خير مون به وراڻي ڏني ته ”نه توهان اسان جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه
تضاد نه ڏسندو.“
اسان جي گهر جو ماحول شروع کان وٺي اهڙو رهيو آهي، جو گهر ۾
سنڌي کانسواءِ ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائڻ جي اجازت به
نه رهي آهي. جڏهن ته مان ڪي. جي. آءِ کان وٺي
انگلش ميڊيم ۾ پڙهيو پر گهر جي ماحول ۽ خاص طور تي
والد جي تربيت جي ڪري سنڌي سٺي ڳالهائيندا آهيون
تڏهن ته مان شاهه لطيف تي ڪم ڪيان پئي. جڏهن ته
شاهه جي ٻولي هر ڪو سنڌي نه ٿو سمجهي سگهي. اسان
وٽ پنهنجي ٻولي کي ڇڏڻ جو مرض خاص طور تي آفيسر
طبقي
Civil Services
وارن کي آهي. اصل ۾ ائين چوڻ گهرجي ته احساس
ڪمتري ۾ مبتلا آهن. ان کي پاڻ کان پري ڪن ته اهو
سندن لاءِ بهتر ٿيندو. اسان پنهنجي ميمبر خواتين
کي به سمجهائيندا آهيون ته اسان جي ٻولي گهڻي وسيع
۽ وڏي حيثيت جي مالڪ آهي. ان لاءِ خاص طور تي
ميوزڪ وڏو ڪم ڏنو آهي. موسيقي ذهن کي بدلائڻ جو
بهترين
Instrument
آهي. مثلاً: جيئن پهرين جيڪي انگلش ۽ ٻين ٽين
ٻولين جا ڪيسٽ ٻڌنديون هيون هاڻي اهي هر وقت ۽ هر
جاءِ تي عابده پروين جا ڪلام ٻڌيون نظر اينديون
آهن . مختلف سنڌ جي ثقافت کي ظاهر ڪرڻ واريون شيون
پنهنجن اسٽالن تي رکندا آهيون، جنهن سان پاڻ
ماڻهن ۾ سنڌي ڪلچر کي عام ڪيون پيا. پر ان ۾ جيڪر
هاڻي اسان جو نئين نسل ساٿ ڏيندي ته ضرور اسان
ڪلچر کي آباد ڪنداسين.
سوال: آخر ۾ توهان کان پنهنجن ڀينرن لاءِ ڪو پيغام وٺڻ ٿا
چاهيان؟
جواب: منهنجو پيغام اهو آهي ته پنهنجن نياڻين کي تعليم ڏياريو
توهان غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيو. اهو اسان جي ديس
لاءِ بهتر ٿيندو. آخر ڊاڪٽر درشهوار جي پيغام کي
شاهه جي لفظن ۾ هيٺين ريت چوندس:
”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،
سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.“
بنا دماغ
آپريشن روم ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو ڪٽي مغز ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ ضروري ڪارروائي
ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر ڀل وچان مغز واپس وجهڻ کانسواءِ
سندس مٿو سبي ڇڏيو. ڪجهه دير کانپوءِ نرس ڏٺو ته
مغز پرڻيءَ ۾ ئي پيو آهي سو يڪدم ڊاڪٽر کي اطلاع
ڏنائين، جنهن نرس کي چيو ته خط لکي ان ماڻهوءَ کي
واپس گهرايو، پر اهو ماڻهو واپس نه آيو. ٽيون،
چوٿون ڪيترائي خط لکيا ويا ۽ ائين ڇهه مهينا گذري
ويا. آخر ڊاڪٽر نرس کي روانو ڪيو. ان ماڻهوءَ ڏاڍو
ادب سان نرس جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ٻڌايائين ته مونکي
سڀ خط مليا پر جيئن ته مان هاڻي هڪ اڳواڻ بڻجي ويو
آهيان انڪري مون کي ان جي ڪابه ضرورت ڪونهي، توهان
ڀلي ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيو.
عربيه نور
شخصيت تعارف: شبانه
ساريو
اڻٿڪ ۽ آدرشي سرتي حميده ستار ڀٽي
اڻٿڪ ۽ آدرشي سرتي حميده ستار ڀٽي چوندا آهن ته
وقت ۽ حالتون، انسان کي ڪافي ڪجهه سيکاري ڇڏيندا
آهن. وقت جيڪو ڪنهن جو ڪونه هوندو آهي، جيڪو ساڻس
ساٿ ڏيندو سوئي ساڻس قدم ملائي هلندو، نه ته سندس
بي رحم قدمن هيٺان اچي، هميشه لاءِ ختم ٿي ويندو.
حالتون به ائين ئي آهن. جيڪڏهن حالتن سان مهاڏو
اٽڪائبو ته زنده رهي سگهبو نه ته اهوئي ٿيندو،
جيڪو تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي. سواءِ تباهي جي
ٻيو ڪجهه به نه ورندو.
