* مضمون زبيده ميتلو
انفراديت سماجي مسئلو
اڙي فلاسفر ڪهڙا حال اٿئي، اڃان نه سڌريئن. ساڳيا لاٽون ساڳيا
چگهه، چوانءِ ٿو هاڻي کڻي اهي ڪرتوت ڇڏي ڏي –
ڪوٺڙيءَ جي ڪنڊ ۾ قلم گسيندي گسيندي ڪٻڙو ٿي
ويندين ڪجهه نه ورندئي. جوانيءَ کي ته ڪتاب پڙهي
موٽائي ڇڏيئي. ڇو پنهنجي اڌڙوٽ وهيءَ جي پويان پيو
آهين. هيڪلي سر جو ڪنهن کي قدر آهي. ڪو لاش تي به
لڙي ڪونه ايندئي ٻه ڳوڙها ڳاڙڻ.
هو موٽ ۾ مرڪيو ۽ وري لکڻ لڳو اڙي سمجهين ڪونه ٿو مان ڇا چوڻ
آيو آهيان. ها چئه ....چوانءِ ٿو ته هاڻي کڻي شادي
ڪر پاڻ تي ڪهل ڪر. اڃا ڪجهه جوڀن اٿئي ٻه ٽي ٻار
ته پيدا ٿي پوندئي. مزدور مزدوري ٿا ڪن. تن کي به
ايترو عقل آهي. پينو فقيرن کي به اها سرت آهي. تون
ته صفا ڪو چٽ آهين، گهر ٻار وارو ماڻهو سڀني جي
نظرن ۾ سٺو لڳندو آهي گهر ۾ ٻچڙا ڏسي سندس به
اکيون ٿڌيون پيون ٿينديون.
منهنجو ساڳيو جواب ته شادي ڪونه ڪندس. باقي رهي ڳالهه ان جو
تفصيل سان جواب وٺين ته ڏيان، پر پوءِ وري ساڳيو
رينگٽ کڻي هيڏي نه اچجائين.
شادي نه ڪندين، معاشري ۾ ٽڪو به نه لهندين اهو ٻڌائي ڇڏيان.ءِ
چڱو ٻڌ – معاشري ۾ جيڪڏهن منهنجي حيثيت ائين ٿي ٺهي ته ڇا
منهنجي انفرادي حيثيت – ڪا حيثيت ناهي ڇا؟ جو
پنهنجن ذاتي فيصلن تي پنهنجو وس هجي. انفراديت سان
ئي معاشري جي جوڙجڪ ٿئي ٿي. انفرادي حيثيت ۽
اهميت قائم رکڻ لاءِ پهرين پاڻ کي سمجهڻو ٿو پوي
پوءِ وڃي معاشري جي قدرن ۽ معيارن سان منهن ڏئي
سگهجي ٿو.
انفرادي حيثيت جي چڪر ۾ معاشري کان ڪٽجڻ ٿو چاهين. معاشري سان
گڏ هل ان جا مسئلا حل ڪر. بلڪل معاشري جوئي جزو
آهي. جيئن پنهنجي ڳوٺ ۾ واڍي، لوهار ۽ جاءِ
جوڙيندڙ جو پنهنجو مخصوص ڪردار آهي. جيڪو تمام ئي
اهم ۽ بنيادي آهي ۽ معاشرتي جوڙجڪ ۾ هڪ جيترو حصو
اٿن. باقي معاشري جي ڏکن سان گڏ ڏکن ڏوجهرن گهارڻ
۽ حالتن کي ڦيرائڻ جي بجاءِ – حال تي هلڻ جيئن ٻيا
ٿا هلن. انهن جي پيروي ڪرڻ ڪٿان جي سياڻپ چئبي.
جنهن مان ڪجهه به هڙ پلئه نه پئي.
باشعور ماڻهو ڪڏهن به نه چاهيندو ته سندس ٻار پيدائشي بيمار
معذور يا سُڪل ڄمن – وري کير پيئڻ واري عمر ۾ به
کير چڪي لاءِ بک وگهي ڪڻڪندا رهن. وري ٻاراڻي عمر
۾ مزدوري ڪن. نتيجي ۾ جواني جي ڄمار ۾ بيماري يا
ڪونه ڪو سماجي ناسور جيءَ سان لڳائين. جيڪڏهن اسين
ٻارن کي سندن وقت ۽ تقاضائن مطابق بنيادي سهولتون
به نه ڏيون. کين ذهانت جا به موقعا فراهم نه ڪريون
جيڪي سندن حياتياتي حق آهي. پوءِ ڇو اهڙو سور سر
سان لڳايون – انهن سان گڏ خواهشن جي پورائي لاءِ
رڳو پاڻ به ٻاٿون کائيندا وتون اڙي شرم به نٿو
اچئي. توکي ڪهڙيون مزدوريون پڻهين ڪرايون هيون.
مون مزدوري ته نه ڪئي هئي. پر هينئر حالتون ٿي
پيون آهن. اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي پيو آهي. جن حالتن
۾ هاڻي جي پيداوار آهي. تن سان حالتن تحت اهو سڀ
ڪجهه ٿئي ٿو. مون کي خبر آهي. بابي، چاچي ۽ مامي
جن به هڪ يا ٻه شاديون ڪيون. تن جون حالتون ڀلا
ڪنهن کان ڳجهيون آهن. جو ٻارن کي پيار ڏيڻ، سٺي
پرورش ڪرڻ. پرگهور لهڻ بجاءِ پنهنجا صديون پراڻا
خيال مڙهي اولاد کي ذهني طور مڙهو محتاج ۽ معذور
ڪري ڇڏيو.
اڇو مٿو ڪري، سکي به ته اها لفظن جي ڪاريگري اٿئي نه، ٻيو ڇا
لهين، لفظ ڳنڍي هليو آ، انفرادي، حيثيت وٺڻ، توکان
به چڱو پڄي ته اهي ڳيچ ڳائڻ ڇڏي ڏي. صحت مند سماج
جي تبديلي جا گڻ ڳولهه اڙي اڙي الٽو مون کي
سمجهائڻ ويٺو آهين. مٿو ته جاءِ اٿئي. انهن فلسفن
جي گرفت ۾ ڪن ٻين وائڙن کي ڦاساءِ وڃي پاڻ ڄاڻ.
