سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :2

چارئي يار رستو وٺندا پنڌ پيا. چڱو پنڌ ڪري ٿڪا ۽ بک ۽ اڃ  به هلاک ڪين، تڏهين هڪ وڻ جي گهاٽي ڇانو ۾ اچي ويٺا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا! ته پيٽ بکئي کي ڪيئن ڀور ٽڪر ڏجي. اڃا پاڻ ۾ اهي صلاحون پئي هليون ته ڏٺائون ٿورو ڏور هڪ ٻڪرار ويٺو پنهنجي ڌڻ کي چراگاهه ۾ چاري. اها رٿ وڃي بيٺي ته هڪ ڄڻو ٻڪرار کان هڪ ڇيلو وٺي اچي، ته ٻوڙ پلاءِ جي مجلس کڻي مچائجي ۽ جهنگل ۾ منگل مچي وڃي. سڀني چيو، ”سبحان الله! واهه جو نيڪ ويچار اهي! پر ٻيلي  ٻڪرار وٽ وڃي ڪير؟“

سوُر واڪو ڪري چيو، ”ڇڏيو مون تي، مولا مددگار. مان اجهو ٿو ٻڪرار کان هڪ سٺو ڇيلو ڇڏائي اچان.“

ٻين چيو، ”ادا تو ۾ ئي سگهه پوي، پر ورج سگهو، جو پيٽ  ۾ ڪلوس ڪلوس پيئي ٿئي.“

سور ڪهي اچي ٻڪرار جي ويجهو سهڙيو  ۽ کيس وڏو سلام ڀريائين.

”ادا ڀلي ڪري آئين، ڪر خبر ڪهڙي ڪم ڪارڻ تڪليف ڪئي اٿيئي؟“ ٻڪرار ٻڇيو.

”ٻيو مڙئي خير آهي. اسين چار دوست سفر تي پنڌ نڪتا آهيون. سو بک اچي بيحال ڪيو آهي. هاڻي ڪو ڪچڙو ڇيلو ڪڍي ٻاهر ڪر ته کائي ڪو ڍؤ ڪريون.“ سور آکيو.

ٻڪرار ذرا ڪاوڙجي چيو، ”ٻڪرو وري ڪهڙي ليکي ڏيان؟ مون هتي يتيم خانو کولي رکيو آهي؟“

”توکي خبر آهي مان ڪير آهيان؟“ سُور ڪجهه ڏمرجي چيس، ”منهنجو نالو اٿيئي سور، سو جيڪڏهن مون سان نيڪ نيتي نه ڏيکاريئه ته مان اُمالڪ گهڙي ويندس تنهنجي جسم ۾ ۽ پوءِ ڏس ڪيئن نٿو ڪيڪرائين ۽ ڪنجهين. اهڙي ڪار ڪندوسانءِ جو هڏ هڏ پيو سيڪاٽيندي.“

”مان تنهنجين ڌمڪين ڀر ڪين ٿو ڊڄان. توکي جيڪا ڪرڻي آهي ڪري وٺ، پر مون مان هڙ حاصل ڪين ٿيندءِ.“ ٻڪرار چيو.

سور ڏمرجي ٻڪرار جي بدن ۾ گهڙي ويو ۽ چوندو ويو، ”ڏس ته ڪيئن ٿو سچيون ڪرايان.“

ٻڪرار به نه ڪئي هم نه ڪيائين تم. ڀرسان جيڪو ڏاٽو پيو هوس سو کڻي وڌائين باهه ۾ ۽ تپائي ڪيائين لال. پوءِ جتي جتي ٿي سور اُڀريس، اُتي اُتي ويو ڏنڀ ڏيندو. سور کي خوب ڊڪون پارايائين. جڏهن سور خود اچي سور ۾ ڪڙهڻ لڳو، تڏهين ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪتو ۽ ائين ڀڳو جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ.“

ويچارو سور سهڪندو اچي يارن ڀيڙو ٿيو ۽ هنن سان حال اوريائين. اهو احوال ٻڌي، تپ کي غصو ڪنان ڀرجي آيو ۽ اُڀرڪو ڏيئي اُٿيو. چيائين، ”ڏسو ته مان هن ٻڪرار سان ڪهڙي ٿو تعدي ڪريان. هي مانک جو ٻچو پاڻ کي ڪهڙي وَٿ  ٿو سمجهي. اجهو ٿو مان هن کان هڪ ڇيلو ڇڏائي اچان. بس دير ئي ڪين لڳائيندس .“

