سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :12

س: سنڌي ادبي بورڊ ”سرتيون“ رسالو ڪرڻ جو ڪڍڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي. ان جا ڪهڙا اثر مرتب ٿيندا؟

ج: مان چوان ٿي ته اها تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ سٺي ڳالهه آهي اسان کي ان تي فخر  ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ  ته ”سنڌي ادبي بورڊ“ جيڪڏهن ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن ڇپائي ٿو ته ان مان ايترو  فائدو نه ٿو پهچي، پر هي رسالو ڪڍندو ته اسان سنڌين کي شعور ملندو ۽ جيڪي ادبي ناليج ملندي. انهيءَ سان سنڌي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ٿيندي جنهن جي هن وقت سخت ضرورت آهي.

س: سنڌي عورت جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن مان ڪنهن جي خدمتن کي اوهان واکاڻيو ٿيون:؟

الف: سياست جي شعبي مان.

ب: علم، ادب جي شعبي مان.

ت: ثقافت، ريڊيو ۽ ٽي وي جي شعبن مان.

ث: تعليم جي شعبي مان.

ج: سياست ۾ اسان جي بينظير ڀٽو ڪافي آهي، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر اشرف عباسي، ڇاڪاڻ جو ان جيڪا جدوجهد ڪئي آهي جمهوريت جي لاءِ، ان کي وسارڻ نه گهرجي. ڇو ته هوءَ ڊاڪٽري جو پيشو ڇڏي سياست ۾ لڳي وئي. اها اسان لاءِ هڪ فخر جي ڳالهه آهي، ته اسان جي سنڌ جي عورت ۾ ايترو شعور آهي، جو پنهنجي حقن لاءِ پئسي جو خيال نه ٿي ڪري، پر سمجهي ٿي ته اسان جي سنڌي عورت ۾ سجاڳي تڏهن پيدا ٿيندي، جڏهن اها سياست ۾ ايندي ۽ انهن کي ڏسي مان سمجهان ٿي، ته اسان جي سنڌي عورت ۾ سياست جو شعور پيدا ٿيو آ. علم ادب ۾ اسان جي زينت چنا هئي، جنهن مارئي رسالو ڪڍيو. ان کي اسان وساري نٿا سگهون. اها انگريزي ۾ نه پڙهي هئي، پر سنڌي ادب سان اهڙو لڳاءُ هيس جو ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ٻهراڙي جي عورت به ڪنهن ڪم ۾ پوئتي نه آهي. اها وڏي همت جي ڳالهه هئي، تنهن کانپوءِ ثقافت ۾ مهتاب راشدي جيڪا شروع کان وٺي جڏهن ڪاليج ۾ هوندي هئي، تڏهن ئي ان ۾ اهي صلاحيتون هيون. پاڻ ڪاليج ۾ يونين جي سيڪريٽري هئي ۽ پريزيڊنٽ پڻ ٿي ۽ ڪاليج ۾ جيڪي ڊراما ٿيندا هئا انهن ۾ حصو وٺندي هئي. سڄي پاڪستان ۾ ڊبيٽ ڪرڻ لاءِ ويندي هئي، اهي صلاحيتون هن ۾ هيون، جو هينئر اوهان ڏٺو ته هو ڪيتري اڀري آئي آهي.

س: اوهان جي خيال ۾ اداري کي ڪهڙو رول ادا ڪرڻ گهرجي؟

ج: اهو ٻڌايم ته رڳو ڪتاب نه ڇپائي پر ڪوشش اها ڪري ته جيترو ٿي سگهي ته رڳو ادبي نه پر سائنسي ڄاڻ اسان جي ٻهراڙي جي ماڻهن کي پهچائي. ڇاڪاڻ جو اوهان پاڻ ڏسو، ته اردو ۾ ڪيترا رسالا ٿا نڪرن ۽ انهن جي مقابلي ۾ اسان جي سنڌ ۾ ڪيترا ٿا نڪرن ۽ اسان جا سنڌي گهڻو ڪري اردو پڙهندا آهن. سنڌي ڪونه پڙهندا آهن. ڇو جو، ان ۾ معياري ادب نه ٿو ملي. پر مان سمجهان ٿي ته سنڌي ادبي بورڊ ”هڪ معياري آرگنائيزيشن آهي ۽ اهو اهڙو ادب پيدا ڪندو، جو اسان جا سڀئي ماڻهو دلچسپي وٺندا ۽ شوق سان پڙهندا.

