کيس ڪجهه ڄاتل سڃاتل پئي لڳي. جيئن ئي هوءَ سڌي ٿي ته ڪونج  تي اک پيس.

”اڙي ڪونج“! هن کيس بي اختيار ڀاڪر پاتو ته کيس ياد اچي ويو.

”روزي! تون ته صفا سڃاڻڻ ۾ ئي نه ٿي اچين.“

”شادي کانپوءِ ڪجهه  فرق ته پوندو آ نه.“ روزي کلندي اطلاع ڏنس.

”ته ڇا! منهنجا خدا! تو شادي به ڪري ڇڏي ۽ مون کي گهرايئي به ڪونه. ايمان سان صفا بي مروت نڪتيئن.“ هن ڏوراپا ڏيڻ شروع ڪيا. هوءَ انتهائي ايڪسائيٽڊ ٿي رهي هئي.

”بس مان ايڏي ته اپ- سيٽ هيس جو ڪنهن کي به نه گهرايم.“

”ڀلا توکي ۽ ادا جاويد کي ظالم سماج ملڻ ڪيئن ڏنو!“

روزي هڪدم هن جي وات تي هٿ رکي ڇڏيو. ميڪ- اپ جي گلابي تهه جي باوجود، ڪونج هن جي منهن تي پکڙجي ويل هيڊاڻ محسوس ڪري ورتي هئي.

آفس ۾ چانهه سپ ڪندي روزينه هوريان هوريان پنهنجي ڪٿا کيس ٻڌائڻ شروع ڪئي.

”توکي ته خبر آ جاويد ۽ مان هڪٻئي کي ڪيڏو ڀائيندا هياسين. جدائي جي تصور کان ئي اسان ڏڪي ويندا هياسين. پر پوءِ حالتن  اهڙا  ته پاسا ورايا، جو اسان جي وچ ۾ وڇوڙي  جا سمنڊ اچي ويا.

جاويد کي ٿڃ بخشرائڻ خاطر پنهنجي ماسات سان شادي ڪرڻي پئي. پوءِ مون به سڄي عمر شادي نه ڪرڻ لاءِ سوچي ڇڏيو هو. پر امان جي دل ايڏي ته ڪمزور ٿي وئي هئي، جو بقول اسان جي فيملي ڊاڪٽر جي، منجهس ڪوبه صدمو سهڻ جي سهپ نه هئي، بس پوءِ منهنجي فيصلي جي سختي کي محبتن ۽ مصلحتن  جي ڪٽ کائي وئي. شادي کان اڳ مون اقبال کي سڄي حقيقت ٻڌائي هئي، پر هو سمورو اختيار پنهنجن مائٽن کي  ڏئي چڪو هو. بهرحال شابس آ هن مرد کي جو ڪڏهن ڀلجي به مون کي جاويد جو مهڻو نه ڏنو اٿائين. مون کي ته ائين لڳندو آ، ڄڻ جاويد ڪو خواب هيو جنهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هو. اقبال ايڏو ته احترام ڪندڙ ۽ خيال رکڻ وارو آهي، جو سچ ته مونکان جاويد وسري ويو هيو. اهو ايترو به اڄ تو ياد ڏياريو آ.“

You are really lucky نه ته، مرد ته زال جي ماضي سان وابسته ڪنهن ”مذاق“ کي به نه سهي سگهندا آهن، محبت ته وڏي ڳالهه آ.“ ڪونج جي تصور ۾ بينا جو سراپو گهمي ويو.

Of course I am lucky  روزي فخريه لهجي ۾ چيو.

ٻاهر اڇي پجيرو اچي بيٺي هئي.

”اوهه، اقبال اچي ويو. مان هاڻي هلندس.“ هوءَ شيشي کان ٻاهر  ڏسندي اٿي کڙي ٿي. ڪونج به هن جي نهار ڏانهن نگاهه ڪئي ته ڇرڪ نڪري ويس، ڇو جو ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل لينڊ- لارڊ  هوبهو محسن جهڙو هيو. سندس پراڻو ڦٽ اکلي پيو. ”روزي، تو گهر واري جو نالو ڇا ٻڌايو هيو؟“ هن هٽڪندي پڇيو.

”اقبال....... سيد محسن اقبال. ڇو سڃاڻينس ڇا؟“ روزي ڪجهه حيران ٿيندي وضاحت سان مڙس جو نالو ٻڌايس.

