”شايد نه....“ احتشام چيو : ”ڇو.... جو.... انهن
جون پاڙون اسان جي سماج ۾ ايتري ته گهرائيءَ ۾
کُتل آهن، جو اسان ٻئي ڪوشش جي باوجود انهن ديوارن
کي ڪيرائي نه سگهنداسين.“..... هو ٻئي چپ ٿي ويا
ڄڻ ڳالهائڻ لاءِ هاڻي ڪجهه رهيو ئي نه هو. مريم جي
چهري مان ظاهر ٿيو هو ته هوءَ پنهنجي اندر جي
طوفان کي روڪي رهي هئي. سندس اکين ۾ ڄڻ ته برسات
جمع ٿي وئي هئي. ٻاهرين برسات کان به تيز
برسات.... ۽ احتشام خوفزده هو ته جيڪڏهن اها برسات
اکين جا بند ٽوڙي، ٻاهر نڪري آئي ته ان جي سيلاب
۾ سندس وجود لڙهي ويندو. هو ته سندس الميي تي کيس
تسلي به نه ڏئي سگهيو نه ئي هو کيس ان آڙاهه ۾
ڪرڻ کان ڪنهن نموني بچائي سگهيو ٿي. ڇو جو هو ته
پاڻ بي وس ۽ زندگيءَ جي دردن جي صليب تي چڙهيل
فرد هو ۽.... پوءِ مريم اٿي بيٺي ته احتشام
ڇرڪجي پيو.
مريم ٽيبل تان اسٽيٿ اسڪوپ ۽ ڪرسيءَ تان پنهنجو اڇو گائون کنيو
۽ وڃڻ لڳي. ويندي ويندي هن وري مڙي احتشام ڏانهن
ڏٺو. ان مهل مريم جي اکين ۾ سوين طوفان ۽ لڙڪ کيس
نظر آيا ۽ ڪيتريون التجائون، آهون، حسرتون هيون
سندس اکين اندر. احتشام جي دل چاهيو ته هُو کيس
روڪي دنيا جون سڀ مجبوريون، رسمون ۽ رڪاوٽون پار
ڪري کيس ڪٿي دور سکن جي ديس ۾ وٺي وڃي پر ٻئي لمحي
هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. ان مهل پنهنجي بزدلي ۽
مجبوريءَ تي کيس ڪاوڙ آئي ۽ کيس پاڻ کان ئي نفرت
محسوس ٿيڻ لڳي. هوءَ .... جيڪا سندس چاهت هئي،
زندگي هئي... هن کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو.... هو
سندس جهوليءَ ۾ڪابه خوشي وجهي نه سگهيو. هن پاڻ کي
ان ويل مجرم سمجهيو ۽ هوءَ جيڪا مريم جيان معصوم
هئي وري ڪڏهن به کيس نظر نه آئي. ان ڏينهن کانپوءِ
هوءَ وري ڪاليج نه آئي ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد
احتشام سندس شاديءَ جي خبر ٻڌي. هن جي پڙهائي اڌ ۾
ئي رهجي وئي. فائنل ايئر جا امتحان ٿي ويا.
احتشام ڊاڪٽر بنجي ويو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن
پنهنجي ذاتي ڪلينڪ به کولي ورتي. سندس ڀيڻ جي شادي
ٿي وئي ۽ کيس ان جي بَدي ۾ شادي ڪرڻي پئي . هو
پنهنجي زال نوريءَ کي شهر وٺي آيو. زندگي سادگيءَ
سان گذري رهي هئي. نوري رواجي زالن جيان سندس سڀ
ڪم ڪندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته احتشام سوچڻ لڳندو هو
ته هيءَ عورت آهي يا روبوٽ!!!“ هوءَ کيس وقت تي
ماني ڏيندي هئي. ڪپڙا ڌوئي ڏيندي هئي. سندس چيل هر
ڪم کي حڪم سمجهي پورو ڪندي هئي. تنهن کانسواءِ
سموري گهر جو ڪم سڄو ڏينهن مشين جيان ڪندي رهندي
هئي؛ پر.... ڪڏهن.... جڏهن احتشام ڏينهن رات ڪم
ڪرڻ کانپوءِ ۽ زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ سفر ۾ ٿڪجي
پوندو هو، سندس دل ۽ دماغ وياڪل ٿي پوندا هئا يا
وري ٻين جي مسيحائي ڪندي ڪندي جڏهن سندس ئي روح
زخمي ٿي پوندو هو، ته ان مهل هو چاهيندو هو ته
ڳالهائي..... ڪنهن کي پنهنجي اندر جون ڪيفيتون
بڌائي.... پنهنجون پريشانيون.... پنهنجا مسئلا....
ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي، جيڪو کيس سمجهندو هجي. پر
اهڙو ڪوبه ماڻهو نه هو. پوءِ هو بنان مقصد جي سڙڪن
تي گهمندو هو. چرين جيان هر چهري کي گهوريندو هو ۽
باوجود سوچن ۽ يادن تي پهرن جي، هو مريم کي ياد
ڪندو هو ۽ مريم ته ڪيڏا سال اڳ وڏي ديوارن واري
حويليءَ اندر پنهنجي سمورن آدرشن، ارمانن ۽ خوابن
جي قبر ۾ دفن ٿي چڪي هئي. پر.... احتشام کيس اڃا
به وساري نه سگهيو هو.
احتشام ڪيتري ئي دير کان پارڪ جي بينچ تي ويهي اهي سڀ ڳالهيون
ياد ڪري رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن خيالن جا سلسلا ختم
ٿيا ته هو ڄڻ ڇرڪجي پيو ۽ پوءِ کيس احساس ٿيو ته
رات ٿي وئي هئي ۽ ان وقت پارڪ خالي ٿي چڪو هو. هن
هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ بينچ تان اٿيو. پنهنجن وکريل
وارن کي درست ڪري ۽ آهستي آهستي قدم کڻندو پنهنجي
گهر ڏانهن ويندڙ رستي ڏانهن وڌڻ لڳو..... جتي
اوندهه ڇانيل هئي.
ثمينه ميمڻ
ڏاهِيون ڏُک ڏِسَن
صبح جو آفيس لاءِ تيار پئي ٿيس، سارنگ رڙ ڪئي! او ڪوهياري ”خبر
اٿئي، اسان جي سامهون واري گهر ۾ نوان ماڻهو پيا
اچن.؟“
ڇا واقعي!!؟ مون کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. ”ان ۾ حيران ٿيڻ جي
ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪير ته اچڻو هو.“ سارنگ وراڻيو.