تپ تڪڙيون ٻرانگهون ڀريندو اچي ٻڪرار وٽ پهتو ۽ پري کان ئي وڏو سلام ڀري چيائين ”نياز ٿئي.“

ٻڪرار چيس، ”ادا جي آئين نچ آئين. ڪر احوال، ڪهڙي ڪارڻ پنڌ پيو آهين؟“

تپ چيو، هيءَ چوئاري سفر جي شوق وچان نڪري پيئي آهي. بک اچي ستايو آهي، هاڻي ڪهي تو وٽ آيو آهيان ته تون ڪو ڇيلڙو ڏي ته اسين ان کي ذبح ڪري پيٽ قوت ڪريون.“

”ادا مون وٽ خيرات ته ڪانه کلي پيئي آهي، جو آئي وئي کي پيو ٻڪرو ڏيان.“

تپ، تپي باهه ٿي ويو ۽ ڪڙڪو ڪري چيائين، ”توکي معلوم آهي ته تون ڪنهن سان اهڙو تکو ڳالهائي رهيو آهين؟ مان آهيان تپ، سو سڌي سنئين واٽ نه ورتئه ته ٽيڙي واٽ وٺڻ کانپوءِ ڪين گسندس. هڪ دفعو جي مان توتي چڙهي ويس، ته لڱ لڱ ۾ باهه جي بٺي ٻاري ڏيندوسانءِ ۽ اهڙو ساڻو ڪري وجهندو سانءِ. جو هلڻ کان به هلاک.“

”اهي دڙڪا دهمان مان سان ڪين هلندءِ. مون ”نه“ ڪئي ته ”ها“ ڪونه ڪندس، مور ڪونه ڪندس. اڳهرو تنهنجو يار به مونسان  چڪري کائي ويو آهي.“

مان ٿو توکان پورو حساب وٺان.“ ائين چئي تپ ٻڪرار تي چڙهي ويو.

ٻڪرار ٻه منٽ ڪڙاهي اٿي کڙو ٿيو. وک وڌائيندو اچي ڀر واري تلاءَ ڪناري تي پهتو ۽ بي ڌڙڪ گهڙي ويو پاڻي ۾، خوب ٽٻيون ڏنائين ته تپ اچي ٻوساٽجڻ ۽ گهٽجڻ لڳو. ٻيون به ٻه چار ٽٻيون کاڌائين، ته تپ ڏڪندو ٻاهر نڪتو ۽ شرم ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري اچي پنهنجن دوستن وٽ نڪتو.

تپ جو احوال ٻڌي موت چيو، ”توهان مان ڪي ڪين ٿيو. ڪم آخر مونکي ئي ڪرڻو پيو. توهين هت ترسو مان اجهو آيس.“

موت وکون کڻندو ٻڪرار وٽ پهتو. خوش خيرعافيت ڪري اچي ٻڪرار جي ڀر ۾ ويٺو.

ٻڪرار چيو، ”قبلا! ڪهڙي ڪم پنڌ ڪرايو اٿيئي؟“

موت چيو، ”دنيا جي سفر تي نڪتاسين. سو سامهون اچي ڊاٻو ڪيو اٿئون. هاڻي پيٽ جهل ڪرڻ لاءِ تو وٽ آيو آهيان. اميد ته هٿين خالي نه ويندس.“

”پر مان هتي خيراتي ديڳ ته ڪانه لاهي ويٺو آهيان. جو واٽهڙن جو ويٺو پيٽ ڀريان.“ ٻڪرار چيو.