س: اوهان جي خيال ۾ ڪو اهڙو سوال جنهن لاءِ اوهان کي خواهش هجي ته اوهان کان پڇيو وڃي ۽ ان جو اوهان تفصيلي جواب ڏيو؟

ج: توهان سوال ته سڀ پڇي ڇڏيا آهن، منهنجي خيال ۾ ڪو اهڙو سوال نه بچيو آهي، جنهن جو جواب مون وٽ هجي.

س: آخر ۾ ڪو (Message) نيو جنريشن لاءِ؟

ج: پاڻ ۾ شعور پيدا ڪيو، جيڪي پنهنجون اڻپڙهيل ڀينر آهن، انهن ۾ علم ڦهلايو. انهن ۾ سجاڳي پيدا ڪيو ۽ انهن کي اهو ٻڌايو، ته اوهان جيڪڏهن پنهنجي ٻچن جي صحيح تعليم  و تربيت ڪنديون ته اسان جو آئيندو به سٺو ٿيندو. پاڻ ۾ اتحاد سان رهو محبت ۽ پيار سان رهو ۽ عورتن ۾ جيڪا عادت گلا جي ٿيندي آهي، ان عادت کي ڇڏين ته مان سمجهان ٿي هن وقت اهو خيال ڪنداسين ته اسان جي نيوجنريشن بهتر ٿيندي. جيئن ته هي وقت ڪامپيٽيشن جو آهي. جيڪڏهن، اسان جي ٻچن ۾ علم هوندو، شعور هوندو ته مان سمجهان ٿي ته آئيندا، اسان مقابلو ڪري سگهون ٿا نه ته حالتون جيڪي رهيون آهن. سي خاص نه رهيون آهن. .

عزيز ڪنگراڻي

بيت

سرتي! ٿي سجاڳ، سنڀاري سٿ،
لهي ويل وطن تان جي گڏجي ونڊين هٿ،
تون آن وڏي وٿ، انسانيت ۽ امن جي،
 

ريتن ۽ رسمن جا سڀ، زنگيل ڀڃ زنجير،
ناهين هاڻ حقيقر، آجائپ جي دؤر ۾.
 

دنيا اورانگهيو چنڊ، ٿي خود کي سمجهين ڪا نهلي!
جيون تنهنجو پيڙيو، غلاميءَ جي  جنڊ،
جاڳ ۾ توڙي ننڊ، ڇو مُهر چپن تي ماٺ جي؟
 

قسمت جڙي قوم جي ۽ بدلجي تقدير،
تون ئي روشن درسگاهه، تون آهين تدبير،
مهندار ۽ مهمير، پلجن تنهنجي گود ۾.
 

اومٺڙي منهنجي ڀيڻ، هو ڏس باک ڦٽي!
ڀون پئه پاڻ سان ڀائرن، گهوريان سارا سيڻ.
سهارو سرويچن جو ناهن ڀنل نيڻ،
سهين ڇوٿي ويڻ، ڀائر چاڙهي ڀيٽ تي.
 

ڪُٺا لک ڪروڙ، هاڻي ڪُسڻ ناهي ڪار،
دودا ڄڻ ڌوپار، ماڻن سدا سوڀ کي
 

ماءُ کاهوڙيءَ کير، پيتو تنهنجي جهول ۾
اٽل ڄڻ پهاڙ آ، ارڏو ڪيڏو امير،
ڪڏهن جهانگي جهنگل جو ڪڏهن سنڌؤ سير
بانڪو باضمير، نه لڙيو لالچ لوڀ ڏي
 

دک ڏسي نه دهلجي، ماءُ ڄڻيو ئي مُرڪڻو
ڀري هلڪي ڀيڙ ۾، هي هڏ نه آهي ڀُرڪڻو
رکيل رُڪ رڳن ۾، پڪو پيار پريتڻو
پورو پرڳڻو، ساراهي سپوت کي.
 