سنڌي عورت جيڪا اڇن برقعن ۾ ويڙهي وتندي هئي، گهر جي وڏين وڏين
ڀتين پٺيان لڪل هوندي هئي، سا هاڻ وقت ۽ حالتن سان
ٽڪر کائڻ خاطر هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ لاءِ
جتن ۽ جاکوڙ ڪري رهي آهي. پنهنجي بچاءُ سان گڏ
ڌرتيءَ ۽ ڌرتي واسين جي خدمت به ڪري رهي آهي.
اهڙيون هزارين آدرشي سرتيون، هڪ آدرش کڻي، هر شعبي
۾ ڪم ڪري رهيون آهن.
حميده ستار ڀٽي اهڙين آدرشي سرتين جي سٿ جي هڪ سرتي آهي. منزل
ڏانهن روان دوان انهي قافلي جي هڪ همسفر آهي.
حميده ستار ڀٽي اٺين ڊسمبر 1957ع تي لاڙڪاڻي شهر
۾ جنم ورتو. مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ 1973ع ۾ پاس
ڪيائين. انٽر سائنس (پري ميڊيڪل گروپ) پڻ فرسٽ
ڪلاس 1976ع ۾ پاس ڪيائين. ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ جو سپنو
اکين ۾ سانڍيو هئائين. ليڪن سپنو، سپنو ئي هوندو
آهي. ڀلا سپنا به ڪڏهن ساڀيا ٿيا آهن..... ۽ پوءِ
بي. اي سيڪنڊ ڪلاس ۾ 1988ع ۾ پاس ڪيائين. سنڌي
ادب ۾ ايم. اي پئي ڪري. ادب سندس ڪمزورين منجهان
هڪ آهي. چوندي آهي ته، ”ڪافي ڪجهه اسين ڳالهيون
ڪنهن کي ڪونه ٻڌائيندا آهيون. پر ادب جي صنفن
اڳيان بيوس ٿي ويندا آهيون. شاعري يا ڪهاڻي ۾ سڀ
ڪجهه ظاهر ڪري وجهندا آهيون. نه چاهيندي به من
اندر جي ڳالهه اوري ويهندا آهيون.“
حميده ستار ڀٽي تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل آهي ۽ ڪراچي جي هڪ
گرلس هاءِ اسڪول منجهه سنڌي لينگويج ٽيچر آهي.
پنهنجي تعليمي شعبي جي هڪ سرگرم رڪن آهي. 1985ع
کان 1988ع تائين شاهه لطيف ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ
جي عورتن واري شعبي جي ڪراچي ڊويزن لاءِ صدر رهي
چڪي آهي. 1988ع کان 1990ع تائين سنڌي لينگويج
ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي ڪراچي ڊويزن لاءِ صدر پڻ
رهي چڪي آهي.
حميده ستار ڀٽي هڪ اڻٿڪ سرتي آهي. 1991ع جي جنوري ۾ تعليم جي
شعبي سان لاڳاپيل سرتين کي گڏ ڪري منجهن خود
اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو
”مارئي ٽيچرس ايسيوسيئيشن سنڌ“ جو بنياد وڌائين.
سرتين مٿس اعتماد ڪري ايسوسيئيشن جي پهرين
چيئرپرسن کيس مقرر ڪيو. پاڻ مارئي ٽيچرس
ايسوسيئيشن سنڌ جي باني پڻ آهي. حميده ستار ڀٽي
سرتين کي چوندي آهي ته، ”مارئي سنڌ جي لوئي ۽ لڄ
جي علامت آهي ۽ انهيءَ لوئي ۽ لڄ جي حفاظت اسان
سڀني سرتين جو فرض اسان جي زندگي آهي. جياپو آهي.“
حميده ستار ڀٽي شاهه جو رسالو پڙهيو آهي ۽ ”مارئي“ سندس آئيڊيل
شخصيت آهي. مارئي کي حميده لطيف جي لاڏلي جي نانءُ
سان سڏيندي آهي. سندس انهيءَ لڳاءُ ڪري ئي ٽيچرس
ايسوسيئيشن جو نالو ”مارئي“ جي نالي سان ارپي
ڇڏيائين. مارئي ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جون ڪراچي،
حيدرآباد، دادو، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾
شاخون پڻ کولي رهي آهي. جيئن مارئيءَ جو پيغام هر
سرتي تائين پهچي.
حميده سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کانپوءِ سورمي
”مارئي“ تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جيئن
پنهنجي آدرش جي تڪميل ڪري سگهي. هينئر کان وٺي
”مارئي“ بابت مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو اٿائين. مارئي
جي ڪردار جي اڀياس سان گڏ حميده سنڌي عورت جي
موجوده ڪردار جو اڀياس پڻ ڪري رهي آهي. سنڌي عورت
جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ جو عزم کنيو، حميده زندگي
جي ڪٺن راهن تي گامزن آهي.
