سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :14

قديمي عربن ۽ يهودين ۾ ڪثير الازواج ياگهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج کان علاوه هڪ ٻيو رواج به هو جنهن مطابق هو مشروط ۽ عارضي شاديون ڪندا هئا اهڙن ڦلهڙن اخلاقي وهمن جي تشڪيل تباهه ڪن ڪردار ادا ڪيو.

محمد ﷺ جيڪي اصلاحات نافذ ڪيا، اُنهن عورتن جي حيثيت ۾ هڪ وسيع ۽ نمايان بهتري پيدا ڪئي (ان وقت) يهودين توڻي غيرصحرائي عربن ۾ عورتن جي حالت انتهائي خراب هئي. هڪ هيبريو (يهودي) ڇوڪري خود پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ به هڪ نوڪرياڻي جي حيثيت ۾ رهندي هئي. سندس پيءُ صغيريءَ جي حالت ۾ هن کي وڪڻي سگهيو ٿي. پر جي هو مري وڃي ته سندس پُٽَ هن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق نيڪال ڪري سگهيا ٿي. پٽن جي موجودگيءَ ۾ ڌيئر لاوارث هيون. (کين پيءُ جي ملڪيت مان ڪوبه حصو نه ملندو هو.)

مستقل آباد عرب بت پرست، پاڙيسري شهنشاهيتن جي بدڪار ۽ (ڦنڊين) (بي ثمر) تهذيبن کان متاثر  ٿيل هئا. اُنهن ۾ عورت جي حيثيت محض مال اسباب جي برابر هئي. هوءَ پنهنجي مڙس يا پيءُ جي ڇڏيل ورتي جو هڪ اٽوٽ حصو هئي ۽ (مري ويل) ماڻهوءَ جون رنڙون سندس پٽ يا پٽن جي حصي ۾ اهڙي طرح اينديون هيون جهڙي طرح پيءَ جي ڇڏيل ٻي ملڪيت ورهائي ويندي هئي. اهڙي طرح ويڳين مائن ۽ پٽن جي وچ ۾ شاديون ٿيون جيڪي بعد ۾ اسلام ممنوع قرار ڏنيون ۽ انهن کي نڪاح الميکة (شرمناڪ شاديون) جي نالي سان ننديو ويو. يمن جي نيم يهودي ۽ نيم صبائي قبيلن ۾ ته گهڻن مڙسن ڪرڻ جو رواج هو.

حضرت اسماعيل عليه السلام کان اڳ جي عربن عورتن کان نفرت کي انهيءَ حد تائين پهچايو جو هنن پنهنجي ڌيئرن مان ڪيترين کي زنده دفن ڪري ماري ڇڏيو. هي خوفناڪ رواج سڀني کان وڌيڪ ”قريش“ ۽ ”ڪنده“ جي قبيلن ۾ موجود هو.

محمد ﷺ انهيءَ رواج کي نهايت دلسوز لفظن ۾ ننديو ۽ سخت سزائن جو ڊپ ڏئي  انهي کان منع فرمائي ٻي هڪ غيرانساني رسم، جيڪي هي قبيلا ٻين قديم قبيلن  وانگر ادا ڪندا هئا، اها هيءَ هئي جو پنهنجي ديوتائن اڳيان اولاد جي قرباني پيش ڪندا هئا. انهيءَ رسم کان به سختيءَ سان منع فرمائي وئي.

ايراني ۽ بزنظيني شهنشاهيتن اندر سماج ۾ عورت کي بيحد نيچ نظر سان ڏٺو ويندو هو. اُنهن مذهبي جنونين جن کي بعد ۾ ڪليسائي ڪتابن ۾ ساڌن (Saints) جو درجو ڏنو ويو، تن عورتن جي خلاف پرچار ڪيو ۽ سندن بداخلاقي زيادتين ۽ خلاف ورزين جي گلا ڪئي. کين اها خبر نه هئي ته جيڪي به خرابيون هنن کي عورتن ۾ نظر اچي رهيون هيون سي خود سندن سائيءَ ورتل ذهنن جي پيداوار هيون. ان وقت جڏهن هر طرف سماجي شيرازو وکري ذرا ذرا ٿي رهيو هو، جڏهن اهو سڀ ڪجهه جنهن سماج کي يڪجا رکيو هو سو ٽٽي رهيو هو، جڏهن چوطرف اهو آواز هو ته تجربي جي تارازيءَ ۾ تور جي تمام قديم سرشته نامڪمل ثابت ٿي چڪا آهن، تڏهن  محمد ﷺ پنهنجا اصلاحات نافذ ڪيا.

