سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون جنوري، مارچ 1992ع

مضمون --

صفحو :15

مطلب ته دنيا جي هرخطي ۾ کيس پٺتي رکي، سندس صلاحيتن کي نه مڃڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ منجهس جيڪي قدرتي جسماني  فرق آهن، تن کي  بهانو بنائي سندس  وجود کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. دنيا جي هرڪا طاقت مرد جي قبضي ۾ رهي، هُو هر رعايت جو حقدار رهيو ۽ دنيا جا سڀئي وسيلا ۽ ذريعا سندس قبضي ۾ رهيا ۽ هُن عورت کي ذهني، نفسياتي، جسماني ۽ جذباتي طرح سان استحصال جو شڪار بنايو پر هوءَ اهڙي سخت جان آهي ۽ منجهس ايتريون فطري قوتون آهن، جو کيس نيست  ۽ نابود ڪرڻ جون سڀ ڪوششون  ناڪام ٿيون آهن ۽ هوءَ پنهنجي فعاليت قائم رکندي آهي. پاڻ  مڃائيندي  رهي آهي  ۽ مڃائيندي رهندي.

 

ناسيندي نگاه، پهرين ڪج پرين ڏي
اَحوالَ عاجزَن جا، آکج لڳ الله
روزُ نِهارن، راهَ، آکيون آواهنجي آسري

(شاهه)

متفرقه ڪالم

*شاهده تارا ڀٽي:

ڊائريءَ جو ورق

”ڪالهه، هڪ فقيرياني آئي،

۽ مان ڌرتيءَ  تي ويٺي ماني کائي رهي هُيس،

فقيرياڻيءَ چيو ته:

”ٻن ڏينهن کان بُکي آهيان، ماني ڏي“

۽ مان  پنهنجي هٿ جي گِرهه سُوڌو، سڀ ماني

کيس ڏئي ڇڏي.

وري  چوڻ لڳي پاڻي به پيئار:

۽، منهنجي ڀرسان مٽيءَ  جُڙيل  پيالي ۾ (سنڌوءَ جو) پاڻي پيو هو، مان چيومانس: مان هن پاڻي مان توکي هڪ ڍُڪُ به نه ڏينديس، ڇو ته هي پاڻي ته منهنجو مرهم آهي، ۽ مان هِنَ مان پَها ٻوڙي پنهنجن زخمن تي رکندي آهيان:

*ڪينجهر سنڌي:

منهنجا وريام

هينئر به آئون اياز جو گيت پئي ٻڌان ڏاڍو ڏور اڏاري ماري، پر پر ويهي پٽي. الائجي ڇو آئون ته موت کان به وڌيڪ عذاب سهي چڪي آهيان. ڇا آءٌ ڪا ڇيڳري ڇوري آهيان جيڪا صرف سونهن تي موهت ٿي سگهي ٿي.... نه منهنجا پرين نه.... منهنجي دل ڏاڍي مضبوط اٿئي. مون توکي تڏهن کان ڀانيو آهي، جڏهن اڃا مونکي پاڻ سان ئي پيار ڪونه ٿيو هو. مون سڄي زندگي محرومين کي ڀوڳيندي گذاري آهي. پئسي جي محرومي، سهڻي ننڍڙي گهر جي محرومي ڪپڙن پائڻ جي محرومي حقيقي پيار ۽ پريئن جي ڇهاءُ کان محرومي، چوڌاري خوشيون هيون. آئون پنهنجيءَ راه تان هڪ قدم به جي هٽان ها، ته سڀ ڪجهه منهنجي جهوليءَ  ۾ اچي ٿي سگهيو، پر خبر اٿئي؟ مونکي الائجي ڇو دنيا جي انهن سهڻن مردن مان ڪير به ته ڪونه وڻندو هو. آئون ائين ئي قربانيءَ ۽ فرض جي صليب تي پنهنجا ڦٽ پاڻ چٽيندي رهيس. آئون ته وري به تڏهن اها صليب خالي ڪري هيٺ لهي آيس جڏهن تون به ڏکن ۽ دردن جي ماضيءَ جي جهول  ڀري مون سان اچي ٽڪرئين مونکي لڳو، اسين ته هڪ هئاسين، اسان جي دلين ۾ ته ساڳيا ڏک ۽ سک  ڀريل هئا، اسين ته شايد پئدا ئي انهيءَ لاءِ ٿيا هئاسين. ته ڪٿي هڪ ٻئي سان ٽڪرجون ۽ هڪ ٻئي  جي ڦٽن تي هٿڙا ڦيري ڏسون، ته ڪٿي وڌيڪ گهاءَ آهن ۽ ڪٿي درد  جو وڌيڪ احساس ٿئي ٿو. توکي ته خبر آهي ته آئون ڪيڏي نه ڏکويل آهيان.  ايتري ته ڏکويل آهيان جو جيڪڏهن زوريءَ ٽهڪ ڏيان ته منهنجا چپ ڪڏهن به نه کلڻ ۽ ائين ئي آليون اکيون کڻي زندگي گذاريندي رهان.

