ناهيد مغل
وائي
رهيو نه ڪوئي نقش چٽو،
جيون سارو اولڙا اولڙا.
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
يادون اچي پيون جهول ۾،
دريا ۾ ڄڻ گولڙا گولڙا.
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
پنهنجي پرين سان سکي آ دنيا،
تولاءِ منهنجا رولڙا رولڙا.
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
پاڻ چئون ٿا گهڻا آهيون پر،
رهون ٺاهي ٽولڙا ٽولڙا.
تنهنجي وڃڻ کان پوءِ
سلميٰ پنهور
غزل
محبتون اُهي آهن، مگر رفاقتون نه رهيون،
هجر وَصال جون، ساڳيون ساعتون نه رهيون.
ڪڏهن ته ڏينهن ها اهڙا، هزار شڪوا هُئا،
هاڻي هي حال ها، هُن سان شڪايتون نه رهيون.
عزيز جان کان به اهڙا هئا، اُهي ماڻهو،
جنهن کي هاڻي اسان جون ضرورتون نه رهيون.
هر ڳالهه ڳالهه تي رُسڻ ۽ ڳالهه مڃرائڻ،
توهان کان پوءِ اسانجون اُهي عادتون نه رهيون.
ڏنا جي زخم تنهن تي دعا ڏينداسين،
اسانجي دل کي ڪنهن سان شڪايتون نه رهيون.
ڪيو مون ڏوهه هيو، پٿر کي پوڄي جانم،
هاڻي ته خبر پئي، ڪنهن سان قربتون نه رهيون.
نجمه پنهور
غزل
مون ڪجهه نه گهريو هو توکان پرين،
تون مرڪن کي ته ورهائين ها.
مون سڏڪن کي سنگيت ڏنو،
تون گيت ڪري ڪو ڳائين ها.
مون موتين جي مالها پوئي،
تون خوشبو کي ڦهلائين ها.
مون چوڏهين تي سينگار ڪيو،
تون چانڊوڪي چورائين ها.
مون لڙڪ ڳاڙيا جي ڳلڙن تان،
تون پنهنجو پانڌ پسائين ها.
نجمه راشدي
نظم
”هارياڻي“
دردن جي ڪهاڻي،
ڪير ٻڌي تنهنجي هارياڻي،
اي عظيم هارياڻي.
تنهنجو وَر به آهي عظيم،
تنهنجا ٻچڙا،
ننڍڙا وڏڙا،
بک ۾ ٿا روز لُڇن،
ڪونه هنن جو حال پڇي ٿو،
جيون سارو ڇيهون ڇيهون،
وشال ڌرتيءَ تي تون ئي آهين،
اَن اُپائڻ واري هارياڻي.
تنهنجو نانءُ آهي، عظيم،
تنهنجو پورهيو آهي، عظيم،
هارياڻي او هارياڻي،
ڪير ٻڌي تنهنجي درد ڪهاڻي!
وفا نواز علي شر
غزل
اُڃايل آهي خود ساقي ته ميخوارن سان ڇا ٿيندو
اگهامي جي ويا اغيار ته پويارن سان ڇا ٿيندو
مسيحا جو ٻڌي نالو دوا لئه دور آن آيس
مسيحا خود مريض آهي ته بيمارن سان ڇا ٿيندو
ڦٽي قسمت گداگر جي ته حاتم شوم ٿي پوندو
سخي ٿي پئي اگر سکڻو ته پينارن سان ڇا ٿيندو
ڏسو هو ڪيئن نه پروانا وڃن مچ ڏي ٿا ڪاهيندا
وڃي پهتا جي اُت آخر ته ويچارن سان ڇا ٿيندو
وڃي آغوش ۾ ويٺو هو اُڇلي زر ڏيڻ وارو
الاجي هاڻ سر گهوري ڏيڻ وارن سان ڇا ٿيندو
ڪمايم ڪانه ڪا ڪوڏي نه ڪي هٿ ۾ نه ڪي هڙ ۾
”وفا“ پو اُت، سڃن سکڻن ۽ مون پارن سان ڇا ٿيندو
غلام نبي ناشاد
غزل
دلربا دلدار اچ هڪوار تون
ڪين هي مشتاق پنهنجو مار تون
گوندرن ۾ وئين گڏي مون کي مٺا
آءٌ ويجهو ويههُ ۽ غم ٽار تون
آرزو پوريون ڪندين ايندين ڪڏهن
من ماندو آ نه ويتر مار تون
زلف ڪاريهر سڄڻ توکي سُهن
ڇڏ ٻڌي ڇڙواڳ پنهنجا وار تونڱ
قرب واري ڳالهه سائين ياد ڪر
رات هن ناشاد وٽ سڄڻ گهار تون.