”نه بس ائين ئي. دراصل وسري ويو هيم.“  ڪونج کان ٿڌو ساهه نڪري ويو. ”Ok By  روزي پرس سنڀاليندي ٻاهر نڪري وئي.

”خدا حافظ.“ هن ٻڏل لفظن سان موڪلايو.

ڪونج جو هنياءُ ڄڻ ته مٺ ۾ اچي ويو هيو.

اف منهنجا رب!  ريوالونگ چيئر تي ڊهي پئي. سندس پيشاني تي پگهر جا ڦڙا جرڪڻ لڳا ۽ کيس پنهنجو ذهن پڇتاون جي ڪُنَ ۾ ڦيريون پائيندي محسوس ٿيڻ لڳو.

رکي رکي سندس من- ڦرهيءَ تي اياز جون سٽون اڀرڻ ۽ مٽجڻ لڳيون.

اڙي سانگي سک جا، پتو ڪونه پيوءِ،
ڏونگر سارو ڏک جو، جيءَ منجهان جوڙيوءِ،
پرجهيئه تنهن کان پوءِ،  ڇا کان پير پٿون ٿيا.
 

فرزانه شاهين مڱڻيجو

درد جو درياءُ

سُکن واري سَڌَ متان ڪا مون سين ڪري،
اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.
ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺاسون، سورن ۾ جند ساڻي اَلا-
 

علڻ فقير جي روح ۾ گهاوَ ڪندڙ وائي گونجي رهي هئي ۽ ڪمري ۾ موجود پيڙائن ۾ وڌيڪ پيڙا جو احساس ڏيئي رهي هئي. ائين لڳي رهيو هو، سندس آواز اسان جي اندر مان چيرجي نڪري رهيو هجي. درد جو به عجيب رشق آهي. سڀني جي دلين مان ساڳئي شدت سان اڀرندو ۽ فنا ٿيندو آهي. ائين لڳي رهيو هو، ڪمري جون ڪچيون ليپي ڏنل ديوارون درد ۾ ٻڏي رهيون هجن ۽ درد جي شدت کان ديوارن ۾ ڏار پئجي رهيا هجن ۽ مان به درد جو اونهو سمنڊ بڻجي وئي هجان. وائي ختم ٿي پر درد اڃان به ساڳيءَ  شدت سان جذبن مٿان پٿر وسائي رهيو هو. اڄ پنهنجي چپن تي ساڳي ماٺ رقص ڪري چپن کي زخمي ڪري رهي هئي. لفظ چپن تي صرف گهنگهرن جي شور وانگر وڄي ساڻا ٿي رهيا هئا. ڄڻ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا يا شايد ڪجهه به ڳالهائڻ لاءِ بچيو ئي ڪونه هو..... يا سڀ لفظ ڪنهن رقاصه جي جسم وانگر وڪامجي ويا هئا. صرف کوکلو روح رهجي ويو هو، جيڪو تباهه ٿيل کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو هو.... سوچيم.... ڳالهايون  به ته ڇا....؟

روز ساڳيون ڳالهيون..... روز ساڳيو بحث ۽ محرومين جو ساڳيو عذاب..... روز پنهنجي بکن جو ساڳيو پٽڪو ۽ پنهنجي خوابن جو ساڳيو روڄُ ۽ ريهون .... ۽ جڏهن سڀ ڪجهه ڳالهائي ساڻا ٿي پوندا هياسين تڏهن اسان جا خاموش سڏڪا رڙيون ڪري اسان جي جذب کي جهنجهوڙيندا هئا. تڏهن اسان جي اندر جا اُڌما ڦاٽي پوندا هئا ۽ نه کٽندڙ عذاب اکين ۾ تري ايندا هئا.

