سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :8

ڏس اڄ تون ناهين ته مان ڪيڏو نه خوش آهيان توکي ياد  هوندو ته توسان گذاريل هڪ شام  مون کي ڏاڍي مهانگي پئي هئي. مون کي منهنجي چاچي توسان ڳالهيون ڪندي ڏسي ورتو هو، منهنجو چاچو چپ چاپ اتان هليو ويو هو پر جڏهن مان گهر آيس ته چاچا جي چهري جي خاموش ڪاوڙ مون کي کائڻ لاءِ ٿي آئي، مان سندس منهن کي ڏسي نه ٿي سگهيس، حالانڪ مان پنهنجي دل ۾ بي خوف هيس پر پوءِ به چاچا جي ڪاوڙ مون کان ڏٺي نه ٿي ۽ مطمئن هوندي به مان چاچا کي ڪجهه(EXPLAIN) نه ڪري سگهيس ۽ نه ئي ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، آخر ڪيان به ڇو مون اهڙي ڪا خراب ڳالهه ته نه ڪئي هئي، پر سماج جي هن غلط سيٽ اپ موجب مان غلط هيس. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي.

مون کي ائين لڳندو آهي ته منهنجي نيچر هن ماحول کان بلڪل مختلف آهي، مان هن دنيا ۾ صفا فٽ ناهيان، مون کي هن جڳ ۾ جنم ئي نه وٺڻ گهرجي ها، پر مون نه پنهنجي مرضيءَ سان هن جڳ ۾ جنم ورتو آهي ۽ نه ئي مرضيءَ سان هي نيچر ورتي اٿم. منهنجي خاندان ۾ ڪو ته مون جهڙو هوندو جنهن مون کي اهڙا (CHARACTER) ٽرانسفر ڪيا هوندا پر مون کي پڪ آهي ته اهو ڪو ڇوڪرو هوندو ۽ ان ايترو نه ڀوڳيو هوندو پر مون کي ته هڪ ڇوڪري جي حيثيت سان هنن هٿ ٺوڪين روايتن جو زهر آخري دم تائين پيئڻو آهي.

گهر وارن جي ڪاوڙ جي باوجود به مان هر مهيني جي پهرين ۽ آخري خميس ماڻهن جي انبوهه ۾ ماڻهن جا چهرا تڪيندي گذاريندي هيس. ماڻهن جا درد انهن نينگرين جي نيڻن جا نير مون کي سڀ پنهنجا دک درد لڳندا هئا. مون ڪڏهن سک جو گيت ناهي ٻڌو  منهنجو ته هميشھ دک جي سنگيت سان ناتو رهيو آهي. تنهنجي منهنجي نيچر ۾ وڏو فرق هو ۽ اهوئي سبب هو جو تو مون سان پيار جي باوجود ڪا ايڊجسٽمينٽ نه ڪري سگهئين ۽ تنهنجو مون کان بيزار ٿي هليو وڃڻ جو سبب به اهوئي هو. تون هليو وئين، ڏاڍن سادن لفظن سان رخصت ٿيو هئين جيڪي مون کي اڄ به ياد آهن. ”مان نٿو چاهيان ته اسان هڪ ٻئي کان بيزار ٿي الڳ ٿيون، مان وڃان ٿو.“ ها اهي ئي لفظ هيا ۽ ان ويل مون ڏاڍو پڇتايو هو ته توسان منهنجي واقفيت ڇو ٿي آخر مان توسان مليس ڇو؟ شايد اهو پڇتاءُ مون کان سڄي ڄمار نه ويندو پر تنهنجي وڃڻ کانپوءِ مون پنهنجو پاڻ کي ڏاڍو سک ۾ ڀانيو. ائين ئي لڳو ڄڻ منهنجي مٿي تان مڻ بار جا لهي ويا هجن ۽ مان آزاد ٿي پئي هجان اڄ به مان پنهنجي عادت موجب مهيني جي پهرين ۽ آخري خميس جي شام ان پٿر تي ئي گذاريندي آهيان ماڻهن جا چهرا تڪيندي تڪيندي.

لعل بخش ڪلهوڙو

وائي

هي خود غرض دنيا، هي خود غرض ماڻهو،

سچايون نه ڄاڻن وفائون نه ڄاڻن.

پنهنجن ئي جذبن، امنگن جي ڪارڻ،

گهٽي ساهه سچ جو، پيا موج ماڻن.

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

 

اسان تن کي هر ويل ساهن ۾ سانڍيون،

پر هو اسان کي ٿا نادان ڄاڻن.

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

 

اسان جن لئي دل جا پيا ديپ ٻاريون،

اهي ئي دلين جا جهڳا پيا اجاڙين.

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

جن به اسان کي آ، هر ويل ماريو،

ڏيون ٿا دعائون خوشيون خوب ماڻن.