حميده ستار ڀٽي جي اها خواهش آهي، ته آءٌ ”مارئي
ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ“ جي پليٽ فارم تان مارئي جي
عظمت جو يادگار تعمير ڪرايان، سنڌ جي هر شهر توڙي
ڳوٺ ۾ مارئي بابت ميلا ۽ سيمينار منعقد ڪرايان،
سنڌي سرتين منجهه مارئي ايوارڊ ڏيان ۽ ان سان گڏ
ٻهراڙيءَ جي عورت کي جديد زندگيءَ جي آسائشن ساڻ
ڏسان.....
حميده جي اها خواهش ضرور پوري ٿيندي ڇو ته سندس
انهي خواهش پٺيان اڻ ٿڪ جدوجهد آهي ۽ ڪاوشون ڪڏهن
به رائيگان ناهن وينديون. اهو سچ آهي ۽ اٽل سچ
آهي.
عبدالله چنه
يادگيريون
ڪيئن وساريان بيگم زينت چنا
سال 1954 ۾ مان جيڪب آباد ۾ بدلي ٿيس ۽ اتي موڪل ۾ جڏهن آئي
تڏهن ڊاڪٽر جي تپاس بعد معلوم ٿيو ته کيس ضيابيطس
جي تڪليف شروع ٿي آهي، هن سال پنهنجي ساهيڙين سان
جيڪب آباد ۾ گهوڙن جو جلسو ڏسڻ آئي. ساڳئي سال ۾
اسان کي آخرين ٻار يعني هڪڙي ڌيءَ ڄائي، جنهن جو
نالو طلعت ياسين رکيائين. سندس وفات وقت طلعت 3
سال لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندي هئي. هاڻي آخرين
سال ۾ آهي. سال 1956ع ۾ مان لاڙڪاڻي آيس، جتي مرزا
سڪندر ان وقت جو پريزيڊنٽ پنهن جي اهليه ناهيد
بيگم ۽ ڌيءَ تاج سان ٻين ڪيترن سفيرن سان ۽ انهن
جي بيگمن سان آيو. زينت به ان وقت مون وٽ لاڙڪاڻي
۾ هئي. مون هڪ وڏي دعوت ڪئي، زينت جي واقفيت ناهيد
بيگم سان ٿي، جا پوءِ به جيسين هت هوا اوستائين
هلي. ذوالفقار علي خان ڀٽو جي بيگم صاحبه ۽ ان جي
والده سان ۽ همشيره سان به ان وقت سندس گهاتي
واقفيت رهي جا پوءِ آخر تائين به هلندي آئي.
ٿوري وقت کانپوءِ منهن جي بدلي حيدرآباد ٿي. هتي به ڪوٽڙي ۾
جيڪو فتح مبارڪ جهاز آهي، ان تي پڪنڪ ڪيائين ۽ ٻي
پڪنڪ تاجپور بنگله تي ۽ هڪ درياهه تي جتي کنڊ
پيو هو. ڪيترا دفعه ڀٽ شاهه جي پڪنڪ ۽ زيارت
لاءِ پنهنجي ساهڙين سان ويندي رهي جو هڪ ته شاهه
صاحب جي ميلي جي ڪميٽيءَ جي ميمبر هئي ۽ ڀٽ
شاهه يادگار ڪميٽيءَ جي به ميمبر هئي ۽ ميلي جي
وقت ته هڪڙي بس ساهيڙين جي ڀري ميلي جي ادبي
ڪانفرنس ۾ وڃي شريڪ ٿيندي هئي ۽ اتي پلاءُ جي ديڳ
رڌارائي فقيرن کي موڪليندي هئي.
هن سال زينت ماهانه سنڌي رسالو عورتن لاءِ ڪڍيو ۽ پاڻ ان جي
ايڊيٽر رهي ۽ هڪڙو منشي به مارئي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ،
رڪارڊ رکڻ ۽ ٽپال جي نيڪال ۽ داخلا لاءِ رکيائين ۽
عورتن ۽ نينگرين کي دعوت ڏنائين ته هيءُ عورتن
جو پاڪيزه رسالو آهي ۽ ان ۾ پنهنجا مضمون ۽ شعر
موڪلين. اهو رسالو 4-5 سال هليو جو پوءِ ان وقت جي
انفرميشن آفيسر بند ڪري ڇڏيو. رسالو هر ماه نقصان
تي هلندو هو، جنهن نقصان جو پورائو پاڻ ڪندي هئي
۽ اهڙي طرح ڪل 3-4 هزار روپيه نقصان ڀريائين.
اگرچه رسالي هلائڻ ۾ نقصان پوندو رهيس. مگر ان
هوندي به ان جي بند ٿيڻ جو ڏاڍو ڏک هوندو هوس.