روز شام جو جڏهن  سانجهيءَ جا ميرانجهڙا رنگ  هر طرف ڪارنهن پکيڙيندا هئا ۽ ٿڪل  جذبا اُداسيءَ جي آڙاهه ۾ ڦٿڪندا هئا، تڏهن هُن جي اوسيئڙي ۾ اکيون دَر ۾ اٽڪائي نهاريندي هيس ته شايد اڄ جي شام اسان لاءِ روشنيون آڻي.... پر جن ماڻهن اونداهيءَ ڳلين ۽ گند جي ڍير تيجنم ورتو هجي، انهن جي زندگيءَ ۾ روشني جي ننڍڙي ڪرڻي جي به گنجائش  نه هوندي آهي. هو روز مايوسيءَ جي ڌوڙ چهري تي لٽي نراسائيءَ جا لڙڪ اکين ۾ ڀري جڏهن گهر جي چانئٺ ٽپندو هو، ته سندس جهڪيل اکيون ڪجهه به ٻڌائڻ کان قاصر هونديون هيون. هو منهنجي ڀر ۾ اچي ويهندو هو سڄي ڏينهن جو ٿڪ پٽڻ لاءِ..... تڏهن هن کي ڏسي سوچيندي آهيان اسان لوئر ڪلاس جا ماڻهو، جڏهن شام جو ٿڪيل هاريل گهر ورندا آهيون ته پنهنجي گهرجي ڇانوَ هيٺان سڪون جي هنج ۾ پيار جون مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سڄي ڏينهن جا عذاب اوريندا آهيون. هو سڄو ڏينهن روڊن جي ڌوڙ اڏائيندو هو ۽ مان سڄو ڏينهن آفيسن جا ڌڪا کائيندي هيس. اسان ٻئي اونداهي ڳلين جا مسافر هياسين. اڪيلي سر محرومين سان جنگ وڙهندي وڙهندي هاڻي ٿڪجي پيا هياسين..... روز صرف ان آس تي ملندا هياسين ته شايد سڀاڻي جو نڪور سج اسان لاءِ پيار محبت جو پيغام آڻي، پر روز سواءِ مايوسيءَ جي ڪجهه به نه ملندو هو.....

مون وٽ پنهنجي ۽ گهر وارن جي جياپي  لاءِ معمولي انڌي ڪاڻي نوڪري ته هئي. پر هن وٽ وڏي ڊگري هوندي به معمولي ڪلارڪي  به ڪونه هئي، روز ڌڪا  کائي موٽندو هو...... تڏهن سندس حالت رحم جوڳي هوندي هيس..... اسان خبر ناهي ڪهڙي رشتي جي تند ۾ ٻڌل هياسين، جنهن جو نانءُ الائي هوندو به آهي يا نه.... اسان پيار جي فلسفي تي ڪڏهن به ڪين ڳالهايو هو، شايد اسان جهڙا ماڻهو پيار افورڊ ڪري ئي نه ٿا سگهن. اسان ته پٿر  جي مجسمن وانگر هوندا آهيون. جن جي اندر ساهه چرندو  ئي ناهي......

مان هُن کي ڏٺم ته هُن جي اندر به ساڳي جنگ جاري هئي. اڄ سندس کوکلا ٽهڪ به گم ٿي  ويا هئا، ماٺ جي پاتار ۾ ٻڏل هو ۽ هن جي خاموشيءَ کان مون کي وحشت ٿي رهي هئي. آخر جهنجهوڙيندي چيومانس.

”ڪجهه ڳالهائين ڇو نه ٿو، مون کي تنهنجي ماٺ کان وحشت ٿي رهي آهي.“

هو ڪجهه به نه ڪڇيو خبر ناهي ڇت ۾ ڇا ڳولي رهيو هو. ڳالهائڻ لاءِ ٻيو موضوع نه مليو ته وري پراڻو سوال دهرايو مانس.

”نوڪريءَ جو ڪجهه ٿيو.....؟“

ڄاڻان پئي منهنجي ان هڪ سوال هن جي اندر ۾ ڪيترائي سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، پر پوءِ به روز اهو سوال ڪندي هيس، ڄڻ ان هڪ سوال جي ڳنڍ ۾ منهنجون سموريون خوشيون ٻڌل هجن.

هُن ناڪاريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو....

”سارنگ توکي خبر آهي امان ڇا چيو آهي....؟“

هُن مون ڏي ڏٺو.

”ها ڄاڻان پيو، اهوئي نه ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي  تيستائين پنهنجي شادي ڪونه ٿيندي ۽ اهو به ته جيڪي مرد زالن جي ڪمائيءَ تي هري وڃن، اهي سڄي عمر ناڪارا ٿي ويندا آهن ۽ زالن جي ٽڪرن تي پلندا آهن..... ها ساران  مان ڪالهه سڀ ڪجهه ٻڌي ورتو هو.“

”ٻڌڻ کانپوءِ به آخر ڪيستائين ائين ئي رستن تي ڊوڙون پائيندو رهندين....، آخر ڪيستائين  پنهنجي آدرش سان جنگ  وڙهندو رهندين.“

”جيستائين ضمير ۽ منهنجي اندر جو انسان زنده آهي.“ هن ماٺ کي ٽوڙيو.