ڪڏهن ته اسين باهه جي مچ ۾ پاڻ کي پاڻهي ڪيرائيندي به ڪونه رهندا آهيون. مون کي ته روح جي رهاڻ کپي. اها محبت کپي، اهو ڇهاءُ کپي، جيڪو اندر تائين پيهي وڃي ۽ ماضيءَ جا سڀ زخم ميٽي سگهي. سوڍو مون تي عاشق آهي مونکي گهر خوشيون، سون مين ڏيئي سگهي ٿو، صرف انهيءَ لاءِ ته منهنجو رنگ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ پيل واريءَ وانگر چلڪڻو آهي. منهنجي

 اي سنڌ جا ڌاڙيل تون ڇو اهڙو بي حس ٿي ويو آهين. ڇا توکي پنهنجي نياڻين ۽ مائرن  جي عزت نٿي نظر اچي! انهن جا لڙڪ ۽ آهون  توکي  نظر نٿيون اچن. انهن پيسن سان سڪون سان سمهي سگهندو آهين جڏهن انهن ڪونڌرن جون مائر توکي هٿ کڻي پٽينديون آهن. صوبيدار ۽ سپاهي جڏهن تنهنجي گهر تي گهيرو ڪري ايندا آهن پنهنجا توڙي پرايا  ڏور هليا ويندا آهن. اي ڌاڙيل تنهنجي ادي ۽ امان کي روز پوليس ٿاڻي تي وٺي ويندي آهي، ان مهل تنهنجي غيرت  ڪٿي هوندي آ؟ جڏهن توکي پنهنجي مائرن ۽ ڀيڻن جي عزت جو خيال ڪونهي ته پوءِ توکي ٻي ڪنهن جي نياڻين جو ڇا خيال ٿيندو.....!!!

جهنگل ۾ تون روز شڪار ڪرين ٿو روز گهڻا مور مارين ٿو. او ويري؛ وير ڇا جا ٿو وٺين! سنڌي ٿي تون سنڌ کي ٿو لٽين توکي مڙس تڏهن مڃان جڏهن تون غيرن تي پنهنجي بهادريءَ  سان ڪاهه ڪرين؟ پر نه توکي اهڙي غيرت ڪٿي؟!!! تون هيسلين کي هيسائي ڄاڻين تون ته جهريلن کي ماري ڄاڻين. غريبن کي ڦري ڄاڻين! تون مسڪين کان اجها کسي ڄاڻين! جهوپڙين  کي ته باهيون ڏيون ٿو؟ پر.....؟ اي رهزن پنهنجي رت سان ڇو ٿو راند کيڏين. پنهنجن کي مارڻ بهادري ڪونهي....!هيڻن تي وار ڪرڻ سورهيائي  ڪونهي...! غريبن کان اجها کسڻ وڏائي ڪونهي...! اي رهزن تون ته صفا بزدل، گيدي ۽  ڊڄڻو آهين. تنهنجي حياتي تمام ٿوري آ! ڇو ته توسان  لکن ماڻهن جون پٽون گڏ آهن ۽ هر ڪو توکي مارڻ جي پويان آهي! تو انهن جا سک ڦٽايا آهن؟ سک سان تون به ڪونه سهي سگهندين؟ تنهنجو ضمير ۽ غيرت ٻئي مري ويا آهن تڏهن تون اهڙو ٿي ويو آهين.

سميرا مغل

ڪر سينگار سکي

زاهده خير محمد:

سوال: منهنجو مسئلو هي آهي ته منهنجي اکين جي هيٺيان تمام گهڻا حلقه آهن. پهرين ته اهي گهٽ هيا پر هاڻ  وڌي ويا آهن جنهن ڪري آئون تمام گهڻو پريشان آهيان. مهرباني ڪري ڪو اهڙو علاج ٻڌايو جنهن سان منهنجا حلقا گهٽ يا ختم ٿي وڃن.

جواب: ڀيڻ اکين جي هيٺ ڪارا حلقا ننڊ جي گهٽتائي ڪري پوندا آهن.  ننڊ پنهنجي پوري ڪريو. اکين جي گرد آهسته آهسته زيتون جي تيل يا بادام جي تيل جي مالش ڪريو، هڪ هفتي ۾ حلقا ختم ٿي ويندا. روزانه صبح جو ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ سان به حلقا ختم ٿي ويندا آهن.

عابده قاصد ميمڻ:

سوال: منهنجو وزن ڪافي وڌي ويو آهي جيڪو منهنجي عمر ۽ قد جي مناسبت نٿو رکي. وزن گهٽ ڪرڻ جو ڪو آسان طريقو؟

جواب: عابده! ڳالهه اها آهي ته وزن ڪلوريز جي زيادتي سان وڌي ٿو. ڪلوريز گهٽ ڪريو وزن به گهٽ ٿي ويندو. وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ نيم گرم پاڻيءَ ۽ ماکي ملائي پيئڻ سان جسم جي زائد چرٻي  ختم ٿي وڃي ٿي، يا وري صبح جو هڪ گلاس پاڻي ۾ ليمي جو رس ملائي پيئڻ سان به وزن گهٽ ٿي وڃي ٿو.

نائيلا ناز- ڪراچي:

سوال: منهنجو مسئلو هي آهي ته منهنجي چهري تي گهڻي  وقت کان داڻا (موهيڙا) آهن. جيڪي ڪجهه ڏينهن لاءِ ختم ٿيو وڃن، پر وري ٿيو وڃن. مهرباني ڪري ڪو اهڙو طريقو ٻڌايو جو هي داڻا ختم ٿي وڃن ؟

جواب: نائيلا، اوهان پنهنجي چهري تي جيڪا ڪريم هڻو ٿا اُن جو استعمال فوراً بند ڪري Clearasil Medicatedgel کي آزمايو. جيڪا صبح ۽ رات جو ٻه ڀيرا هڻڻي آهي. هي ڪريم ٽرانسپرنيٽ آهي ان ڪري ڪٿي ٻاهر وڃڻ لاءِ به اوهان استعمال ڪري سگهو ٿا.

پرهه- خيرپور:

سوال: ميڪ اپ ۾ فائونڊيشن جي اهميت ته هوندي آهي پر اگر چڪني فائونڊيشن استعمال نه ڪئي وڃي ته ميڪ اپ جون ڪئي تهه لڳاڻيون ٿيون پون. ڇا ان صورتحال کان نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي؟

جواب: پرهه!  اوهان بلڪل صحيح چيو آهي ته فائونڊيشن جي اهميت هوندي آهي. پر اگر اوهان چاهيو ته اهڙي فائونڊيشن استعمال ڪريو جنهن ۾ چڪنائي گهٽ هجي.  فائونڊيشن کانپوءِ  Loose پائونڊر استعمال ڪرڻ سان چڪنائي ۽ چمڪ گهٽ ٿي ويندي آهي ۽ فائونڊيشن به چهري تي چڱي طرح سان ڄمي وڃي ٿي.