”توکي پروڙ آهي، ته ڪنهن سان ڳالهائي رهيو آهين؟ مان آهيان موت. توکي ڇا ٻي جهان جا سانباها آهن؟ جي توکي کٽيءَ  نه کنيو آهي، ته ماٺ ڪري اسان کي پيٽ قوت ڏي ته مان رمندو رهان.“

ٻڪرار  پنهنجي آواز ۾ ذرا نرمي ڀري چيو، ”ادا موت! ڀلي آئين! مونکي تنهنجو گهڻن ڏينهن کان انتظار هو. ڇيلا ڪو کٽا! تولاءِ کوڙ.   پر منهنجي هڪ ڳالهه مڃ، ير مونکي ٻئي جهان جو ذرا هڪ ديدار ڪرائي اچ. پوءِ جيڪي گهرندين سو تنهنجو.“

موت چيو، ”اها ته بلڪل سؤکي ڳالهه آهي. چڱو اکيون بند ڪر. هٿ منهنجن هٿن  تي وک ۽ پير منهنجن پيرن تي.“

کن ۾ ٻئي اُڏامندا اچي ٻئي جهان ۾ پهتا. ٻڪرار بهشت جا خوب چڪر لڳايا، باغ بوستان ڏٺا، نرمل نظارن   جو مزو ورتو ۽ نيٺ اچي هڪ جڳهه اڳيان بيٺو، جا سڄي مٽيءَ جي ننڍين ڪپڙين سان ڀري پيئي هئي. اچرج ۾ پيئي موت کان پڇيائين ، ”ادا ڪر خبر ڪپڙيون ڪهڙي ڪم جون؟“

موت چيو، ”هي هر هڪ شخص جي حياتي جي ڪپڙي آهي . هن ۾ ”جيوت  جو جل“ پيل آهي. جيئن اهو آهستي آهستي کٽندو ويندو، تيئن هن جي حياتي به گهٽبي ويندي.“

”ڀلوڙي ڀلو،“ ٻڪرار چيو، ”ته پوءِ  مونکي پنهنجي حياتيءَ جي ڪپڙي ڏيکارڻ جو قرب نه ڪرين.“

”وڏي شوق سان.“ موت چيو ۽ هن کي وٺي وڃي سندس ڪپڙي ڏيکاريائين، جا پاڻيءَ سان، ذري گهٽ ڪنين تار هئي. پوءِ ٻڪرار موت کي مخاطب ٿي  چيو.

”ابي سائينءَ جي ڪپڙي به ڏيکار.“

”بيشڪ،“ موت آکيو ۽ کيس وٺي وڃي سندس پيءُ جي ڪپڙيءَ مٿان بيهاريائين.

ڪپڙيءَ ۾ باقي تري ۾ پاڻي چڪي مس هئي. ٻڪرار التجا ڀرئي نوع ۾ موت کي چيو، ابو سائين مونکي ڏاڍو پيارو آهي. منهنجي  ڪپڙي  مان پاڻي لپ ڪڍي هن جي ڪپڙيءَ ۾ وجهه ته ڪي ڏهاڙا  جهان ۾ وڌيڪ جيئي.“

”ادا مون کان اهو ڪم نه ٿيندو، ٻيو جيڪو کپيئي سو گهر. باقي اها منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.“

ٻڪرار چيس، ”چڱو ڀلا هاڻي هلو ته واپس دنيا موٽي هلون.“

ٻڪرار اکيون پوريون، هٿ هٿن تي ۽ پير پيرن تي رکيا ته اک ٻوٽ  ۾ اچي هن دنيا ۾ پهتا. ٻڪرار پنهنجي جڳهه تي وهندي موت کي چيو، ”مون تنهنجي طاقت کي به ڏسي ڇڏيو. تو ۾ ايتري طاقت به نه آهي جو هڪ ڪپڙيءَ مان ٻي ڪپڙيءَ ۾ پاڻي چڪو وجهي سگهين. تون به وڃي يارن کي سلام ڪر.“

موت به هار کائي  واپس وريو.