پيارين سُتي پاڻ، جي سرويچن کي سرت جي
سي ئي ڏڙهيندا ڏاڍ کي، جي چڙهيا سچ سراڻ
اکين ۾ آلاڻ، ته به سڌون من ”سوڀ جون.“

نجمه پنهور

غزل

دل ٿي چاهي اوهان جي نظر ۾ رهان،
سونهن جي، سچ جي مان اثر ۾ رهان.
مون کي ڪين گهر ڪوئي ٻيو ٿو کپي،
سدا تنهنجي دل جي ئي گهر ۾ رهان،
اهوئي منهنجي ڀاڳ لاءِ ڪافي آهي،
اوهان جي نظر جي سحر ۾ رهان،
مون کي منهنجون خاموشيون ڏاڍيون وڻيون،
اکيون وجهي گهر جي مان در ۾ رهان،
اها ڪهڙي سڏبي حياتي وري،
سڄو وقت پنهنجي اندر ۾ رهان،
”نجمه“ تنهنجون خوبيون کوڙ کوڙ،
انهيءَ جي ڳولا لاءِ سفر ۾ رهان.

سڄڻ علي گل ٻرڙو

چؤسٽو

رات ساري جاڳيو هيم،

درد ڪيڏو ڪاٽيو هيم،

چنڊ به اتان ئي لنگهيو،

رستو جهليو ساڳيو هيم.

* ڪهاڻي                                     زاهده گوپانگ

الله ايئن مَ هوءِ

گهر ۾ ماڻهن جو مکين جهڙو ميڙ متل هو. ”ٻارن جو رينگٽ ۽ زائفن جي هلڪي سس پس لڳي پئي هئي.“  پريان وڏن پاون واري نئين واڻيل کٽ تي ٽُڪ جي خوبصورت رلي وڇايل هئي ۽ ان جي سيرانديءَ کان ڀرت سان وهاڻي تي هو ٽيڪ ڏيون ويٺو هو. ”گهڙي گهڙي وڏين نانگ جي ڦڻ جهڙين مڇن تي هٿ تي ڦيرايائين“ رمونءَ پيرن کي زور ٿي ڏنس ۽ جوڻس ملوڪان، نئون نڪور رنگين وڃڻو هڻي رهي هيس. هر ڪنهن ٿي ان کٽ تي ويٺل ٽانڊن جهڙين ڳاڙهين اکين ۽ وڏين مڇن واري مرشد ڏانهن ٿي نهاريو ” شانل پريان ڪوٺي جي جاري مان اهو لقاءُ ڏسي رهي هئي. اڄوڪو ڏهاڙو اسان گنگهارن لاءِ ڀاڳ ڀريو چئبو، مرشد پاڻ اچي برڪت ڀريا پير گهمائي، ان کان وڌيڪ اسان گناهن سان ڳتيل انسانن کي ڇا کپي، رمون ڏاڍي ادب سان هڪ هڪ لفظ وات مان سنڀالي ٿي ڪڍيو کيس ڊپ هيس متان گستاخي نه ٿئي ۽ قيامت ڪاري ٿي نه پوي.”مرشد ٿڌو ساهه ڀري کٽ تي پاسو ورايو کٽ مرشد جو بار نه سهي چيڪٽ ڪرڻ لڳي، چوطرف موت جهڙي ماٺ ڇانئجي ويئي.“ مرشد گرجدار بيشڪ بيشڪ جا هوڪارا پئجي ويا. رمون جي زال ملوڪان ادب سان هٿ ٻڌي چيو: ”سائين تون اسان جو ابو آهين، تون پادر لاهي هڻندين ته به اکين تي“ اڪ کاڌي ڌيءَ ڪاڻ ڀلا قيامت ڪاري ڪبي ڇا. ماڻس جا لفظ پڙلا بڻجي شانل جي وجود جي هر حصي کي اذيت پهچائي رهيا هئا ڄڻ ڏڪڻي وٺي ويس دماغ کي ڀنوانٽيون اچڻ لڳس. ٽنگن مان  ساهه ڇڏائجي ويس، ٿڙڪندڙ قدمن سان وڃي کٽ تي ليٽي ڇو آخر ائين ڇو ٻڪر ٻوساٽ ڪري جيئري ئي اسان جي ڪنڌ تي ڪاتي وهائي پئي وڃي. اسانجن جذبن احساسن کي ڪٺو پيو وڃي.“ هوءَ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳي.

ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيس. ”ٻه گرم لڙڪ اکين جا بند ڀڃي ڳلن تان رڙهندا هن جي پوتي ۾ جذب ٿي ويا، کيس پڪ ٿي ته هنجي ارمانن جو خون ڪيو ويندو.“ ان خون تي نڪو احتجاج ٿيندو. نه عرش روئيندو ۽ نه وري ڌرتي ڌڏندي صرف هڪ نازڪ ناري اندر ئي اندر منجهه پئي جهرندي سڏڪندي ڪير به هن جي اندر جي احساسن کي پروڙي نه سگهندو. ٿيو به ائين مرشد آيو ڄڻ پٿر تي ليڪو اچي ويو. ۽ پوءِ ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ هن جي هٿن پيرن کي ميندي سان ڳاڙهو ڪري هن کي جانوءَ جي حوالي ڪيو ويو. جڏهن کان سانڀر ٿي هيس. تڏهن کان اکين منجهه کوڙ سارا سندر سپنا سجائي رکيا هئائين. انهن پنن منجهه هونئن هيڪلي نه هوندي هئي، پر هڪ سگهارو مضبوط سهارو سرهاڻ هن جي خوابن جو شهر ساڻ هوندو هيس”سرهاڻ سان ڪيڏي نه پريت هيس“ پر کن پل ۾ سمورا سپنا ڊانوان ڊول ٿي، موتين جي ٽٽل هار وانگي ٽڙي پکڙي ويا“ ٻين جي واتان جڏهن به سرهاڻ جو نانءُ ٻڌندي هئي ته سندس سڄو وجود ڪنهن اڻ لکي سڳنڌ منجهه وڪوڙجي ويندو هئس.“ سڄي سراپجي ويندي هئي، پر سمورا ارمان ريتن رسمن جي ڌوڙ ۾ لٽجي ويا.شانل جانو جي ڪنوار بڻجي ويئي.“ ٽي زالون اڳيئي هيس“ جيڪي ائين ئي شانل وانگي ڳاڙهو لال وڳو پائي اندر ۾ سوين ارمان سجائي آيون هيون.“ پر شايد مرد عورت کي ان ڇڳل پراڻي جتي وانگي سمجهي ٿو. جيڪا تمام گهڻو استعمال ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏبي آهي.

جانو مڇن کي ڪارو رنگ لڳائي سمجهندو هيو ته اڃا جانٺو جوان آهي.“ شانل کي ته جانو جي وجود کان ڪرڀ ايندي هئي. هن جو کلڻ، ڳالهائڻ،ا صل ڪين وڻندو هيس. پر مجبور رهي اندر ئي اندر منجهه کامندي پڄرندي به ڪڇي ڪين سگهي هئي.“ وقت کي ڄڻ ته پر لڳل هئا. جيڪو پنهنجي پوري رفتار سان اڳتي رڙهندو رهيو. شانل جي ڪک ۾ جيئرو جاڳندو وجود چرپر ڪرڻ لڳو. هونءَ  نئين وجود جي اچڻ تي خوشيءَ ٿي رهي هئي. ڇو ته هن جي هيڪلاين جو سهارو هن کي ملڻ وارو هو. مرڪ کي ڏسي تمام گهڻي خوشي هيس. پر کن پل کانپوءِ الائجي ڇو هڪ اڻ ڄاتل خوف منجهه وجود وڪوڙجي ويندو هئس.“ ايندڙ وقت جوگهرو گهاءُ اندر کي ڪپي ڪوري ڇڏيندو رهيس. نه  مرڪ جي قسمت جو فيصلو ڪو پير مير نه پر هوءَ پنهنجي قسمت جي پاڻ مالڪ هوندي، مان ئي کيس ننڍي لاڪون کان وٺي سجاڳي جي ستي پيئاريندس هن کي گذريل وقت ياد اچڻ لڳو؛ جيڏي مهل هن جو جانو سان وهانءِ ٿي ڪرايو ويو، هن ماءُ اڳيان تمام گهڻو رنو پٽيو ته گهٽو ڏيئي هٿن سان ماريو ڀلي – پر ان جهور پوڙهي جي حوالي نه ڪريو. ماڻس اوڏي مهل گهروڙي بجو ڏيندي چيو هيس، لک لعنت اٿئي پنهنجي قيامت ڪاري ٿي ڪرين.“ ڌيءَ ڌڻ تي ماٺ جي مهر لڳل هوندي آهي. ڪتي پويان لائي ڇڏجين ته به حياءَ واريون ڌيئرون ڪڇنديون ناهن. نه نه عورت به انسان آهي هن کي به حق آهي، پنهنجي زندگي جو فيصلو ڪرڻ جو. هن مرڪ جي معصوم چهري ۾ چتائي ڏٺو مرڪ جي چهري منجهه پنهنجو (شانل) جو چهرو نظر آيس، جيڪا اڳي واري ريتن رسمن اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ واري شانل نه پر رسمن رواجن جا ڪوڙا ڪوٽ ڪيرائڻ واري شانل هئي.“