مهرالنساءِ – ٺارو شاهه:

سوال: منهنجي عمر ويهه سال آهي منهنجو قد پنج فٽ  آهي. آئون پنهنجو قد وڌائڻ لاءِ مختلف ايڪسر سائيز ڪندي آهيان ۽ پاڻ کي سلم رکڻ لاءِ  به. آئون موٽي نه آهيان پر قد جي تمام گهڻي احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهيان. ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪندا؟

جواب: انسان جو قد ڪاٺ، شڪل صورت ته الله  جي ڏنل آهي، پنهنجي قد کي وڌائڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪئي وڃي سا ناڪام ٿيندي. ان لاءِ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿيڻ بجاءِ پنهنجي پاڻ کي اسمارٽ رکڻ جي ڪوشش ڪريو. وارن کي کولڻ جي بجاءِ مٿي جوڙي جي شڪل ۾ ٻڌو ۽ وڏي هيل واري سينڊل جو استعمال ڪريو. هونئن لٽڪڻ سان قد ۾ ”ڪجهه“ اضافو ٿي سگهي ٿو.

مهرين زهرا- ڪراچي:

سوال: منهنجو مسئلو هي آهي ته منهنجا چپ ڪارا آهن. مون هر قسم جي ڪريم  آزمائي آهي پر ڪوبه فائدو نه ٿيو آهي لپ اسٽڪ هڻڻ به ڇڏي ڏني اٿم پر اڃا تائين چپ ڪارا آهن؟

جواب: مهرين اگر ڪڏهن اوهان لپ اسٽڪ جو استعمال ڪريو ته رات جو سمهڻ کان پهرين ان کي صاف ضرور ڪندا ڪريو. ان سان به چپ ڪارا ٿين ٿا. روزانو رات جو سمهڻ کان پهرين ويسلين چپ تي هڻو ڳاڙها ٿي ويندا يا وري ملائي ۾ ٿورڙو لوڻ ملائي چپن تي هڻو ته چپن جي ڪاراڻ ختم ٿي ويندي.

روبينه نقاش – حيدرآباد:

سوال: منهنجا وار بلڪل نٿا وڌن، حالانڪ آئون شيمپو استعمال ڪندي آهيان. صابڻ بلڪل به استعمال ڪونه ڪندي آهيان. پر تڏهن به منهنجا وار ڇڻن  ٿا، مهرباني ڪري ڪو اهڙو طريقو ٻڌائيندا ته منهنجا وار وڏا ٿين؟

جواب: ڀيڻ اوهان جو اهو خيال بلڪل غلط آهي ته شيمپو وار وڏا ڪري ٿو. شيمپو صرف وارن جي حفاظت ڪري ٿو. وارن کي وڏا ۽ گهاٽا ڪرڻ لاءِ اوهان هفتي ۾ ٻه ڀيرا سرنهن جو تيل وجهو ۽ پوءِ  (Pears Shampoo for greasy hair) سان وار نرم ۽ چمڪدار ٿيندا. وارن کي هر پندرهن ڏينهن کانپوءِ Trim ڪريو.

زاهده فيض ميمڻ – قاسم آباد

سوال: منهنجي وارن ۾ خشڪي تمام گهڻي آهي، جنهن سبب وار به ڪرن ٿا. علاج ٻڌائيندا  ته مهرباني؟

جواب: خشڪي ختم ڪرڻ لاءِ ڏڌ (ڏهي) ۾ سرنهن جو تيل وجهي مٿو ڌوئڻ کان اڌ ڪلاڪ پهرين وجهي ڇڏيو پوءِ ڪنهن سٺي شيمپو سان وار ڌوئي ڇڏيو. خشڪي ختم ٿي ويندي ۽ وار به ڪونه ڪرندا.

سبين شيخ – وحدت ڪالوني:

سوال: منهنجو مسئلو اهو آهي ته جڏهن آئون ڪجهه پڙهندي آهيان يا ٽي وي – ڏسندي آهيان ته اکين تي تمام گهڻو دٻاءُ (وزن) محسوس ٿيندو اٿم ان جو ڪو علاج ٻڌائيندا؟

جواب: سبين! ان جو ته تمام گهڻو آسان طريقو هي آهي ته جڏهن اوهان ٽي وي ڏسندا  هجو يا مطالعو ڪندا هجو ته ڪجهه لمحن لاءِ پنهنجون نظرون ڪنهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. مثلاً: ڪٿي ڇت تي ڏسو يا ٻاهر اڱڻ ۾ نظر وجهو. چوڻ جو  مطلب اهو آهي ته اکين کي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ هڪ لمحي جو وقفو ڪافي ضروري آهي.

سينتا گيمناڻي- سنڌ يونيورسٽي:

سوال: منهنجي چهري تي تمام گهڻيون جهريون (گهنج) آهن جنهن ڪري پريشان آهيان. اميد ته ڪو علاج ٻڌائيندا؟

جواب: چهري کي منهن ڌوئڻ  کانپوءِ آرام سان خشڪ ڪرڻ گهرجي. زور زور سان صاف ڪرڻ به چهري جي جلد ڍري ٿيو وڃي. تازو ليمو کڻي ان جو رس چهري تي هڻو ۽ آهستي آهستي مالش ڪريو جڏهن خشڪ ٿي وڃي ته ڪلاڪ کانپوءِ ٿڌي پاڻي سان  ڌوئي ڇڏيو. جهريون ختم ٿي وينديون. هونئن چيونگم اڪثر کائڻ گهرجي. ڇو ته چيونگم چٻائڻ سان چهري جي ورزش ٿي ٿئي ۽ جهريون نٿيون پيدا ٿين.