فيلسوف مٺي مرڪ مرڪي اٿي کڙو ٿيو ۽  ڏنڊي  تي ٽيڪ ڏيئي اڳتي هليو. پنهنجن يارن کي چيائين، ته توهين دلجاءِ ڪريو. سڀ سڻائي ٿيندي. مان اجهو آيس.“

ٻڪرار پري کان هڪ سفيد پوش بزرگ شخص کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺو. فيلسوف جي ويجهي اچڻ تي ٻڪرار اٿي بيٺو، نئڙي هنجو آڌرڀاءُ ڪيائين، ”اچو آدم جا ٻچا، منهنجا بزرگ ڀاءُ! هن مسڪين وٽ ڪيئن پير ڀري آيا آهيون؟“

”ٻيو مڙئي  خير آهي، نڪري پيو هوس دنيا جي سفر تي. واٽ تي ٽي همراهه اچي گڏيا. هلندي هلندي اچي ٿڪا آهيون. ٻه گهڙيون آرام ڪرڻ ۽ پيٽ جهلو ڪرڻ لاءِ هتي اچي کٽي ٽپڙي وڇائي اٿئون ۽ تنهنجا ري ڏٺاري ڪوٺيا اچي مهمان بڻيا آهيون.“

”منهنجا وڏا ڀاڳ چئبا جو آدم جي ٻچي، پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو اٿم. مون وٽ جيڪي آهي سو ”حال پريان نال“ آهي.“

پوءِ هڪرو ٿلهو متارو ڇيلو ڪهي کڻي. سوادي طعام تيار ڪيائون. فيلسوف پنهنجن دوستن کي به سڏي ورتو. سڀيئي گوڏا کوڙي کائڻ کي لڳي ويا ۽ کاڌو جنهن نڙيءَ تائين پهتس، تڏهن اٿي کڙا ٿيا.

پوءِ سڀئي ٻڪرار جا شڪرانا مڃي، کيس دعائون ڪندا، سفر تي اڳتي اُسهيا.

زرينا  بلوچ

چمپا

چمبا يا چمپي هن گهر ۾ ننڍڙي آئي هئي، رنگ اڇو پشم جي گولي وانگر نرم، ننڍپڻ کان ئي سڀاءَ جي نرم ۽ عقل واري. چوندا آهن ته ”تڏو ۽ گهڙو پاڻ کي پاڻهي  ڇانو  ۾ رکائيندو آهي.“ سو چمپي  به پنهنجي سُڀاءُ ڪري سڄي گهر کي موهي  ڇڏيو. سڀيئي کيس پيار ڪندا هئا. آخر چمپي اچي جوان ٿي، ٻار ٻچا ٿيس. هونئن  ته هرڪو پنهنجي اولاد سان پيار ڪندو آهي؛ پر هن جو ته پنهنجي ٻارن سان پيار تمام گهڻو پيار هو. هڪ پل به پنهنجي اکين کان ٻارن کي پري نه ڪندي هئي، ٻار به سدائين اڇا اُجرا پيا راند روند ڪندا هئا، چمپي ٻارن کي راند ڪندو ڏسي چمپيءَ جا نيڻ پيا ٺرندا هئا.

هڪڙي ڏينهن گهر وارن جي پاڻ ۾ اڻبت ٿي پئي، سو سڀني سوچيو ته اها اڻبڻت چمپيءَ جي ڪري ٿي آهي. سو فيصلو  ٿيو ته چمپيءَ  کي پاڻ کان جدا ڪجي سڀني گهرجي ڀاتين چمپيءَ کي گهر مان ڪڍي ٻي پاڙي ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو. چمپي جڏهن ٻي پاڙي وئي ته کيس اتي هڪ پل به آرام نه آيو ۽ هوءَ پنهنجي ٻارن لاءِ تڙپي پئي ۽ رات جو 12 بجي  اچي گهر ٺڪاءُ ڪيائين گهر وارن جو کيس ڏٺو ته انهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا، چمپيءَ جي اچڻ تي چمپيءَ  جا ٻار ٽڙي گل ٿي پيا کين جڏهن خبر پئي ته چمپي ٻه ڏينهن ماني ڪانه کاڌي هئي پيٽ وڃي لڪ لڳو هوس. پر کيس بکه جي پرواهه ڪانه هئي هن جڏهن پنهنجي ٻارن کي ڏٺو ته بک ئي مري ويس. آخر  گهر وارن فيصلو ڪيو ته هاڻ چمپيءَ کي پاڻ کان جدا نه ڪبو؛ ڇو ته هوءَ وفادار هئي ۽ پنهنجي ٻارن لاءِ هن کي بيپناهه پيار هو. ايترو ته انسان به پنهنجي ٻارن سان ڪونه ٿو ڪري جيڪو پڙهيل ڪڙهيل هوندو آهي. پر هيءُ ته هڪ ٻلي هئي؛ جنهن کي هڪ جانور سمجهي انسان کانئس ڌڪار ڪندو آهي. پر هيءَ ته اهڙي ٻلي هئي، جو الائجي ڪيئن اچيو پنهنجي ٻچن وٽ ٺڪاءُ ڪندي هئي. گهر وارن گهڻو ئي کانئس جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻوريءَ ۾ بند ڪري ڪار ۾ چاڙهي کيس تمام گهڻو پري ڇڏي ايندا هئا؛ پر هيءَ 24 ڪلاڪن ۾ پنهنجي ٻارن وٽ پهچيو ويندي هئي ته اها هئي چمپي يا چمپا.