*ڪهاڻي                                      فهميده بلوچ

 

منهنجو نالو

پياري سرتي.....!

توکي مون ڏٺو ناهي. پر توکي پياري چئي ڇڏيم. ان لاءِ ته تون منهنجي پيارن جي پياري ٿي پئي آهين.“ تو متعلق مون کي نواز ٻڌايو ته تون سندس زندگيءَ ۾ ڪهڙي نموني داخل ٿي چڪي آهين، زندگي به اها جيڪا خداکانپوءِ منهنجي امانت هئي.

مون کي پنهنجي ڪنن تي يقين ته نٿو اچي پر يقين ڪرڻو به پيو، ان لاءِ ته جنهن کي آئون دل جي سڀني سچائين سان چاهيو، ان تي مون کي ايمان آ ۽ ان جون چيل ڳالهيون ڪوڙيون ٿي نٿيون سگهن. ها ان ڪري به ته نواز مون سان ڪوڙڪڏهن نٿو ڳالهائي سگهي.“

اهو منهنجو ايمان آهي.

هڪ دفعي ڳالهين ۾ مون کيس چيو هئو ته نواز! جڏهن تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ ڪجهه به نه رهي ته مون سان منافقي نه ڪجانءِ.

سنئون سڌو ٻڌائي ڇڏجانءِ ته:

مون کي هاڻ تنهنجي ضرورت ڪانهي، ان لاءِ ته آئون هڪ حقيقت پسند..... آهيان.

وڌيڪ خوابن جي فريبي دنيا ۾ رهي پاڻ کي ڌوڪو نه ڏيندس، بلڪه پنهنجي زندگيءَ ۾  پيار ۽ قرب مون کي جيترو به مليو ان کي زندگيءَ جو سرمايو سمجهي، باقي حياتيءَ جا ڏينهن مايوسين ۽ نااميديءَ ۾ نه گهاريندس ۽ هاڻي جڏهن ته آئون اهڙي ئي سمي ۾ آهيان. تڏهن دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ توکي ئي لکان پئي. جڏهن ته اهوئي سڀ ڪجهه توکي نه لکڻ کپندو هوم.

سرتي! ته ٻڌ:

مون نواز جي نالي سان پيار ڪيو هو ۽ ان جي شخصيت نه دولت نه ئي ڪنهن ٻئي حيثيت سان، سندس نالو منهنجي شعور، لاشعور ۾ ائين اچي ويو، جو آئون مدهوش ٿي وئي هئس ۽ منهنجو پيار ان اکين واري انڌي جيان هئو – جيڪو اڳيان اونداهو کوهه ڏسي به ٿو، پر ان ۾ ٽپو ڏئي ٿو ته متان ئي اها سندس منزل هجي؟

مون به اهڙي کوهه ۾ ٽپو ڏنو ته اهائي منهنجي منزل اهي.

پر سرتي! ”منزل ته ملي ڪونه، پر بدنامي، شڪ جي ڦاهي، ڳچيءَ ۾ پئجي وئي. جا منهنجي بي انتها پيار ۽ قربانين ڏيڻ تي به لهي نه سگهي، اڃا سوڌو شڪ جي صليب تي ٽنگيل آهيان نه موت ٿو ملي نه حيات ٿي ماڻي سگهان.

سرتي!