فيروزه مغل – حيدرآباد:

سوال: منهنجو قد، رنگ سڀ ٺيڪ آهي پر منهنجيون اکيون تمام ننڍڙيون آهن. ڇا ڪريان؟

جواب: اوهان آئي پينسل سان آئوٽ لائين هڻو ان سان اکيون وڏيون وڏيون لڳنديون. سُرمي جو رواج به ننڍي اکين کي وڏو ڏيکارڻ لاءِ هو. اگر اوهان ٻيو ڪوبه ميڪ اپ استعمال نٿا ڪريو ته سرمو بهترين آهي. جنهن سان بينائي به قائم رهي ٿي ۽ اکيون خوبصورت به لڳن ٿيون. پر اگر اوهان آئي شيڊ وغيره استعمال ڪرڻ چاهيو ته سرمو استعمال نه ڪريو. بلڪه آئي پينسل  سان اکين جون حدون  وڌائي آئشيڊ ان انداز سان لڳايو جو اکين جي مٿان وچ ۾ گهرو ۽ ڪنارن جي پاسي کان هلڪو هجي. ان سان اکيون وڏيون وڏيون ۽ دلڪش نظر اينديون.

منصور ٿلهو

پڙدو

ڪپڙي جي پٽي اڍائي فوٽ  ڊگهي ۽ فوٽ کن ويڪري سندس ڳچيءَ ۾ مفلر وانگي ويڙهيل.....

اهو هن جو رئو هيو.

هوءَ شهر ۾ گهمي ٿي سهيليءَ سان گڏ.....

هڪ دڪان کان ٻئي دڪان تائين شاپنگ ڪري ٿي.

رستي ۾ هن کي نوجوان ملي ٿو، ان سان ٽهڪ ڏئي ڳالهائي ٿي.

سهيليءَ پُڇيس....

هي ڪير هيو....؟

اسانجو مائٽ هيو!؟

تون! چوندين آهين

ڪوئي مٽ مائٽ (مرد) اسانجي گهر ايندو ناهي. سواءِ عورتن جي جن کي اسين چاهيون ۽ .... مرد جيڪڏهن ڪو ايندو به آهي، در کان ٻاهر بيهندو آ.

ها اسين پنهنجن کان پڙدو ڪنديون آهين.

عربيه نور

ادبي، سماجي سماچار مهورت

ناري پبليڪشن  پاران”هٿ ريکائن کان خالي“ جي مهورت 27 نومبر 1991 تي نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ ڪئي وئي سڀ کان پهرين فرحين  مغل اچي قرآن پاڪ  جي تلاوت  ڪئي، ان بعد شبنم گل ڪمپيئرنگ جي شروعات ڪندي صدارت لاءِ محترمه خيرالنساءِ جعفري کي مهمان خاص لاءِ نصير مرزا کي، اعزازي  مهمان لاءِ شگفته شاهه کي، ڪتاب جي ليکڪ محمود مغل ۽ محترمه نذير ناز کي اسٽيج تي اچي ويهڻ لاءِ چيو.

محترمه نذير ناز ڀليڪار چوندي سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ انهيءَ بعد نذير ناز، محمود مغل کي اجرڪ ۽ شاهه جو رسالو تحفي طور ڏنو ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڏينهن محمود مغل جي سالگرهه پڻ هئي.

سالگرهه جو ٻڌي سالگرهه مبارڪ جون صدائون گونجڻ لڳيون، نذير ناز ڪتابن  جي مهورت  جو اعلان ڪيو ۽ پهريون هڪ گلن ڀرئي ٿال مان محترمه خيرالنساءِ جعفري ناول ”هٿ ريکائن کان خالي“ ڪتاب جي مهورت ڪئي، هال ۾ تاڙيون گونجڻ لڳيون، ٻه ٿال ٻيا به هئا، جن جي انهيءَ ڏينهن مهورت ڪئي وئي. هڪ ”ڌنڌلا ڌنڌلا خواب“ مئگزين ۽ ٻيو ”داستان مير“ شاعري، مير غلام الله ٽالپر ”مير“ جي ڪتاب جي مهورت محترمه نزهت پٺاڻ ڪئي. ڪتابن جي مهورت کانپوءِ سڀ کان پهريائين شبنم گل ناصر ساريو کي ڪوٺ ڏني، هن پنهنجي خيالن جو اظهار  ڪندي چيو ته ناول ۾ اها سگهه آهي، جو پڙهندڙ هڪ ڀيرو هٿ ۾ کڻڻ کانپوءِ پورو ضرور ڪندو، فدا حسين شاهه چيو ته، محمود مغل ناول ۾ ڌرتيءَ جي هڪ مايوس ۽ مايوسيون کڻي هلندڙ انسان جو ذڪر ڪيو آهي. محمود مسلسل لکندڙ آهي ۽ ناريءَ کي واڌايون آهن، جو سندس ناول کي پڌرو ڪيو آهي، سميرا مغل تقرير ڪندي چيو ته اڄوڪو هي ڏينهن محمو مغل لاءِ خوشين جو ڏينهن آهي، جو هڪ طرف سالگره ۽ ٻي طرف سندس ڪتاب جي مهورت، هن وڌيڪ چيو ته اسان جي معاشري ۾ ڪيترائي هي هادي آهن ۽ ڪيتريون فورياتون.

مسعود لوهار، ڪتاب جي ٽائيتل ۽ ڪتاب جي پوئين صفحي تي لکيل لفظن تي سٺي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ۽ پوءِ چيائين جس آهي محترمه نذير ناز کي جو نون اديبن کي مان ڏئي ڪتاب ڇپرائي سنڌي ادب ۾ اضافو ڪري ٿي.