عورت جي تعظيم کي پيغمبر اسلامه صه پنهنجي تعليمات جو اهم ترين جزو ڪري پيش ڪيو. سندس اُمتين سندس نيڪنام دختر کي حب ۽ تعظيم وچان ”خاتون جنت“ جو خطاب ڏنو. هوءَ ان وقت پنهنجي صنف لطيف (عورتن) جي نمائندگي ڪري رهي هئي. ”فاطمة الزهرا“ يا اسان جي ”نوراني خاتون“ جي نالي ۾ اهو سڀ ڪجهه سمايل آهي جيڪو عورتپڻي جي الاهي اوصاف ۾ شامل آهي يعني عورت ذات ۾ جيڪا پاڪيزگي سچائي ۽ تقدس آهي جيڪي انساني تخيل جو اعليٰ ترين نمونو آهي. (اهي اوصف حضرت بيبي فاطمة الزهرا جي حوالي عورت جي ڏات سان وابسته آهن.) کانئس پوءِ هڪ ٻئي پٺيان انهن عورتن جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي جن پنهنجي صنف کي نيڪين ذريعي پاڪ ۽ پوتر بڻايو آهي. اهو ڪير آهي جنهن درويش رابعه (بصريءَ) جو نالو نه ٻڌو هوندو سندس همشريڪ هزارين اهڙيون عورتون آهن (جن جا نالا عام مشهور هوندا.)

عربي پيغمبر جيڪي قوانين نافذ ڪيا انهن ۾ مشروط شادين جي رواج کان سختيءَ سان منع ڪئي وئي. جيتوڻيڪ شروع ۾ عارضي شادين جي بغير اعلان اجازت ڏني وئي تاهم سن 3 هجريءَ ۾ انهن تي پابندي عائد ڪئي هئي. محمد ﷺ پنهنجي نظام ۾ عورتن کي اهي حق ڏياريا جيڪي اڳ کين حاصل نه هئا. هن انهن کي اهي مرعات ڏنا جن جي قدر و قيمت وقت گذرڻ سان وڌيڪ جامع انداز ۾ محسوس ڪئي ويندي.

تمام قانوني اختيارات ۽ اقدامات جي استعمال ۾ هن عورتن کي مڙدن جي مڪمل برابريءَ ۾ آندو. هن گهڻين شادين ڪرڻ جي رواج تي روڪ وجهڻ لاءِ هڪ ئي وقت زنده زالن جي تعداد جي حد مقرر ڪئي ۽ سڀني زالن جي وچ ۾ انتهائي انصاف ۽ برابري برقرار رکڻ مڙسن جو فرض مقرر ڪيو ويو. اها ڳالهه قابل توجهه آهي ته قرآن جي جنهن فقره ۾ همھ وقت چئن شادين ڪرڻ جي اجازت آهي انهيءَ جي هڪدم پٺيان هڪ اهڙو جملو اچي ٿو جيڪو اڳ آيل ٽڪري جي اهميت کي گهٽائي ان کي مناسب ۽ جائز حدن اندر آڻي ٿو. حوالو هن ريت آهي ”اوهان ڀلي ٻه ٽي يا چار زالون پرڻجو، پر ان کان مٿي نه.“ پويان آندل سٽ ۾ شرط لاڳو ڪيل آهي ته ”پر، جيڪڏهن اوهان سڀني سان عدل ۽ انصاف سان هلي نه سگهو ته پوءِ اوهان فقط هڪ زال سان شادي ڪندؤ.“ هن شرطيه فقره  جي انتهائي اهميت آهي. انهيءَ کي سمجهڻ لاءِ بالخصوص لفظ ”عدل“ جي مفهوم قرآني تعليمات مطابق کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي. انهيءَ لفظ جي اهميت کي اسلامي دنيا جي عظيم مفڪرن نظرانداز نه ڪيو آهي. ”عدل“ جو مطلب محض اجهو ۽ انگ ۽ ٻيون گهرو ضروريات پوريون ڪرڻ ۾ هڪ جهڙي هلت هلڻ نه آهي پر انهن سان گڏ پيار محبت ۽ عزت آبرو جي معاملي ۾ پڻ مڪمل هڪ جهڙائي اختيار ڪرڻي آهي.