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

 

جن جي هجڻ سان آ، سندر هي دنيا،

پري ٿا وڃون اڄ انهن جي ئي ڪارڻ،

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

 

دلين جي ويراني نه سمجهي سگهيا جي ،

سي گلڙن جي جهرمٽ ۾ گل ٿي گذارين.

سچايون نه ڄاڻن

وفائون نه ڄاڻن

هرجي لعل سيجو

غزل

پيچ پريت جو پائين ڇو ٿي،
گهورن سان تون گهائين ڇو ٿي.
 

مان ته مسافر پرديسي هڪ،
پنهنجو پاڻ رلائين ڇو ٿي.
 

ڇانو ڇڏي تون ڇا لاءِ پياري،
پنهنجي جان جلانين ڇو ٿي.
 

مرڪي مرڪي مون ڏي ڏسين ٿي،
پوءِ وري شرمائين ڇو ٿي.
 

نيڻ – نگر ۾ بادل بڻجي،
بوندون تون برسائين ڇو ٿي.
 

عشق اٿئي هي آگ پياري،
لونءَ لونءَ منجهه لڳائين ڇو ٿي.
 

سامهون ڏسي تون ”سيجوءَ“ کي،
پنهنجو ڪنڌ جهڪائين ڇو ٿي.

عريز گوپانگ

غزل

آگم آگم سانوري،
رم جهم رم جهم سانوري.
 

بسنت رت ۾ ڇا لاءِ.
گم سم گم سم سانوري.
 

مون کي ياد رهي ٿي،
هردم هردم سانوري.
 

خوابن ۾ ايندي آ،
ڇم ڇم ڇم ڇم سانوري.
 

دل جي گهر ۾ جرڪي،
ٽم ٽم ٽم ٽم سانوري.
 

پٿر بڻائي ويئي آ،
طلسم طلسم سانوري.
 

نانڪ

ڪومايل گلاب

جنهن ڏينهن مون

تنهنجي پورٽريٽ مٿان

ڪارا ليڪا پائي

ڦاڙي ڇڏيو

۽ ڪمري ۾ پيل

سونهن جي ديويءَ جو

اسٽيچيو ڀڃي

ڀور ڪري ڇڏيو

تنهن ڏينهن کان

منهنجي ٽيبل تي رکيل

نظمن لاءِ ڪاڳر

خالي ئي رهجي ويا

آهن ۽

ڪونڊيءَ ۾ ڪومايل

گلاب

وڌي ويا آهن!!

۽ روزانو

خوشبو شهيد ٿيندي رهي ٿي.

منظور قادر

ٽيڙو

پنج جريب ٻني

پوڙهو ڏئي پرڻيو

سورنهن سالي وَني.

 

ٻوڙا ڙِي ٻوڙا

سنڌوءَ ۾ پاڻي ناهه

سنڌياڻين جا ڳوڙها!

 

آيون ڙي آيون

ڪري دلا ڪڇن تي

پاڻياريون مائيون

 

دُکن جي کوري

جيجل تنهنجي جيءَ کان

جدا ٿي نوري

 

نماڻي نوري

سينو ساهي بندوق سان

پوءِ اک پوري

* مضمون

بيگم عزت حبيب صديقي

هن مضمون ۾ هڪ باشعور ۽ سگهڙ گهرڌياڻيءَ جي زندگيءَ جو حال احوال سندس ئي هٿ سان لکيل پيش ڪري رهيا آهيون، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ٻيون گهرڌياڻيون به پنهنجي زندگيءَ جا تجربا ۽ حال احوال سادي سودي ٻوليءَ ۾ لکي اسان کي موڪلين ته اهي بخوبي شايع ڪيا ويندا، وڌيڪ اهڙين لکڻين جي باري ۾ پڙهندڙن کي پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ پڻ گذارش ڪجي ٿي.

(ادارو)