سال 1957 ۾ مان خيرپور ميرس ۾ ڪليڪٽر ٿي ويس ۽ اونهاري جي
وئڪيشن ۾ ٻار ۽ زينت کي ڪوئٽا وٺي گهمائڻ ويس،
جتان زيارت به وياسين. مان هن سال پينشن تي آيس
سرڪار مونکي زياده نوڪريءَ ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي، مگر
مون انڪار خاص طرح انهيءَ ڪري ڪيو جو زينت کان
اڃا به جدا رهڻ مونکي پسند نه هو، هن وقت ڌاري
زينت منهن جي پهرينءَ گهر واريءَ جي نياڻي
شيرين جي شادي منهنجي ڀاڻيجي سان ڪرائي ۽ ان سال
کان اڳ وري پنهن جي ٻيو نمبر ڀاڻج اختر جي شادي
منهنجي 3 نمبر پٽ (پهرين گهر واريءَ مان) نواب سان
ڪرائي، جا تمام وڏي ڌوم ڌام سان ٿي.
سال 1957ع جي آخر ۾ اسين سڀ بمبئي گهمڻ وياسين. زينت جو رسالو
”مارئي“ بمبئيءَ ۾ گهڻو ويندو هو ۽ اتي هڪڙو سنڌي
ايجنٽ هو اُهو گهرائيندو هو، سو زينت سان ملڻ آيو
۽ مارئي رساله جا پيسا به کيس ڏنائين. زينت پنهن
جي سيوهڻ وارين ساهڙين ويد ۽ گوپيءَ سان به اتي
ملي ۽ ٻين به ڪيترين واقفڪارن سان ملاقات ڪيائين.
اتي بمبئي جي سنڌي اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته رسالي
مارئي جي ايڊيٽر بيگم زينت چنه بمبئيءَ اچي رهي
آهي، نئين دنيا جي ايڊيٽر سندري ۽ سندس مڙس اتم
چند سندس هت سنڌ ۾ واقف هوا ۽ موتي ۽ پرڪاش اهي به
ساڻس مليا ۽ ٻيا ڪيترا منهنجا دوست به، جن جي زالن
اسان جون مهمانيون ڪيون. زينت جي مان ۾ بمبئي جي
”جئي هند“ ڪاليج ۾ چانهه جي دعوت ٿي، جنهن ۾
تقريرون به ٿيون جي اخبارن ۾ ڇپيون.
سندري ۽ اتم چند ڪن سالن کانپوءِ حيدرآباد ۾ شاهه جو ميلو ڏسڻ
آيا ۽ زينت کين اسان جي گهر ۾رهايو. حيدرآباد ۾
سنڌيءَ ۾ رسالو روح رهاڻ حميد سنڌي جي ايڊيٽريءَ
هيٺ نڪرندو هو، جنهن جو هو ساليانو جشن بنست هال
۾ ڪندو هو جنهن لاءِ هو اڪثر ساري سنڌ مان اديب ۽
شاعر گهرائيندو هو جنهن ۾ مقابلا، شعر ۽ تقريرون
ٿينديون هيون.
زينت ان رسالي جي سالياني جشن ۾ چڱي دلچسپي وٺندي هئي. نه رڳو
ايترو ته هو انهيءَ جشن جي مجلس ۾ ٻين ڪيترين
عورتن کي ساڻ ڪري اديبن جي ان محفل ۾ ويندي هئي،
مگر ادب سان دلچسپيءَ خاطر سڀني اديبن ۽ شاعرن جي
هر سال دعوت ڪندي هئي.
سال 64 ڌاري اسان جي وڏي نياڻي نصرت جو مڱڻو ٿيل هو جڏهن هوءَ
لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽيون سال شايد پڙهندي هئي.
ان جي شادي سال 1966 ۾ ڪيائين. جڏهن آءُ جنيوا ڪڇ
رڻ جي ڪيس هلائڻ لاءِ پاڪستان سرڪار جي پاران ويو
هوس. نصرت جي شادي وقت هن جي آخرين امتحان جي خبر
پئي هئي. جنهن ۾ هوءَ ڪاميابيءَ سان پاس ٿي هئي ۽
سندس خاوند، جو ڊاڪٽر آهي سو اڳ ۾ انگلينڊ ۾ هو ان
ڪري نصرت کي به هوائي جهاز ۾ اوڏانهن روانو ڪيو
ويو. مان پوءِ جنيوا مان انگلينڊ وڃي پنهنجي ڌيءَ
نصرت سان مليس ۽ سندس خاوند ڊاڪٽر خادم سان به.