ڇا ڏنو آهي تنهنجي کوکلن ۽ خالي آدرشن ڪيستائين منهنجي خوابن کي انهن خالي آدرشن جي فاقه ڪشيءَ جي سوليءَ تي لٽڪائيندو رهندين..... تو جهڙن انسانن کي ته زنده رهڻ ئي نه گهرجي...... ڇا ڏنو آهي تنهنجي  سياست ۽ تنهنجن نعرن سواءِ جيل سزائون..... بک.... افلاس.... اهوئي  ڪجهه مليو آهي نه...... تو جن لاءِ سِرُ تريءَ تي کڻي حق جو نعرو هنيو هو، اڄ اهي سڀ پنهنجون وفاداريون مٽائي ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ تون يا ته جيل ۾ سڙي مري کپي رهيو آهين.... يا ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ دَر دَر معمولي نوڪريءَ لاءِ ڀٽڪي رهيو آهين پنهنجي نرڙ تان اهو قومي درد جو ليبل لاهي ڦٽو ڪر..... هاڻي مون کان اهي مايوسين جا ڏنگ برداشت نه ٿا ٿين..... مون کي نه کپن تنهنجا اهي آدرش ۽ کوکلا نعرا..... مون کي صرف  اهو انسان موٽائي ڏي جيڪو منهنجي سينڌ ۾ سنڌور ڀري، سپنن کي ساڀيا جو روپ ڏئي سگهي.“

هن کي ڏٺم سندس رنگ ٽامي جيان ڳاڙهو ٿيندو ويو، ڄڻ منهنجا لفظ  تتل بڙڇيون بڻجي، هن جي جسم کي گرمائي رهيا هئا ۽ هن جي اندر ۾ باهه جا کورا ٻري رهيا هئا ۽  هو درد جي تپش ۾ رجي رهيو هو. هو اُٿي کڙو ٿيو. شايد هُن وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو. چانئٺ ٽپڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪئي مانس.

”ٻڌ، آئينده مون وٽ نه ايندو ڪر.“

”ڇو.....؟“

ڄڻ هن زهر جي ڳيت ڏني.

”مان عذابن جو ٻوجهه سنڀالي ٿڪجي  پئي آهيان، مون وٽ منهنجا عذاب گهڻا آهن. هاڻي مان تنهنجي عذابن جو ٻوجهه نه ٿي کڻي سگهان.“

”ساران مان ته توکي ڪالهه به چيو هو اڄ به ورجايان پيو تون منهنجي طرفان هر پابنديءَ کان آزاد آهين، تون پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪوبه فيصلو ڪري سگهين ٿي. هونءَ به مان توکي ڏئي به ڇا ٿو سگهان، سواءِ  ساڳئي بک افلاس، ساڳيو رُوڄ ۽ پٽڪو....... جيڪو تون ننڍپڻ کان پنهنجي گهر ۾ ٻڌندي آئي آهين. مان توکي هڪ عذاب مان ڪڍي، ٻئي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿو چاهيان.“

”سارنگ جي مون کي فيصلو ڪرڻو هجي ها، ته ڪڏهن جو ڪري ڇڏيان ها. هاڻي ته منهنجو روح به پوڙهو ٿي ويو آهي. مون جوانيءَ جي سرحد تي پيار جا سپنا پوکڻ  بجاءِ پنهنجي خواهشن جا ڪنڊا پوکيا آهن. جن کي ڇهندي آهيان ته رَتُ ٽهڪڻ لڳندو آهي. مان ته صرف ايترو ڄاڻان ٿي، ته منهنجي جياپي جو صرف هڪڙو ئي مقصد آهي سڄو مهينو لوڙڻ کانپوءِ هر پهرين جو پنهنجي ماءُ جي هٿ تريءَ تي ڏهه ڳاڙها نوٽ رکڻ ۽ بس..... ۽ منهنجي قدر و قيمت به صرف انهن ڏهن نوٽن جيتري آهي. منهنجي ماءُ منهنجي ڪمائيءَ جا ڳاڙها نوٽ ڳڻي ڳڻي هُن کان ته منهنجي عمر جا سال ڳڻڻ به وسري ويا آهن..... مان خود غرضين جي ڄار  ۾ ڦٿڪي رهي آهيان، جي مون کي آزاد نه ٿو ڪري  سگهين ته مون کان ڏور هليو وَڃ جيئن آخري اميد به ختم ٿي وڃي ۽ مان ڪم از ڪم آزاديءَ سان روئي ته سگهان.....“