رضيه صديقي

پتنگن پهه ڪيو

چوندا آهن ته دل جي دنيا اُداس هوندي ته، پوءِ  سڄو  وايومنڊل ئي ويران ۽ ڦڪو محسوس ٿيندو آهي. گهر جا تقريبن سڀئي ڀاتي ڊرائينگ روم ۾ ٽي ويءَ تي شارجا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ميچ دلچسپيءَ سان ڏسي رهيا هئا. مُون ۽ پرنس ته باقاعده شرطون پي ٻڌيون.

اُڄ ته رابيل به در جي ڪنڊ واري صوفي تي ويٺي هئي هميشه وانگر چپ چاپ ۽ آدم بيزار! پاسي ۾ رکيل ڪونڊيءَ مان مصنوعي پلاسٽڪ جو وڏو پن هٿ ۾ جهلي خيالن جي اونهي پاتال ۾ گم هئي. بظاهر نظرون ٽي – وي ۾ کتل هيس، پر دل اندر جا اُڻ تڻ هيس تنهن سندس چهري تي مڪليءَ جهڙي ويراني پکيڙي ڇڏي هئي!

اوچتو ڪوئل جو آواز گونجيو جا اخبار کنيو اندر آئي. اجهو اڄ وري شاگردن تي مارو وڌو اٿن. پنج زخمي ۽ شهيد! ۽ ڪيترا جهلجي پيا.

”ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾.“ پر پڙهائي کان جي نفرت ڪندا ته اهي حال به ٿيندن.

مُون ۽ پرنس کي ڪوئل جي اها مداخلت بنهه ڪانه وڻي سو وٺي دانهون ڪيائون. جي کانئس ٻئي ننڍا ڀائر هئا.

او شادي بدخبر! اهي بدخبرون پاڻ تائين محدود رکندي ڪر. ڪيڏو نه سٺو شاٽ هيو. تون رڳو دشمني ڪري راند تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙيون خبرون ڳوليندي وتندي آهين.

رابيل سڄي دهلجي ويئي، ڪمري جون ديوارون پاڻ تي ڪرندي محسوس ڪيائين، وسوسا ڪر کڻي کيس نانگن جيان ڏنگڻ لڳا، شير کي وئي به ته اچي مهينو ٿيوٰ

ڪٿي هو گوليءَ جو..... بک ته نه بڻجي ويو..... نه....نه

مونکي  ائين نه سوچڻ کپي خدا نه ڪري.... سامهون واري وڏي صوفي تي بابا به ليٽي راند پي ڏٺي،  سو ڪوئل کان اخبار وٺي ڏسي چوڻ لڳو.

”پٽ ڪوئل ڪٿي پاڻ وارو شير به ته جهلجي نه پيو؟

هن بادشاهه به ڏچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ڪيترو ٿا سمجهايونس پر ڪٿي ٿو ڪن ڪري.

هوڏانهن ماڻس انتظار ۾ وڌيڪ ڍرڪي پئي آهي ۽ هيڏانهن رابيل کي ڏسي نه ٿو سگهجي.

ادي آسرو ڪري ويٺي آهي ته پٽ کيس سک ڏيندو، پر هن همراهه جون ته راهون ئي ٻيون آهن.