اڇون پنبڻيون ڪر يا کڻي ڪارا ڪاڳر ڪر. منهنجي وس۾
هجي ته هر رات نئين سرگهوٽ بڻجان نئين ڪنوار
ماڻيان. تون ڪهڙن خيالن ۾ آهين اسان جا مڙسي
ڏيکارڻ جا پاڻ کي سکيو ستابو ڪرڻ جا وڏا پروگرام
آهن.
مختيار ملڪ
غزل
پيارَ کان کوکلو ۽ خالي آ،
هُن جو جيون سمورو جعلي آ.
تنهنجي تصوير ان ۾ ڪيئن لڳندي؟
منهنجي دل جو فريم خالي آ.
فاصلن ساڻ ٿو پوي ملڻو،
ريت هن شهرَ جي نرالي آ.
اڄ به اخبار جي پڙهي سرخي،
چانهه جي هٿ مان ڪري پيالي آ.
سيد پناهه شاهه ڏاڏائي
مارُئي
ملهائي پنهنجي مارُن سان مُحبت مارئي آهي.
رکي لڄ سيل ست پنهنجي سلامت مارئي آهي.
مٽايئين ڪونه محلن ست رَڇين تي ساک سانگين،
جي سٻاجهي سنڌ جي عزت ۽ غيرت مارئي آهي.
رهي ڪوٽن ۾ قيدياڻي نه ڪر ڪنهن ويل ڀي موڙيو،
سراپا مجسمئه همت ۽ جرعت مارئي آهي
سبق آ زندگي هن جي هر هڪ ديس ڄائي لئه
پنهوارن جي رکي هر حالت ۾ پت مارئي آهي
نه پاتئين ويس ڪي اُوچا، نه کاڌائين کاڄ ڪي خاصا،
پَلر ُ پاڻي کان وڌ ڀانيو نه شربت مارئي آهي.
سدائين ساه ۾ ساڻيهه جي سانڍي رکيائين سڪه،
ڪئي سچ حق جي هر دم حفاظت مارئي آهي.
ضمير ۽ ظرف اُصولن جو نه سودو سانگياڻي ڪيو،
بلاشڪ باوفا مينار عظمت مارئي آهي.
سونهري باب اڄ تاريخ ۾ بَنيو سندس ڪردار،
سچائي سونهن ۽ سينگار ثقافت مارئي آهي.
* ڪهاڻي امرتا پريتم – انعام
عباسي
جيءَ جي جلاوطني
ٽاري پنن سان ٽمٽار ٻهڪي رهي هئي. پر ان تي گل هڪ به نه ٽڙيو
مان ڀنڀرڪيءَ کانپوءِ ناسي ساون پنن جي چهڪ سندرتا
کي پسي ڏهاڙي سوچن جي سيج ۾ ٽيلار ڪندي هيس ته
الائي ڪڏهن چمپا جا گلڙا ٽڙندا نڄاڻان الائي....
ڪونڊيون ڀل ڪيڏيون ئي کڻي ويڪريون ۽ اونهيون هجن پر انهن ۾ چمپا
جا گل نه ٽڙندا ..... ڪڏهن به نه ٽڙي سگهندا آهن!
چمپا جي پاڙن کي ڌرتيءَ جي اتم ضرورت هوندي آهي.
اها ڳالهه مون سان هڪ مالهيءَ ڪئي هئي.
ان ڪري اڄ مان چمپا کي غلاميءَ جي دائري مان آجو ڪري ڌرتيءَ ۾
ويهاري رهي هيس، جو هيءَ مون سان ملڻ آئي هئي.
توسان ملڻ ڪاڻ ڪيڏا نه جتن ڪرڻا ٿا پون، پيچرا ۽ پنڌ پڇڻا ٿا
پون.
ته تون ئي آهين نيرن ۽ ماٺيڻن نيڻن واري شهزادي!
ها، مان ئي گليانا آهيان.
سچ، تون ته واقعي گلن جهڙي ڪومل ۽ سندرتا جي ديوي آهين. پر لوهه
جهڙن پيرن سان هلي تون وٽ آئي آهيان، پورن پنجن
سالن کان ائين ئي هلندي ٿي رهان..... اڻ ڏٺل منزل
جي تلاش ۾!
تون ياترا ڪهڙي ديس کان شروع ڪئي؟
”يوگو سلاويا کان.“
هندستان ۾ آئي گهڻا ڏينهن ٿيا اٿئي؟
ٿيا ته ٿورڙا ڏينهن آهن. پر ٿورن ڏينهن ۾ مان الاهي سارن ارڏن ۽
اڏول ماڻهن سان ملي چڪي آهيان، خاص ڪري هتان جي
باغي ۽ سگهڙ عورتن سان ته ڏاڍي سڪ ۽ چاهه سان ملي
آهيان، تنهنجي ديس ۾ اچي توسان ملڻ بنا واپس ورجي،
ڪجهه گهٽتائي جو احساس پيو ٿئي، تنهن ڪري تنهنجا
ڏس پنڌ ۽ پيرا پڇي توڏي پانڌيئڙي ٿيس....!
مون گليانا لاءِ چانهه تيار ڪئي، پيالي سرڪائڻ لاءِ هوءَ جيئن
ئي جهڪي ته نرڙ تان ڀورن وارن جي هڪ چڳ سندس چهري
تي ٽيلار ڪري آئي.
مون بيوس نهار سان ان جي ماٺيڻن نيڻن کي ڏٺو ۽ پڇيومانس – ها
گليانا اسان مڃيوسين ته تنهنجا پير لوهه جا آهن،
جو ايڏي انگاس ياترا ۾ پنهنجي بي پناهه سندرتا ۽
جوڀن جي ڪاڪ محل جو وزن کنيو پئي هلندي وتين. تون
ايڏي پنڌ ڪرڻ کانپوءِ به، ٿڪي ڇو نه آهين؟
اسان کي به ته ڪا ڪل پئي ته انهن کي ڪنهن جي تلاش آهي! يا اهي
ڏک سور ڪنهن ڪتاب ۾ لکڻ لاءِ کڻي رهي آهين؟
گليانا هڪ ڊگهو ساهه کنيو ۽ ٽهڪڙن ۾.....