هو هليو ويو ۽ مان ڪاوڙ ۾ خبر ناهي هُن کي ڇا ڇا چوندي رهيس..... مان ڄاڻان پئي هو جي نه ايندو ته منهنجي زندگيءَ جو  ڪڏهن به سورج نه اڀرندو ۽ نه ئي شام جو سُورج فنا ٿيندو...... هُن کي اچڻ کان روڪڻ جي باوجود  هن جي اوسيئڙي ۾ اکيون  دروازي ۾ ئي اٽڪي رهجي ويون...... پر هو نه آيو..... سوچيم...... مون کانسواءِ رهي ڪونه سگهندو، پاڻ ئي ٻه ٽي  ڏينهن اڪيلي سر ڀوڳي مون وٽ ضرور ايندو.... پر ڪيئي شامون هن جي بغير غمن جي بادلن ۾ گم ٿينديون ويون....... ۽ هڪ شام جڏهن اُداسي گهري ٿيندي وئي. دل ٻڏندي وئي. تان جو رات پر پکيڙي مون کي اوندهه ۾ گم ڪري ڇڏيو...... ننڊ اکين کان ڪوسون پري هئي. مان گهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڦيريون پائي بي  ڪل من کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ضدي مَن نه رڌو..... ڇولين جون  دانهون ڪندڙ رڙيون منهنجي اندر تائين شور ڪري ٻڌائي رهيون هيون ته ڪجهه نه ڪجهه  ضرور ٿيو آهي..... ۽ اڃان رات جو ڪجهه پهر باقي هو ته دروازو زور زور سان وڄي اٿيو خوف  وڪوڙي  ويو ڏڪندڙ هٿن سان در کوليم ته سامهون  سارنگ جو دوست بيٺو هو هنجو هڪڙو ئي جملو منهنجي ذهن  ۾ گونجندو رهيو ”سارنگ آپگهات ڪري ڇڏيو....“

مون اهو ته ڪڏهن به ڪين چاهيو هو ته تون زندگيءَ کي شڪست ڏئي موت جو هارُ ڳلي ۾ وجهي سوڀ ماڻين..... مون اهو ڪڏهن چاهيو هو ته تون چپ چاپ  موت کي سيني سان لائي مون کي زندگيءَ جو جنم قيد ڏئي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏين مون ته صرف اهو چاهيو هو ته تون ڪائنات جي سموري سونهن ۽ سندرتا نيڻن ۾ ڀري مون سان گڏ زندگيءَ کي هميشه لاءِ فتح ڪرين.  ڪاش!  مان به تو جيان ايتري بهادر هجان ها ۽ زندگيءَ کي شڪست ڏيئي، موت جي سوڀ کي ماڻي سگهان ها........ پوئتي نهاريندي آهيان ته ماءُ جو آسن ڀريو چهرو..... ننڍن ڀينرن ڀائرن جا پيلا ڏٻرا چهرا..... جن جي مستقبل جون سڀئي اميدون مون سان چنبڙيل آهن. مان نه ٿي چاهيان اهي به اسان وانگر محرومين جا عذاب سهي سهي آخر مجبور ٿي سنڌوءَ ۾ لڙهي مرن..... مان هنن کي اها ڀوڳنا ڏيڻ نه ٿي چاهيان..... تو ڇو منهنجي اميدن جو آپگهات ڪيو،   تون ڏاڍي آسانيءَ سان درد جو درياءُ“ اُڪري هميشه لاءِ ڏور هليو وئين ۽ منهنجي سامهون ساڳيو درد جو درياءُ آهي، جيڪو مان اڪيلي سر اُڪري نه ٿي سگهان.