گل حسن قريشي چيو ته محمود مغل هر صنف تي لکيو آهي، ٽي وي ناٽڪ، ڪهاڻي، افسانو، ڪالم وغيره، ناول ”هٿ ريکائن کان خالي“ ۾ ائين لڳي ٿو، ڄڻ ليکڪ پنهنجا سور سليا آهن.

اياز لطيف پليجي پنهنجي تقرير ۾ چيو، سنڌيءَ ۾ ناول گهٽ لکيا ويا آهن، پر جيڪي لکيا ويا آهن، سي سنڌي قوم جي گهرجن وٽان ڪونه آهن. هن گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ پيار ۽ سونهن جي موضوع تي لکيل هي ناول سٺو اضافو آهي. اعزازي مهمان شگفته شاهه چيو ته ”هٿن تي ريکائون نه هونديون آهن، ريکائون ٺاهڻيون پونديون آهن. مهمان خاص نصير مرزا  پنهنجي خيالن کي پيش ڪندي چيو ته ناري پبليڪيشن کي واڌايون آهن، جو ستاويهه ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪي آهي ۽ محمود کي پڻ جنم ڏينهن جون واڌايون ڏنيون.

محمود مغل تقرير ڪندي چيو ته مان پنهنجي لکڻيءَ جو پاڻ ذميوار آهيان. جن، جن منهنجي ناول تي ڳالهايو، اهي سڀ تنقيدون ۽ تعريفون منهنجون آهن مان انهن کي قبول ڪريان ٿو، ناول وقت جو آواز آهي اسين پيار جا متلاشي  آهيون ۽ آخر ۾ صدارت ڪندڙ محترمه خير النساءِ جعفري تقرير ڪندي چيو اسين اهو ادب قبول ڪونه ڪنداسين، جيڪو ڀوگنائن جي بدلي ۾ ملي، اسان ڏاڍو ڀوڳيو آهي. هاڻي سک، امن، پيار، چاهيون ٿا، جتي خوشبو ڀريون هوائون گهرجن؛ نه ڪي بارود ڀريون. ناول ۾ پيار جو ذڪر انهيءَ ٻوسٽ مان ڪڍي ٿو، آخر ۾ ميزبان نذير ناز سڀني آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ پروگرام جي پڄاڻيءَ جو اعلان ڪيو.

رپورٽ: زينت صديقي

سنڌي ادبي سنگت دڙو پاران ڪهاڻي ويهڪ

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪهاڻي ويهڪ اڄ ستين فيبروري هئي، صبح نذير ناز فون ڪبو. چيائين، ”سنڌي ادبي سنگت دڙو پاران ”ڪهاڻي ويهڪ“ آهي، هلڻو آهي.  مون جلدي ۾ ها ڪئي ۽ تيار ٿي دڙو لاءِ روانا ٿياسين. هن طرف منهنجو پهريون سفر هيو، مون اڳ صرف دڙو بابت ٻڌو هيو ۽ اڄ ڏسڻ جو موقعو ملي رهيو، سچ ته ڏاڍو مزو اچي رهيو هو. مون روڊ جي ٻنهي  پاسي نهارڻ شروع ڪيو، ڪمند جا وڏا وڏا فصل ڪنڌ اوچو ڪيون بيٺا هيا. ڪافي جڳهن تي پڪل ڪمند جي فصل جي ڪٽائي ٿي رهي هئي، ونيون پنهنجن ورن ساڻ هٿ ونڊائي رهيون هيون، ننڍڙا نينگر به ڪمند کي ڇلهڻ ۾ لڳا پيا هيا، وڏيون ڏاند گاڏيون، ٽريڪٽر ۽ ٽرڪون ڪمند کي ڀرپاسي وارين شگرملن ڏانهن کڻي وڃي رهيون هيون. لڳندڙ هوائن کي شگرملن مان نڪرندڙ دونهون ۽ ڌپ زهريلو ڪري رهي هئي. روڊ جي پاسن سان وڻڪار گهٽ ۽ ڦهليل کيت هيا، کيت گهڻو ڪري ڪمند سان ڀريل هيا، ڪٿي ڪٿي سم ۽ ڪلراٺي زمين سبب لوا ۽ کٻڙ ڌرتيءَ تي چنبڙيا بيٺا هيا. روڊ جي اولهائين طرف شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو ۽ صوفي عنايت جهوڪ وارو جي مقبرن کي عقيدت وچان نهاريندي نهاريندي ميرپور بٺوري پهچي وياسين، هتان سائين غلام حسين رنگريز کي ساڻ کنيو سين ۽ وري ”دڙو“ ڏانهن سفر جاري  رکيوسين. واٽ تي ”الستي“ تنظيم پاران هلندڙ اسڪول ڏٺوسين ان سان گڏ تعليم طرف ڌيان ڏيڻ لاءِ وک وک تي ”الستي“ جي گذارش نظر آئي ۽ پوءِ دڙي شهر جي سنهين سنهين گهٽين کي لتاڙيندا، پڪين، ڪچين ۽ ڪاٺ سان ٺهيل جڳهن کي ڏسندا هاءِ اسڪول ۾ پهچي وياسين جتي ”ڪهاڻي ويهڪ“  جو انتظام ٿيل هيو. ڀاءُ يوسف  سنڌي، عبدالڪريم سومري ۽ کوڙ سارن ساٿين ڀليڪار ڪئي، سڀني ساڻ کلي کيڪاري ٿي.