جناب حيران ان لاءِ آهيان جو ذري گهٽ ڇهه مهينا ته گذري ويا
آهن، پاڙي ۾ جهڙي سُڃ لڳي پئي هئي. مون هن جي
ڳالهه کي رد ڪندي چيو. ها سائين، اها ڳالهه به آهي
ته ڇهه مهينا به جهڙوڪر سالن برابر ٿيو پون. سارنگ
ٽوڪ هڻندي چيو.
تنهن تي مون کي ڪاوڙ لڳي، ”ها ڀلا آهن.“، پوءِ!
ان جي معنيٰ ته سڪ لڳي اٿئي ها نه! ”ها ڀلا لڳي آ سڪ، توکي ڇا
ٿو ٿئي.“ مون ورندي ڏني.
سارنگ وڌيڪ چيڙائيندي چوڻ لڳو، آخر سهيليءَ جو وڇوڙو آ، هن ۾ ته
هڪ ڏينهن به..... مون سارنگ جو جملو ڪٽيندي خار ۾
چيو، ”سائين جن جي اطلاع لاءِ اهو عرض آهي ته،
اسين ٻئي خطن ذريعي حال احوال وٺندا رهندا آهيو،
پر توهان پنهنجي باري ۾ ڇا ٿا فرمايو، ڪٿي.... نه
لڳي آهي“!؟
”مونکي ڇو لڳندي سڪ! سهيلي تنهنجي، سڪ وري مون کي لڳندي.“ سارنگ
شڪي ٿيندي چئي ڏنو.
مون هن جي منهن ۾ نهاريو، اڙي مون ته ائين پئي چيو پر!! ”تون
ڇو ڳاڙهو ٿي ويو آهين؟“
سارنگ پاڻ کي سنڀاليندي چوڻ لڳو، اهڙي خاص ڳالهه به ڪونهي
پر.... تنهنجي سهيلي هئي لاجواب، اهو چوندي کلندو
ٻاهر نڪري ويو. مون ته سارنگ کي ائين ئي چيو،
ڇا.... دل ۾ کلڻ لڳس. ان جو مطلب ته سارنگ،
مارُل ۾
Interested
هو. پر سارنگ ڪڏهن ظاهر به ته ڪونه ٿيڻ ڏنو هو. ان
جي معنيٰ ته اهو ڪم هاڻ مونکي ڪرڻو پوندو. دل ئي
دل ۾ سوچي کلڻ لڳس.
امان جيڪا رڌڻي ۾ نيرن تيار ڪري رهي هئي، سڏڻ لڳي. ”ڌيءَ
ڪوهياري ۽ سارنگ اچو جلدي ماني کائو. پوءِ چوندو
اسان کي دير ٿي وئي.“
”ها امان اچان پئي، باقي سارنگ ته ڪاليج هليو ويو.“ ڪمري مان
ئي ورندي ڏنم.
امان جيڪا سارنگ جو نه ٻڌي، ڪمري ڏانهن وڌي آئي ۽ حيراني مان
پڇڻ لڳي، ڇو! ”سارنگ وري ڪيڏانهن ويو.“
صبح ساڻ اجايو جهڳي هڻندو ته ڪاليج کي دير ته ٿيندي، مان امان
کي دليل ڏيندي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.
اڃا رڌڻي ۾ مس گهڙيم ته ڊرائيور هارن ڏنو. پرس سنڀاليندي در
ڏانهن ويس، ته امان رڙ ڪئي! ڪوهياري هڪ ٻه گرهه
ته کائي وڃ.
”نه امان نه، ڊرائيور هروڀرو دانهون ڪندو. ايڏو ته بخيل آهي
پوءِ شڪايت ڪندو ته مان دير ٿي ڪيان، اهو چوندي
مان ٻاهر نڪري دروازي تي بيهي امان کي خدا حافظ
چوڻ لڳس.
آفيس ۾ به سِپَ کي ٻڌايم ، مارُل وارن جي گهر ۾ نوان ماڻهو پيا
اچن. سِپَ حيران ٿيندي پڇيو، ڇا واقعي! ”ها سچي
پئي چوان.“
”ڀلا مارُل کي ياد ڪندي آهين يا مونسان دوستي رکڻ کانپوءِ هن
کي صفا وساري ويٺي آهين.؟“ سِپَ مون کان پڇڻ لڳي.
اڄ صبح کان ئي گهر ۾ به ذڪر هئو. ڏاڍي ياد ٿي اچيم. سِپَ تون
ئي ٻڌاءِ ، مارُل کي ڪيئن ٿي وساري سگهان.
منهنجو ۽ مارُل جو ننڍپڻ کان ساٿ رهيو آهي، اسڪول
کان ڪاليج تائين هاڻي ڪيئن وساريندس مارُل کي. بس
اها ڳالهه آهي اوچتو مارُل جي بابا جو ٽرانسفر ٿي
ويو ۽ اسين هڪ ٻئي کان جدا ٿي وياسين. پر اها
ڳالهه آهي ته اسان خط لکي هڪ ٻئي جي حال احوالن
کان باخبر ٿي ويندا آهيون. مان هڪ ئي ساهه ۾ سڄو
جملو ڳالهائي ويس.
سِپَ، جنهن منهنجي ڳالهه پوري ٻڌي ته چوڻ لڳي، ها، ڪوهياري،
”خبر اٿئي پنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع
آهن.“
ايترو جلدي، مون حيران ٿيندي چيو.
جلدي وري ڪٿي ٿا ٿين، سال ته ٿي ويو آ پهريون سال ڏنو هئوسين.
سِپَ مون کي ياد ڏيارندي وڌيڪ چوڻ لڳي، سڄو سال نه
پڙهنداسين ائين ته لڳندو.
”ها چوين ته سچ پئي.“ پر اسانجو به ڪهڙو ڏوهه. آفيس وڃون، گهر
جو ڪم ڪيون، يا پڙهون. بس پرائيويٽ وارن جو
اِهوئي حال آهي. ڪتاب به امتحانن وارن ڏينهن ۾
وٺبا ۽ پوءِ ڪاپي ئي ڪاپي. مون جواب ڏيندي چيو.
ڀلا ڪاپي ڪرڻ جو ڏني ٿي وڃي، پوءِ اسان ڇو نه فائدو وٺندو.
ريگيولر واريون ئي ڪاپي ٿيون ڪن، پوءِ اسان تي وري
ڪهڙي معيار؟ سِپَ مطمئن ٿي وراڻيو.
