هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته لطيف ماضي، حال، مستقبل جو شاعر آهي.
شاهه لطيف سنڌ جي ماڻهن جي لڙڪن کي پنهنجي قلم
ذريعي احتجاج جو طوفان بنائي وقت جي حاڪمن اڳيان
پيش ڪيو آهي. پروگرام جي صدارت ڪندڙ محترمه آپا
مريم مجيدي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن محمد
خان مجيدي جي شعرن سان شروعات ڪئي.
ڪيڏو ڪيڏو شاعر آهين،
هيڏو هيڏو شاعرآهين،
ڌرتي جيڏو شاعرآهين.
عبداللطيف رضامند رحمان، جنهن سنڌيءَ منجهه قرآن جوڙي راس ڪيو.
آخر ۾ هن چيو ته اسان هيءَ تنظيم عورت جي آزاديءَ
لاءِ سياست کان پري هٽي ٺاهي وئي آهي. هيءَ جماعت
عورت کي پاڻ ڀرو بنائڻ لاءِ ٺاهي ويئي آهي. هن ۾
هر عورت حصو وٺي سگهي ٿي. هن سان پهرئين نشست ختم
ٿي. پوءِ ٽيبلو راڳ رنگ ۽ آخر ۾ هو جمالو تي
پروگرام جي پڄاڻي ٿي.
سروي ڪندڙ: نظير ميمڻ
مهراڻ يونيورسٽيءَ جي
ڀينرن جي سروي رپورٽ
سوال
1.
يونيورسٽيءَ جي زندگي ڪيئن ٿي لڳي؟
2.
تعليم يافته ۽ باشعور هئڻ جي ناتي ڪڏهن عورتن جي
مسئلن تي سوچيو آهي؟
3.
ڪافي عورتون ذهني طور سڄاڻ هوندي به اقتصادي مسئلن
جي ڪري تعليم پرائي نه ٿيون سگهن، انهن لاءِ ڪا
راءِ؟
4.
ڪا اهڙي صلاح جنهن سان عورت پنهنجا مسئلا پاڻ حل
ڪري سگهي؟
5.
جهالت کي ختم ڪرڻ لاءِ پڙهيل عورتن کي ڇا ڪرڻ
گهرجي؟
6.
عورت کي ڪيتري آزادي ملڻ گهرجي؟
7.
اسان جي سنڌي ڀيڻ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ چاهي ٿي،
پرنرس ۽ ايئر هوسٽس ڇو نه؟
8.
هنر مند عورت کي ڪهڙي ريت ٻاهر آڻڻ گهرجي؟
9.
پورهيت عورت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ان لاءِ ڇا
ڪرڻ گهرجي؟
10.
ادب سان ڪيترو واسطو اٿو؟
11.
ڪورس پڙهڻ کانسواءِ ٻيا ڪهڙا مشغلا اٿو؟
12.
سنڌي عورت لاءِ پيغام؟
روبينا نور شيخ
1.
ڪا خاص ناهي.
2.
ڪڏهن سنجيدگيءَ سان نه سوچيو آهي.
3.
مان ڪا سوشل ورڪر ناهيان جو صلاح ڏيان.
4.
ٻين مان اميد ڪرڻ ڇڏي ڏيو.
5.
ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ
سوچيو.
6.
جيتري عورت چاهي.
7.
اسان جي سوچ ۾ (Class
Conflict) آهي.
8.
توهان مهرباني ڪري سوال نمبر
3 جو جواب پڙهو.
9.
ادب جي ڪا حد ڪانه هوندي آهي.
10.
سنڌي پڙهڻ ۽ ميوزڪ ٻڌڻ.
11.
پاڻ ۾ تعصب نه ڪيو، غصو ڇڏيو.
مرڪ پٺاڻ
1.
ٺيڪ ٺاڪ.
2.
ها هميشھ (Serious)
ٿي سوچيندي رهندي آهيان.