جڏهن ڪنهن جي ٽهڪ ۾ پيڙا جو پڙلاءُ ۽ ڏک جا پاڇا هوندا آهن ته
انهن جي اکڙين ۾ الائي ڪٿان هڪ اڻ ڏٺل چمڪ اچي
ويندي آهي، جنهن کي ٿورو ڪي گهڻو مان ئي
ڄاڻان.....
اڃان ته مون ڪجهه لکيو نه آهي، پر تمام گهڻو لکڻ چاهيان ٿي. لکڻ
کان اڳ مان هي دنيا ته ڏسي وٺان. اڃان گهڻي ئي
دنيا ڏسڻي آهي. اهائي ڳالهه آهي جو مان اڃان ٿڪي
ٽٽي ڦان ڪري ڪري نه پئي آهيان. پهريان مان اٽلي
وئي هيس. اتان فرانس پوءِ عراق ۽ جاپان.
ڪوئي تنهنجو اوسئيڙو به ڪندو هوندو؟
ها، منهنجي امڙ جيڪا منهنجي واپسيءَ جي هر پل منتظر رهندي آهي.
جڏهن تنهنجا خط هن کي ملندا هوندا ته هوءَ ڪيڏي نه سرهي ٿيندي
هوندي؟ ها جيڪڏهن ڪنهن کي رڳو خطن سان ئي خوشي
ملندي هجي!
امڙ جو خيال آهي ته مان ائين ئي گهمندي گهمندي دنيا جي ڪنهن ڀيڙ
۾ اچي ويندس...... ۽ مري ويندس..... هونءَ ته مان
ڏاڍا وڏا خط کيس لکندي آهيان. کيس اکيون ته آهن
ڪونه ان ڪري هوءَ منهنجا خط ٻين کان پڙهائيندي آهي
۽ منهنجين اکين سان ويٺي ويٺي سڄي دنيا ڏسي وٺندي
آهي.“
گليانا! تون الاهي دنيا ڏٺي آهي ٻڌاءِ ته توکي ڪيئن لڳي؟ ڪنهن
جڳهه توکي هٿ وڌائي جڪڙيو نه؟
ڪهڙي پئي ڳالهه ڪرين.... مان پاڻ چاهيان ٿي ته ڪا اهڙي جڳهه هجي
جيڪا مون کي پنهنجي سندرتا جي سڳنڌ سان موهي قابو
۾ ڪري، پر زندگيءَ جي ٻانهن ۾ ايڏي سگهه ڪٿي؟ يا
ان ڪري جو مان زندگيءَ کان گهڻو ڪجهه گهري ڇڏيندي
آهيان، منهنجو ديش جڏهن غلامي جي جاکٽ ۾ اکيون
ٻوٽي گول ڦري هيو هو. تڏهن مان آزاديءَ جي جنگ ۾
وڙهڻ لڳس.
پهريان تنهنجي ديش تي به ترڪن جو قبضو هو نه؟
ها- پنج سئو سال اسان غلام رهياسين! سڀ کان پهرين سربيا بغاوت
ڪئي پوءِ يونان ۽ بلغاريا ۽ پوءِ اسان.
تنهنجي مادري ٻولي ڪهڙي آهي گليانا؟
اسان جي ملڪ ۾ ٽي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن. سربيا ڪووشين،
مقدوي ۽ سلوونين. مان مقدو يا ۾ پيدا ٿي آهيان، ان
ڪري منهنجي مادري ٻولي مقدوي آهي. هونءَ ته مان
ٽئي ٻوليون ڳالهائي ويندي آهيان. ترڪن جي سرڪار
کانپوءِ ته اوهان جو ديس آزاد ٿي ويو هو نه؟
ها آزاد ته ٿي ويو هو. پر وري پهرين بادشاهت پنهنجي ڪٺور چادر
سان ديش ۽ ماڻهن کي ويڙهي ٻوساٽي ساهه ڪڍڻ پئي
چاهيو.
1941ع ۾ اسان عوامي راڄ لاءِ بغاوت ڪئي. مون ان بغاوت ۾ به حصو
ورتو. حالانڪه مان ان وقت تمام ننڍڙي هيس.
اهي ڏينهن ته ڏاڍا اڻانگا ۽ ڏکيا گذريا هوندا؟
ها پورا چار سال ته رڃ ۾ راتيون ۽ پهاڙن جا پنڌ لتاڙيندا
رهياسين. هڪ رات اسان کي هڪ ڏونگر اورانگهي پئي پر
پڄڻو هو ۽ ويرن کي به کڙڪ پئجي وئي هئي. ان رات
اسان پورا سٺ ميل پنڌ لتاڙيوسين. سٺ ميل؟ گليانا
تنهنجي هن شيشي جهڙي بدن ۾ ڪيڏي سگهه آهي؟ اهو ته
رڳو هڪ رات جو پنڌ هو ۽ ٽي سئو ساٿي هياسين.
پر سڄي ڄمار پنڌ ڪرڻ واري کي ڪيڏي سگهه گهرجي. سوبه اڪيلو.
بس ڪر! گليانا بس ڪر! پنهنجا اهي رت جا لڙڪ ڳاڙهي پاند ۾ ٻڌي
ڇڏ. مون کي ڏک جي وارتا نه سُڻاءِ منهنجو هنيون
ڦاٽي پوندو.
گيت سڻاءِ – ڪو ٽهڪڙن جي ٽار جو.... ڪنهن ماڪ ڀنل ڀنڀري جو....
ڪو گيت لکيو آهي؟
پهريون جڏهن قلم ڪاغذ کڻي نيڻ نهار ۾ ڪنهن اداس گيت کي ڳوليندي
هيس ته هو پاڻ ئي پاڻ قلم جي نوڪ مان وهي ڪوري
ڪاغذ تي اڪري ويندو هو..... پر پوءِ آهستي آهستي
مون کي محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هاڻ مان ڪڏهن به پيار جا
گيت لکي نه سگهندس. هونءَ ته سڀ گيت پيار ۽ چاهت
جائي گيت هوندا، پر پيار ان گلن جهڙونه هوندو جيڪي
ڪونڊي ۾ ئي ٽڙي پوندا آهن. مان ته ان پيار جي گلن
جا گيت لکندس جيڪي صرف ڌرتيءَ ۾ ئي ٽڙي سگهندا
آهن.