شيرافگن رابيل جو مڱيندو ۽ سندس  پڦاٽ هو. شير افگن جو پيءُ کيس ٻن سالن جي عمر ۾  يتيم ڪري ويو هو. کيس ڪينسر جهڙي موذي مرض ڳهي ڇڏيو هو. سندس ماءُ پٽ جي آسري جبل جيڏي  جواني جهاڳي ورتي هئي. هوءَ پنهنجي ڀاءُ فريد احمد وٽ رهندي هئي، جو هڪ سٺو سرجن هو. ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ ۾ گهڻو پيار هو. هئا به ته ٻه ڀاءُ ڀيڻ پاڻ ۾، ڀاءُ جي انهيءَ پيار جي ڪري ڀاڄائي به مَٺوَ  ڪونه گهرندي هيس ۽ وڏي ڳالهه ته هوءَ سندن تي بار ڪونه هئي مڙس جي ملڪيت ڪافي هيس.

شيرافگن جنهن کي پيار مان شير سڏيندا هئا. شير هيو ته مانجهي مڙس پڙهائيءَ ۾ هر سال ٽاپ ڪندڙ پر مارئيءَ وانگر وطن جي حُب سندس اندر ڪوري ڇڏيو هو ۽ خدمت  خلق جي جذبي روح رولائي ڇڏيو هيس.

ڀورو رنگ، ناسي وار ۽ ناسي  شهپر، ماکيءَ جهڙي رنگ جون ناسي اکيون، جهڙو شينهن. منهن ۾ مڻيان، نالي جو اثر گهڻو آيل هيس. شينهن جهڙو جوڌو  جوان پنهنجي پارٽيءَ جو اڳواڻ جنهن جو مقصد هو صرف بني نوع انسان جي خدمت ڪرڻ. هو اڪثر گهر کان مهينو مهينو پري رهندو هو ۽ جڏهن به ايندو هو ته رات جو لڪي ڇپي؛ جيئن مامي کي خبر نه پئي. شير مامي جو بيحد احترام ۽ ادب  ڪندو هو. جنهن کيس پيءُ جهڙو پيار پڻ ڏنو هو. سندس مامي فريد احمد کي سندس مشغولين جي ڪري چڙ ٿيندي هئي. هو چوندو هو ته شير بس پڙهائي ڏي ڌيان ڏئي ۽ هميشه ٽاپ ڪرڻ وارو رڪارڊ پنهنجو برقرار رکي، جوهي سندس فائنل ايئر ايم. بي. بي. ايس جو هو.

کيس اهو فڪر هوندو هو، ته شير ڪنهن آئيءَ ۾ نه اڙجي پوي.

شير جي ماءُ لاءِ محبت به بي مثال هئي، دنيا ۾ سڀ کان پياري چيز ماءُ هيس، کيس ”ممادي گريٽ“ چوندو هو. هو هميشه  اوچتو ايندو هو ۽ پويون گيٽ ٽپي اچي رابيل جي دري کڙڪائيندو جنهن جو ڪمرو ورانڊي جي ڪنڊ تي گولائي ۾ ٺهيل هو. هوءَ جا سندس انتظار ڪندي هئي هڪدم سندس مخصوص ٺڪ ٺڪ جي آواز تي وڃي اندريون گيٽ کوليندي هئي.

۽ پوءِ هو ساڻس ٻه لفظ ڳالهائيندو هو. ”رابيل اَمي ڪيئن آهي ٺيڪ ته آهي نه!  چهري تي بردباري ۽ شفقت. اچي هي وٺ ۽ سندس  هٿن ۾ رابيل جا گل ڏيئي ماءُ جي ڪمري ڏي ويندو هو. جا پڻ هن جي ائين اچڻ جي عادي هئي.

رابيل لاءِ اهي ٻه لفظ، جي به سندس ذات لاءِ نه هوندا هئا.

سندس رڳن ۾ امرت جيان ڊوڙندا هئا ۽ سندس ڪنن ۾ سندس واپس ورڻ تائين رباب جيان وڄندا رهندا هئا. هوءَ خوش ٿيندي هئي ته هو کيس مخاطب ته ٿئي ٿو، پوءِ ڪنهن لاءِ به  پڇي. هوءَ پڦيءَ کي به بيحد ڀائيندي هئي ۽ شير ته هاڻي سندس  سهاڳ هو.

هوءَ سٻاجهڙي، سچن موتين جهڙي رنگ روپ ۽ نفيس نقش خوبصورت ڊگها وار ۽ سرو قد صنوير جهڙي سهڻي هئي.