زينت سحر
نظم
او! بختاورهارياڻي
سنڌ جي سورهيه ناري نياڻي
او! بختاور هارياڻي
اُتم سر احوال بڻين تون
جابر لئه جنجال بڻين تون
ماضي هلندڙ حال بڻين تون
پاڻ مٽائي رنڱجي وئي راڻي
او! بختاور هارياڻي
ڪانئر آندا ڪات ڪهاڙا
زور زبر سان وڍيائون واڙا
ماروئڙن تي ڪيائون ماڙا
سهڻي ڌرتي تي هنيائون ڌاڙا
تن سان ڪئي تو هڪ هڪاڻي
او! بختاور هارياڻي
ڪرها، ڪرڳل ڪانگ اُڏايا
مانجهي، سانجهي سون سهايا
نوري، ناري، پنهنجا پرايا
ناز آ توتي ڌيءَ ڌياڻي
او! بختاور هارياڻي
غلام نبي ڪولاچي
وائي
پن ڇڻ پڄاڻان، ٿياسين ويڳاڻا،
ٿياسين ويڳاڻا،
ڏنو رات روئي، مون توبن او راڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
ڏسي گهر خالي ۽ ويران وٿاڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
ڪري دل ويا گهائل زخم ڪي پراڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
تري آيا دل تي، ڪي ساٿي سياڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
ڪيان ڪنهن سان توبن مٺا مور ماڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
ويهان ڪيئن وساري، مان اديون اباڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
ٿين شل ”ڪولاچي“ سڀئي سور ساڻا،
ٿياسين ويڳاڻا
پن چڻ پڄاڻان
رَجب ٻُگهيو
وائي
اکڙين ۾ آلاڻ، ساجن تنهنجي ڪاڻ!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
وٽي آهي بهار، ٿي گُلڙن ڪي لالاڻ!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
نيڻن منجهه رهي، سپنن جي سُرهان!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
آئي ڏکن جي هير، خوشبوءِ تنهنجي ساڻ!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
”رجب“ وهي دل ۾، درد سندو مهراڻ!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
تو ڇو لاتا ڏينهڙا!!
جاني پيزادو
ڏات جو وڇوڙو
تو وانگر اڄ ڏات به مون کان
منهڙو موڙي ڏور هلي وئي.
مون وانگر اڄ منهنجي من جا
ڪيئي گيت اڌورا آهن....
هاڻي سُورَ سمورا آهن.
هيءَ دنيا بس هاڻي مونکي
ڪوئي ڏُک نه آڇي سگهندي
منهنجي من جي گهرائي کي
ڪوڙ سان نه هيءَ ڪاڇي سگهندي.
هيءَ دنيا ٿي کسڻ چاهي
منهنجي سوچن، رات به مون کان
مون کي ساهه کا پياري جيڪا
يادن جي برسات به مون کان
تون وانگر اڄ ڏات به مون کان
منهڙو موڙي ڏور هلي وئي.
تسليم منگي
غزل
هلي آءُ ڪنهن ويل، جنهن پل درد وڌي.
ڪوهيڙي ۾ ورتل جيون، آهي پنڌ پري.
ٻوٽيل اک جو سپنو، تولئه روئي رڙي.
شايد سنجها ويلَ لڙي آ، تو لئه من تڙپي.
انتظار جا ديپ اُجهاميا، جيسين باک ڦٽي.
سَرَ ۾ وڃايل منهنجو پاڇو، ڪوئي ڳولهي لهي.
استاد حاتم مگسي
غزل
روز جهليان ٿو پنهنجو جهول
پوءِ به نٿو هو پرچي ڍول
درشن ڪارڻ آيس در تي
پنهنجا نيڻ ڪٽورا کول
مون ۾ ته عادت ناهي رلڻ جي
عشق بنايو آهيم رول
تنهنجي جُنگ جيالي جذبي
لايا رانول رنگ رتول
ڪانئرپڻ کان موت چڱو آ
ڳالهه انهيءَ کي ڳهلا ڳول
ڌوکو ڌرتي ساڻ ڪيو جن
ٿيندن ”حاتم“ پڌرا پول
غلام حسين رنگريز
گيت
سرنهن جي ڦولار جو ۽ پيار جي اظهار جو،
آئون ڪوئي گيت آهيان.