3.
پڙهيل لکيل پئسن وارن ماڻهن کي کپي ته اهڙين عورتن
جي مدد ڪن.
4.
هر عورت پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهي ٿي، بشرطيڪ
مرد انهن ۾ غلط طريقي جي مداخلت نه ڪن.
5.
فيشن ڇڏي، مغروري ڇڏي، هر هڪ عورت چاهي اها غريب
هجي يا امير دل جي سچائي سان ڪم ڪري.
6.
نه تمام گهڻي نه تمام گهٽ.
7.
اسان جا مائٽ اسان کي ايتري اجازت ڏين ٿا ته اسان
ڊاڪٽر ۽انجينئر ٿيون پر نرس يا ايئر هوسٽس نه
ٿيون. منهنجي خيال ۾ نرس يا ايئر هوسٽس ٿيڻ ۾ ڪابه
خراب ڳالهه نه آهي.
8.
اهو اسان جي پڙهيل لکيل ڀيڻن جو پهريون فرض آهي.
9.
اهو به اسان سڀني جو فرض آهي ته انهن کي معاشري ۾
عزت ڏني وڃي، ڇو جو اصلي حقدار اهي ئي ماڻهو آهن.
10.
ٿورو گهڻو.
11.
پاڻ ۾ محبت ۽ اتحاد پيدا ڪريو زندگي تمام ننڍي
آهي. پيار ۽ محبت سان گذاريو.
عذرا شيخ
1.
ٺيڪ ٺاڪ آهي.
2.
اڪثر سوچيندي آهيان ته ڳوٺن ۾ وڃي اتان جي عورت جي
شعور کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪيان. پر ڪڏهن به عمل نه
ڪيو آهي.
3.
خدا تعاليٰ ذهن هر ماڻهو کي هڪجهڙو ڏيندو آهي، پر
اسان جي ڳوٺن جي رهندڙ ذهين ماروئڙن کي صرف
سمجهائڻ ۽همٿائن جي ضرورت آهي.
4.
ائين ڪرڻ لاءِ عورت کي مرد پٺيان نه پر اڳيان
هلڻو پوندو.
5.
تمام گهڻي جدوجهد جي ضرورت آهي.
6.
ڪنهن خاص حد تائين جيئن اها پنهنجا مسئلا پاڻ حل
ڪري سگهي.
7.
اسان جي سنڌي ڇوڪرين کي انهن شعبن ڏانهن ڌيان ڏيڻ
گهرجي.
8.
ٻهراڙي جي عورتن کي هن سائينٽفڪ دور کان آگاهه ڪرڻ
گهرجي ۽ انهن کي ٻڌائڻ گهرجي ته هي وقت توهان جو
ڪوٽن ۾ بند رهڻ جو ناهي.
9.
تمام گهڻو ڏک ٿيندو.
10.
پڙهڻ جي حد تائين.
11.
ڪورس کان علاوه راندين ۾ حصو وٺڻ، سلائي ۽ ڀرت
ڀرڻ.
12.
پنهنجي ڀينرن کي صرف اهوئي چوندس ته توهان به اڳتي
وڌو.
مس نظير ميمڻ
1.
سٺي لڳي پئي.
2.
آئون اڪثر ان مسئلي تي سوچيندي آهيان پر ڪجهه
حالات جي ڪري عمل نه ڪري سگهي آهيان.
3.
ان جي لاءِ اسان کي ڳوٺن ۾ وڃي سروي ڪرڻو پوندو.
4.
جيستائين هر عورت کي آزادي نه ملندي تيستائين هوءَ
پنهنجا مسئلا پاڻ حل نه ڪري سگهندي.
5.
پر جهالت کي ڪڍڻ لاءِ پڙهيل عورت کي تمام گهڻي
جدوجهد ڪرڻي پوندي.
6.
بس (Limit)
جي اندر جيئن هوءَ پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪري سگهي.
