نسرين نوري
گيت
ڪويل ڪوڪيو ٻولي ٿي،
راز اندر جا کولي ٿي.
هيڏي ساريءَ وستيءَ ۾،
اُڏڙي بستي بستي ۾.
گهايل گهايل من سان هو،
موهه جا موتي رولي ٿي.
ڪويل ڪوڪيو ٻولي ٿي،
راز رندن جا کولي ٿي.
گيت گيت ۾ سوز اٿس،
آهون سڀ دلدوزاٿس،
لهرن وانگر ڇولي ٿي
ڪويل ڪوڪيو ٻولي ٿي،
راز اندر جا کولي ٿي.
فهميده سحرش
وائي
پلپل تنهنجا پور پون ٿا
سيني مان ڪي سُورَ اُٿن ٿا
پلپل تنهنجا پور او ساجن پلپل تنهنجا پورَ
تو بن جيون ڪهڙي ڪَمَ جو
تو سان منهنجا ساههَ کڄن ٿا
پلپل تنهنجا پورَ او ساجن پلپل تنهنجا پورَ
منهنجي هَٿَ جي ريکائن ۾
تنهنجي نانءَ جا لفظ ڏسن ٿا
پلپل تنهنجا پورَ او ساجن پلپل تنهنجا پورَ
نسرين نوري
غزل
تنهنجي سينڌ سدائين سجايان مان،
جيجل ٿڃ تنهنجيءَ کي ملهايان مان.
جيڪي آهن تنهنجا ويري ٿيا،
تن کي جئرو شال جلايان مان.
ڪو ابتا پير جي توتي ڌري،
تنهن تي ابتيون ڪاتيون وهايان مان.
مان ته سنڌڙي تنهنجي ڄائي آهيان،
اهو ناتو ويٺي ملهايان مان.
تنهنجي نانؤ تي ڇو نه هي جان وڃي،
پنهنجو سر نه مگر هي نمايان مان.
نياز نزاڪت ۽ نوڙت مون ۾،
هن ديس سندي نوري آهيان مان.
اسد ڪيريو
نثري نظم
پيار
برسات کان پوءِ،
ڊٻن ۾ ظاهر ٿيل.
کير جهڙين اڇين کُنڀين جو،
قسم،
تون منهنجو پهريون ۽
آخري پيارُ آهين!
ادل سومرو
وائي
سکر جي بازار ۾، ٻه ٽي ڳوٺاڻيون
عڪس آهن سنڌ جو.
اسُر جو هالار تي، ڪُونجون اُڏاڻيون
عڪس آهن سنڌ جو.
مٽيءَ هاڻيون اُس ۾، اهي اوڏياڻيون
عڪس آهن سنڌ جو.
ٺٽو، گهايل گهٽيون، جايون پراڻيون
عڪس آهن سنڌ جو.
وائي
منهنجن پيرن جا پرين! ڪيئي لک نشانَ
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
ويا ورائي وقت جا، مون کي اُڄ طوفان
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
هاڻ ته هن ٿڪجي پيا، منهنجا سڀُ ارمان
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
تو لئه آندل سوکڙي، ڀڄي پيا گلدان
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
ڪيئي تنهنجي مُرڪ لئه، ڦرن ٿا انسان
تنهنجي گهر جي رستي ۾.
ريحانه قاضي
عورت
دنيا ۾ حسن جي انتها آهي عورت
دنيا ۾ ممتا جي انتها آهي عورت
عورت سان ئي آهي گهر ۾ مهڪار
عورت سان ئي آهي محفل ۾ چهڪار
عورت جو هر روپ آهي عجيب
دل پيار سان ڀريل هجي ڪيتري به غريب
نه سمجهه ۾ ايندڙ آهي انجو هر روپ
عجيب عورت جو آهي هر روپ
عورت کانسواءِ نه رڳو گهر آهي خالي
بلڪه ان کانسواءِ ته دنيا به آهي خالي
دولت
هيءَ دنيا آ ڪاڪ محل
هي محل ماڻيندين ڪيترو
هڪ ڏينهن ايندو تو مٿان آخر
ماڻيندين وڃي مٽي جو محل.
ڪار
”مان مري رهيو آهيان؟“
”ڪنهن تي؟“
”ڪار تي!“
”ڪنهن جي آ.“
”سمجهه کڻي ته، پنهنجي آ.“
پارس حميد
اکين ۾ گم ٿيل پَلُ
مان اڃان تائين
ڀٽڪي رهيو آهيان
ان پل جي پويان،
جيڪو توکان وڇڙڻ ويل
منهن جي اداس اکين ۾ ئي
وڃائجي ويو.