نوجوان ليکڪ يوسف سنڌي ڊائيس تي اچي ڀلوڙ ليکڪ عابد مظهر لاءِ ناري پبليڪيشن جي شاعره، پبلشر ۽ ليکڪه محترمه نذير ناز ۽ اعزازي مهمانن لاءِ شاعره مريم مجيدي  ۽ ڏاهي غلام حسين رنگريز کي ڪوٺ ڏني وئي جن تاڙين جي لئه تي اچي مان ورتو، کين کي ممتاز علي جانوري، حميد الله ميمڻ، روحل قريشي ۽ ممتاز علي ڪانڌڙو بيج هنيا.

يوسف سنڌي وڌيڪ ڪارروائي هلائڻ لاءِ سجاد ميمڻ ۽ ذوالفقار ڪانڌڙي کي سڏ ڪيو، سجاد سڀ کان پهريون يوسف سنڌي کي آجياڻي تقرير لاءِ سڏ ڪيو، يوسف سنڌي، دڙو شاخ جو سيڪريٽري آهي تنهن سڀني آيلن جا ٿورا مڃيا ۽ سنگت جي ڪارڪردگي پيش ڪئي،  ڪهاڻين پڙهڻ  جي شروعات ٿي، ڪهاڻيڪار جو تعارف ٻڌائيندي هر ڪنهن کي واري واري سان ڪوٺ ڏني وئي، آصف قريشي (سارنگ سودائي) ممتاز ”سارنگ“ ڪانڌڙو، بهادر ناز پليجو، رسول بخش ”ساگر“ ڪانڌڙو. علي محمد ”پرويز“، جاويد سحر، راز  شر، غفور ميمڻ، ذوالفقار ”ناصر“ ساريو، محمد انور بلوچ ۽ عزيز ٽالپر ڪهاڻيون پڙهيون، وقفي وقفي  سان حاجي موسيٰ شڪور، جمن ڪيهر، مست کڏو، حسين بخش مگسي، منظور ڌماچ ۽ امين ارباب پنهنجي پنهنجي شاعري  ٻڌائي ۽ داد ورتو.

اعزازي مهمان آپا مريم مجيدي پنهنجي ڪهاڻي پڙهڻ کان اڳ چيو ته، ”مون گهڻي شاعري ڪئي آهي ۽ پنهنجن احساسن  ۽ جذبن کي شاعريءَ ذريعي ظاهر ڪيو اٿم. شاعري منهنجي اظهار جو ذريعو آهي. ليڪن اڄ هن ويهڪ لاءِ ڪهاڻي کي ذريعو بنايو اٿم.“

سائين غلام حسين رنگريز پڙهيل ڪهاڻين تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته ”نئين ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن منجهه لکڻ جي سگهه آهي؛ پر مطالعي جي ضرورت آهي، اُچارن صحيح اچارڻ جي ضرورت آهي. اسلوب (Style) تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڪهاڻي ۾ صرف  مواد ڪافي ناهي، پر انهيءَ مواد کي فنڪارانه شڪتي ذريعي ظاهر ڪرڻو آهي ۽ فنڪارانه انداز سان  لکيل ڪهاڻي ئي سگهاري ڪهاڻي ٿي سگهندي. ”وڌيڪ چيائين، ڪهاڻي سنڌي ادب جو سگهارو اظهار جو ذريعو آهي، ورهاڱي کانپوءِ هندو ليکڪن جي لڏي وڃڻ سبب سنڌي ڪهاڻيءَ  تي ماٺار اچي وئي هئي. سينئر ليکڪن اچي انهيءَ ماٺار کي ٽوڙيو ۽ بهترين ڪهاڻيون اسان کي ڏنيون. نئين ٽهي جا ڪهاڻيڪار انهي قافلي جا مسافر آهن، کين ئي محنت ۽ ڄاڻ سان انهيءَ قافلي کي اڳتي وڌائڻو آهي.“

مهمان خاص محترمه نذير ناز ڪهاڻي ”هيرو“ پڙهي، ڪهاڻي کان اڳ خيالن جو اظهار ڪندي چيائين ته، اسان وٽ نثر گهٽ پيو لکجي. اڄوڪي ”ڪهاڻي ويهڪ“ نثر لکڻ لاءِ کوڙ سارن ڪهاڻيڪارن کي ڪهاڻي لکڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ اضافو آهن.

هونئن به ڪهاڻي، اظهار جو سگهارو ذريعو آهي جنهن ذريعي اسين پنهنجي ۽ پنهنجي اوس پاس جي ٿيندڙ انيائن ۽ پيڙائن کي چڱي طرح ظاهر ڪري سگهون ٿا، محترمه نذير ناز دڙو جي ادبي سرگرمين تي کين واڌايون ڏنيون ۽ ٿورا مڃيا.

سائين عابد مظهر صدارتي تقرير ۾ چيو ته، ”تاريخ جا صفحا شاهد آهن  ته تاريخدان وڪامجي سگهيو آهي، شاعر وڪامجي سگهيو آهي، پر ڪهاڻيڪار ڪڏهن به ڪونه وڪاميو آهي، ڇو ته ڪهاڻيڪار سماج جو سچو عڪس جوڙيندڙ آهي. سماج اندر محرومين کي ڪهاڻيڪار ئي ظاهر ڪري سگهي ٿو.“ عابد مظهر ڪهاڻي  ”مرڪ“ پڻ پڙهي ۽ پوءِ هن ويهڪ جي پڄاڻي ٿي ۽ اسين شاهه عبدالڪريم بلڙي ۽ صوفي شاه عنايت جي حاضري ڀريندا، سج کي ٽڪرين منجهه لڪندي ۽ لالاڻ ڦهلائيندي ڏسندا، جهوپڙين منجهان نڪرندڙ دونهي کي ڏسندا واپس ورياسين.... ها حيدرآباد ڏانهن.