گليانا جي ڳالهه ٻڌي مان ٿڌي ٿي ويس ۽ مون کي چمپا جو ٻوٽو ياد
اچي ويو جنهن کي مان ڌرتي ۾ لڳايو هو. مان وائڙن
وانگر گليانا جي چهري کي ڏسڻ لڳيس ۽ ائين محسوس
ٿيڻ لڳو ڄڻ ڌرتي کي گليانا جي دل ۽ سندرتا جو وڏو
قرض لاهڻو پوندو.
گليانا! انڪري ته چوان ٿي ته مان زندگيءَ کان الاهي ساريون
اميدون رکي ويٺي آهيان. ضرورت کان به زيادهه.
اهي ايتريون گهڻيون ته نه آهن گليانا.... بس رڳو ايتريون جي
تنهنجي دل جون امنگون پوريون ڪري سگهن.... بس
زندگي کان تو ايترو ئي ته گهريو آهي.
اسان جي ديس جو هڪ لوڪ گيت آهي.
تنهنجي ڏوليءَ کي ته پگهاردار ڪلهو ڏئي رهيا آهن!
منهنجي هن کٽوليءَ کي ڪلهو ڪير ڏيندو!
منهنجي هن کٽ کي.
گليانا! تون ڪنهن سان محبت ڪئي آ؟
ها.... ڪئي هئي! پر اها محبت نه هئي جي اها محبت هجي ها ته
وهيءَکان ضرور ويهه پل انگاس هجي ها. منهنجي محبوب
کي به منهنجي گهرج ۽ چاهت ايتري ئي هجي هان جيتري
سندس مون کي هئي. مون شادي به ڪئي هئي پر اها شادي
ان ڪونڊيءَ جهڙي هئي جنهن ۾ منهنجي چاهڻ جا گل
ڪڏهن به ٽڙي نه سگهيا.
پر هيءَ ڌرتي....
توکي هن ڌرتي کان ڀؤ ٿيندو آهي ڇا؟ ڌرتي ته ڏاڍي سهڻي ۽ سندرتا
آهي گليانا.
مون کي ڌرتي کان ڪڏهن به ڀؤ نه ..... پر..... مان ڄاڻان ٿي ته
جنهن شيءِ کان توکي ڀؤ ٿيندو آهي به تنهن کان مان
به هراسيل رهندي آهيان.
ان ڀؤ کان هيسجي مان سڄي دنيا جي مٽي اڏاري رهي آهيان ته آخر گل
کي ..... هڪ اهڙي گل کي هن ڌرتيءَ تي ٽڙڻ جو حق ڇو
نه ٿو ڏنو وڃي؟ ٽڙڻ جو حق ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟ جنهن
ڪومل گل جو نالو آهي (عورت.....)
مان انهن ماڻهن سان جنگ جوٽڻ ٿي چاهيان.... جيڪي هن ڌرتيءَ تي
ڪنهن به گل کي ٽڙڻ نٿا ڏين- خاص ڪري ان گل کي جنهن
جو نالو عورت آهي.
هن زماني کي سڌريل زمانو ڪير ٿو چئي؟ سڌريل زمانو ته ان مهل
کانپوءِ ايندو جڏهن عورت جي جسم کي سندس مرضيءَ
بنا ڪوئي اک کڻي ڏسي به نه سگهندو!
سڀ کان وڏي مشڪل توکي ڪڏهن ۽ ڪٿ پيش آئي؟
سڀ کان وڏي مشڪل مون کي ايران ۾ - مان آثار قديم جون جڳهيون
ڏسڻ پئي چاهيان، پر هوٽل وارن مون کي اڪيلي وڃڻ
کان منع ڪري ڇڏي. ايران ۾ مان ڏينهن جو به اڪيلي
گهمي نه سگهندي هيس.
پر پوءِ .....! هن دنيا ۾ ڪي ڀلوڙ ماڻهو به آهن.
ان ئي هوٽل ۾ هڪ شخص رهيل هو. جنهن وٽ پنهنجي گاڏي به هئي. تنهن
ڀلوڙ ماڻهوءَ مون کي چيو جيترا ڏينهن مان هوٽل ۾
آهيان تون منهنجي گاڏي ڪتب آڻي سگهين ٿي. ان مون
کي پنهنجي گاڏي ۽ ڊرائيور ڏئي ڇڏيو. مون کي ان جو
احسان قبول ڪرڻو پيو!
هاڻ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان، ته آخر اهڙا سهارا به ڇو ضروري
آهن؟
جاپان ۾ به اهڙي ئي مشڪل سان منهن ڏيڻو پيو. اتي مون کي ٿوري
تڪليف ٿي. رڳو هڪ رات هڪ شرابيءَ منهنجي ڪمري جو
در کڙڪايو ۽ مون پل ۾ هوٽل وارن کي فون تي اطلاع
ڪري ڇڏيو سي پهچي ويا.
هڪ ڀيري فرانس ۾ ته ڄڻ ڇپ ڪرڻ واري هئي. نه ڄاڻان ڇا ٿي وڃي ها
جي ان پل وڏو ڦڙو نه ڪري ها. مان هڪ باغ ۾ ويٺي
هيس. سامهون هڪ ڪڪرن سان ڪلها گسائيندڙ جبل هو.
جنهن کي مان ويجهو وڃي ڏسڻ پئي چاهيان. ٻه مرد
منهنجي پويان لڳاتار منهنجو پيڇو ڪيون پئي آيا،
مون کي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي جي مان جبل جي پاڇي ۾ اچي
ويس ته نڄاڻان هي ٻئي مرد مون سان ڪهڙا ويل وهائن.
منهنجي اندر ۾ اهائي اڻ تڻ ڪرموڙي رهي هئي ته مان
ڀؤ کان اڳتي نٿي وڌي سگهان. آخر ڇو؟ مان ٽپ ڏئي
اٿي بيٺس ۽ پهاڙ ڏي رواني ٿيس. اڃان مس ٿورو پنڌ
اڳتي وڌيم ته وڏو ڦڙو وسڻ لڳو ۽ مون کي واپس هوٽل
۾ وڃڻو پيو. اهو غلط آهي! مان اهو سوچيندي رهندي
آهيان ته آخر اهو غلط ڇو آهي؟ تنهنجو گذر سفر ڪئين
ٿو ٿئي؟
ننڍڙا ننڍڙا سفر نامان لکي پنهنجي ديس موڪليندي آهيان اتان ڪجهه
ڏوڪڙ ملندا رهندا آهن. خيال آهي ته وطن واپس ٿي هڪ
وڏو سفرنامو لکان، ٿي سگهي ٿو گيت به لکان ڇو ته
اڄ ڪلهه ننڊ ۾ هڪ گيت منهنجي من ۾ وراڪا ڏيندو
آهي، پر جيئن ئي اک کلندي آهي ته هو ڪنهن ڌنڌ جي
واديءَ ۾ ڇائنجي ويندو آهي. چڱو گليانا مون کي ان
گيت جي باري ۾ ٻڌاءِ.