شير کيس ڏسي اڪثر سنجيده لهجي ۾ چيڙائيندي ماءُ کي چوندو هو ”امان ننهن ته توکي مان ٿر مان آڻي ڏيندس مارئي جي ديس جي“ ۽ ماڻس کيس ڇڙٻي چوندي هئي، ننهن ته منهنجي رابيل آهي ۽ ٿيندي، ڇورا وري ائين نه چئجان. زبان ڇڪي وٺنديسانءِ مون توکي انهيءَ جي ڪري ته مڱائي ڇڏيو آهي.

شير کي ٿر واسين سان ڏاڍي اُڪير هئي. هو اڪثر دوائون وغيره کڻي پنهنجيءَ پارٽيءَ سان ٿر نڪري ويندو هو ۽ هن دفعي ته کيس وئي به اچي مهينو ٿيو هو ۽ وري مٿان اهڙيون خبرون، سو شير جي ماءُ ته مرڳو پلنگ تي پئجي ويئي. فريد احمد ڏاڍي ڳولا ڪئي پر شير جي ڪابه خبر نه پئي ته هو ڪٿي آهي!

ڪوئل جي اخبار واري خبر ته ڪجهه شاگرد زخمي ٿيا آهن ۽ ڪي گوليءَ جو بَکُ! رابيل جي اندر ۾ ڄڻ ڪنهن شيشي جي ڀڳل ٽڪر جي تيز چهنب وارو ٽنبي ڇڏيو هجي. هوءَ ڊرائينگ روم مان اُٿي تيز تيز قدمن سان اچي پنهنجي پلنگ تي پئجي رهي. ڪنهن پل آرام نه پي آيس، بي قراريءَ ۾ ڪڏهن دريءَ ڏانهن پئي ويئي، ته ڪڏهن ڪمري ۾ ڦيرا پي پاتائين.

سندس ڏنل رابيل جي گلن کي جا هوءَ ڊائري جي ورق ورق ۾ رکندي هئي. کڻي اکين سان پي لاتائين، ٻي ته ڪا اهڙي هلت يا نشاني  سندس وٽ ڪانه هئي ، جنهن مان هوءَ محسوس ڪري ته هو به کيس ائين ياد ڪندو هجي. پر.... ڇا هيءَ گلن جي ورکا سندس چاهه جي خوشبو پکيڙڻ لاءِ ڪافي نه آهي. هوءَ پاڻ کي آٿت ڏيندي هئي.

الله خير ڪري، شير جتي به هجي سلامت هجي. الله کيس اَمن ۾ رکي. لان ۾ بيشمار رابيل جي گلن ڏانهن ڏسي هوءَ سڏڪي ٻئي توهين ئي ٻڌايو ته شير ڪڏهن ايندو شير ڪٿي آهي.

شير جي ڪابه خبر نه آئي ۽ پڦي سندس ايترو انتظار نه ڪري سگهي. هوءَ سندس جدائي برداشت نه ڪري سگهي شير، شير ڪري دم ڏنائين گهڻي سوچ ۽ هاءِ پريشر جي ڪري هن کي برين هيمرج ٿي پيو.

رابيل مرجهائجي ويئي، سندس سچن موتين جهڙو رنگ پيلي سرنهن جهڙو ٿي پيو. ڇا شير گوليءَ جو شڪار ٿي ويو، ڇا لاش به نه ملندو، وسوسن يقين اختيار ڪري ڇڏيو ۽ سڀ هڪٻئي کان اکيون چورائي سندس غم سيني  ۾ سانڍي ڇڏيو.

فريد احمد کي ڀيڻ جي صدمي ۽ شير جي گمشدگيءَ آزاري  ڇڏيو هو، رابيل کي مرجهايل ڏسي نه سگهندو هو، سندس اڳيان گهٽ ايندو هو. چوندو هو رابيل جو مان گنگهار آهيان.

پوءِ اوچتو پڦيءَ جي چاليهي کانپوءِ هو اَچي وارد ٿيو. هيڻو، ڪپڙا ميرا، ڏاڙهي وڌيل ، رڻ تتل  هو منجهند جي مهل اَچي رابيل جي ڪمري ۾ بيٺو ۽ حسب معمول اَچي رابيل چئي کيس حيرت ۾ وڌو.