شام جو ننڊ مان اٿي ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لڳس ته سارنگ چوڻ لڳو ،
”ڀلا اڃان تنهنجي ننڊ پوري نه ٿي آهي ڇا!؟ ايڏو ته
وقت ٿي ويو آهي. هاڻي هلي چانهه ته ٺاهي ڏي.“
”امان ڪٿي آهي؟“ مان سارنگ کان پڇڻ لڳس.
امان پاڙي ۾ وئي آهي، سارنگ وراڻيو.
”ڇا چيئي!! پاڙي ۾ وئي آهي؟““ مون حيران ٿيندي پڇيو .
”ڇو پاڙي ۾ وڃڻ گناهه آهي!؟“ اڙي ياد آيو، تون شايد نون پاڙي
وارن جو سمجهي ويٺي آهين. ”نه نه! تون ڪو الڪو نه
ڪر، جڏهن امان ويندي ته توکي ضرور وٺي ويندي.“
سارنگ جهڙوڪر ٽوڪ ۾ چيو. ”چڱو چڱو تون گهٽ سفارش
ڪر، ۽ وڃي چانهه ٺاهه.“ آئون ڪونه ٺاهي
ڏينديسانءِ.
”مان پاڻ به ٺاهي سگهان ٿو. پر منهنجا دوست ٻاهر لان ۾ ويٺا
آهن، توکي تڏهن پيو منٿ ڪيان.“ پنهنجي ڀيري جڏهن
بس نڪري ويندي اٿئي ته ڪيئن ڀلڙو منهن ڪري چوندي
آهين، ”ڀاءُ آفيس ته ڇڏي اچ. هاڻي جي توکي مان
آفيس ڇڏي اچان ته مونکي سارنگ چئجان.“ ائين چوندو
چڙ ۾ ڪمري کان ٻاهر نڪري وڃڻ لڳو ته مون کي کِل
اچي وئي. اڙي منهنجو ڀاءُ ڪاوڙجي ويو، آءٌ ته مڙئي
مذاق پئي ڪيان. تون وڃ آءٌ چانهه پنجن منٽن ۾ ٺاهي
ٿي وٺان. سارنگ ٻاهر هليو ويو ۽ آئون رڌڻي ۾ چانهه
ٺاهڻ ويس.
امان به اچي وئي، برقعو لاهيندي پاڙي وارن جون خبرون ٻڌائڻ لڳي.
پر، منهنجو ڌيان چانهه ٺاهيندي به امتحان ۾ لڳو
پيو هو. الائي ڪيئن پيپر ٿيندا، ڇا ٿيندو، ڪٿي
فيل...!
سارنگ چانهه کڻڻ آيو ته ٻاهران ئي رڙ ڪيائين! ڪوهياري، ”خبر
اٿئي تنهنجا امتحان مٿئين هفتي کان شروع آهن.“
ها خبر آهي، آفيس ۾ سِپَ ٻڌايو هو. ”پر، ڀاءُ اسان کي ڪاليج
مان ٽائيم ٽيبل ته وٺي آڻي ڏي.“
هاڻي ته ڀاءُ به ٿي ويس، ڏاهو به ٿي ويندس. ڇو ته ڪم جو ٿيو.
”ڪيئن سهي ٿو چوان نه؟“ سارنگ ٽوڪيندي چيو.
”ڀلا ڪير ڪم ڪندو منهنجو. تون ئي ته آهين.“ مون ڏکاري لهجي ۾
چيو. اڙي ”مون سچي مذاق پئي ڪيو، وٺي آڻي
ڏيندوسانءِ. ”چڱو هاڻي ته موڊ سهي ڪر، منهنجي
پياري اڪيلي ڀيڻ.“ سارنگ مون ڏي نهاري چيو ته مون
کان کِل نڪري وئي.
پندرهن ڏينهن گذري ويا، امتحانن ۾ ايترو مصروف رهيس جو نون
پاڙي وارن جو خيال ئي لهي ويو هئو.
اڄ آفيس ۾ سِپَ کي به ٻڌايم شام جو آءٌ پاڙي وارن وٽ ضرور
ويندس.
شام جو ڪمري مان جيئن نڪتس ته اڱڻ ۾ ماسي جنت، جيڪا اسان جي ڀر
واري گهر ۾ رهندي هئي، امان سان هوريان هوريان پئي
ڳالهايو. يقين نه پئي آيو ته، ماسي جنت ۽ هوريان
ڳالهائي. وڌي وڃي ماسي کي کيڪاريم. امان مونکي
ڏسندي چوڻ لڳي، ڪوهياري ڌيءَ چانهه ته ٺاهي وٺ.
”ها امان.“
منهن ڌوئي رڌڻي ڏانهن گهڙيس ته، ماسي جنت کي امان چوڻ لڳي، پوءِ
ادي ڇا ٿيو!؟
”ٿيندو وري ڇا! هاڻي ڏئيس ٿو طلاق.“
ڪنهن کي طلاق ماسي!؟ مون رڌڻي مان حيرت مان ماسي کان پڇيو.
امان ڪوهياري ”هي جيڪي نوان پاڙي وارا آيا آهن. انهن جي پئي
ڳالهه ڪري.“ حد ٿي وئي، اهڙيون به مايون! امان
حيرانيءَ مان مونکي کي جواب ڏيندي چيو.
ڇو! ڇا ٿيو....؟ مان چانهه جو پاڻي چاڙهي ماسيءَ ۽ امان وٽ
اچي ويٺس.
”امان ڇا ٻڌايانءِ هنن نون پاڙي وارن جي ڳالهه، سڄي پاڙي جو نڪ
ئي وڍائي ڇڏيو اٿن.خوار اچي ٿيا آهن.“
وري به ماسي ٻڌاءِ ته سهي ، مون بيزار ٿيندي چيو. ماسي پنهنجي
ڳالهه بنا بريڪ جي ٻڌائڻ لڳي ته نئين گهر ۾ ٻه
ساهيڙيون نالا به چڱا اٿن ها، نذيران ۽ صفوران.
مائي ڪم ته ڏسو نذيران جا، مڙس هوندي ڪهڙا پئي ڪم
ڪري.
”ڇو!! ڇا ڪيائين؟“ مان حيران ٿيندي پڇڻ لڳس.
”امان اِهو پڇ ته ڇا نه ڪيائين. زال ذات جو اهو وَڙُ ته نه آهي
جو، پنهنجي وَرَ هوندي اهڙا ڪُڌا ڪم ڪري. پر، شڪر
ٿيو پنهنجي مُڙس پاڻ ڏٺس.