7.
انهن شعبن ۾ سنڌي ڇوڪرين جو تعداد وڌائڻ لاءِ اسان
کي مردن جي (Co-operation)
جي ضرورت آهي.
8.
ٻهراڙيءَ جي هنرمند عورتن کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ
تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
9.
ٿورو گهڻو واسطو آهي.
10.
ڪورس کان علاوه سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۽ ميوزڪ ٻڌڻ.
11.
سنڌي ڀينرن لاءِ منهنجو اهو پيغام آهي ته هنن کي
پنهنجن حقن وٺڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي.
فهميده سومرو
1.
مشڪل به ته آسان به.
2.
هر تعليم يافته وانگر اڄ تائين صرف سوچيو آهي حل
نه ڪري سگهي آهيان.
3.
عورتن جي تعليمي راهه ۾ رڪاوٽ اقتصادي مسئلا گهٽ
آهن ۽ مردن جي ٺاهيل معاشري جي سوچ ئي انهن لاءِ
وڏي رڪاوٽ آهي.
4.
پنهنجي پاڻ ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ سان.
5.
سڀ کان پهرئين پڙهيل عورتن کي اڻپڙهيل ڇوڪرين جي
والدين جي خيال کي تبديل ڪرڻو پوندو انهن کي راضي
ڪرڻو پوندو ته هو عورت کي تعليم ڏيارين.
6.
ايتري جو عورت کي پيرن جي جوتي نه سمجهڻ گهرجي نه
ئي مردن کي مٿي جو تاج. برابري جا حق ڏنا وڃن.
7.
اسان جي معاشري جي سوچ جو ان ۾ عمل دخل آهي. عورت
کي معاشري جي ڪسوٽي تي پرکيو ويندو آهي. سوچ کي
تبديل ڪرڻ جي گهرج آهي پوءِ هر فيلڊ جا دروازا
عورت لاءِ کليل رهندا.
8.
هنر مند عورت جي ٺهيل شين کي شهرن ۾ مناسب قيمت تي
وڪرو ڪرائي انهن کي پئسا ڏنا وڃن ۽ اتي ڳوٺن ۾
اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن جنهن ۾ هو پورهيو به ڪري
سگهن ۽ تعليم به پرائي سگهن.
9.
پورهيت عورت اسان جي هن سماج جي ترقي ۾ وڏو ڪردار
ادا ڪري رهي آهي.مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم
ڪري رهي آهي. ان جي عزت به ايتري ڪرڻ گهرجي جيتري
آفيس ۾ ڪم ڪندڙ عورت جي.
10.
ايترو جو بي ادب نه آهيان.
11.
سٺا ۽ بهترين ڪتاب پڙهڻ.
12.
پيغام ڏاها ڏيندا آهن.
عنبرين هيسباڻي
1.
آزاديءَ ڏانهن وڌندڙ پهرئين وک وانگر.
2.
اڃان مان تعليم پرائي رهي آهيان ۽ باشعور هئڻ جي
پڪ ناهي ان ڪري ايڏي وڏي مسئلي تي سوچڻ جي سگهه
ساري نه سگهي آهيان.
3.
هر مسئلي جو بنياد اقتصاديات آهي. اسان جي معاشري
۾ مردن جو راڄ آهي جيڪي خود اڪثريت ۾ اڄ به جاهل
آهن پوءِ اقليت جي ڪهڙي حيثيت.
4.
جڏهن هر عورت (Self
Surrender) واري فارمولي کي پاڻ تي ڀرپور طريقي سان (Apply)
ڪرڻ ڇڏي ڏيندي.
5.
جيتري ڪائنات ۾ ”هر“ جاندار کي آهي.
6.
ان لاءِ وڏي تعداد ۾ ”مرد سڌار ادارا قائم ڪرڻا
پوندا.“
7.