مون اڃا اهو گيت لکيو نه آهي.
مان گيت جي.... نه پر گيت جي پس منظر جي باري ۾ پئي چوان. اهائي
ته ڳالهه آهي جنهن کي مان پاڻ ڳولهي رهي آهيان.
جنهن مان گيت جڙندا آهن. پورو ته ناهي بس چار سٽون
جوڙيون آهن. گليانا چيو ۽ هڪ اڌوري گيت وانگر مون
کي ڏسڻ لڳي.
ڪير آهي جنهن نيل گگن جو جادو....
ڪنهن پکيڙيا ٽارن جا معصوم ٽولا...
گڏ ڪري تن کي چاٻين جو ڇڳو بنايو....
۽ سو ڇڳو منهنجي ڪمر جي چؤطرف لٽڪايو.
گليانا پنهنجي سنهڙي ڪمر ڏي اشارو ڪندي چيو هت مون کي ڪيترا
ڀيرا چاٻين جي ڇڳي وانگر تارن جا ڇڳا لڙڪندي محسوس
ٿيا آهن.
مان گليانا کي ڏسڻ لڳس.... الماڙين جون چاٻيون ميڙي چانديءَ جي
ڇلي ۾ ڦاسائي کيس ڏنم...... ان پنهنجي ڪمر کي
وڪوڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو..... ان جاءِ تي هوءَ
تارن جا ڇڳا لڙڪائڻ پئي گهري. گليانا جي چهري کي
ڏسي مان سوچڻ لڳس ته هن ڌرتيءَ تي اهو گهر ڪڏهن
جڙندو جنهن جا در ستارن جي چاٻين سان کلندا.
ڇاٿي سوچين؟
سوچيان پئي تنهنجي ديس ۾ عورتون پنهنجي ڪمر جي چؤطرف چاٻين جا
ڇڳا لڙڪائينديون آهن ڇا؟
ها.... جهونيون عورتون ايئن ڪنديون آهن.
چاٻين سان گڏ گهر جو خيال اچي ويندو آهي، گهر سان عورت جو سپنو
نيڻ نهار تائين پکيڙجي ٿو وڃي.
ڏس ان سپني جي تلاش ۾ مان ڪيڏو ڏور نڪري آئي آهيان.....
هاڻ مان پنهنجو سپنو گيتن وٽ امانت رکي ڇڏيندس....
ائين ته ڌرتي تي وڌيڪ قرض چڙهي ويندو. قرض جي ڳالهه ٻڌي گليانا
کلڻ لڳي سندس چهري تي مرڪ ان قرض اڳاڙيندڙ جهڙي
هئي، جنهن جي ڪاغذن تي سڀ گواهيون ڪوڙيون هجن.
گليانا جي چهري کي ڏسندي مون کي ائين لڳو ته ٿاڻي جي ڪنهن سپاهي
کي گليانا جو حليو لکڻو هجي ته هو ڪجهه اهڙي طرح
لکندو.
نالو – گليانا سامي نوويا. پيءُ جو
نالو – نڪولين سامي نوويا.
ڄمڻ جو هنڌ – مقدونيه. قد – پنج فٽ
ٽي انچ.
وارن جو رنگ – ڀورو. اکين جو رنگ – سليٽي.
سڃاڻڻ جو خاص نشان: چپ تي تر ۽ کاٻي ڳل تي زخم جو
هلڪڙو نشان.
پر گليانا جون ڳالهيون ٻڌي مون کي ائين محسوس ٿيو
ته جي ڪنهن دل واري شخص کي پنهنجي زندگيءَ جي
ڊائري ۾ گليانا جو حليو لکڻو پيو ته هو شايد هيئن
لکي.
نالو: گل جي خوشبوءَ جهڙي عورت. پيءُ
جو نالو: انسان جو خواب.
ڄمڻ جو هنڌ: ڌرتيءَ جي سون ورني
مٽي.
قد: منهنجين
اکين کي چمي ٿو.
اکين جو رنگ: آڪاس جي بدن جهڙو.
سڃاڻپ جو خاص نشان – چپن تي زندگيءَ جي اڃ – انگ انگ ۾ سپنن جي
بهار وڇايل.
حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته زندگيءَ گليانا کي ڄم ڏئي کيس بلڪل
وساري ڇڏيو هو، پر مان حيران نه ٿيس ڇو ته مون کي
پڪ هئي ته زندگيءَ جي يادگيري گهڻو ڪري وسريل
هوندي آهي. مون گليانا کي ٻڌايو ته اسان جي ديس ۾
هڪ اهڙي سٺي شيءَ ڦٽندي آهي. جنهن کي برهمي ٻوٽي
چيو ويندو آهي. اسان جي پراڻن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي
ته، جي ڪو شخص ان کي ڪجهه ڏينهن گهوٽي پيئي ته
سندس وسريل يادون ڇنڊجي ڦوڪجي واپس اينديون آهن.
منهنجو خيال آهي ته زندگيءَ کي به برهمي ٻوٽي
گهوٽي پيئڻ گهرجي.
گليانا مرڪي پئي. جڏهن تون ڪو خوبصورت ۽ پيارو گيت لکندي آهين،
يا ڪو ٻيو شخص لکندو آهي، ته اهو ان پل ٻيلي مان
برهمي ٻوٽي جا سين ميڙيندو رهندو آهي. شايد ڪڏهن
اهو ڏينهن ايندو جڏهن اسين زندگيءَ کي برهمي ٻوٽي
ايتري ته پياري ڇڏينداسين جو ان کانپوءِ ويسر جي
عادت ئي ختم ٿي ويندي.