مان سوال ڪرڻ لڳس. مڙس ڇا ڏٺس؟؟
”ڇا وري ڇا ڏسندو، هڪ ڌارئي مرد سان گڏ هئي. جيڪي عورتون روز
گهر کان نڪرنديون پوءِ ائين ته ڪنديون.“
”ڇو! ماسي گهر کان نڪرڻ خراب ڳالهه آهي ڇا؟ مان به روز آفيس ٿي
وڃان پوءِ مان به خراب ليکبس. مون کي هاڻي چڙ اچڻ
لڳي ڇو ته ماسي ڳالهه سهي ڪري ئي نه پئي.
”امان تون ڇو خراب ليکبينءَ، هوءَ ڪهڙي آفيس ٿي وڃي. روز رستن
جا ڌڪا ٿي جهلي. ڪلهه ته پنهنجي مڙس، ٻئي مرد سان
ڏسي ورتس. پوءِ ته گهر ۾ موچڙا ڏاڍا کاڌا اٿئين.
ڀلا موچڙا به ڇو نه کائي، اهڙا ڪم ڪنديون ته
کائينديون ته ضرور.
ماسي يڪساهي ڳالهه پوري ڪئي ته پڇيومانس، ماسي توکي ڪنهن ٻڌايو
ته مار کاڌي اٿئين.؟
امان ڪير ٻڌائيندو، صفوران آئي هئي، اُن ڳالهه ڪئي. ماسي اهو
چئي امان کان موڪلائڻ لڳي.
ادي ويهه چانهه ته پي وڃ. امان ماسي جنت کي چوڻ لڳي.
نه نه، چانهه ڪونه ٿي پيان، دير ٿي وئي آ. چڱو مان هلان ٿي.
امان جيڪا ماسيءَ کي در تي ڇڏي اچڻ کانپوءِ چوڻ لڳي، ”مائي
ڏسو ڪم ماين جا، ڇا پيون ڪن.!“
مون اڃان به ماسي جنت جي ڳالهه تي اعتبار ڪونه ڪيو، يقين نه
پيو اچي ته آئين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. امان کي ته ڪجهه
نه چئي سگهيس. پر دل ۾ فيصلو ڪيم ته آءٌ حقيقت
ڄاڻي رهنديس. رڌڻي ڏانهن وڃي چانهه ٺاهي ڪمري
ڏانهن ويس.
آفيس ۾ به پريشان رهيس. سِپَ محسوس ڪندي پڇيو، ڇو! اڄ وري توکي
ڇا ٿيو!؟ ”هونئن بنا چوڻ جي پئي پنهنجي منهن گانا
ڳائيندي آهين اڄ وري ايڏي خاموش. ڪٿي مڱيندو ته
ياد ڪونه پيو اچئي.“
تنهن تي مون کلي چيو، اڙي ياد ته انهن کي ڪيو آهي جيڪي وسري
وڃن. هو ته منهنجي مَنَ ۾ هميشه وسيل آ. ها ها
ائين جيئن سِپَ ۾ موتي. هن پاڻ جملي کي پورو ڪندي،
وڌيڪ چيڙائيندي چيو ، ”اڄ ادا ناصر کي ياد ڪيو
آهي. ضرور هڏڪي ٿي هوندس. بس اجهو ٿو بس جي ٽڪيٽ
وٺي پهچي.“ چڱو چڱو تون پنهنجون پيشنگويون بند
ڪر. هو تو وانگي واندو ڪونهي جو اچي رسي. مان اڳي
ئي پريشان هئس وري هن جون ابتيون سبتيون ڳالهيون
ٻڌي تنگ ٿي پيس.
”ڀلا مذاق بند هاڻ ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.“ سِپَ مون ڏي نهاريندي
چوڻ لڳي. تون چُپ ڪرين ته مان سائين جن جي خدمت ۾
ڪجهه عرض ڪري سگهان نه! مون چڙ جي انداز ۾ چيو ته
چوڻ لڳي، ها ها هاڻي ٻڌاءِ سچي آئون سيريس آهيان.
پوءِ سِپَ کي ڪلهه واري سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايم. انهيءَ به يقين نه
ڪيو ۽ چوڻ لڳي ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي.؟ هوءَ به
جهڙوڪر حيران ٿي وئي.
گهر آيس امان کي چيم اڄ پاڻ نذيران جي گهر هلنداسين. تنهن تي
امان چوڻ لڳي، ”نه امان الائي ڪهڙا ماڻهو آهن. ٻيو
ايڏيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پوءِ هلنداسين ته ماڻهو
ڇا چوندا.“
ماسي جنت ئي سڀني کي ٻڌائيندي مون ڳالهه به ڪئي پوءِ به انهن وٽ
ويون آهن.
”امان، مان به اهوئي ڄاڻڻ ٿي چاهيان ته، ماسي جنت جي ڳالهه ۾
ڪيترو وزن آهي. پاڻ به ڪونه ڏٺو هئائين. پوءِ ٻئي
ڪنهن جي ڳالهه تي لڳي هڪ عورت ٻي عورت کي اهڙا لفظ
ڳالهائي، اِهو عورت کي سونهي ته نٿو. اها به هڪ
عورت جي ئي توهين آهي.“
امان ڏٺو، آئون دليلن کان ڪونه مڙنديس ته منهنجي ڳالهه سان
اتفاق ڪري هاڪار ڪيائين. مون ان ويل ٿڌو ساهه
ڀريو.
اڄ شام جو پهريون ڀيرو نون پاڙي وارن وٽ وياسين. خبر نه هئي ته
ڪنهن سان ڳالهائڻو آهي. پر، اها ڳالهه ضرور هئي،
ماسي جنت نالا ٻڌائي ڇڏيا هئا.
جڏهن گهر اندر داخل ٿياسين ته هڪ عورت، جنهن اسان کي ايندي ڏٺو،
در ڏانهن وڌي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪمري ڏانهن وٺي وئي.
تعارف ڪرائڻ کانپوءِ خبر پئي ته سندس ئي نالو
نذيران هو ۽ چوڻ لڳي ته توهان به پنهنجو تعارف
ڪرايو. تنهن تي امان ٻڌايو ته، اسين توهان جي
سامهون ئي رهندا آهيون. شڪايت ڪندي چوڻ لڳي، ”ايڏا
ڏينهن ٿي ويا آهن اسان کي آئي، اڄ ملڻ آيا
آهيون.“
هونءَ اچون ها، پروگرام به ٺاهيو هئوسين پر، اوچتو ڪوهياريءَ
جا امتحان ٿي پيا ان ڪري رهجي وياسين. امان هن جي
شڪايت کي دور ڪندي چيو.