سال 1970جي اسيمبلي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ زينت کي
ڪيترن هنڌان صلاح ڏني وئي، ته هو ضرور اليڪشن ۾
بيهي، عورتن طرف کان، ڪيترن سنڌي اسيمبلي جي
ميمبرن کيس انجام ڏنو مدد ڪرڻ جو ۽ ووٽ سندس فائدي
۾ ڏيڻ جو. بلڪ ائين به چيو ته سنڌ مان سنڌ
اسيمبليءَ ۾ بيهڻ لاءِ فقط بيگم چنه ئي بهترين
اميدوار آهي. پاڻ اليڪشن جي في به داخل ڪيائين ۽
فارم به ڀريائين مگر ڪن حالتن جي ڪري ڪن صاحبن جي
مدد ڪري اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ ووٽ پيپلس پارٽيءَ جي
ڪن ميمبرن ڪنهن ٻيءَ عورت کي ڏنو ان ڪري زينت
اليڪشن ۾ بيهي نه سگهي.سال 1972 ۾ اسان جي ٻي نمبر
نياڻيءَ نگهت جي شادي ڪرايائين، جا ان وقت ايم اي
انگريزيءَ ۾ يونيورسٽيءَ ۾ پهرين نمبر پاس ڪري،
حيدرآباد جي زبيده ڪاليج ۾ ليڪچرار هئي. منهنجي
وڏي گهر واريءَ جي نياڻي سلطانه جي به شادي
ڪرايائين.
ان وقت ڌاري مون کي زمين جي سڌارن جي باري ۾ فيڊرل ڪميشن ۾ سنڌ
۽ بلوچستان علائقن لاءِ ميمبر مقرر ڪيو ويو. جنهن
ڪري منهنجو رهڻ اڪثر راولپنڊيءَ ۾ ٿيڻ لڳو. مون کي
اتي ڀٽي صاحب چيو ته پنهنجي بيگم کي چئو ته هوءَ
عورتن ۾ ڪم ڪري. مون کيس چيو ته هوءَ جلد هت اچڻ
واري آهي. پوءِ خاتون اول يعني بيگم نصرت ڀٽو سان
ملندي ۽ ان باري ۾ صلاح ڪندي. جلدئي پوءِ زينت
ٻارن سان راولپنڊي آئي ۽ خاتون اول سان صلاح ڪرڻ
بعد، رسالي مارئي جي ڪڍڻ جي صلاح ٿي ۽ سرڪاري طرح
اشتهارن جي ذريعي مدد جي به اميد ڏني وئي. زينت
اهو رسالو ماهانه جي عيوض هفته وار اڙدو رسالن
اخبار خواتين ۽ اخبار جهان جي نموني تي وڏي
ڪاميابيءَ سان ڪڍيو، جنهن جي مقبوليت جي حد اهڙي
ٿي جو ٿورن هفتن ۾ ان جو کاپو پنج هزار ڪاپين
تائين وڃي پهتو. مگر پوءِ گورنمينٽ وٽان اشتهارن
ملڻ ۾ جو دير ٿي، ته زينت گهران پيسا ڀري به رسالو
هلايو ۽ جڏهن 3-4 هزار رپيا بينڪ جو قرض ٿي ويو
تڏهن تمام مجبور ٿي رسالو بند ڪرڻو پيس. رسالي بند
ٿيڻ بعد ته تمام گهڻا اشتهار اچڻ لڳا ۽ اهي ڪيترن
مهينن تائين ايندا رهيا، مگر رسالو اڳ ۾ بند ٿي
چڪو هو جڏهن هي رسالو هفقه وار ڪڍيائين تڏهن ڪنهن
تعليم کاتي جي وڏي آفيسر کيس لکي موڪليو ته رسالي
جو نالو ”عورت“ رکيو وڃي ته وڌيڪ چڱو آهي. ڇو ته
رسالو عورتن لاءِ آهي. کيس جواب ۾ لکيائين ته
مارئي به سنڌي عورت هئي مگر اها عورت جنهن وطن جي
حب خاطر اخلاقي ڪردار جي مثال قائم ڪرڻ خاطر سنڌ
جي راڻي ٿيڻ نه قبوليو، پٽ ريشم پهرڻ بدران لاک جي
لوئي پهرڻ وڌيڪ قبوليو ۽ پلاءِ چاشني بدران ڏٿ ۽
ڏونئرن تي گذر ڪرڻ کي پسند ڪيو. لکيائينس ته هر ڪا
عورت، عورت ضرور آهي مگر اها هر ڪا عورت مارئي نه
آهي. مارئي جو ڪردار عورتن ۾ تمام اعليٰ آهي جنهن
جو مثل دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ان ڪري رسالي جو نالو
مارئي وڌيڪ موزون آهي. کيس اهو به لکيائين ته
اهوئي سبب آهي جو شاه صاحب مارئي جو ڪردار تمام
اعليٰ ڪري ڏيکاريو آهي.
راولپنڊيءَ مان زينت ۽ ٻارن کي مان ٽئڪسيلا، پشاور، لنڊي ڪوتل ،
ترخام، باڙو، ڪوه مري ۽ ايوبيا به گهمائڻ وٺي ويس،
جي گهمي زينت ڏاڍو خوش ٿي.