وڏو فخر هيو پنهنجي انهيءَ انسان تي، جنهن مون کي منهنجي پيار جي موٽ ڏني هئي. اها موٽ اڄ  مون وٽ ناهي اها تنهنجي ملڪيت ٿي چڪي آهي. مون ته کيس پيار جو ساگر ڏنو هئو، پر..... اڄ تنهنجي قطري مان اُڃ لٿي اٿس، صدين جي ساٿ کي پندرهن ڏينهن جي تنهنجي رفاقت ختم ڪري سگهي ٿي؟

صدين جي مرڻ، گڏ جيئڻ جي اقرار کي صرف چند ڏينهن جي تنهنجي پيار ختم ڪيو. يقينن تون ڪا ساحره هوندينءَ؟

نه ته منهنجو سحر به ڪجهه گهٽ نه هئو.

سر تي!

اڄ مون تصويرکي فريم مان ڪڍي ڦٽو ڪيو.

مون خالي ڪري ڇڏي جاءِ تولاءِ.“

ڏس منهنجي طرف،

جنهن تصوير کي دل جي فريم مان ڪو ڪڍي روڊ تي اُڇلائي.

ايندڙ ويندڙ جي پيرن هيٺان چيڀاٽڻ لاءِ؛ ته اُن مورت کي فريم ۾ رکي ڇا ڪبو. مون صحيح ڪيو نه؟ مون پنهنجي تصوير کي هن جي دل ۾ رکڻ لاءِ ڪيئي پنهنجي رت سان رنگ ڀريا هئا.

ڪيئي زخم ۽ ڪيئي ستم جهليا هئا.

اُڄ اُهي سڀ رنگ گڏجي خوف ناڪ رنگ اختيار ڪري ويا آهن ۽ اُهي ئي رنگ مون کي ڊيڄارن ٿا، مون تي چٿرون ڪن ٿا. وقت وقت جي ڳالهه آهي، مون کي پنهنجي نصيب سان به ڪا شڪايت ناهي؟ شڪايت آهي ته حالتن سان جن منهنجي سچائيءَ جو ڪوبه ثبوت نه ڏنو.

اڄ وقت جو ساٿ توسان آهي تو نوازکي جهليو ڪنهن ڏانهن به اک کڻي نه ڏسُ.

پر سوچ ته سهي جن اکين ۾ منهنجي پيار جي جوت جليل هئي. سي اکيون مون ڏانهن ڪيئن نه نهارينديون، انسان ته هنڌ ڪڏهن سفر ۾ ئي ڪي گهڙيون ڪي لمحا گڏجي ٿو ته سو به انهن گهڙين کي ياد ڪري ٿو، ڪن چڱاين سبب، پر هن جو ته مون سان جنم جنم جو ساٿ هئو، لڳندو هئو ته اسان ٻئي اڳئين جنم ۾ به گڏ هئاسين، اسان جو رشتو ازل کان ڳنڍيل هئو.

سرتي! تون نه صرف نواز جي نئين نڪوري دوست آهين، پر ان سان گڏ هڪ ماءُ به آهين تنهنجي سيني ۾ به يقينن هڪ درد مند دل هوندي؟

پوءِ تو ڇو منهنجي حق تلفي ڪئي؟ جڏهن ته حق تلفي اڳئي ئي ايتري ٿي چڪي هئي، جو ٻئي ڪنهن ظلم جو سوال ئي نه پيو پيدا ٿئي.

سرتي!

مون ته حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن کي به نه رنجايو هئو، پوءِ مون کي ڇو رنجايو پيو وڃي.

منهنجي روح کي ڇو ٿو هر دؤر ۾ هر جوڻ ۾ چيڀاٽيو وڃي؟

نواز قانونن تنهنجو ڪهڙي به حالت ۾ ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته هو اڳئي هڪ وڏي قانون ۾ ڦاٿل آهي.

اهڙي ظلمن هوندي به منهنجو کيس قبولڻ ڪا گهٽ معنيٰ ته رکندڙ نه هئو.

ڇا تون هٿن سان ڪنهن ٻئي جي سپرد ڪري سگهندي؟ نه ...... ڪڏهن به نه .....؟

ها بلڪل صحيح دادي.... منهنجي لفظن جي تائيد ڪندي سارنگ وري شروع ٿيو.

دادي هن صديءَ ۾ خلوص بنا طلب جي ملي سگهي ٿو ته صرف تو وٽان.