ادي نذيران ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته مون امان کي چيو، ڏسڻ ۽
ڳالهائڻ ۾ ته سٺي پئي لڳي. تنهن تي امان چيو، ڪنهن
جي اندر جي ڪنهن کي ڪهڙي خبر.
”ها اها ته ڳالهه آهي.“ مون جواب ڏنو.
ٿوري دير کانپوءِ ٻي مائي ڪمري ۾ گهڙندي کيڪاري هلي وئي. نه
نالو ٻڌايائين ، نه سهي نموني ڳالهايائين. سمجهه ۾
نه آيو ائين ڇو ڪيائين. شايد صفوران هئي. امان کي
چوڻ لڳس.
ادي نذيران آئي ته ڪجهه شيون پاڻ سان کڻي آئي. پوءِ ويهي. حال
احوال پڇڻ لڳي. مون ٻڌايومانس توهان کان اڳ هتي
جيڪي رهندا هئا، انهن وٽ اسانجو اچڻ وڃڻ ڏاڍو
هئو. منهنجي سهيلي جيڪا ننڍپڻ کان منهنجي ساٿياڻي
هئي. پر، اوچتو هنن جي بابا جو ٽرانسفر ٿي ويو ۽
اها هلي وئي. ڳالهه ٻڌائيندي ويس ته وڌيڪ مارُل
ياد اچڻ لڳي.
پاڻ به ٻڌائڻ لڳي، اسان نوابشاهه مان هت آيا آهيون. اسين ٻئي
ساهيڙيون گڏ رهنديون آهيون. منهنجي ساهيڙي کي ٻه
پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي.
توهان کي گهڻو اولاد آهي؟ امان پڇڻ لڳي.
مون کي ته اولاد ڪونهي پر، مون هنن ٻارن کي پالي وڏو ڪيو آهي.
اُهي به مونکي پنهنجي اولاد وانگي آهن.
”امان نذيران، ڀلا ٻنهي ساهيڙين ۾ رَسُ قرب آهي يا....!!“ امان
شروعات ڪئي.
تنهن تي ادي نذيران چوڻ لڳي، اڄڪلهه ته ڀيڻون ئي ڪونه ٿيون
ٺهن. هر گهر ۾ ٿورو ڪي گهڻو ته آهي ئي . پوءِ اسان
ته ساهيڙيون آهيون مڙئي ڪڏهن ڪڏهن.....
امان جهڙوڪر منهنجو رستو کولي ڇڏيو هو.
مون کي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻي هئي سو ادي نذيران کي هٻڪندي
چيم، ”ادي توهان کان هڪ ڳالهه پڇان؟“
”اِتي امان مون ڏي نهاريو. پر، مان به مڙڻ وارن مان نه هئس.
”ها ادي چئو.“ نذيران وراڻيو.
مون به جيئن ڳالهه ٻڌي هئي، سو ڪري ٻڌائي. تنهن تي روڻڻهارڪي ٿي
وئي ۽ پڇڻ لڳي ”توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي؟“
امان جيڪا پري کان اشارو ڪري رهي هئي ته نالو متان کڻين. پر،
مان نالو ماسي جنت جو کڻي ڇڏيو.
تنهن تي ادي نذيران وڌيڪ جذباتي ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي، جنهن تي
اعتبار ڪيم ان ئي مون کي خوار ڪيو. هاڻ ته طلاق
تائين نوبت اچي پهتي آهي.
مان سمجهي نه سگهيس. سوچيم ”ڇو! ماسي جنت ڇا ڪيو؟“
ادي نذيران جيڪا ڀري پئي هئي سو کلڻ لڳي ۽ ٻڌائڻ لڳي ته ماسي
جنت مون کي پير سائين وٽ تعويذ لکرائڻ لاءِ هلندي
هئي ۽ چوندي هئي ته پير سائين اهڙا تعويذ ٿو لکي
جو هڪ ٽڪ. پوءِ توهان به هن جي چوڻ ۾ اچي ويون.
مون ادي نذيران جي ڳالهه کي ڪٽيندي چيو.
ادي ڀلا ڇا ڪيان. هڪ ته اولاد نه ٿيو، ٻيو پنهنجو مڙس به هٿن
مان ٿي ويو. سڄو ڏينهن ويٺي روئندي هئس. اولاد ته
هٿ ۾ ڪونه هئو. جڏهن ماسي جنت کي ٻڌايم ته هن پير
سائين ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. ”انڌي کي لٺ جو سهارو
ڏبو خوش ته ٿيندو.“ سو مان به ماسي جنت جي چوڻ ۾
اچي تعويذ لکرائي پنهنجي مڙس کي پيارڻ لڳس ته
مَنَ مون سان دل ٿئيس.
”ماسي توهان سان ٻڌل هئي پوءِ الزام ڇو هنيائين؟“ مان حيراني
واري حالت ۾ جهڙوڪر انڪوائري ڪرڻ لڳس.
اهائي ته ڳالهه آهي جڏهن، ماسي پاڻ مون کي وٺي ويندي هئي ته
ڪميشن وٺندي هئي، پوءِ جڏهن ڏٺم، هوءَ مونکي گهڻو
ڦري چڪي آهي ته پاڻ ئي پير سائين کان تعويذ وٺڻ
لڳس. تنهن تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ چوڻ لڳي، ”واٽ
توکي مون ڏيکاري ۽ هاڻ وري اهڙي ٿي وئي آهين جو
پاڻهي ٿي وڃين ۽ مون کي پڇين به ڪونه ٿي.“ توهان
ئي ٻڌايو ته ايترا پئسا ڪٿان آڻيان. هڪ ڪنگڻ به
ماسيءَ وڪڻائي ڇڏيو. جنهن جي خبر به پاڻ ئي
صفوران کي ٻڌايائين ۽ ٻيو به غلط سلط هن جي ڪَن تي
وجهي وئي. صفوران ته ڄڻ وجهه ۾ هئي، سو ٺڪ وڃي
مڙس کي ٻڌايائين. ”ماسي جنت چوي پئي توهان جي مڙس،
توهان کي ڪنهن سان ڏٺو هو!“ ڇا اهو سهي آهي.؟
”اهو نسورو ڪوڙ ٿي هڻي. منهنجي ساهيڙي کي وري ائين ڀريائين ته
مون ڏٺو اٿمانس.“ ”خدا پڄندس ماسيءَ کي جنهن
منهنجو گهر ڦٽايو آهي.“ هوءَ روئڻ لڳي.
توهان جي مڙس ڪيئن يقين ڪيو؟ مون پڇيومانس.