آئون ڪوئي گيت آهيان.
سُرهي سُرهي سار جو، ۽ سُونهن جي سنسار جو.
آئون ڪوئي گيت آهيان.
ڪنهن وڏي وسڪار جو، ۽ تک جو ۽ تار جو،
آئون ڪوئي گيت آهيان.
مينديءَ سندي مهڪار جو، ۽ ماهي ماکيءَ لار جو،
آئون ڪوئي گيت آهيان.
مُرڪندڙ ڪنهن ٻار جو، ۽ مامتا جي پيار جو،
آئون ڪوئي گيت آهيان.
ڏور مُون کان ايترو ڇو، پريم تنهنجي پار جو،
آئون ڪوئي گيت آهيان.
پرنس نعيم ميمڻ
”زندگي توسان ڪهڙو حساب“
زندگي توسان ڪهڙو حساب ڪيان
ڏک به تنهنجا سٺم، سُک به تنهنجا ڏٺم
تو ڪڏهن گهڻو روليو آهي
ته ڪڏهن گهڻو کليو به آهي
تو ڪڏهن پنهنجن کان جدا ڪيو
ته ڪڏهن وري دشمن کان جهيڙيو آهي
تو ڪڏهن پنهنجن کي رت ۾ ٻڏل ڏيکاريو
ته ڪڏهن دشمن کي خوش ٿيندي به ڏيکاريو آهي
تو ڪڏهن پنهنجن کي بي گهر ٿي ڏيکاريو آهي
زندگي تون ئي ٻڌاءِ ته....!!!
تو سان ڪهڙو حساب ڪيان؟
زيب النساءَ شاهه بخاري
منهنجا سندر سپنا اڻپورا،
منهنجا سڀ خواب اڌورا.
پنهنجي ڪمري ۾ هڪ شمع جلائي رکان ٿي،
دل ۾ اميد جي سندر لاٽ جلائي رکان ٿي،
منهنجا سندر سپنا اڻپورا،
منهنجا سڀ خواب اڌورا
اڻپورا خواب دل جي شوڪيس ۾ سجائي رکان ٿي،
خيالن جي دنيا پوئي ۽ شاد رکان ٿي،
منهنجا سندر سپنا اڻپورا،
منهنجا سڀ خواب اڌورا
آشا
غزل
ڪوئي ته آهي، پر نه ڄاڻان،
ڇو دل جو دروازو کڙڪائي پيو.
ظالم لوڪ منهنجن احساسن جو،
ماس مِرُن جيئن کائي پيو.
سُڀاڻ هو رَتَ سان رنگيو،
اڄ ميندي هٿن کي لائي پيو.
آڌرڀاءُ ۾ اڄ نيڻن بدران،
هو غاليچو مون لاءِ وڇائي پيو.
کلندو هُن کي ڏسندي هُيس،
اڄ نيڻئون نير وهائي پيو.
منهنجو جاني هٿ ٻڌي،
مُرڪي مون کي پرچائي پيو.
ڪيڏو الميو، ورهين پڄاڻان،
هو مون کان منهنجو پتو پُڇائي پيو.
هوءَ مونکي چاهيندي هوندي،
پاڳل مَن کي پرڀائي پيو.
سندر گيت من ۾ سمائي،
چارڻ چنگ وڄائي پيو.
سارَ لڌي آ سارنگ سنڌ جي،
ٿر بر مينهن وسائي پيو.
سنڌوءَ ڪناري هو ”سرمد“ ڏسو،
شاهه جي وائي ڳائي پيو
هڪ شاعره جي سڃاڻپ
لوڪ گيتن جي راڻي زرينه بلوچ
پهرين سنڌ جي بلوچ عورت جنهن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ۾
پهل ڪئي. زرينه بلوچ ڳائڻ جو انهيءَ وقت آغاز
ڪيو جڏهن سنڌ جي عورت جو ٻاهر نڪرڻ به معيوب
سمجهيو ويندو هو، پر پاڻ جرائت کان ڪم وٺندي ٻين
لاءِ راهه هموار ڪري ڇڏي اٿس.
لوڪ گيتن جي راڻي جو سر، فقط شهرن ۾ نه ٿو گونجي پر ڳوٺن، واهن،
ٻنين، گهرن، واٽن، رستن تي سرن جي مهڪار آهي، ڪير
آهي جيڪو زرينه بلوچ کي نٿو سڃاڻي.
زرينه بلوچ، سادي سٻاجهي، من کي موهيندڙ هستي آهي.