انور بلوچ سان سهائي سانجهه

ٽنڊو محمد خان سنڌي ادبي سنگت پاران ٽنڊو محمد خان جي آفيسرس ڪلب ۾ نامياري  ڪهاڻيڪار محمد انور بلوچ سان سهائي سانجهه ملهائي وئي، جنهن جي صدارت آڪاش انصاري ڪئي ۽ اعزازي مهمان ننڍڙي ادي گلشاد، محترمه نذير ناز، عزيز ٽالپر، آسي زميني هئا، پروگرام جي ڪمپيرنگ سارنگ شاهه ڪئي ۽ سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري صالح امير، سڀني آيلن کي ڀليڪار چئي.

محمد انور بلوچ مهمانن کانسواءِ يوسف سنڌي پرويز، عبدالڪريم سومرو، جمن سرهو، طارق قريشي ۽ اسدالله انور، انور بلوچ جي شخصيت ۽ ڪتاب تي ڳالهايو. هلندڙ تقريب جي وچ وچ ۾ مشتاق ابڙو کان گيت پڻ ٻڌايا ويا.

پروگرام جي آخر ۾ ٻاهرين آيلن مهمانن کي عزيز ٽالپر طرفان ڊنر جو انتظام ڪيو ويو هو.

رپورٽ: زاهده ٿيٻو

ناري ادبي سنگت پاران اڪبر ساگر جي ڪتاب ”مون ۾ آهين“ جي مهورت

شاعر معاشري جا حساس فرد هوندا آهن، هو جيڪي ڪجهه ڏسندا آهن، سهندا آهن تن کي اسان تائين پهچائيندا آهن، شاعر  هڪ طرف پنهنجين پيڙائن کي پيش ڪندا آهن، ته ٻئي طرف ڏکن کي ڏيکاريندا آهن، وري ٻي طرف ڌرتي ۽ ڌرتيءَ تي وسندڙ انسانن جي ڏک سکن  کي ڏيکاريندا آهن، اڪبر ساگر به اهڙن شاعرن منجهان آهي، جن پنهنجن احساسن کي شاعري ۾ سموهيو آهي. اڪبر ساگر زندگيءَ جي بهارن توڙي خزائن، وڇوڙن توڙي ميلاپن کي پنهنجي ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“ ۾ سهيڙيو آهي.

تازو 6 فيبروري 1992ع جي شام تي ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“ جي مهورت جو سٽاءُ  سٽيو ويو، اهو سٽاءُ ناري ادبي سنگت پاران نيشنل سينٽر حيدرآباد ۾ رکيو ويو. مهمانن جي پهچڻ شرط پروگرام شروع ڪيو ويو. ڪپيئرنگ  لاءِ ڀلوڙ ليکڪ ڊاڪٽر محمود مغل اچي مائيڪ ۽ ڊائيس جو پاسو ورتو، مهمانن کي گهرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ”مون ۾ آهين تون“ جي مهورت ڪار قمر شهباز، مهمان خاص لاءِ امداد حسيني، اعزازي مهمان لاءِ افروز صديقي، ڪتاب جي ليکڪ اڪبر ساگر ۽ پروگرام جي ميزبان ۽ ناري ادبي سنگت جي روح روان نذير ناز کي استيج تي دعوت ڏني وئي، جن کي نذير لغاري، عابد انڙ، زاهده ٿيٻو ۽ رابيل شربيج لڳايا. تلاوت ننڍڙي نينگري فرحين مغل ڪئي، تلاوت کانپوءِ گلن جي ڀريل ٿالهه مان ڪتاب ”مون ۾ آهين تون.“ کي سائين قمر شهباز ڪڍي مهورت جي رسم ادا ڪئي. وڻندڙ ٽائيٽل ۽ ڇپائي سان هي ڪتاب قمر شهباز جي هٿ ۾ هيو ۽ هال ۾ تاڙين جو وسڪارو.

محترمه نذير ناز  آجياڻي واري تقرير ۾ چيو ته، ناري ادبي سنگت جو مقصد سنڌي ادب ۽ اديب کي مان ۽ مڃتا ڏيڻ آهي.

ناري ادبي سنگت هڪ طرف ”ناري پبليڪيشن“  جو قيام عمل ۾ آندو آهي جنهن ۾ ڀلوڙ ليکڪن جون لکڻيون شايع ڪيون وينديون آهن، ته ٻئي طرف ادب جي کيتر ۾ نون ۽ پراڻن ساٿين کي آجياڻن  ۽ مهورتن جي وسيلي مان ۽ مڃتاڏني ويندي  آهي. وڌيڪ چيائين ته، اديب کي آزاد هئڻ گهرجي، مٿس پابنديون نٿيون مڙهي سگهجن.“ نذير ناز آيلن جا ٿورا ادا ڪيا، مصطفيٰ کيڙي ڪتاب ”مون ۾ آهين تون“ تي هڪ گفتگو جيان لکڻي پيش ڪئي، فدا حسين شاهه پنهنجي طويل مقالي ۾ ناري ادبي سنگت جي واکاڻ ڪندي چيو ته، ”ناري“ ۽ نذير ناز کي جس آهي، جو هن اڻانگي سفر ۾ پنهنجو سفر جاري رکيو پيون اچن. نذير ناز سنڌي ادب ۾ مدر ٽريسا جيان آهي.“ ڪتاب تي ڳالهائيندي چيائين ته، ”اڪبر ساگر جون لکڻيون منهنجي لاءِ سندس سڃاڻپ جي حيثيت رکن ٿيون، سندس شاعري مون کي مينهن کانپوءِ مٽيءَ جي خوشبوءِ جيان لڳڳندي آهي، سندس ٻولي قدرتي ۽ سادي آهي، سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ سان پيار به آهي، ته وري پرين کي به ڪونه وساريو اٿائين، پاڻ هر صنف  سان انصاف ڪيو اٿائين.“

نسرين نوري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته، ”سچ سان ڀريل تخليقون قوم  جو ورثو آهن ۽ زندگي جي حسن کي وڌيڪ چٽو ڪن ٿيون، اڪبر ساگر ادب ۾ گل ڦل، کان وٺي قومي گيتن تائين ۽ ”مون ۾ آهين تون“ تائين سچائي سان لکيو آهي، اڪبر لفظن کي موتين جيان پوئي شاعري ڏني آهي. سندس شاعريءَ  ۾ گل جهڙي نازڪي ۽ نفاست آهي، پوري شاعري ۾ اڪبر ساگر موجود آهي.