ننڍپڻ جو احوال

منهنجو بابو انڪمبرڊيڊ اسٽيٽ ۾ سپروائيزر هو. اسان جي بابي ٻه شاديون ڪيون هيون. وڏي امان، اسان جي ماءُ کي ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ۽ ننڍيءَ امان کي ٽي اديون ۽ هڪ ڀاءُ هو.پر اسان کي اها خبر نه هئي ته اسان ٻن مائرن جو اولاد آهيون. اسان جو بابو تمام فضيلت ۽ اخلاق وارو ماڻهو هو. جڏهن مان ستن سالن جي هيس تڏهن مون کي جيجي پاڻ سان گڏ ڪنهن ڳوٺ ۾ وٺي وئي هئي، اها جيجي ڪير هئي؟ اها جيجي منهنجي مامي جي گهر واري هئي. منهنجي بابي انهن کي ڀيڻ ڪيو هو. انهيءَ کي اسان سڀ جيجي چوندا هئاسين. اها ويچاري  بي اولادڻ هئي. اسان سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي، ناري جو هڪڙو ڳوٺ هئو، اتي جيجيءَ جا ناناڻا هئا سو مون کي وٺي وئي. جيڪو جيجي جو ڀيڻيويو هو سو بابي جو مامون هو. جيجي جي ڀيڻ ناناڻي آئي بابي کي پنهنجي مامي دعوت ڏئي گهرايو. اتي جتي، پاڻ رهيل هئا، بابو امان ننڍي کي وٺي آيو جيجي مون کي تيار ڪري ويهاريو. بابو جڏهن اتي پهتو تڏهن امان ننڍي کي چيائين ته هيءَ اٿئي امڙ منهنجي، انهي ڪري جو بابي سائينءَ جي امڙ جو نالو مون تي رکيل هو، اتيئي ويڙهو هو، گهر گڏ هئا. مان به گڏجي ويس، گهڙي ۾ منجيءَ تي چڙهيس ۽ منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي بابو ڏاڍو پريشان ٿي ويو پوءِ اتان جيجيءَ جو هڪڙو ماسات ڦلجي وٺي ويو امان جا ناناڻا هئا، اتي وڃي امان جي مامي کي چيائين اهو ڪنڀر کي وٺي آيو. نيٺ ٻانهن ڳنڍجي وئي، بابي کي ڏاڍي تڪليف ٿي مان به ستن اٺن سالن جي هيس، ڪچڙو هڏ هو ٺيڪ ٿي ويس: اتان وري منهنجي بابي مامي وڏي کي چيو امڙ کي ڳوٺ پاٽ وٺي وڃو، مان به پهچي ويندس. مامون مون کي وٺي آيو ڳوٺ. پٽو ته ٽن ڏينهن بعد کلڻو هو پوءِ اتي اسان جي پاٽ جي ڀرسان مٺي واهڻ ڳوٺ مان هڪ ڪنڀر آندائون، جنهن پٽو کوليو انهي وري ٻيو پٽو چاڙهيو انهيءَ تي الله جي مهربانيءَ سان ٻانهن ٺيڪ ٿي وئي. منهنجو ڏاڏو سائين وڏو  قابل حڪيم هو. انهيء وري مون سان وڏي مهرباني ڪري منهنجي لاءِ اڍائي سيريءَ ۾ ڪڙو ۽ پنج سيري ڪڙو لُهر کان وجهرائي روز صبح شام جو چوندو هو. امان اهو کڻي اچ وڃ ڪر ته ٻانهن ٺيڪ ٿي ويندي، پوءِ الله سائين ڏاڏي کي جنت نصيب ڪندو، ائين چوندو هو ته نياڻيءَ کي عيب نه ٿئي. هاڻي مان ٺيڪ ٿي ويس ۽ پوءِ وري منهنجي امان ننڍيءَ کي اول منهنجون ڀينرون ڄائيون پوءِ وري هڪڙو ڀاءُ جنهن تي نالو ڏاڏي جو (عبداللطيف) رکيوسين اهو مون نياپو. اسان زندگيءَ ائين گذاري ڄڻ هڪ ماءُ جو اولاد آهيون پوءِ منهنجو بابو سائين، وري ساڳئي کاتي ۾ انسپيڪٽر ٿيو ميرپورخاص ۾ منهنجو مڙس سڱ ۾ منهنجو سائوٽي سوٽ ٿئي. اهو به اسان وٽ ميرپور ۾ رهندو هو. ان وقت مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو. منهنجي سوٽ به هئي. منهنجي سوٽ جو سڱ منهنجي چاچي کي ڏنائون ۽ منهنجو سڱ سئوٽ سان ٿيو. شاديون خير سان ٿيون. منهنجو ساهرو گهر به عاليشان هو. پر ماڻهن نه رهڻ ڪري خراب ٿي ويو هئو؛ تنهنڪري في الحال اسان بابا وارن وٽ رهندا هئاسين، اتي خير سان ايترو رهياسين جو اسان کي وڏو پٽ ڄائو جنهن تي نالو پنهنجي ڏاڏي سائين جو رکيوسين (ڪريم بخش) پوءِ وري اسان سوچيو ته اسان پنهنجو گهر وسايون. اسان