جيئن ته جذبات جي معاملي ۾ مڪمل انصاف ڪرڻ ممڪن نه آهي تنهن ڪري قرآني هدايات جو دراصل مقصد گهڻين شادين ڪرڻ کان روڪڻ يا منع ڪرڻ آهي، هيءُ مفهوم ٽين صدي هجريءَ جهڙي اوائلي دور ۾ تجويز ڪيو ويو هو. مامونءَ جي دؤر حڪومت ۾ اوائلي معتزله عالمن جي تعليم مطابق قرآني قانون فقط هڪ شاديءَ جي اجازت ڏئي ٿو جيتوڻيڪ مذهبي جنوني (خليفي) متوڪل جي ظالمانه ڪاررواين سبب معتزله جي تعليمات عام ٿي نه سگهي، تاهم هر طرف کان سڌريل مسلم معاشرن ۾ اهو اعتقاد زور وٺندو ويو ته گهڻين  شادين ڪرڻ جو سرشتو اوتروئي محمد ﷺ جي تعليم جي ابتڙ آهي جيترو سڌريل سماج ۽ صحيح ثقافت جي عام ترقيءَ جي خلاف آهي.

هي حقيقت ضرور ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته گهڻين شادين ڪرڻ جو سرشتو حالات تي منحصر آهي. ڪنهن دور ۾ سماج جي ڪن حالتن هيٺ هڪ مرد کي گهڻيون زالون پرڻاڻڻ جو عمل بيحد ضروري ٿيو پوي انهيءَ لاءِ ته کين مفلسيءَ کان بچائي سگهجي. جيڪڏهن رپورٽون ۽ انگ اکر صحيح آهن ته مغرب جي تهذيبي مرڪزن ۾ هلندڙ بداخلاقيءَ جي ڍير جو وڏي ۾ وڏو حصو انتهائي مفلسيءَ وچان پيدا ٿيو آهي. ايبي هس (Abbe Huc) ۽ ليڊي ڊف گورڊن (Lady duff Gorden) ٻنهي خيال ظاهر ڪيو آهي ته مجموعي طور محز حالات کان مجبور ٿي مشرق ۾ ماڻهن گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج وڌو آهي.

ذهن جي ترقيءَ ۽ دنيا جي هردم تبديل ٿيندر حالتن سبب گهڻين زالن پرڻجڻ جي ضرورت ختم ٿي چڪي اهي ۽ ان جو رواج ماٺ ميٺ ۾ ختم ڪيو ويو آهي يا کليل لفظن ۾ ان کان روڪيو ويو آهي تنهن ڪري ائين ٿيو آهي جو انهن مسلم ملڪن ۾ جتي حالات شروع ۾ گهڻين زالن پرڻجن جي رواج کي ضروري بنايو هو، اهي حالات غائب ٿي رهيا آهن ۽ زالن جي گهڻائيءَ کي بڇڙائي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي اهڙو رواج ڄاتو وڃي ٿو جيڪو نبي ڪريم ﷺ جي تعليم جي خلاف آهي، ٻئي پاسي اهي ملڪ جتي حالات مختلف آهن. جتي اهي ذريعا جيڪي ترقي يافته معاشرن ۾ عورت کي پنهنجي مدد پاڻ ڪرڻ جي قابل بڻائن ٿا سي موجوده نه آهن يا گهٽ آهن ته اتي گهڻين زالن پرڻجڻ جو سرشتو لاچاري حالت ۾ جاري رهي ٿو. شايد اعتراض اٿاريو وڃي ڇاڪاڻ ته (ڌرم پڄاري مرشد) ايمان ۽ ڪفر جي فتويٰ ڏيندڙ مولوين ۽ خيال جي آزاديءَ ۾ هميشھ ڪفر ۽ ايمان جي فتويٰ ڏيندڙ مولوين جي مرتبي ۽ خاص حيثيت جو خيال رکڻو پوندو. تنهن ڪري گهڻين زالن پرڻجڻ جي سرشتي جو مڪمل خاتمو ڪرڻ ڪافي دشوار ڪم ٿيندو.