ساڳيو گلن ڏيڻ وارو انداز، اڄ  به سچا گل ٿو نذر ڪيانءَ حفاظت ڪجانءِ منهنجو مان مٿانهون ڪجانءِ قبولي!  ۽ ها مماديء گريٽ ڪيئن آهي.؟

رابيل مان وهنجي اچان ته پوءِ اچي سڀني سان ملان ٿو ۽ هنن کي به وهنجاري وٺ ته اميءَ وٽ وٺي هلنداسين. رابيل کن لاءِ ته لرزجي ويئي سندس چيل  اکر کيس ياد آيا ”ته امان ننهن ته مان ٿر مان وٺي آڻي ڏيندوسانءِ“  ٻار ٿري لڳي رهيا هئا.

هن اِهي خيال ذهن مان ڪڍي ڇڏيا ۽ ٻڏتر ۾ هئي ته کيس اها خبر  ڪيئن ڏينديس ته سندس ماءُ هاڻي هن دنيا ۾ ڪونهي. هوءَ سندس انتظار نه ڪري سگهي!  ۽ کانئس رسي هلي ويئي.

اوچتو باٿ روم جو در کولي هو ٻار آيو. اڙي  رابيل  ڇو تون اڃان..... رابيل تون روئين پئي ڇو؟..... ڇا ٿيو ۽ پوءِ  رابيل سڏڪن ۾ پئجي ويئي.

۽ پوءِ سندس آواز تي سڀئي ڀاتي ڪمري ۾ آيا. ڪوئل کيس چنبڙي پيئي. ادا اهڙو به ماڻهو گهر کان گهوريو نه ٿئي جو جيجل جي جان وڃي ته منهن به نه ڏسي سگهي؟ تون پنهنجي ماءُ لاءِ به بي حس ٿي ويو هئين. هاڻ پڦي اسان کان رسي دور هلي ويئي.

دڱ جيڏو مڙس جهري پيو، مامي کي چنبڙي پيو منهنجي مما کي ڇا ٿيو؟ توهان ڇو وڃڻ ڏنو، ۽ پوءِ مامي  کيس ڀاڪر ۾ ڀري کيس سمجهايو ته امانت وڃي مالڪن کي پهتي هوءَ توکي ياد ڪري ڏينهن رات انتظار ڪري، شديد غم جي ڪري دماغي نس جي ڦاٽڻ سبب گذاري ويئي.

مامي کي جنجهوڙي چيائين منهنجو انتظار به نه ڪري سگهي. توهان ته ڪجهه ڪيو ها.

مان مما جو قاتل آهيان چوندو، سندس ڪمري ۾ وڃي سندس هر شئي کي اکين  تي رکي روئندو رهيو.

الله  سائين انساني وجود کي سڀ ڪجهه سهڻ  جي طاقت ڏني آهي. هيءَ غم به شير سهي ويو ۽ دنيا  ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو ۽ پوءِ  هن ٻڌايو ته هو ٿر نڪري ويو هو. اتي هنن ٻارن جي ماءُ سلهه جهڙي موذي مرض جي آخري اسٽيج تي هئي بيوه ۽ غربت جي ڪري ڪو علاج نه ڪري سگهي. جان بچائڻ لاءِ حيلا ۽ وسيلا ڪياسين پر بچي ڪونه سگهي.

آخري وقت هن منهنجي مٿي تي هٿ رکي چيو ته ڀائڙا، منهنجي حياتيءَ جا پن ڇڻڻ وارا آهن. مهرباني ڪري هنن معصومن کي در در پنڻ ۽ بک مرڻ کان پاڻ وٽ وڃي فوڪر ڪري رکجان. پر هتي اڪيلو نه ڇڏجانءِ. جو منهنجو هنن کانسواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبه مائٽ ڪونهي.

مان اميد ٿو ڪيان ته رابيل، تون هنن جو قدر ڪندينءِ.“ ماما جو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيندو ويو.

منهنجو شير جوان چئي کيس گلي لاتو ۽ رابيل شرمائجي کين وٺي ڪمري ۾ هلي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com