جو گهر ڪجهه ڊهي ويو هو، انهيءَ کي ٺهرايوسين نيٺ چيم ڪيترو پيڪن ۾ رهندس. اتي منهنجي مڙس کي خير سان پاٽ ۾ نوڪري ملي. ماستري پرائيويٽ سو پنهنجي جفاڪشين سان ڪيائين اسڪول ۾ ٻيا ماستر به هئا، انهيءَ کي ٻارن کان فيون وٺي پگهارون ڏيندا هيا، هن کي شروع ۾ پگهار ڪانه ملندي هئي پر سال کانپوءِ پگهار کنيائين. سو به نوانوي يا سئو رپيا. ٻيو ته منهنجا ماروٽ غريب انهن جون فيون ڏئي ڇڏيندو هو. اسان کي به ٻار ڄائو ٻيو پيٽ ۾ هو وقت گذرندو  ويو خير جو مان پنهنجي مڙس ان گهپي نه ڪندي هئس الله حياتي ڏئيس مان نه چوندي هيس ته ڪو تون پئسا ڪمائي مون کي آڻي ڇو نه ٿو ڏين، گهپي خراب ڳالهه آهي وقت گذرندو  ويو. هر وقت کلندي گذاريندي هئس. سڀ ڪجهه پاڻ ئي  ٿيو. گهر ۾ وقت سٺو  پيو گذرندو هو. ٻچا به خير سان ايندا ويا پوءِ ضرورت به وڌندي وئي ۽ منهنجي گهر واري  بي ٽي  پاس ڪئي. خير سان جڏهن فضل ڪريم نالي سان ٽيون نمبر پٽ ڄائو تڏهن پڻس سيوهڻ جو بيٽ آفيسر ٿيو، خير پوءِ واڌارو ايندو ويو پر مان هر عورت کي سبق سيکاريندس ته مڙس سان ڪروڌ نه ڪجي. مڙس سان مڙس ٿي منهن ڏجي. سڪون برباد نه ڪجي مون گهڻيون ئي زالون ڏٺيون آهن. مڙس ٿڪل ٽٽل اڃان ٻاهران اچي ويهي مس ته وٺي جهان پر جون ڳالهيون شروع ڪن، هي به ڪونهي هو به ڪونهي.  ماني مڙس اڳيان رکي پوءِ سندس سڪون برباد ڪرڻو ٿيو. مون سڄي عمر گذاري ائين نه ڪيم پاڻ همت افزائي ڪيم ۽ چوندي هئس ته پڙهي امتحان ڏي مان توکي ڪوبه ذهن تي بوجهه وجهڻ نه ٿي چاهيان. مان اخبارن، رسالن ۾ پڙهندي رهندي آهيان ته زال مڙس سان ڪاوڙي، مڙس زال سان ڪاوڙيو هيئن ٿيو هونئين ٿيو سو گهر برباد ٿي ويو. ائين نه ڪرڻ کپي. فرض ڪريو زال مڙس جي هڪ ٻئي سان طبيعت نه ٿي ملي پوءِ مڙس کي جيڪا ڳالهه نه وڻندي اها سايو ڪري زال ڪندي، هڪٻئي جي ابتڙ ٿي پوندو پوءِ اهو به وڏو مسئلو ٿيو پوي ۽ ائين گهر جنت مان دوزخ ٿيو پون. مان سڀني ڀينرن، نياڻين کي هدايت ٿي ڪريان اها سٺي ڳالهه نه آهي، ائين ڪرڻ سان ماڻهو برباد ٿي ويندو  ائين نه ڪرڻ گهرجي. پاڻ ۾ سهپ جو مادو رکجي، ائين ڪرڻ سان دنيا ۾ ماڻهو جيڪي ڏينهن رهندو سي سٺا گذري ويندا. هاڻي الله سائينءَ جي مهرباني آهي ته منهنجو مڙس ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر آهي. هينئر سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ آهي. منهنجو وڏو پٽ ڪراچي ۾ ٽيڪنيڪل ٽريننگ جو پرنسپال آهي ۽ منهنجو ٻيو پٽ نئين روشني جو سپروائيزر هو. هينئر سي اي ايس لاءِ اميدوار آهي ٽيون نمبر نمبر ڪامرس ٽيچر آهي. چوٿون پٽ انجنئيرنگ پڙهي ٿو پنجون به پڙهندو آهي. مون  کي خير سان پنج پٽ چار نياڻيون آهن ٻه منهنجون نياڻيون ٽيچر آهن ٻه ننڍيون مئٽرڪ ۾ آهن. الله سائين جو شڪر آهي وري به مان اها راءِ ڏيندس ته وڏن جو ادب ڪجي اهڙو اکر نه ڪڍجي جنهن مان وڏن کي ڏک ٿئي. ڪا پٽ ڏئي ڇڏي پاڻ ۾ سهپ جي طاقت رکجي انهي جو نتيجو تمام سٺو نڪرندو منهنجو سهرو هوندو هو  ڪڏهن مان انهي کي غلط جواب نه ڏيندي هيس. وڏو ڀلي چوي دعائون ٿي لڳنديون. مون کي پنهنجي وڏن جون دعائون آهن مون کي بابو سائين ڏاڍيون دعائون ڪندو هو. انسان پاڻ ۾ سهپ جو مادو رکي انهيءَ جو ڦل مٺو  آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com