ڳولا
خوشين جي
هيڏن هشامن مان
تون مون کان وڃائجي،
وئي آهين
هاڻي مان توکي
ڪٿي ٿو ڳولي سگهان.
وڇوڙي جو چؤواٽو
مان انهيءَ زندگيءَ ڏانهن
موٽڻ ٿو چاهيان
جنهن ۾ تون آهين
پر
منهنجا سڀئي رستا
وڇوڙي جي چوؤاٽن تي
اچي گم ٿي وڃن ٿا.
رخسانه پريت چنڙ
وائي
پنهنجو سورن سنگ، هنئو نه هيرج هيج تي
جيسين جيئبو تيسين رهندا
دردن ناهي دنگ
پنهنجو سورن سنگ
هنئو نه هيرج هيج تي
اُفق ۾ ڌرتيءَ اڀ نه ملندا
دوکو کهنڀو رنگ
پنهنجو سورن سنگ
هنئو نه هيرج هيج تي
ڏور وئي ٿي ڪاٽا جنهن سان
اڏريو پريت پتنگ
پنهنجو سورن سنگ
هنئو نه هيرج هيج تي
پريم سندو ڪو گيت نه ٻڌجي
ڪيئن ڪو چوري چنگ
پنهنجو سورن سنگ
هنئو نه هيرج هيج تي.
آس قاضي
برٿ ڊي گفٽ
تنهنجو مون کي ارپيل برٿ ڊي گفٽ،
تنهنجي هٿن جي ڇُهاءَ جيان،
نرم نرم ٽشو پيپرز،
هٿ ۾ کڻان ٿي،
ڄڻ ته تنهنجا ڪپهه کان به
وڌيڪ نرم ملائم هٿڙا هجن،
جن کي مان پيار ۽ اُڪير مان،
پنهنجي اکين تي رکان ٿي،
تڏهن ٻه گرم لُڙڪ مُنهنجي اکين مان لڙي،
دل جي داغن کي ڌوئيندي،
انهن ٽشو پيپرز ۾، جذب ٿي وڃن ٿا،
بلڪل ائين جيئن......
تُنهنجو معصوم ۽ پيارو چهرو
منهنجي نظرن ۾ جذبُ ٿي ويو!!
اڪبر ساگر
وائي
سونهن ۽ سرهاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
باک جو گلڙن مٿان، ماڪ ۽ آلاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
سونهن جي ڦولار ۾، هٻڪار ۽ پيلاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
چوڏهينءَ جي رات جو، چنڊ ۽ چانڊاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
ڪنهن سنهري شام جو، سج ۽ لالاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
بادلن جي شور سان، مينهن مانڊاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
سانوڻيءَ جي مند ۾، موج ۽ مهراڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
ساگر جي ڇولين جيان، ڇوهه ۽ ڇڪتاڻ وانگر،
مان ۽ منهنجي شاعري!
مان ۽ منهنجي شاعري!
خليل لاکير
گيت
ڪانگ لنوين پيو ڇپر تي اڄ
شايد ساجن! اچڻو آهي.
روپ نکاري، زلف سنواري، نيڻن ۾ ٿي سُرمون پايان،
آئيني ۾ پاڻ ڏسيو مان، هت هر هر پئي ٿي شرمايان،
نت نت نرمل نيڻ کنيون ۽ درَ ڏي ويٺي ٿي واجهايان،
رڳ رڳ ۾ او سرتي! سُريو چاهت جو ڪو سُرڻو آهي
شايد ساجن! اچڻو آهي.
دل ٿي ڌڙڪي پيئي خوشيءَ کان منَ ۾ ارمان مرڪن ٿا
پيا،
تنهائي ٿي تڙپي، ليڪن جوڀن- جذبا جرڪن ٿا پيا،
ساههُ سُکن ۾ پئجي ويو آ، ڏک ڏجها سڀ سڏڪن ٿا
پيا،
ورهين کانپوءِ، اڄ پنهنجي سپنن کي ساڀيان ڪرڻو
آهي.
شايد ساجن! اچڻو آهي.
پيار ۾ پل پل نون نڪورن رازن جا اظهار به ٿيندا،
ڏوراپا ڀي ٿيندا ڪُجهه ڪُجهه، ٿورا ڪي تڪرار به
ٿيندا،
چانڊوڪين ۾، ان سان ملڻ جا مامُن ۾ اقرار به
ٿيندا،
پريم نگر جي لاءِ قلعو مضبوط نئون هڪ اڏڻو آهي.