هنن ۾ اهو احساس پيدا ڪجي، ته هو ڪجهه ڪري سگهي ٿي
۽ معاشري ۾ هڪ ڀرپور فرد جي حيثيت سان پاڻ کي
مڃائي سگهي ٿي. انهيءَ احساس تحت هن جي هر سوچ خود
بخود نئون اڀار وٺندي.
8.
ان سوال جو جواب توهان کي سوال نمبر 3 جي جواب ۾
ملي ويندو اگر (Depth)
۾ وڃي سوچيو.
9.
جيترو اڄ جي ذهن جو روح سان.
10.
لٽريچر پڙهندي آهيان ۽ بحث ڪندي آهيان.
11.
اچو ته هڪ ٿي وڃون (ڀائر به)
ثمينه پنهور
1.
بس ٺيڪ آهي.
2.
سوچڻ مان ڪجهه به نٿو ٿي سگهي باقي جڏهن ڪجهه ڪرڻ
جي (Position)
۾ ٿيس ته ضرور ڪندس.
3.
مفت تعليمي ادارا هر هنڌ قائم ڪيا وڃن.
4.
هر عورت کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، ذهني سجاڳيءَ
سان ئي هو پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.
5.
هر مشڪل سهي گهڻو اڳتي اچڻ گهرجي.
6.
جيتري هوءَ چاهي ٿي، جيئن هوءَ پنهنجو هر فيصلو
پاڻ ڪري سگهي.
7.
ڇو جو ماڻهن انهن شعبن کي ڪافي بدنام ڪيو آهي ۽
ظاهر آهي سنڌي ڇوڪريون بدنامي کان ڊڄن ٿيون. پهرين
ڳالهه ته انهن کي گهرجي طرفان اجازت ئي نه ٿي ملي.
8.
انهن جي هنرن کي مارڪيٽ ۾ آڻي مناسب معاوضو وٺي
ڏجي.
9.
جيڪي ماڻهو ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پهرئين انهن کان
پڇو.
10.
ٿورو ٿورو آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪتاب پڙهندي آهيان.
11.
ڪي خاص ناهن.
12.
پيار، محبت، سڪ سلام.
*مضمون
عبدالله ورياهه
سهڻي ميهار
(شاهه سائينءَ جي نظر ۾)
شاهه سائين سنڌي تهذيب ۽ ثقافت جو اهم اهڃاڻ آهي، جنهن کي سنڌين
۽ سنڌي ثقافت کان ڪڏهن به ڌار نٿو ڪري سگهجي. سندس
شاعري ۾ مقامي ماحول ۽ منظر جي جنهن نموني سان
عڪاسي ڪئي ويئي آهي، اها ڪنهن ٻئي شاعر جي وس جي
ڳالهه ناهي. وطن جي حب، پنهنجن لاءِ پيڙا، سڪ ۽
سچائي، نياز ۽ نوڙت، هتي جي ڪردارن، ماڳن ۽ مڪانن
جو سهڻي ۽ سليس نموني سان ذڪر ڪري هر عورت، ٻار ۽
ٻڍي کي اهي ڳالهيون سمجهائڻ جو ڪم شاهه سائين
پنهنجي بيتن وسيلي چڱيءَ طرح انجام ڏنو آهي. سنڌ
جي عام ماڻهن ۾ لطيف سائينءَ جي مقبوليت سائينءَ
جو هن ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾
ڪوبه اهڙو ماڻهو ڳولهيو ڪونه لڀندو. لطيف سائينءَ
جو ڪوبه بيت يا وائي ياد نه هجي. جهر جهنگ ٻنين
ٻارن ۾ پنهنجي ڪم ڪار ۾ مصروف هاري ناري، ڪاٺير ۽
مال چاريندڙ بيت جهونگاريندي ٻڌبا آهن ۽ سندن تلفظ
به شهر جي اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهن کان وڌيڪ صحيح ۽
پختو هوندو آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جو
عام ۽ سادو رهواسي به لطيف سائينءَ کي جيءَ ۾
جايون ڏئي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليھ الرحمته پنهنجي ڪلام کي فارسي شعر