خان محمد پنهور چيو ته، اسان کي سماجي خدمت ۾ پنهنجو وقت ڏيڻ گهرجي، ماڻهن جا مسئلا حل ڪجن ۽ ڪرائجن، ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جي سونهن کي ڌاڙيلن جي هٿان ٿيندڙ ڦرلٽ تي اسان کي پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي.

ننڍڙي ليکڪا سميرا مغل ڪتاب جي سٽاءَ  تي ڳالهائيندي چيو ته، ”ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي ۽ هر حصي ۾ خوبصورت  لفظن سان پنهنجن احساسن ۽ جذبن جو اطهار ڪيو ويو آهي، سندس سموري شاعري ۾ مضبوط خيال سمايل آهي، سندس ڪوتائون هر رنگ سان رچيل آهن.“ رابيل شر ترنم سان گيت ٻڌايو.

سليم چنا چيو ته، لطيف جذبن ۽ امنگن جي شاعر اڪبر ساگر جي شاعري ۾ سادگي سان اظهار به آهي ته وري ڏک سک، پيار، وڇوڙي کي به چٽيو اٿائين. سندس شاعري انڊلٺ جي رنگن جيان آهي ۽ هر رنگ واضح آهي. اڪبر پيڙائون ڀوڳي سندر سندر  گيت ڏنا آهن.“

اياز لطيف  پليجي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته“ ”اسان وٽ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ  مواد بنا ڪنهن ڇنڊڇاڻ جي ڇپجي رهيو آهي. ڪو ادبي معيار ڪونهي، جيڪو آيو سو اگهيو. اڪبر ساگر  جون رچنائون دل کي ڇهندڙ آهن. خاص ڪري سندس پيار  بابت رچيل رچنا.“

وڌيڪ چيائين ته سنڌي اديبن جيڪا واڳ پندرهن سال اڳ سنڌي سياستدانن جي حوالي ڪئي هئي سا هاڻ کين واپس وٺڻ گهرجي، ڇو ته سنڌي سياستدان پنهنجو فرض نڀائي نه سگهيو آهي.“

نسيم شيخ چيو ته، اڪبر جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو آهي، انهيءَ کي ”مون ۾ آهين تون“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. اڪبر ساگر جي استاد ثناءُ الله شيخ ساگر جي ننڍپڻ جون ساروڻيون  ٻڌائيندي چيو ته، اڪبر  ننڍي هوندي کان محنتي رهيو آهي ۽ ادب ۾ لڳاءُ سندس کي والد جي صحبت ۾ مليو آهي. منصور قادر جوڻيجي چيو ته، اسان جي ڌرتي هڪ آهي، لطيف هڪ آهي، ٻولي هڪ آهي، اياز هڪ آهي؛ پوءِ ويڇن ۽ نفرتن جي ڳالهه ڪيئن ٿا ڪريون. ”وڌيڪ چيائين ته، ”اڪبر جي شاعري ڀوڳنائن جو سفر آهي. هونئن به شاعر يا ڪنهن مرڪ کان متاثر ٿيندو آهي يا وري لڙڪ کان.“

اڪبر ساگر پنهنجن خيالن کي پيش ڪندي چيو ته، مان اڃا ادب  جي کيتر  ۾ هڪ شاگرد جيان آهيان، پنهنجين ڪچين ڦڪين رچنائن کي ”مون ۾ آهين تون“  ۾ سهيڙيو  اٿم، ناري ادبي سنگت جو ٿورائتو آهيان جو اڄ هي مان ڏنو اٿئون، مون پنهنجن جذبن کي شاعريءَ جي صنف ۾ اظهار ڪيو آهي. شاعري اظهار جو بهترين ذريعو آهي. منهنجيون هي رچنائون ڌرتي لاءِ آهن، ٻولي لاءِ آهن. هي ڪتاب هونئن ڪجهه به نه آهي، پر سنڌي ڪتاب ۾ هڪ ڪتاب جو اضافو آهي، اسان وٽ ادب ۾ قد ماپيا ٿا وڃن، جذبن کي نٿو پروڙيو وڃي.

امداد حسيني پنهنجين ساروڻين کي ساريندي چيو ته، جڏهن هن نيشنل سينٽر جي جڳهه تي ڇٻراٽو  هيو، تنهن ويل هتي ويهي اسان هن ڌرتي کي چميو هو، ڪيئي گهڙيون ويهي رهاڻيون ڪيون هيون. ”وڌيڪ چيائين ته، ”شاعر جي اک تيز ٿيندي آهي. مستقبل تي نظر هوندي اٿس، مون ڪجهه سال اڳ خان محمد پنهور جي ڳالهه تي چيو هيو ته هاڻي ڳوٺن جو خير ناهي ۽ اڄڏسون پيا ته ڳوٺ ٻرن پيا، اوطاقون ويران آهن، ماڻهو پريشان آهن، امداد حسيني چيو ته، ”منهنجي لاءِ چيو ويندو آهي ته آءٌ نئين نسل جو مخالف آهيان. اها ڳالهه قطعي غلط آهي، مان نئين نسل جو حامي آهيان بشرطيڪ سُرت ڀريل نسل هجي. سڄاڻ نسل هجي.“ امداد حسيني پنهنجي نئين تخليق به ٻڌائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com