انهيءَ هستيءَ جا انيڪ روپ آهن، هڪ وفادار وني اهڙين هستين جي
ماءُ جنهن اختر بلوچ جهڙي بهادر عورت کي جنم ڏنو ۽
اياز پليجو جهڙي سٻاجهڙي پياري شاعر، اديب ۽
دانشور جي پڻ ماءُ آهي.
هڪ استاد جيڪا اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندي شفيق استاد جو روپ
ڌاريندي آهي.
هڪ اهڙي سچي ليکڪا جنهن ”جيجي“ جهڙي بهترين ڪهاڻي لکي سنڌي ادب
کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
زرينه بلوچ جو من وشانل جڳ جيان آهي. هوءَ شاعره به آهي هن جي
شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي سڳنڌ سمايل آهي. هن پنهنجي من
اندر جي پيڙائن کي شعرن جو روپ ڏئي اسان جي سرتين
جي سٿ ۾ شامل ٿي آهي. اسين کيس دل جي گهراين سان
ڀليڪار چئون ٿا.
-نذير ناز
لِکيو
هيءَ ڙي لکيو منهنجو او لکڻ واري
ويهي جي لکيو هئي ڙي لکيو
منهنجي جند تون هئين،
منهنجي جان تون هئين.
منهنجو مان تون هئين،
منهنجو شان تون هئين!
هيڪر دل اڏي وئين،
پوءِ ڇو ڇڏي وئين،
ڇڏي وئين، لڏي وئين،
غمن ۾ گڏي وئين.
هيڪلڙي ٿي گهاريان،
جيءُ، جان ڳاريان،
رويو راهه نهاريان،
سڄڻ توکي ساريان.
هي ڙي لکيو منهنجو او لکڻ واري،
لکيو هي ڙي لکيو منهنجوو او لکڻ واري لکيو.
جيئي جيئي وينگس منهنجي بختاور هارياڻي،
تون ڪاريءَ ٻاٽ ۾ لاٽ ٻاري بختاور هارياڻي.
مظلوم سان ساٿ آ تنهنجو،
پورهيت سان آهي پيار تنهنجو،
ڪين ڇڏيندينءَ تن کي اڪيلو،
لهنديئن سار سنڀال،
اجرڪ واري جهنڊي هيٺان بختاور هارياڻي.
جبلن آڏو جانٺي بنجي ڪندينءَ روح رتيون،
زنجيرن جي زور کي ٽوڙي ٿيندينءَ آزاد،
سهڻي سڏجيئن سنڌ راڻي بختاور هارياڻي.
پوتيءَ جي تو پت کي پاريو،
اجرڪ جو تو رکيو شان،
ڏاٽي سان هر ڏاڍ کي ڏاري،
عورت جو تو رکيو مان.
پنهنجي ماڳ جي مٽي ملهائيه بختاور هارياڻي.
جيئي، جيئي وينگس، منهنجي بختاور هارياڻي.
لوڪ گيت
هڏڪيءَ مٿان مون کي آئي هڏڪي.
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا،
مارو ايندا مون کي، ڏوري ڏسندا.
او! پاڻي ڀريندي مون کي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا.
او! جنڊ جوٽيندي مون کي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا.
او! مينهون ميڙيندي، مون کي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا.
او! چانور ڇڙيندي مونکي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا.
او! ڦٽيون چونڊيندي مونکي آئي هڏڪي،
مان ٿي ڀانيان، منهنجا مارو ايندا،
مارو ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا.
ڇيڄ
جيڪا هنج وانگي هلي،
جيڪا مور وانگي ٽلي،
سا واه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جا چپ گلابي گل،
جنهن جا صوفن جهڙا ڳل،
سا واهه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جي عمر سورنهن سال،
جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڪٺمال،
سا واهه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جي اکين ۾ آڙاهه،
جنهن جي دل دريا شاهه،
سا واهه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جي ڪونج جهري ڳچي،
جيڪا سون کان به سچي،
سا واهه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جو من موتيءَ داڻو،
جنهن جي روح ۾ آ راڻو،
سا واهه لڏڻ وهه وا.
جيڪا مکڙيءَ وانگي مرڪي،
جيڪا هرڻيءَ وانگي چرڪي،
سا واهه، لڏڻ وهه وا.
جنهن جي دل هيرن جي کاڻ،
تنهن جي ڪريان ڪهڙي واکاڻ،
ساواهه، لڏڻ وهه وا. |