واري غزل جو نمونو يا ڪو ٻيو ڌاريو روپ ڏيڻ بدران
ديسي دوهي جو رنگ ڏنو آهي جيئن عام ماڻهو ان کي
هيئين سان هنڊائي، پورو لاڀ پرائي سگهن. لطيف
سائينءَ جي ڪلام جو اصل مقصد ڪنهن خاص وڏي طبقي جي
تربيت نه پر عام ماڻهن جي مسئلن، مونجهارن جي
نشاندهي، غريباڻي گذر جو نمونو، دنيا جي بي بقائي
۽ الاهي عشق جا اسرار دنيا جي مجازي تمثيلن ذريعي
سمجهائڻ آهي. جنهن مقصد ۾لطيف سائينءَ نه صرف
پنهنجي حياتيءَ ۾ڪامياب ٿيو، پر هڪ اهڙو مثال ۽
رهنمائي جو ذريعو ڇڏي ويو، جنهن مان صدين کان وٺي
ويندي قيامت تائين نه صرف سنڌي ماڻهو پر انسان ذات
فائدو حاصل ڪري سگهي ٿي.
لطيف سائينءَ پنهنجي رسالي ۾ جتي، دولهه دليرن، جنگي جوڌن، سنڌي
سرواڻ، سخين ۽ هن ڌرتي جي غريب مسڪينن، جهانگيئڙن،
ماروئڙن ۽ ڌوٿيئڙن سنڌ جي ماڳن مڪانن، تاريخي جائن
۽ پنهنجي سير سفر دوران پنهنجي ذاتي مشاهدي جو ذڪر
آهي، اتي سنڌ جي سورمين جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو
اٿس ۽ سندن ڪردار کي مثال بنائي نه صرف اهي
حقيقتون ۽ تاريخي واقعا پر انهن ۾ لڪل انيڪ
سمجهاڻيون ۽ معنائون پڻ ڏنيون اٿس، جنهن مان نه
صرف مجازي پر حقيقي عشق کي سمجهڻ ۾ پڻ سولائي ٿئي
ٿي، مقصد ته لطيف سائينءَ جو رسالو هڪ اهڙو لافاني
دستاويز آهي، جيڪو سنڌي قوم پنهنجي سيني ۾ سانڍي
قيامت تائين فخر وچان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري قومن
جي قطار ۾ اڳري ٿي بيهندي.
شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ استعمال ڪيل ٻولي سندن وقت (1689ع کان
1752ع) ۾ سنڌ ۾ رائج ٻوليءَ جو هڪ نادر ۽ مڪمل
نمونو آهي. سندن استعمال ڪيل محاوره ۽ تشبيهون به
هر عام ماڻهو آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته
ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ اڄ به اها نج سنڌي ٻولي عام
استعمال ۾ آهي. جيڪا صدين کان هن خطي ۾ رائج رهي
آهي.
انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيڪر شاهه سائين جي رسالي جي معنيٰ
۽ مقصد کي ڏٺو وڃي ته پاڻ صرف سنڌ ۽ سنڌين جو شاعر
نه پر پوري عالم جو عظيم شاعر آهي.
هن کي پنهنجي ماروئڙن سان گڏ سڄي انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتري جو
پڻ خيال آهي. هو سنڌ سان گڏ سڄي عالم کي آسوده ڏسڻ
گهري ٿو. سندن هر بيت ۾ پنهنجن لاءِ پيار ۽ حق جي
رستي تي هلڻ جي هدايت بار بار ورجايل آهي. پاڻ
پنهنجي بيتن لاءِ واضح ڪيو اٿن ته اهي رب سان
لنئون لڳائڻ جو هڪ ذريعو آهن، انهن کي عام رواجي
بيت نه سمجهو:
جي تو بيت ڀانئيان، سي آيتون آهن،
نيون من لائين، پريان سندي پارَ ڏي.
شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ جن لوڪ داستانن کي جاءِ ڏني آهي انهن
۾ عمر ماروي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميهار
جا داستان اچي وڃن ٿا. جن جا ماڳ، مڪان ۽ ڪردار
مقامي آهن. پر سهڻي ميهار بابت مختلف روايتن
هلنديون ٿيون اچن، جنهن بابت اسان جا عالم ۽ اديب
متفق نه آهن. عام طرح سان هن واقعي کي پنجاب جي
گجرات علائقي جو ڄاڻايو وڃي ٿو. جنهن بابت ڪيترا
مضمون ۽ مقالا لکي سنڌ ۽ پنجاب جي روايتن تي ڪافي
بحث ڪيو ويو آهي. آئون هتي اهو بحث ٻيهر ڇيڙڻ نٿو
گهران، ڇاڪاڻ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي عيلهه
الرحمة جي سنڌ واسين جي دلين ۾ جيڪا عزت، احترام ۽
اعتقاد آهي، ان کي سامهون رکندي چئي سگهجي ٿو ته
سندن سهڻي ميهار جي لوڪ داستان کي رسالي ۾ جڳهه
ڏيڻ تي اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته هن جو تعلق
سنڌ سان آهي.
شاهه صاحب ان وقت مشهور قصن ليلا مجنون، شيرين فرهاد ۽ ٻين
ٻاهرين داستانن کي نظرانداز ڪري صرف مقامي واقعن
کي مثال بنائي پنهنجو مقصد بيان ڪيو آهي. مٿين
ڳالهين کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪر سر سهڻي جو جائزو
وٺبو ته معلوم ٿيندو ته لطيف سائين ڪردارن ۽ ماڳن
جا ڪيترائي اهڙا نالا ڏنا آهن، جن جو پنجاب جي
روايت سان ڪوبه تعلق نٿو نظر اچي، بلڪه سمورو قصو
سنڌ جي روايتن مطابق ٺهڪي اچي ٿو. هن سهڻيءَ جي
لافاني ڪردار کي توڏيءَ جو نالو ڏنو آهي. پاڻ
فرمائين ٿا.
توڏي توڙائين، نينهن نوازي سهڻي،
ڳچيءَ هار حبيب جو، لائق لڌائين،
سو تڙ سوٺائين، جيڏان عالم آسرو.
جنهن مان سمجهجي ٿو ته توڏي سهڻيءَ کي چيو ويو آهي ته هونئن به
اصل ۾ هن سر جو نالو سر توڏي سهڻيءَ جي ذڪر سبب
سندس نالو ئي سر سهڻي پئجي ويو، جيتوڻيڪ توڏي هڪ
راڳڻي جو نالو آهي. پر رسالي ۾ هڪ سنڌي نالي جي
حيثيت ۾ استعمال ڪيو ويو آهي.
شاهه سائين ميهار کي سندس ان مشهور نالي کانسواءِ ڄام ۽ ساهڙ
ڪري سڏيو آهي. ڄام سنڌ ۾ رهندڙ سمن حڪمرانن جو
لقب آهي. پر سردار، اڳواڻ يا عزت واري ڪنهن شخص
لاءِ هي لقب استعمال ٿي سگهي ٿو. سمن کانسواءِ
ڪيتريون سماٽ ذاتيون به ڄام سڏائينديون آهن ۽ ساهڙ
اڄ به سنڌ ۾ عام طرح نالو رکيو وڃي ٿو.
دهشت دم درياهه ۾ جت سٽاڻا سيسار،
بيحد باگو بحر ۾، هيبتناڪ هزار،
ساريان ڪانه سرير ۾، طاقت توهان ڌار،
ساهڙ ڄام ستار، سگهو رسج سير ۾ |