گليانا ان ڏينهن هلي وئي. پر پنهنجي پويان برهمي ٻوٽي جي ڪٿا
ڇڏي وئي. مان جڏهن ڪو پيارو گيت لکندي آهيان ته
ائين محسوس ٿيڻ لڳندو اهي ته اسان سڀ پنهنجي
پنهنجي من ۾ برهمي ٻوٽي کي تلاش ڪندا رهندا آهيون.
اسان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن زندگيءَ کي اها ٻوٽي
ايتري ته پياري ڇڏينداسين جو اسان سندس يادن جو
مرڪز بڻجي وينداسين.
گليانا سان ملئي پنج مهينا ٿيڻ وارا آهن. پر ان جو ڪوبه خط مون
کي نه مليو آهي. هاڻ ائين مهينن جا مهينا گذري
ويندا پر هاڻ گليانا جو خط ڪڏهن به نه ايندو....
ڇو ته اڄ هڪ سرخي اخبار ۾ ڇپي.... ته ٻن ملڪن جي
سرحد تي هڪ ڪومل پرديسي عورت کي ٻيلي ۾ لڌو
ويو.... عورت کي ڏاڍي نازڪ حالت ۾ اسپتال نيو
ويو.... پر اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي هن جي من جو پکي
پنڃرو ٽوڙي اڏامي ويو..... سندس پاسپورٽ ۽ ڪاغذن
مان خبر پئي ته عورت جو قد پنج فٽ ٽي انچ آهي وارن
جو رنگ ڀورو، اکين جو رنگ سليٽي چپ تي تر کاٻي ڳل
تي زخم جو هلڪڙو نشان.....
هي اخبار جي هڪ سرخي نه هئي..... پر مون لاءِ گليانا جو هڪ خط
آهي.... زندگيءَ جي گهر مان ويندي ويندي ان
زندگيءَ جي نانءُ هڪ خط لکيو آهي.... ان خط ۾
گليانا زندگيءَ کان پهريون سوال هي پڇيو ته آخر هن
ڌرتيءَ تي ان گل کي ٽڙڻ ۽ مهڪڻ ڇو نه ٿو ڏنو وڃي.
جنهن جو نالو عورت آهي ۽ ان سان گڏ هن هي به پڇيو
آهي ته اهو سڌريل زمانو ڪڏهن ايندو جڏهن عورت جي
مرضي جي خلاف سندس جسم کي ڪوئي اک کڻي به نه ڏسي
سگهندو؟ ۽ ٻيو سوال ان اهو پڇيو ته جنهن گهر جو در
کولڻ لاءِ ان پنهنجي ڪمر جي چؤطرف ستارن جا ڇڳا
چاٻين وانگر لڙڪائي رکيا آهن ان گهر جو دروازو
ڪهڙي پاسي آهي؟ ۽ ٽيون سوال ان اهو پڇيو هو ته
..... مان زندگيءَ کي برهمي ٻوٽي پيارڻ لاءِ کيتن
مان پن ميڙي رهي هيس.... انهن پنن کي خلاگيرن ساڙي
ڇڏيو؟
ڇو!..... ڇو! آخر ڇو ساڙي ڇڏيو....؟
* مضمون مخدوم محمّد زمان طالب
الموليٰ
شاهه جي نظر ۾ عورت جي عزت
عام هي خيال آهي ته شاهه عورت کان مرد کي گهٽ سمجهو آهي ۽ عورت
کي وڌيڪ عزت ڏني آهي ۽ هر پهلوءَ ۾ شاهه مرد کان
گهڻو زياده عورت کي ذي مرتبه تصور ڪيو آهي. مگر
منهنجي خيال ۾ تحقيق موجب ائين سمجهڻ غلط آهي.
شاهه وٽ ”مرد مرد آهي ۽ عورت عورت.“ شاهه وٽ عورت
مرد کان وڌيڪ آهي هي صرف هن ڪري ئي سمجهو ويو آهي
جو شاهه عورت جي زبان ۾ گهڻي شعر گوئي ڪئي آهي
جيڪا هيڏي عورت جي عزت شاهه جي نظر ۾ سمجهي وڃي ٿي
ان جو فقط هي سبب آهي جو عورت ”هندستاني عورت، عشق
رهي آهي.“ شاهه عورت کي عاشق هئڻ جي حيثيت سان ئي
عزت ڏني آهي ۽ نه مرد جي مقابلي ۾ شاهه عورت کي
برتر سمجهو آهي. جنهن مذهب جي حڪومت هوندي يا جا
قوم پنهنجي آباو اجداد جي مذهب تي هلندي آئي هجي.
پوءِ ڪيترا ماڻهو انهي قوم جا ڪنهن ٻي مذهب تي آيا
هجن ته انهن ۾ ورهن جا ورهه ان حڪومت ۽ مذهب جا
اثر موجود هوندا آهن ۽ انهن ۾ اهيئي رسمون ڪيترو
زمانو رائج هونديون آهن جي اڳ سندن مذهب جون هيون.
يا ڪي ماڻهو لڏي ڪنهن غير مذهب واري ملڪ ۾ وڃي
وطني ٿي رهن ۽ سندن ٻي يا ٽئين نسل ۾ ان ملڪ جي
مذهب ۽ تهذيب، تمدن، اخلاق، رسم و رواج ۽ ماحول جو
مٿن ڪافي اثر هوندو.
هندستان جو رسم رواج، تهذيب واخلاق ۽ نشيب و فراز وغيره پنهنجي
هڪ خاص نوعيت تي هو. هندستان ۾ اگرچه اسلام به
آيو. تاهم ٻاهران آيل مسلم قوم جي ٽئين يا چوٿين
نسل ۾ هندستاني رسمون رائج ٿيڻ لڳيون. ڪم علمي،
صحبت ۽ ماحول انهن تي ڪافي کان زياده اثر ڪيو.
باقي جو انگريز هندستان تي قابض ٿيا ته مذهبن جي
پابندي ۾فرق ٿيڻ لڳو ۽ مذهب جي غيرپابندي واري
آزاد ۽ بي علمي وڌڻ لڳي ۽ وطني قومن پنهنجي نسل تي
لاڙو کاڌو. جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو هندستان
رسومات ڪثرت سان عملي طور اختيار ٿيڻ لڳيون.