چريا اهو ته تنهنجو پيار آهي نه ته مان ڪجهه به ناهيان. شايد سارنگ مون کي وڌيڪ اُداس ڏسڻ نٿي چاهيو.

ڳالهه مٽائيندي چوڻ لڳو.

”دادي گهڻن ڏينهن کان ڀائو نواز ڪونه ڏسڻ ۾آيو آهي؟

ڀريل ته اڳي ئي هئس ويتر نواز جو نالو ٻڌي ڇُلڪي پيس.

ڪجهه ساعت کانپوءِ مون چيو.

سارنگ هڪ ڳالهه پڇان؟

دادي هڪ نه هڪ هزار پڇ،تون مون کي ايترو ڇو ڀائيندو آهين، ڇا سمجهي پيار ڪندوآهين؟ دادي ان ڳالهه تي پريشان ٿي آهين ته ٻڌ،

”آئون توکي گيتا کان به وڌيڪ سمجهي پيار ڪندو آهيان دادي آئون سادو سٻاجهو ڳوٺاڻو سنڌي آهيان، گيتا کي ته سمجهي نٿو سگهان، پر تنهنجي پيار ڀريون ڳالهيون دڙڪا سڀ سمجهي ويندو آهيان، تڏهن ته پيار ڪندو آهيان. دادا کان به وڌيڪ.“

پوءِ نواز منهنجون ڳالهيون ڇو نٿو سمجهي سگهي؟

سارنگ هيڏانهن ڏس منهنجي هٿن جي ترين کي، اڇيون لڳيون پيون آهن، هن تي نواز جي نالي جي ميندي ته ڪانه لڳي، پر نواز جو نالو اُڪريل هئو، سارنگ ڏس! نواز منهنجو نالو کسي ڪنهن ٻئي جي نالي سان پنهنجو نالو ڳنڍيون اٿائين.

ڏس! سارنگ منهنجا هٿ خالي آهن..... چوڻ لڳو! بس دادي بس ڪر، خدا ڪارڻ بس ڪر....آئون روئيندو ڏسي نه سگهندو آهيان.“

ننڍڙي سارنگ ائين چئي منهنجي هٿ مان پين کسي الائي جي ڪيئن پنهنجي آڱر ۾ هنيائين، سنهڙي رت جي ڦوهار......

دادي! ”هٿ کول جلد ڪر ۽ اکيون ٻوٽ مان تنهنجو نالو توکي آڻي ٿو ڏيان.“

۽ جڏهن مون اکيون کوليون ته سارنگ جي رت سان منهنجي هٿ جي اڇيءَ تري تي  لکيل هئو.

”پيار جو ساگر“

سارنگ! مون جذبات ۾ سارنگ جي پيشانيءَ تي مٺي ڏني.“

چوڻ لڳو.

ها دادي تون پيار جو مهاساگر آهين.

پيار جو ڀريل مٽ

مذهبن کان پري، هر انسان لاءِ ڀائو نواز به ضرور ايندو.... ضرور ايندو.....

سرتي!

ننڍڙي سارنگ جي ڳالهين دل ۾ آس وجهي ڇڏي آهي، مون کي ائين ٿو لڳي ته نواز رستو ڀلجي پيو آهي ۽ واٽ جي ڳولها ۾ تو وٽ ٿڪجي ساهه پٽڻ لاءِ ڪا گهڙي ترسيو آهي ۽ بس.

هڪ دفعي ڳالهين ۾ مون نواز کي چيو: ”نواز هي ڏس منهنجا هٿ خالي آهن، هنن تي ميندي لڳندي ته تنهنجي نالي جي، نه ته سڄي زندگي خالي ۽ اڇا هوندا؟“

نواز اکين ۾ ڳوڙها آڻيندي، منهنجي هٿن جي اڇين ترين کي چمندي چيو هئائين.

”خوشبوءِ ويساهه ڪر هنن هٿن تي منهنجي نالي جي ميندي لڳندي، هي هٿ منهنجا آهن.“

سُرهي ٿيندي پنهنجو ڪنڌ سندس ڪشادي ڇاتي تي لاڙي ڇڏيم، ها نواز! ”هي هٿ تنهنجا آهن صرف تنهنجا.“

پوءِ ڪيڏو نه سُرها ٿيا هئاسون، ٻئي اچانڪ وقت جو چرکو منهنجي خلاف ڦري بيٺو ۽ نواز جي بزدلي نواز کي مون کان پري ڪري ڇڏيو. نواز جي سوشل اسٽيٽس (Social Status) منهنجي پيار جي ڀيٽا ورتي.