هونئن يقين نه ڪري ها پر ڪنگڻ واري ڳالهه ته سهي هئي. پڇيائين
ته تو ڪيڏانهن ڪيو؟ مان ڪوبه جواب نه ڏئي سگهيس.
منهنجي ماٺ مان سمجهي ويو ته مان ڏوهاري آهيان.
انهي ڪري وڌيڪ مارڻ لڳو.
تنهن جو مطلب ته ڳالهه ۾ ڪجهه به ڪونهي. تنهنجي مڙس به توکي
ڪونه ڏٺو آهي. صرف صفوران ۽ ادي جنت جي ڪري ائين
ٿيو آهي. امان جيڪا سويل کان اسان جون ڳالهيون ٻڌي
رهي هئي، چوڻ لڳي.
ادي نذيران جي اکين مان ڳوڙها جهڙوڪر بيهن ئي ڪونه پيا. تنهن
تي مون دلداري ڏني مانس ته، ”تون ڪجهه به نه سوچ،
ڪجهه ڪونه ٿيندو. تنهنجو ڪو ڏوهه به ڪونهي. توهان
جو مڙس لکيل پڙهيل آهي . تون ڪوبه الڪو نه ڪر.“
اسان موڪلائڻ لڳاسين ته ادي نذيران پنهنجا ڳوڙها
اگهندي چوڻ لڳي، ڳالهين ۾ توهان ڪجهه کاڌو به
ڪونه.
”نه امان ساڳي ڳالهه آهي، وري اچبو ته پيو کائبو . دير به ٿي
وئي آهي.“ امان برقعو پائيندي چوڻ لڳي.
گهر آياسين ته امان کي چوڻ لڳس، ”ڏٺئي ماسي جنت جا ڪم.“ ڪيئن
ٿيون گهر ڦٽائين. ڪي ويچاريون غريب اٻوجهه مايون،
پنهنجي گهر کي ٺاهڻ لاءِ مڙئي ڪٿان نه ڪٿان ڪو
وسيلو چاهين ته، اهڙيون ئي ٺڳيندڙ مايون، سندن کي
چنبي ۾ ڪري سندن ئي گهر کي برباد ڪندي دير نه ڪن ۽
اهو به نه سوچين ته ائين ڪرڻ سان ڪنهن جو گهر جو
سڪون تباهه ٿي سگهي ٿو. پر اهڙين ماين کي ته
پنهنجي مطلب سان ڪم هوندو آهي.
”برابر ڌيءَ توبهه ڪجي اهڙين ماين کان.“ امان چيو.
مان ادي نذيران کي چئي آئي هيس ته، سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. پاڻ
کان ئي پڇڻ لڳس، ته آخر ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ مسئلي کي
ڪيئن حل ڪجي.
ڪم ڪار لاهي واندي ٿيس. سوچيم سارنگ سان صلاح ڪجي. ”ڀاءُ
هيڏانهن ته اچجانءِ.“ سارنگ کي سڏيندي چيم .
”ها هينئر وري ڪهڙو ڪم آ.؟ منهنجي خيال ۾ هينئر آفيس جو ته
ٽائيم ڪونهي، جو ڇڏڻ جو چوندينءِ. سارنگ، مون ڏي
نهاريندي چيو.”ڇو هونئن نه ٿي سڏي سگهان ڇا؟“
منهنجو مطلب آ ته ڀاءُ جو لفظ استعمال ڪيو اٿئي. اهو مڙئي ڪڏهن
ڪڏهن... کلندي چوڻ لڳو، چڱو ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي.
مون سارنگ کي پوري ڳالهه ٻڌائي. ”نو پرابلم“ اها ڪا وڏي ڳالهه
آهي؟ هن جهڙوڪر مطمئن ٿي چيو.
ها ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڪرڻ کپي.
”بس ڪرڻو ڇا آهي، پاڻ ٻئي ٿا سندن مڙس سان هلي ڳالهه ڪريون.
پڙهيل لکيل آهي. سمجهڻ ته کپيس. جيڪڏهن پاڻ ڪجهه
نه ڏٺو اٿئين ته ضرور اسان جي ڳالهه سان اتفاق
ڪندو. باقي رهي ڪنگڻ واري ڳالهه سا ته ڪرڻي
پوندي.“ ڪيئن ٺيڪ آ نه.“
مون سندس سڄي ڳالهه ٻڌي ته، مذاق ۾ ڪلهي تي شاباس ڏيندي
چيومانس، ”ڀاءُ هجن ته تو جهڙا.“ هاڻي مسڪي بازي
ڇڏ. آخر اسانجو دماغ آ. تو جهڙا ٿورئي آهيون.
سارنگ، مون ڏانهن نهاريندي وراڻيو.
”ها سائين دماغ ته توهانجا، ٻيو مڙئي خير.“ مان کلي پيس.
”شڪر آ مڃئي ته سهي.“ سارنگ اهو چئي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
ڪجهه پاڻ کي مطمئن ڀانيم. پر، سوچڻ لڳس جڏهن مرد ۽ عورت جو مقدس
ٻنڌڻ آ، جنهن کي شادي جو روپ به ڏجي ٿو، پوءِ اگر
اولاد نه ٿيو، ٻي شادي ته هر حال ۾ ڪرڻي پوندي.
آخر عورت ڇا ڪري، جيڪڏهن اجازت نه به ڏيندي ته وري
ڪهڙو مرد هن جي چوڻ ۾ اچي چپ ڪري ويهندو. پر وري
عورت پنهنجي دل تي ايڏو جبر سهي اجازت ڏيندي، ڇو
ته هوءَ مرد جي نفسيات کي چڱي نموني سڃاڻي ٿي. هو
جيڪو چاهيندو سو ضرور ڪري ڏيکاريندو. پر مرد
انهيءَ عورت لاءِ ڇا ڪيو! هن جي حيثيت صرف شوپيس ۾
رکيل هڪ بي جان لاش وانگر هوندي جيڪو سندس ئي
اشاري تي پيو هلندو. پوءِ جڏهن اُهي ئي عورتون
پنهنجي پيار کي شيئر ڪري نه سگهنديون، ته تعويذ
جهڙي مرض کي به علاج سمجهنديون ته ضرور ڪا شفا
ٿيندي، پر اهو نه سوچينديون ته اهو محض هڪ ڍونگ
آهي. ائين ڪرڻ سان شفا ته ڪونه ٿيندي، ماڳهين
سندن گهر برباد ٿيندو. پر اُهي به ڇا ڪن، ڪو ته
وسيلو چاهينديون، پر جيڪڏهن مرد هن سان
Compromise
ڪري ته جيڪر ائين نه ٿئي. اولاد ته الله جي هٿ ۾
آهي. ان ۾ عورت جو ڪهڙو ڏوهه ، هوءَ ڇو پئي سزا
ڀوڳي؟ آخر ڇا ٿيندو!؟ ڪيستائين اسانجي عورت ٻٽي
طلم جو شڪار ٿيندي؟“ ڇا هميشه!!!؟ پاڻ سان ئي جنگ
ڪرڻ لڳس. وري پاڻ کان ئي سوال ڪرڻ لڳس. ته ”ڇا سڀ
مرد هڪجهڙا آهن؟“ ڇا ائين هميشه ٿيندو رهدنو. نه
نه ائين ته ڪونهي، مرد ته منهنجو پيءُ به آ، ڀاءُ
به آهي. پوءِ... نه نه ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ڇو
ته هڪ اِهو به ته مرد منهنجي سامهون آهي جيڪو
مون سان گڏجي هڪ عورت جي زندگي برباد ٿيڻ کان پيو
بچائي. مرد سڀ ڪجهڙا ته ناهين. پاڻ کي ئي جواب ڏيڻ
لڳس. بس اها ڳالهه آهي ته هر ماڻهوءَ جي پنهنجي
پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهي. ڪو اولاد جو وڌيڪ گهرجائو
ته ڪو وري هن معاشري کي سهي ڪرڻ لاءِ ٿو سوچي.