هندستاني رسم يا قانون موجب عورت پنهنجي شوهر کي ڀڳوان ڪري
مڃيندي آهي ۽ پنهنجي لاءِ هن کي سڀ ڪجهه سمجهي
سندس پوڄا ڪندي آهي ۽ واقعي عورت لاءِ سندس شوهر
کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿي به نه ٿو سگهي.
ٻين ملڪن وانگر هندستان ۾ به خاص طرح واپار ٿيندو هو. ماڻهو
مهينن جا مهينا ٻاهر پرديس ۾ وڃي واپار ۽ سودو
ڪندا هئا جن کي سوداگر چئبو آهي. سودي واپار کي
”وڻج“ چئبو آهي، تنهن ڪري انهن واپارين کي
”وڻجارا“ به سڏيو ويو آهي. ٻاهرين ملڪن ۾ واپار
لاءِ وڃڻ واسطي سمنڊ جي رستي ٻيڙين ۽ غورابن ۾
وڃڻو پوندو هو. تنهن ڪري انهن کي سامونڊي به نالو
ڏنو ويو. اهي سامونڊي پنهنجي عورتن کي وطن ۾ ڇڏي
ويندا هئا. هو پنهنجي شوهرن لاءِ حيران ۽ پريشان
رهنديون هيون. انهي ڪري هندستاني عورت هميشھ عاشق
رهي آهي. تنهن ڪري هندستاني شاعر پنهنجي ڪلام ۾
پاڻ کي عورت بنائي ڳالهايو آهي. شاهه جو رسالو به
انهيءَ ئي تصور سان ڀريو پيو آهي، نه فقط شاهه مگر
ٻين شاعرن به انهي تصور ۾ گهڻي ڪجهه شعر گوئي ڪئي
آهي.
امير خسرو – هي هڪ اعليٰ شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن کي دنيا سڃاڻي
ٿي. ان تي به هندستان جي رسم و رواج ۽ ماحول جو
ڪافي اثر ٿيو. چنانچه حڪايت آهي ته شهنشاهه
جهانگير هڪ دفعو ڪنهن تقريب ۾ قوالي ٻڌي رهيو هو ۽
قوال امير خسرو جو غزل ڳائي رهيو هو، قوال جڏهن هي
شعر پڙهيو:
تو شبانه هي نمائي به برک بوري ان آشب
که هنور چشِم مست اثرِ خمار دارد
ته بادشاهه هڪدم بگڙي ويو ۽ قوال کي محفل مان ٻاهر نڪري وڃڻ
لاءِ حڪم ڏنائين. بادشاهه هي عتاب ان ڪري ڪيو جو
مسلمان بادشاهن پنهنجي حرم جي عزت ۽ ناموس جو خاص
خيال رکيو آهي. سفر ۾ شاهي بيگمات جي سواريءَ کي
ويجهو ڪوبه نه اچي سگهندو هو. نيٺ ملا نقشي مهرڪن
کي گهرايو ويو ته بادشاهه جو غصو ڪنهن به طرح لاهي
– ملا آيو ۽ بادشاهه کي عرض ڪيائين ته خير يا شد؟
بادشاهه جواب ۾ چيو ته ”ڏسو! امير خسروءَ ڪهڙي نه
بي غيرتيءَ جو مضمون ٻڌايو آهي. ڀلا ڪير غيرتمند
پنهنجي منڪوحه يا محبوبه سان اهڙي طرح بي حيائي جي
ڳالهه ڪري سگهندو؟ ملا جواب ۾ خنده پيشانيءَ سان
عرض ڪيو ته ”حضور! ڳالهه دراصل هي آهي ته امير
خسرو هندستان ۾ پرورش ورتي آهي تنهن ڪري هو
هندستاني فضا جي مطابق شعر چوندو هو، هي شعر به
خاص هندستاني اصول تي چيل آهي. ان جو مطلب هي آهي
ته عورت پنهنجي شوهر کي چوي ٿي ته تون رات ڪنهن
غير وٽ رهيو آهين ڇو ته تنهنجي اکين ۾ ننڊ جو خمار
پيو نظر اچي.
بادشاهه ان جواب تي خوش ٿيو ۽ محفل وري به ساڳئي رنگ ۾ شروع ٿي
حقيقت ۾ ملا نقشي جو اهو جواب بلڪل صحيح هو ۽ ان
جي تصديق خسرو جي هن شعر مان ٿئي ٿي.
خسرو! در عشق بازي ڪم رهندوزن مباش
او برائي مرده شوزر، زنده جان خويش را
پنجابي، ملتاني ۽ سنڌي زبان جي سمجهڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته
انهن زبانن ۾ مرد کي معشوق ۽ عورت کي عاشق سمجهو
ويو آهي. خواجه غلام فريد صاحب بهاول پوري. جو
ظاهر ۽ باطن جو عالم ۽ جيد صوفي، روحاني شاعر به
ٿي گذريو آهي. لکي ٿو ته:
در عرب مردان عاشقان اندوزتان معشوقان. چنانچه مجنون عاشق
وليليٰ معشوقه بود. فلان عاشق و سلميٰ معشوقه بود
پس ازين جهت شاعران – عرب شريف خودرا مرد که عاشق
بود اعتبار کرده کلام دراشعر از طرف مرد گفته اند-
در مکله فارس مردان زنان هر دو عاشق و معشوق
بوراند. بناز بو ان در کلام شعراء فاروق فرقه اززن
و مرد نسيت ورکشور هندستان و پنجاب و سنڌ زنان
عاشقان بوده اندومردان معشوقان وي بودند، شاعران –
ابن ديار اگرچه مرد انند. خودرا بزنان تعبير کرده
کلام در اشعار گفته اند که گويا زنان گفته اند.
هاڻي انهي قسم جا اشعار پيش ڪن ٿا جن ۾ عورت جي زبان سان
ڳالهايو ويو آهي جن مان حقيقت بخوبي معلوم ٿي
ويندي.