اهو به مون لاءِ ڪنهن موت ۽ قيامت کان گهٽ نه هئو، پر تڏهن به مون کي اهو يقين هئو ته نواز جي دل ۾ منهنجي پيار جي جوت آهي، منهنجي خوشبوءَ جو واسُ سندس رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، نواز مادي طورتي منهنجو ٿي نه سگهيو ته ڇا آهي روحاني طور تي اسان هڪ آهيون.

اسان جي دلين جون ڌڙڪنون هڪ ٻئي جي دم سان آهن.

اهوئي سوچي ماضيءَ جا ڏک وساري سندس نالي جي ياد سان پنهنجي دل جي دنيا آباد ڪري ويٺي هئس.

اڄ منهنجو اهو سڪون، مان ۽ ڀرم تنهنجي نالي ڀڃي ڀوري ڇڏيو.

هاڻي سوچيان ٿي اُهو نواز ڪٿان ڳولهيان جيڪو زماني جي حالتن ۽ جهالتن جي گردشن ۾ گم ٿي ويو آهي مون کان.“

توکي هي خط لکان پئي ته سارنگ آيو

منهنجي اکين ۾ پاڻي ڏسي کلڻ لڳو،

پڇيومانس. ”کلين ٿو سارنگ“

چوڻ لڳو ”اڄ ساگر اُٿل کاڌي آهي.“

موسميات کاتي جي اڳ ڪٿي

”ضرور ٻوڏ ايندي؟

مون زوري چپن تي مرڪ آڻيندي پڇيومانس.

”ماني کائيندين.“

سارنگ پاڙي جي پوڙهي ٽپاليءَ اتم جو پٽ آهي. ماءُ ڪونهيس چوڻ لڳو ”نه دادي اڄ دل ٿي چوي ته ساگر کي وهندو ڏسان.“

دادي تنهنجون بادامي اکيون ڪيڏيون نه چمڪن ٿيون ائين، جيئن مينهن وسڻ کانپوءِ آسمان اُجرو ۽ شفاف لڳندو آهي.

جيئن وڻ ڌوپجي ساوا لڳندا ۽ جيئن سنڌڙيءَ جا ڀڳل سڳل روڊ ڌوپجي اُجرا....

”بس ڪر سارنگ بس ڪر پنهنجو فلسفو“ مون مرڪي چيو: سارنگ مڙيو ڪونه وري چوڻ لڳو. هڪ ڳالهه پڇان دادي؟

مون چيو: ”پڇ“

دادي تون ايڏي مخلص ڇو آهين؟ پنهنجن سان پراون سان، دشمنن سان ۽ مون جملو ڪٽيندي چيو ”دوستن سان.“

صائمه جعفري

هڪ تاثر

ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو دارومدار تعليم تي هوندو آهي. ڪابه قوم تيسين ترقي نٿي ڪري سگهي. جيسين ان قوم جي عورت تعليم نه ٿي حاصل ڪري. منهنجو مطلب تعليم سان رڳو ڪتابي تعليم نه پر اها تعليم آهي جيڪا علم سان گڏ سٺي تفريح به مهيا ڪري، جيڪو ڪم قلم ڪري ٿو سگهي اهو ڪم بندوق نه ٿي ڪري سگهي. سوچ جي اظهار جو قلم هڪ بهترين طريقو آهي. ان قلم کي جيڪڏهن ڪو اظهار لاءِ صحت مند پليٽ فارم به ملي ته پوءِ واه واه..... يقينن ”سرتيون“ هڪ صحتمند پليٽ فارم ثابت ٿيندو. اهو زمانو هاڻي ختم ٿي ويو آهي جڏهن قلم تي پابندي هئي. هاڻي جڏهن ته پابنديون ٽٽي پيون آهن ۽ جمهوريت (ڀل انڌي ئي سهي) جو دور آهي ”سرتيون“ جي سخت ضرورت هئي جو نياڻين کي اظهار جو هڪ صحتمند ذريعو مهيا ٿي پوي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com