روز جڏهن شام  جا ميرانجهڙا رنگ ڪائنات کي ڪاري چادر ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن ٿڪل اداس پيلو سج جڏهن سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻڏندو آهي تڏهن لڳندو اٿم مان به  ائين ئي دنيا جي بي وسيءَ جي درياءَ ۾ ٻڏي رهي آهيان ۽ منهنجو وجود الوپ ٿيندو پيو وڃي. جڏهن کان تون ڌار ٿيو آهين، مان هر شام سنڌوءَ سان پنهنجا درد اورڻ ايندي آهيان، تڏهن لڳندو اٿم سنڌوءَ جون ڇوليون تنهنجو روپ وٺي مون سان ساڳيا سور اوري رهيون آهن، تڏهن مَن الائي ڇو ڀاري  ٿي پوندو آهي ۽ موت جي تانگهه اندر منجهه هڪدم اُڇل کائي زندگيءَ جي مسڪراهٽ کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڌوءَ ڪناري صرف هڪ آپگهات ڪيل لاوارث لاش جيان ڀائيندي آهيان. جنهن جي مٿان ماڻهن جا ميڙاڪا صرف حيرت وچان ڏسي رڙهندا رهندا آهن ۽ سج سنڌوءَ جي پيٽ ۾ مون جيان لڙهندو فنا ٿي ويندو آهي..... زندگيءَ وانگر روح به پوڙهو ٿي ويو آهي جذبا ۽ احساس صدين جا ٿڪل  جن ۾ نه امنگ نه شور آهي..... اڄ توکان ڌار ٿئي ڏهه ڏينهن ٿيا آهن ۽ اهي لمحا ڄڻ مون صدين جي سفر ۾ گذاريا آهن تون جن جي لاءِ جيئندو هئين اڄ تون انهن کان صرف ڏهن ڏينهن اندر وسري ويو آهين تو جن لاءِ پنهنجو مستقبل، خوشيون، خواب ۽ حياتيءَ جا سمورا  سال تياڳي ڇڏيا اڄ توکي ياد ڪرڻ لاءِ انهن وٽ چند لفظ به ڪونهن جڏهن به سنڌوءَ ڪناري توسان ملڻ ايندي آهيان، لڳندو اٿم ڄڻ سنڌوءَ جون ڇوليون مون کي سڏي رهيون هجن ۽ ائين پئي ڀائيان ڌرتيءَ پٺيان جڳن جو سفر ڪنهن سجاڳ لمحي جي اوٽ تي اوٻاسيون ڏئي مون کي بيدار ڪري رهيو آهي. جڏهن به مان دل جي ڌڙڪنن جو آواز ٻڌندو محسوس ڪيو اٿم، تڏهن زندگيءَ جا سمورا گهاوَ ٻيهر ڦُٽي  پوندا آهن ۽ لڳندو اٿم مان اوندهه جي هڪ سرنگ کان بي سرنگ ۾ گم ٿي رهي آهيان..... مان ان پل جي انتظار ۾ هي جڳن جو سفر ڪاٽيو آهي ۽ هي سفر ڀوڳيندي رهنديس، جيستائين تو جيان دَرد جو درياءُ اُڪري سگهان..... ۽ توساڻ هميشه اچي ملان......

ناصر ساريو

عائشه

”ڀاڄائي عاشل (عائشه) هڪ ڪم ته ڪر. قميص کي هي بٽڻ ٽاڪي ڏي.اسڪول جي دير پئي ٿئي.“ مان  ڀاڄائي عائشه ڏانهن قميص وڌائيندي چيو.

ڀاڄائي عاشل قميص وٺي بٽڻ ٽاڪڻ لڳي.

”ادا  نيرن ڪئي اٿئي.“ عاشل بٽڻ کي ڌاڳي جو وڪڙ ڏيندي چيو.

”ها ڀاڄائي! نيرن ڪئي اٿم، پورا چار بسڪوٽ کاڌا اٿم چانهه سان.“ مون وراڻيو..

”ڏس ڀاڄائيءَ سان ڪوڙ نه ڳالهائجان عاشل تاڪيد ڪندي چيو. نه ڀاڄائيءَ تو سان ڪوڙ ڳالهائيندس.“..... مون کيس يقين ڏياريو.

”اچي هي وٺ قميص ۽ منهنجو ڀاءُ جلدي جلدي اسڪول پهچي.“ ڀاڄائي عاشل قميص جا بٽڻ ٽاڪي. قميص مون ڏانهن وڌائي.

مان قميص وٺي پنهنجي گهر آيس، تڙتڪڙ ۾ تياري ڪري، اسڪول روانو ٿي ويس، انهن ڏينهن ۾ مان گهر ۾ اڪيلو هيس، گهر جا سڀئي ڀاتي شهر کان ٻاهر ويل هئا.

مائٽن ۾ شادي هئي، مان اسڪول جي انسپيڪشن سبب ساڻن وڃي نه سگهيو هيس.