زينت کي حج تي وڃڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، مگر ضيابيطس جي ڪري
کيس صلاح ملي ته حج تي جيڪو مجموعو ٿئي ٿو، ان ۾هن
کي تڪليف ايندي. ان ڪري پوءِ عمره جو شوق رهندو
هوس. جنهن لاءِ ويزا به هڪ دفعه ته ورتي هوائين،
آخر نصرت کيس سال 1973 ۾ پاڻ سان لنڊن چڪاس لاءِ
گهمائڻ لاءِ وٺي وئي ۽ واپسي لاءِ عمره جو به پورو
بندوبست رکيو ويو، جو اسان جو ڀاڻج اتي انجنيئر
آهي، مگر پوءِ به آخرين وقت اهو پرو گرام رد ڪرڻو
پيو جو ڊاڪٽرن تپاس بعد صلاح ڪانه ڏني ته هن جون ۽
جولاءَ جي سخت گرميءَ ۾ عربستان ۾ وڃي ڊاڪٽر تپاس
جي نتيجي ۾ ڪا خاطر خواهه رپورٽ ڪانه ڏني. نصرت
اها ڳالهه ماءُ يا مونکي ڪانه ٻڌائي ڇو ته ڊاڪٽرن
جي رپورٽ موجب زينت کي هڪ دفعه دل جو دورو پئجي
چڪو هو، جنهن جي کيس خبر نه رهي هئي ۽ ٻيو دورو
وڌيڪ خراب ٿي سگهيو ٿي.
سال 1974ع ۾ نصرت لنڊن مان پنهنجي موٽر ڪار رستي ڪوئيٽه طرف
کان آئي، اسين سڀ کيس وٺڻ وياسين، چمن جي حد تي
اسان کي کيس ملڻوهو مگر ڪوئيٽه کان چمن جو رستو
خراب هو، ان ڪري مان زينت کي پاڻ سان چمن وٺي ويس،
جو هونءَ به اسان کي ڪن ڪلاڪن ۾واپس اچڻو هو، اسان
نصرت ۽ خادم کي چمن کان وٺي آياسين جتي اسان جي
نياڻي نگهت هئي ۽ اتي رات سرڪٽ هائوس ۾ رهي، ٻئي
ڏينهن نصرت ۽ خادم ۽ شوڪت (اسان جو پٽ) موٽر ڪار ۾
نڪتا ۽ مان ۽ زينت روهڙي کان ريل رستي حيدر آباد
آياسين.
نصرت مهينو ڏيڍ رهي ۽ پوءِ واپس هوائي جهاز رستي لنڊن واپس وئي.
اها تاريخ شايد 8 جولاءِ 1974ع هئي، زينت به کيس
هوائي جهاز تي ڇڏڻ لاءِ ڪراچي هلي ۽ مٿي ڏاڪڻن تان
چڙهي هوائي جهاز جنهن ۾ نصرت واپس وئي ٿي ان جي
ڏسڻ لاءِ چڙهي، خير سان نصرت رواني ٿي ۽ اسين واپس
حيدر آباد آياسين.
زينت کي جو ضيابيطس جي بيماري هئي، ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن کيس گيس جي
تڪليف ٿيندي هئي، جنهن لاءِ هوڪي ٽڪيون يا ڦڪي
وٺندي هئي ته کيس آرام ٿيندو هو، جنهن لاءِ هن کي
اطمينان هوندو ۽ مونکي تسلي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن
رات جو ننڊ مان اٿي وهندي هئي جوگيس جي تڪليف
ٿيندي هئس. مان به جي اوچتو ننڊ مان اٿندو هوس ۽
کانئس پچندو هوس ته ڇو ننڊ مان اٿي ويٺي آهين، ته
جواب ۾ چوندي هئي ته گيس جي تڪليف ٿي اٿم. يا پاڻ
ڪا دوا کائيندي هئي يا مان کيس ڪادوا ڏيندو هوس.
اڌ ڪلاڪ کن ۾ جڏهن فرحت ايندي هيس، ته پاڻ به وري
سمهي پوندي هئي ۽ مان به سمهي پوندو هوس. صبح جو
اٿڻ سان کائنس سندس طبيعت جو وري پڇندو هوس، مگر
چوندي هئي ته هاڻ گيس ڪانه آهي ٺيڪ آهيان ضيابيطس
جي ڪري کيس کائڻ پيئڻ ۾ خاص پرهيز ڪرڻي پوندي هئي،
مگر اڪثر هو ايتري سخت پرهيز ڪانه ڪندي هئي.