اهو سڄو چڪر صرف انسان جي پنهنجي اندر جو پيدا
ڪيل آهي.
انسان آخر ڇا ٿو چاهي . هن کي ڇا گهرجي.!؟ اولاد، شهرت، دولت،
زمين ۽ الائي ڇا ڇا.... ”پر ان لاءِ هن کي ڇا ڇا
ٿو ڀوڳڻو پوي!؟“ انسان جي هن اندوهناڪ سوچ تي
خبر نه آهي. ڪڏهن کان منهنجون اکيون ڀنل هيون.
خبر نه آهي ڪيڏيءَ مهل کان....
منصور ٿلهو
مون هٿ کنيو
ڇت ۾ ٽن پَرن وارو پکو آهستي آهستي هلي رهيو هو. ٿورو اڳ هن جي
رفتار مون پاڻ گهٽائي ڇڏي هئي، جو ٽيبل تي رکيل
پنا هوا تي اُڏرن پيا.
ٽيبل جي هيٺان پيرن کي مڇر چڪ پيا هڻن، پيرن جي ڀرسان پيل گند
واري ٽوڪريءَ ۾ ڦاٽل پنن جي ٽڪرن سان گڏ ٻيو گند
گهڻو هيو، جنهن ڪري ٽوڪري ڀرجي چڪي هئي.
ڪالهه به ڪم ڪندي مڇرن چَڪ هنيان، اُنهن مَڇرن جي چڪن جي ڪري
جيءَ ۾ بخار جاءِ والاري ويٺو هيو. جنهن ڪري وات
ڪوڙو... ڪا شئي وڻي ڪانه.... نه کائڻ ۾ مزو...
پاڻي پيان ته پاڻي وڻي نه..... هر هڪ شئي جو ذائقو
ڦڪو ڦڪو ۽ اڻ وڻندڙ پئي لڳو.
هينئر هڪڙو مڇر، جيڪو سڳل، لڳي ائين پيو ڄڻ تازو ڪنهن ٿلهي
متاري جو رت پي آيو هجي... سو منهنجي هٿ مٿان
لامارو ڏئي هليو ويو.
کڙڪي جو آواز ٿئي ٿو. ڏسان ٿو، سامهون ڪاٺ جي الماڙيءَ جي پاسي
۾ ڪوئو جيڪو مون ڏانهن ڏسي رهيو هيو. ڄڻ منهنجا
چيٻاڙا پيو ڪڍي. مون پنهنجي مُنهن تي هٿ
گهمايو..... وري ڏٺو ته.... ڪوئو اڃان تڪي رهيو
هيو. شايد.... ڪوئي کي منهنجو مُنهن پاڻ جهڙو ٿي
نظر آيو.
اهو خيال ايندي ئي مان ڪرسيءَ تان اُٿي ڀتِ ۾ لڳل چوڪنڊي واري
آئيني ڏانهن وڌي ويس.... پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو، وري
ڪوئي ڏانهن نهاريو؛ جيڪو پنهنجي جاءِ تان غائب
ٿي چڪو هيو.
آئيني ۾ ٻيهر پاڻ کي ڏسان ٿو، ”ڏاڙهي وڌيل، ڪٿان ڇٽي ته ڪٿان
گهاٽي هئي. ٻن ڏينهن کان ڏاڙهيءَ کي ڪوڙيو ڪونه
هيم. وڌيل ڏاڙهيءَ کي ڏسندي گهر واريءَجو مطالبو
ياد آيو. جو ٻه ڏينهن اڳ گهر ويو هوس، ان وقت هن
مطالبو ڪيو هو.
”تون! ڏاڙهي رکاءِ.... پر وڏي ڏاڙهي!!“ سندس انهيءَ مطالبي تي
آءٌ مُنجهي بيهي رهيو هو.س هوءَ ته ائين چئي ڪمري
مان ٻاهر هلي وئي. مان انهيءَ مان انهيءَ سوچ ۾
پئجي ويس.
”هاڻ ڇا ڪريان....؟“
هن اهو مطالبو ڪيو ڪيئن؟“
هوءَ ته هڪ ٻن ڏينهن جي وڌيل ڏاڙهي به برداشت ڪندي ڪانهي
پر.... اڄ.... اهو مطالبو ڪيئن ڪيائين...!!؟
”ڇا پيو سوچين...؟“ هوءَ ڪمري ۾ ايندي چوڻ لڳي.
”نه.... نه. ڪجهه نه...!!“
”پوءِ ... تون ڏاڙهي رکائيندين...؟“
”راڻي! تنهنجو هر مطالبو اکين تي، جيڪڏهن رکيل ڏاڙهي لاءِ چوين
ها ته ڪوڙاءِ... اُها به ڪوڙي ڏيکاريان ها... پر
تو ڏاڙهي رکائڻ جي لاءِ چيو آهي.
تنهنجو اِهو حڪم اکين تي، هوءَ خوشيءَ مان ٺينگ ڏئي ٻئي ٻانهون
منهنجي ڪنڌ ۾ ورائي ڀاڪر وڌو، پنهنجي چپن کي جن تي
هلڪي گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل هئي ، منهنجي سڄي
ڪن وٽ آڻي آهستي چوڻ لڳي.