اسان هن اعتراض جي قوت کي تسليم ڪيون ٿا. اهي سڀئي مسلمان جيڪي چاهين ٿا ته اسلامي تعليمات کي هن الزام کان آجو ڪن جيڪو هينئر تائين مٿن مڙهيو ويو هو ۽ اهي مسلمان جيڪي ترقي ڪندڙ تهذيب سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلڻ چاهن ٿا انهن کي گهرجي ته هن اعتراض تي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار ڪن.

ليڪن اهو ياد رکڻ گهرجي ته قانونن ۾ لچڪ جو هجڻ ئي وڏي ۾ وڏو دليل آهي ۽ اهائي قرآن ترتيب جي خاصيت آهي. اها ترتيب اهڙي آهي جو بهترين مذهب توڙي گهٽ ۾ گهٽ سڌريل معاشرن لاءِ هڪ جهڙي مناسب ۽ قابل قبول آهي نه ترقي ڪندڙ انسان ذات جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي نه اهو وساريو ويو آهي ته دنيا تي اهڙيون به قومون ۽ معاشرا آهن جن ۾ في مرد هڪ زال جو سرشتو محض هڪ مصيبت ثابت ٿيندو.

تاهم گهڻين زالن پرڻجڻ جي سرشتي کي ختم ڪرڻ اهڙو مشڪل ڪم نه آهي جهڙو تصور ڪيو وڃي ٿو. مسلمان قومن کي جيڪو رتيءَ (حسد) جو مرض اچي لڳو آهي اهو انهيءَ مسيحي مرضن جو ڪارڻ آهي. مذهبي پيشوائن جو اصول آهي، جنهن مطابق انفرادي سوچ ۽ فيصلي (اجتهاد) جي گنجائش نه آهي. جنهن مطابق انفرادي سوچ ۽ ويچار کي استعمال ۾ آڻڻ کان روڪيو ٿو وڃي اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن معلم (محمد مصطفيٰ ﷺ) جي پنهنجن لفظن تي فيصلو ڇڏڻ سان انهيءَ سوال جو جواب ملي ويندو ته ڇا مسلمان محمد جي پيروي ڪندا يا ڪليسا جي (Fathers) (پيشوائن) جي پوئلڳي ڪندا جن پنهنجي جوجڪين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مالڪ جي نالي جو غلط استعمال ڪيو آهي يا انهن خليفن ۽ سلطانن جي تعميل ڪندا جن جا هو پاڻ پوئلڳ غلام هئا.

يورپ خود انهيءَ ڪارروائي مان گذريو آهي، کيس گهرجي ته محمد جي مذهب تي گند اڇلائڻ کان صبر ۽ همدرديءَ سان جاچي ڏسن (نوتن جيون) تجديدي اسلام ڪيئن پاڻ کي مذهبي مرشدن جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي.

جڏهن هڪ دفعو پراڻن خيالن جي موهه ۽ پابنديءَ کان آزادي حاصل ڪري وٺبي ته هر مخصوص اسلامي رياست جي فقيهن يا بااختيار شاهي فرمانن ذريعي گهڻين شادين جي سرشتي کي ختم ڪرڻ سان ٿيندو. پر اهڙي ”ڪنزرويشن“ من گهڙئي مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ حقيقت جي پوري سمجهه ۾ عام واڌارو ۽ پيغمبر ﷺ جي تعليمات کي صحيح سمجهڻ لازمي ٿيندو گهڻين شادين ڪرڻ جو رواج ختم ٿي رهيو آهي يا جلد ختم ٿي ويندو انهيءَ نئين روشنيءَ جي اثر هيٺ جنهن ۾ محمد مصطفيٰ ﷺ جي لفظن جو مطالعو ڪيو پيو وڃي.

 جيئن پهرئين چيو ويو آهي، محمد مصطفيٰ ﷺ جي نظام جي ترقيءَ جي هر دور سان هم آهنگي هن بانيڪار جي ڏاهپ جو واضح ثبوت آهي. غيرترقي يافته معاشرن ۾ گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج پيغمبر ﷺ جي عائد ڪيل تحفظات اندر ڪا اهڙي برائي نه آهي جنهن جو افسوس ڪجي. گهٽ ۾ گهٽ اهو رواج انهن بڇڙين عادتن، رواجن ۽ زندگي گذارڻ جي طور طريقن کان بهتر  آهي جنهن ۾ سڀني اخلاقي ضابطن کي مڪمل طور تي ترڪ ڪيو وڃي ٿو. جهڙي طرح هڪ عورت کي گهڻا مڙس ڏيڻ وغيره.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com