حالانڪ اسين ڪيترو به چوندا هئا سونس مگر هوءَ
جواب ۾ چوندي هئي ته ايتري سخت ڪري آءُ ڪري نه ٿي
سگهان ۽ اسين به ڏسندا هئاسين ته ان ڪري سندس
طبيعت تي ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ گيس جي تڪليف کان سواءِ
ٻيو ڪو اثر ڪونه ٿيندو هو، جو هو ٻيون دوائون
پنهنجي بيماريءَ جون وٺندي هئي.
جولاءِ 1974ع جي 11۽ 12 تاريخ جي وچ واري رات جو آءُ 12 بجه
اوچتو ننڊ مان جاڳيس، ڏٺم ته زينت ورانڊي ۾ ڪرسي
تي ويٺي آهي، سمجهيم ته هميشه وانگر گيس جي تڪليف
ٿي هوندس سو کائنس پڇيم. چيائين ته گيس ٿي اٿم مان
وري سمهي پيس ۽ صبح جو اٿيس ته زينت اندر ڪمره ۾
پلنگ تي ٽيڪ ڏيو ويٺي هئي ۽ وري به گيس جي تڪليف
نه لهڻ جي لاءِ ٻڌايائين، البت مون کي ايترو
چيائين ته مان ساري رات ويٺي هيس، جيڪڏهن تون به
مون سان ويهي رهين ها ته ڳالهيون ويهي ڪيون
ها.ايتري ۾ منهنجي ننڍي ڌيءَ طلعت مٿان لهي آئي،
اها لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽيون سال ان وقت پڙهندي
هئي، ان کي به ماڻس ٻڌايو ته گيس جي تڪليف اٿم، هو
جو تپاس جو اوزار کڻي آئي ۽ سندس دل تي رکي چيائين
ته”امان توکي ته دل جي تڪليف آهي“ اهو ٻڌي منهنجي
ٻيو نمبر ڌيءَ نگهت جا زنانه ڪاليج ۾ انگريزي ۾
ليڪچرار ان وقت هئي سا زور زور سان رئڻ لڳي. ماڻس
طلعت کي ڳالهايو ته مون کي دل جي تڪليف ڪانه آهي
تون ڪو اڃا ڊاڪٽر ٿي آهين ڇا جو اهڙو اجايو فيصلو
ڏئي نگهت کي رئارين ٿي! ان هوندي به مون وڃي ڊاڪٽر
کي فون ڪيو. هن چيو ته مان نيرن ويٺو ڪيان ۽ اچان
ٿو. اسين سندس انتظار ۾ رهياسين. اڌ ڪلاڪ، ڏيڍ
ڪلاڪ گذريو ته ڊاڪٽر ڪونه آيو. ايتري ۾ اسان ٻئي
ڊاڪٽر کي فون ڪيو جو به اسان جو فئملي ڊاڪٽر آهي ۽
پنهنجي نرس کي به وٺي آيو. تپاس بعد ڪاغذ جي
چٽڪيءَ تي دوا جو نالو جڏهن لکيائين ته مان سمجهي
ويس ته دل جي تڪليف برابر آهي جو ڊاڪٽر اها دوا
لکي آهي. ڊاڪٽر پنهنجي نرس کي چيو ته ٻئي ڊاڪٽر کي
اسپتال ۾ فون ڪري ڏس ته آهي ۽ مگر اتي به ڊاڪٽر
ڪونه مليو. نيٺ منهنجي ڇوڪري طلعت ۽ پٽ شوڪت
اسپتال ويا ۽ ڏٺائون ته هو شاگردن کي ليڪچر ڏئي
رهيو هو. هن کي وڃي زور ڀريائون ته جلد هلو. مگر
هن جواب ۾ چيو ته ليڪچر پورو ڪري پوءِ ٿو اچان،
نيٺ ليڪچر پوري ڪرڻ بعد آيو ۽ تپاس بعد مون کي
ورانڊي ۾ وهاري چيائين ته هلڪي قسم جي دل جي تڪليف
اٿس ڄام شوري کڻائي هلوس مون ۽ اسان سڀني چيس ته
ڄام شوري کان بهتر هت حيدرآباد واري اسپتال ۾
خانگي وارڊ ۾ وٺي هلونس چيائين ته اتي ڪوبه ڪمره
خالي ڪونه آهي مون کيس ٻڌايو ته مونکي ڪمره ملندو
۽ مون اسپتال جي سپريڊنٽ کي فون ڪيو. جنهن خانگي
وارڊ ۾ هڪڙو ڪمره ڏنو.