”ڏاڙهي رکاءِ...“
خيالن جي ور وڪڙ مان نڪري پاڻ کي آئيني ۾ ڏسان ٿو، منهن تي هٿ
ڦيرايو. انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ ڳوهجان پيو.
”ڪڏهن ڏاڙهي وڌندي هن ڏاڙهي رکائڻ جي ڪيئن چيو!؟
نه ڪو هُن جي ڀائرن کي ڏاڙهي آهي، نه ڪنهن چاچي ۽ مامي کي
اٿس...!؟
ڳپل وقت آئيني جي اڳيان بيهي سوچيندو رهيس ته کيس ذهن ۾ اهو
خيال ڪيئن آيس جو ڏاڙهي رکائڻ جو مطالبو ڪيائين،
ڀلا.... ڏاڙهي رکائڻ مان هن جو مطلب ڪهڙو....!؟
ٻن ڏينهن جي وڌيل ڏاڙهيءَ کي آئيني ۾ ڏسي اهو اندازو لڳايو،
وڏي ڏاڙهي ٿيڻ جي لاءِ مهينو سوا.... ۽ اڃان مٿي
وقت لڳندو.
اندر ئي اندر ۾ مون پاڻ سان اهو واعدو ڪيو ته هاڻ ڏاڙهي رکائي
پوءِ گهر کڻي ويندس، کڻي انهي عمل ۾ ڪيترو ئي وقت
ڇو نه لڳي. شايد..... انهيءَ مطالبي تي هوءَ راضي
ٿي پوي.
مان جڏهن گهر ويو آهيان .... ٻه ٿانو ٺهڪن ضرور وارو واقعو
ضرور ٿئي شل ڪا فرمائش رهجي وڃي پوءِ.... هوءَ
پئي وجهه ڳولهيندي ۽ موقعو تاڙيندي. انهيءَ تاڙ ۾
هوندي. ڪٿي بُل ڏيئي ڏينڀوءَ وارو ڏنگ هڻي
وٺانس.... انهيءَ تلاش ۾ پيئي پاسا ورائيندي.
جيڪڏهن هنکي مون ائين چئي وڌو....
”راڻي! رومال ڌوئي ڏي....؟“
”صبح جو سوير ويندس، ڪپڙن جو وڳو استري ڪري ڏجانءِ.“
منهنجو ائين چوڻ ڄڻ ڪنهن ککر ۾ کڙو هنيو. پوءِ منهن پٽي ويندي
. جيستائين اندر جي ڪاوڙ کي زهر وانگي ٻاهر ڪڍي
هاري نه.... تيستائين مزو ڪونه ايندس.
مان ڀت بڻيو سندس اوڳاڇيندڙ زهر ڀريا لفظ پيو برداشت ڪندس ۽
ٻڌندس. ڄڻ مون کي ڪن آهن ڪونه.... زبان وڍيل....
هو ماڻهو هجي آءٌ بي زبان جانور....!!
پر.... جي انهيءَ وچ ۾ مون ٿورڙو ڳالهائي وڌو..... ڄڻ باهه تي
ڪنهن پئٽرول هاريو ۽ باهه جا ڀڀڙ ٻري پوندا.
هن دفعي راڻيءَ ڏاڙهي رکائڻ واري فرمائش ڪئي هئي هاڻي ڏاڙهي
ڪڏهن وڌندي...!؟ جيستائين ڏاڙهي وڌي، تيستائين وڃڻ
جا گهٽ گهيڙ بند آهن. جيئن ڪرفيو جي وقت روڊ رستا
سڀ بند هوندا آهن.
آءٌ منهن تي هٿ ڦيرايان ٿو، سوچيان ٿو.... ڪريان ڪيئن...؟ ڪٿي
ڪٿي وار ته آهن ئي ڪونه... آئيني ۾ هر هر ڏسي انهن
وارن جي باري ۾ سوچيان ٿو جيڪي ڦٽڻ جي ڪن ئي نه
پيا. ڪيترن دوستن چيو.
”اڪبر! تنهنجي ڏاڙهي ڇٽي آهي، تنهن ڪري تون ڏاڙهيءَ جي وڌائڻ
واري چڪر ۾ نه اَچُ...!!
پوءِ.... مون آئيني ۾ ڏسڻ ڇڏي ڏنو هو. آئيني کان چڙ ٿي وئي، ڄڻ
هو منهنجا ٻارڙن وانگي چيٻاڙا ڪڍندو هجي. ڪجهه
دوستن ڏٺو مون کي آئيني کان چڙ آهي. سو دوستن هڪ
ڏينهن ڇا ڪيو، جيئن مان صبح جو سوير ننڊ مان اکيون
مهٽي اٿڻ لڳس ته کٽ جي چوڦير هر هڪ دوست جي هٿ ۾
گول آئينو هو. ڪنهن آئيني ۾ منهنجو مٿو نظر آيو...
ڪنهن ۾ منهن جو اڌ حصو، ڪنهن ۾ اکيون جنهن ۾ پچيون
پيون به هيون. پوءِ مون چڙ مان سڀني کي گهٽ وڌ
ڳالهايو. هو ٽهڪ ڏيندا ٻاهر نڪري هليا ويا.
ڪجهه دير کانپوءِ.... مون کي هڪ واقعو ياد آيو. جڏهن آءٌ ننڍو
هوس. اسانجي اوطاق ۾ هڪ واڍو (ڊکڻ) جيڪو چاچي غلام
رسول جو دوست هو. سو کٽ ۽ ڪرسيون ٺاهڻ آيو هو. اُن
وقت مان ٻار هوس. اسان ٻه ٽي ڇوڪرا گڏجي هڪ شرارت
جوڙي سون. دوستن چيو.
”اڪبر! واڱڻ کڻي سُتل استاد (واڍي) جي سيراندي رکي اچ.
ان وقت منجهند هئي، ڏينهن ڏاڍو تکو هو، ڪانؤ جي پئي اک نڪري.
استاد به اڌ کٽ جو ٺاهي وڃين سُتو هو.
مان به دوستن جي چوڻ تي ماسي بصران جي گهران، امان جي نالي تي
واڱڻ وٺي آيس. ٻيا دوست نڪري دريءَ جي پاسي لڪي
بيهي رهيا.
پاءُ کن جو واڱڻ هو. اهو استاد جي سيراندي کان، جنهن پاسي هن
جو منهن هو. آهستي آهستي وڃي رکي، دوستن سان گڏ
بيهي رهيس.
ڏسڻ لڳاسين ته استاد واڱڻ سان ڪهڙي ٿو جُٺ ڪري...!! |