امير خسرو – ”برشگال“ هندستان جي موسمن جو سرتاج سمجهيو ويندو
آهي. بابر پنهنجي ”توزڪ“ لکي ٿو ته ”برشگال بهار
هندستان رست“ ان موسم ۾ ڪارا ڪڪر آسمان تي اٿندا
آهن ۽ بعض اوقات سارو سارو ڏينهن بودون لڳيون
پيون هونديون آهن. بارشن جي سبب زمين سرسبز ۽
نونهال ٿي ويندي آهي. وڻن ٻوٽن ۾ شگفتي ۽ ترو
تازگي اچي ويندي آهي. قدرتي هي ماحول شاعر جي دل و
دماغ تي اثر ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهي. ان
جي سيني ۾ حسن و عشق. هجر و وصال ۽ قرب واضطراب جا
جذبات مطلاتم ٿي ويندا آهن. هندستاني ڇوڪريون وڻن
۾ پينگهون ٻڌي لڏنديون ۽ بهاريون ڪنديون آهن. مگر
انهن مان هڪ ڇوڪري محسوس ڪري ٿي ته جيتر سندس
پيارو ”شوهر“ وٽس نه آهي ته برسات جو لطف کيس ڪيئن
ايندو. ان کي ساهيڙين ۽ سرتين جي ڇيڙ ڇاڙ بلڪل
پسند نه آهي هوءَ اداس ٿي وڃي ٿي ۽ هن جي چپن تي
غم انگيز ترانو هوندو آهي. امير خسرو ان منظر کي
هندستاني رنگ ۾ عورت جي زباني هن طرح ادا ٿو ڪري.
برس ناريه بدرا سيان گهر ناهين
گرج تڙپ گئي برس نکس گئي
بهر آئيه نين دهرک
گئي گجرا سيان گهر ناهين
يعني او بادلو! هن وقت نه وسو ڇو ته منهنجو محبوب ”سيان“ گهر نه
آهي. اوهين ته گوڙيون ڪري وسي هليا ويندا. ليڪن
منهنجون اکيون پاڻيءَ سان لبريز هونديون ۽ ڪجل
اکين مان وهي ويندو. اي بادلو! هن وقت نه وسو ڇو
ته سيان”محبوب“ گهر نه آهي.
ساڳيءَ طرح ڪيترن سنڌي شاعرن جو ڪلام بطور مثال جي هيٺ پيش ڪجي
ٿو. احمد علي عورت جي زبان ۾ محبوب سان هن طرح
مخاطب ٿئي ٿو.
آءٌ غلامن جي غلام سنڱ شراڪت منهنجي ناهي
آءٌ جتيءَ جي جوڙ ناهيان ڪيئن هڻا هم سر ڪلام
مثل منهنجي لک هزارين ڪن اڳيان سڄڻن سلام
اُت منهنجو مقدار ڇاهي
”منٺار فقير“:
آءٌ پوڄاري آهيان روز بندر جي تڙن
واوَ سڻاوا ٿيئڙا وڻجارا مان ورن
”امير علي“:
جانب جادو جوڙي هينئڙي ۾ وئين هڻي
ويس وڳا مون نه وڻن سرمان، سينڌ ڦڻي
روز نهاريان رت هاري نيڻي آهي ننڍڙي حرام
”سچل سرمست“
مئين جا هيس تيڏڙي تئين بنا ٻيو ڪجهه نهين
بات فنا في الله شيخ سچل تون سمجهائي هئي.
هاڻي اچون ٿا سنڌي شاعرن جي سرتاج شاهه عليه الرحمته جي ڪلام
تي. مٿي لکيل حقيقت اهڙي طرح ته چٽي ۽ صاف نظر
ايندي جو وري اميد ته مطالعه ۽ جستجو جي ضرورت ئي
ڪانه پوندي. ڇو ته شاهه وطن جي هر هڪ حقيقت کي
اهڙي طرح ته ڇنڊي ڇاڻي، توري تڪي، ڏسي وائسي ۽
سوچي سمجهي پيش ڪيوآهي جو ان ۾ مبالغو تر جيترو به
نه آهي. جيڪڏهن شاهه واري زماني جي تهذيب واخلاق،
رسم و رواج ۽ نشيب وفراز معلوم ڪرڻو هجي ته شاهه
جي رسالي جو مطالعوئي بس آهي. هي اظهرمن الشمس آهي
ته دنيا ۾ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون عورتون ٿي
گذريون آهن جي باڪمال چوڻ جي لائق ٿي سگهن ٿيون
مگر مرد ته هزارين ڪامل ومڪمل ٿي گذريا آهن. انهن
باڪمال بزرگن پاڻ کي ڪڏهن به عورت جي فطرت ۾ آڻڻ
جي ڪوشش نه ڪئي. مردانه همت ۽ مردانه استقلال
وغيره سان ئي رب سائين جو قرب حاصل ڪيائون. شاهه
جو رسالو به مرد جي تعريف سان جا بجا سينگاريل آهي
۽ سرن جا سر شاهد آهن. شاهه ته صاف صاف لفطن ۾
هندستاني عورت جا جذبات پيش ڪيا آهن نه پاڻ کي
عورت جي فطرت ۾ آڻڻ گهريو اٿس ۽ نه وري مرد کي گهٽ
سمجهي عورت کي برتر ڪيو اٿس.
ڇا شاهه جهڙو ڪامل ومڪمل مرد پاڻ کي عورت تصور ڪري؟
هي شاهه جي توهين نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ هي منهنجو اشارو ”سر
سامونڊي“ جي روحاني راز ۾ جيڪي مرحوم شاهواڻي لکيو
آهي ان ڏي به آهي. جيڪڏهن مرحوم زنده هجي ها ته
ساڻس ان بابت ڳالهائجي ها.
شاهه وٽ مرد مرد آهي ۽ عورت عورت – بلڪه مرد جو رتبو شاهه وٽ
عورت کان اعليٰ ترين آهي. ڇا هي بيت شاهه جو نه
آهي؟ جنهن ۾ مرد کي مرد جي حيثيت سان رهڻ جي تلقين
ڪري ٿو.
سرمون سياهيءَ جو رنن کي رهاءِ،
ڪافي ڪارائي جي مرد ٿي م پاءِ،
اکين ۾ اٽڪاءِ ڪا لالائي لالن جي
شاهه ”طالب الموليٰ مذڪر“ رهڻ جي تعليم ۽ حقيقت ڪهڙي نه سهڻي
سمجهاڻي سان پيش ٿو ڪري.
مونا طور سينا سندا سناسين
”طالب موليٰ“ مذڪر، اي ڪلام ڪيائون ڪن،
سکن کي سڀئين پرئين ٻجهي ڏنائون ٻن،
الف آديسن چونڊي رکيو چت ۾. |