پاڙي ۾ ڪيترائي گهر هئا، ليڪن مان ڀاڄائي عاشل وٽ ئي ڪنهن ڪم سانگي ويندو هيس، عائشه جو نالي ماتر گهر اسان جي گهرجي اڀرندي پاسي هو، شادي کان پهرين عائشه وارا ڪنهن ٻي ڳوٺ ۾ رهندا ها، سندس والد فوت ٿي ويو هو، امڙ ۽ ڀاءُ نظير سان گڏ رهندي هئي، ڀاڻس نظير شهر جي هوٽل تي بيرا گيري ڪندو هو ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ جي ماني ڳڀي جو انتظار ڪندو هو، وقت جو ڦيٿو ڦرندو رهيو،  سنڱايندي جو چڪر هليو. ڏي وٺ جون ڳالهيون هليون، عائشه عاشق نالي هڪ شخص جي گهر واري بڻي، ۽ نظير سندس وَرَ جي ڀيڻ زينت سان پلئه اٽڪايا، خوشيون ملهايون ويون ڳيچ ڳاتا ويا، سندس ڀاءُ  نظير به گهر ناٺي بڻجي سندس  گهر ۾ رهڻ لڳو.

ڀيڻ ڀائر ٻئي اکين اڳيان رهڻ لڳا. امڙ ويچاري سندن خوشين خاطر پنهنجي دل تي کڻي پٿر رکيو ۽ ڳوٺ اڪيلي رهڻ لڳي. وقت گذرندو رهيو. ڪجهه ڏينهن ته خوشيءَ جا گذرندا ويا ۽ پوءِ خوشيون منهن لڪائي خبر ناهي ڪيڏانهن هليون ويون. عائشه جو ڀاءُ به پنهنجي ونيءَ جو ٿي ويهي رهيو، سس سهري جو کاٽو پٽ بڻجي ويو، عائشه جو مڙس بگي گهوڙو وهائيندو هو. مولائي قسم جو ماڻهو هو، خار ۽ چڙ سندس طبيعت ۾ گهيرو ڪري وئي هئي ۽ انهيءَ چيڙاڪ طبيعت سبب عائشه وَرَ جي هٿان مار به کائيندي هئي.

هڪ ڏينهن منجهند جو مان سندس گهر ويس، عائشه ماني پئي ويٺي پچائي، مان سندس ڀرسان ويهي رهيس، سندس سَسُ ان وقت گهر ۾ ڪونه هئي، مون سندس منهن ۾ نهاريو، سندس اکين منجهه ڳوڙها وهي رهيا هيا، مون کان برداشت ٿي  نه سگهيو پڇي ويٺم.

”ڀاڄائي! روئين پئي.....  ڇا ڳالهه آهي؟“

”ڪجهه ڪونهي ادا......“ منهنجي ڳالهه کي ٽاريندي چيائين.

”نه ڀاڄائي! ڪجهه ته آهي.... توکي منهنجو قسم....“ مون ضد ڪيو. چوڻ لڳي، اڄ به وَرَ ماريو اٿم،  چي! ماني ڇو نه پچائي اٿئي..... ويتر سَسُ به دڙڪا ڏنا اٿم..... چوي پئي ته، ”گهر تي ڏائڻ بڻجي آئي آهين، ڪم چور..... سڄو ڏينهن ويٺي ٿي ڪچهريون ڪرين......“ ور چوي هان ته  ڏک به نه ٿئي ها.... پر....“

سندس اکيون ڀرجي آيون، ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ضبط ڪرڻ جي پربي سود. ڀلا ڳوڙها به رڪيا آهن، ڄڻ بَنَد ٽٽي پيا هجن...... مون کان برداشت ٿي نه سگهيو، نه ئي کيس آٿت ڏئي سگهيس، ماٺ ۾ گهران نڪري ويس. صبر جي ديوي کي اڪيلو ڇڏي ڏنم، جيئن هوءَ پنهنجي دل ۾ اندر جي باهه ڳوڙهن سان وسائي سگهي.

ڪافي ڏينهن ٿي ويا هئا، سندس گهر ڪو نه ويس، خبر پيم ته کيس کي ٽي- بي(T.B) ٿي وئي آهي. هڪ ڏينهن پڇڻ ويومانس، ڇاپريءَ ۾ سندس نٻل ۽ ڪمزور جسم کٽ تي پيو هيو مکيون سندس وجود کي  هيڻو سمجهي ورائي ويون هيون، سندس اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون. منهنجو وجود ڪنبي ويو، سوچڻ لڳس ڪجهه ڏينهن ۾، ڇا مان ڇا ٿي ويو آهي، اُها ڀاڄائي عاشل ڪٿي  آهي جنهن جي مُک تي سدائين مرڪ هوندي هئي..... سندس کٽ جي ڀرسان وڃي ويٺس.