شايد ساجن! اچڻو آهي.
شايد ساجن! اچڻو آهي.
زخمي چانڊيو
چؤسٽا
رات رهڻي پيئه
ڳالهه مڃڻي پيئه
ڪاڻ ڪنهنجي ڪري
يار ڪڍڻي پيئه.
ڪس ڪثر بي کائڻ وارو
دوست ڪو ڪو آهي
ڪڏهن پير ڪڍي ڪو پيارو
ڏيندو دوکو آهي.
وزير گل
غزل
اکيون اسان کي ڦُري وڃن ٿيون،
پل ۾ پنهنجو ڪري وڃن ٿيون.
دلبر ديد پوڻ سان ڪيڏيون
چپن ۾ ڳالهيون مري وڃن ٿيون.
پريت جي ساگر دل جون ٻيڙيون،
طوفانن مان تري وڃن ٿيون.
سندر ناريون ريتن آڏو،
ڀتين وانگي ڀري وڃن ٿيون.
وطن جي خاطر وزير عمريون،
جيلن اندر جهري وڃن ٿيون.
منظور قادر
ها شايد مان مري وڃان
ها شايد مان مري وڃان
تنهنجي اڻ ڳڻين يادن کي
سيهڙڻ کان اڳ
ها شايد مان مري وڃان.
زندگيءَ تي ڀروسو به ڪهڙو
غم جي اونداهين، تنها راتين ۾
اڪيلو ڀٽڪڻ کان اڳ
ها شايد مان مري وڃان.
ڪاش تون ملي وڃين
۽ پنهنجي يادن جي امانت
واپس کڻي وڃين
۽ مرڻ کان اڳ
مان پنهنجا ٻئي هٿ
خالي ڏسڻ ٿو چاهيان
ان کان اڳ جو مان مري وڃان.
صرف هڪ ڀيرو اچ
آخري ڀيرو اچ
۽ پنهنجون امانتون کڻي وڃ
ان کان اڳ جو مان مري وڃان.
تنهنجي اڻ ڳڻين يادن کي
سيهڙڻ کان پهريائين
ها شايد مان مري وڃان.
فهميده حسين رنگريز
ٻُڌ!
جيءُ؟
خوشبو ڏٺي اٿئي؟
ها ڏٺي اٿم!
تنهنجي پهراڻ ۾!
ٻُڌ!
جيءُ؟
سچائي ڏٺي اٿئي؟
ها ڏٺي اٿم!
تنهنجن جذبن جي!
ٻُڌ!
جيءُ؟
سپنا ڏٺا اٿئي؟
ها ڏٺا اٿم!
تنهنجي ساٿ جا!
ٻُڌ!
جيءُ؟
ڪڏهن رُنو اٿئي؟
ها رُنو اٿم!
تنهنجي فراق ۾!
خوشبو سومرو
نظم
ڪاري رات ٻاٽ ۾
منهنجو مَنُ تو، روشن روح کي ڳولي ٿو
ٿنڀا ٿنڀا ويرانن ۾، ڪو وڇڙيل پکي ڄڻ ٻولي ٿو
سپنا سارا وکري ويا، ڪو اکيون پوءِ به نه کولي ٿو
خزان کڻي گُل ساڻ وئي، تڏهن به خالي ٽاريءَ!
تي ڪو اوسيئڙي ۾ جهولي ٿو
محبت جا مهراڻ ڏسي، هو پنهنجو پاڻ ادولي ٿو.
مير محمد پيرزادو
غزل
خوشبوءِ در کڙڪائي ٿي،
رُتِ، بسنتي ڳائي ٿي!
مڌ، ونتي مک تي موسم،
سورج سرخي لائي ٿي.
رُسندڙ سڀئي، بسنت رت جي،
پوياڙي پرچائي ٿي-!
گهايل منڙو، گُهورُنِ سان ڏس،
چانڊوڪي اڄ چائي ٿي.
موسم ڀي مڌ رات سڄي
ڀاڪر پائي ڀائي ٿي.
سانت چئي سارنگ سِڪَ جو،
تات توهان جي تائي ٿي.
مند انهيءَ ۾، جوڀن ڄر پڻ،
کامي جندڙي کائي ٿي.
لهر لهر مان سهڻيءَ مکڙو،
چانڊوڪي چمڪائي ٿي. |