اسان هڪدم زينت کي ڪرسيءَ تي وهاري ٻاهر موٽر ۾ وهاري اسپتال
وٺي آياسين، هيٺ موٽر لاهي اسٽريچر تي سمهاري کيس
مٿي کڻي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ تي چڙهياسين. اتي البت اسان
محسوس ڪيو ته زينت جي حالت خراب ٿيندي وڃي. اسين
منٽ اڌ ۾ ڪمره ۾ پهتاسين ۽ اسٽريچر هيٺ رکيوسين ته
کيس پلنگ تي سمهاريون ڊاڪٽر اسان کي چيو ته اوهين
اسپتال هلو ته مان به هلان ٿو مگر اتي وڃي ڏٺوسين
ته ڊاڪٽر ڪونه هو حميد کي چيوسين ته ڊاڪٽر کي
ڳولي اچ اهو اوڏانهن ويو. نرسون ۽ ڪمپائونڊر اچي
گڏ ٿيا چيائون ڊاڪٽر ته ڪونه آيو آهي، ۽ اسان کي
ته ڪونه ٻڌايو اٿس ته ڇا ڪرڻو آهي. مون کين ٻڌايو
ته ڊاڪٽر چيو هو ته آڪسيجن ڏبي، پئٿيڊرن جي
انجيڪشن ڏبي ۽ ٻيو ڪجهه به جيڪي چيو هئائين سو
نرسن کي ٻڌايم. نرسون هيڏانهن هوڏانهن ڀڳيون
آڪسيجن جو سلنڊر آندائون ۽ پئٿيڊرن جي سئي
ٺاهيائون هن ۾ هڪ ٻه منٽ مس لڳا مگر ايتري ۾مون
ڏٺو ته زينت جون اکيون ڦري ويون. مون سندس نبض تي
هٿ رکيو ته مون کي نبض هلندي نه لڳي. ڪمپائونڊر به
ساڳي طرح محسوس ڪندي زينت جي ڇاتي زورسان مهٽڻ
لڳو. جڏهن ڏٺائين ته ڪجهه به نه ٿيو ته زينت جون
اکيون پوري ڇڏيائين ۽ اشاري سان منهنجي پٽ کي
چيائين ته پنهنجي پيءُ کي گهر وٺي وڃ. هن مون کي
ٻانهن کان وٺي هيٺ لاٿو ۽ موٽر ۾ وهاري گهر وٺي
آيو، جتي آءٌ نگهت کي ڏسي ڀاڪر پائي روئڻ ۾ ڇٽس.
زينت کي ايمبولنس ۾ گهر کڻائي آيا. حميد اچي ٻڌايو
ته ڊاڪٽر کي ڳوليندي ڳوليندي جي او آر ڪالوني ۾
هڪڙي وڻ هيٺان ڪنهن دوست سان ڳالهيون ڪندو ڏنم ۽
جڏهن چيومانس ته ڊاڪٽر هل ته چيائين ته ڇا هلي
ڪيان، مون ٻڌائي ڇڏيو ته ڇا ڪرڻو آهي سو وڃي ڪيو.
زينت جي هن اوچتي وفائيءَ جي خبر پوڻ سان اسان جا عزيز- پاڙي
وارا ۽ زينت جون ساهيڙيون هڪدم اچي ويون ۽ هن
اوچتي حادثي تي سخت افسوس ڪيائون.
انگريزي، اڙدو ۽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ خبرون ڇپيون ۽ ايڊيٽوريل
به لکيا ويا، جيئن ته زينت پاڪستان رائٽرس گلڊ جي
سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن پاران ميمبر هئي ۽ لاهور ۾
وڃي ميٽنگن ۾ حاضر ٿيندي هئي، ان ڪري اخبار جنگ ته
ايترو به لکيو ته رائٽرس گلڊ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري،
سرڪار کي چيو ويو آهي ته زينت جي اولاد کي
اسڪالرشپ ڏنيون وڃن. پر ان جي جواب ۾ اخبار جهان
لکيو ته رائٽرس گلڊ وارن کي خبر نه آهي ته بيگم
وڏي ماهر ڊاڪٽر (ڪنسلٽنٽ) آهي ۽ ٻيو نمبر ڌي
گورنمينٽ ڪاليج ۾ انگريزي جي ليڪچرار آهي ۽ سندس
هڪ پٽ اليڪٽرڪ جو آفيسر ڪراچي ۾ آهي وغيره
اسان هڪدم نصرت کي انگلنڊ ٽيليفون ڪيو جا 4 ڏينهن اڳ وئي هئي ۽
جنهن کي ماڻس موڪلائڻ لاءِ ڪراچي وئي هئي. نصرت
زار زار روئنڊي، مون کي فون تي چيو مان اچان. مون
کيس چيو ته ”بابا توکي وئي رڳو 4 ڏينهن ٿيا آهن ان
کان سواءِ جيسين تون ايندينءَ تيسين ڪفن دفن ته ٿي
ويندو ۽ منهن به ڏسي ڪونه سگهندينءَ ان ڪري مان
صلاح ڪونه ڏيندس ته ڪو تون هاڻي وري چئن ڏينهن بعد
ايتري پنڌ تان اچين.“ مگر نصرت کي منهنجو خاص خيال
هو، سو پنهنجي ڀينرن ۽ ڀاءُ کي چيائين ته ”بابا“
جو خاص خيال رکجو.“ |