اٿڻ جي ڪوشش ڪيائين....... ليڪن ناڪام..... وجود ساٿ نه ڏنس. وري ليٽي  پئي، مکين مون کي به هيڻو سمجهي مون تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن ناڪامي پلئه پين مان سندس خيريت پڇڻ آيو هيس، خبر ناهي ڇو سندس سيڪاٽيل جسم ڏسي خيريت ڪونه پڇيمانس، خاموش ويٺو رهيس، پاڻ ئي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين، ”ادا! تون به منهن ڪونه ڏيکارڻ آئين، ڪاوڙ اٿئي ڇا؟“ سندس چيل لفظ گولين جيان منهنجي وجود ۾ پيهجي ويا، ڪيڏي نه شڪايت هئي، درد هيو لفظن ۾، مان درد ڀريل لفظن جو ڇهاءُ برداشت ڪري نه سگهيس، خاموشيءَ سان اُٿي هليو ويس سوچڻ لڳس،“ جيڪڏهن هن ويل سندس حقيقي امڙ ابو  هتي هجي ها، ته ڇا ائين عائشه کٽ تي پئي هجي ها! نڌڻڪن جيان..... علاج به ڪونه ٿيس. ها.... پر سَسُ سهرو به امڙ ابي جيان هوندا آهن..... پوءِ ڇو.....؟ سندس سَسُ سهرو کيس کي ائين ڇڏي ڏنو آهي، شايد بار آهي گهر تي، وڏي ستم ظريفي اها به آهي جو سندس ڀاءُ گهر ۾ هوندي به ڪڏهن ڪڏهن منهن چڙهي..... نه ته بس. رت جا رشتا به ڪڏهن ڪڏهن ائين ڪندا آهن، سوچي نٿو سگهجي.....!“

سندس پوڙهي ماءُ کيس کي وٺڻ آئي ليڪن ساهرن موڪل ڪانه ڏني، چي! ”ماڻهو طعنا هڻندا ته ننهن بيمار ٿي ته پيڪن موڪلي ڇڏيائون.

ماءُ ويچاري بيوسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندي، عائشه کي اڪيلو ڇڏي پنهنجي ڳوٺ هلي وئي، هوءَ ويچاري  ڪري به ڇا پئي سگهي. بس دل جا ارمان دل ۾ سانڍيو پنهنجي نياڻيءَ کي دعائون ڪندي رهي.

ڪافي ڏينهن گذري ويا، مان اسڪول جي مصروفيتن سبب سندن گهر وڃي ڪونه سگهيس، نه ئي عائشه جي خيريت معلوم ڪرڻ ويس، عائشه جي بيماري خيال نه ڪرڻ سبب وڌي وڃي وڻ ٿي هئي.

هڪ ڏينهن اسڪول مان واپس وريس ته گهر جا سڀ  ڀاتي غائب ڏٺم  سواءِ ننڍڙي ڀيڻ جي، پڇيومانس، ”ڪيڏانهن ويا آهن هي سڀ.“ چوڻ لڳي، ”ادا! هوءَ ڀاڄائي عاشل آهي نه سا گذاري وئي.....“ منهنجا تاڪ لڳي ويا، ڀيڻ اچي ماني رکي، اٿي کڙو ٿيس، بک هوندي به خبر ناهي ڇو ماني ڪونه کاڌم، بک، ڏک جي پاڇولن ۾ گم ٿي وئي، مون وٺي سندس نالي ماتر گهر ڏانهن ڊوڙ پاتي، هر طرف روڄ راڙو هيو، بي روح جسم اڱڻ ۾ پيو هو، رنگين ڪپڙن ۽ پوتين سان سٿيو پيو هو، جيڪي ڪپڙا سندس حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿيا هيا سي مٿس پيا هيا، شايد  مون کان اهو ڏيک ڏٺي نه ٿيو، سندس مرڪندڙ مُک ڏسي واپس وريس، سندس مک تي اهائي لازوال مرڪ هئي جيڪا ڪجهه گهڙين کانپوءِ مڻين مٽي منجهه دفن ٿيڻي هئي، پر شايد صدين پڄاڻان به اها لازوال مرڪ منهنجي اکين اڳيان ڦرندي رهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com