سرتيون جو سٽاءُ
بورڊ جي ٻن ٻين سينيئر رسالن- مهراڻ ۽ گل ڦل- وانگر ”سرتيون“ به
خالص علمي، ادبي ۽ ثقافتي مواد شايع ڪندو. هيٺين
ٽن نقطن جي باري ۾ ڪو به اختلافي يا ٻن راين جو
مواد شايع نه ٿيندو.
الف: مملڪت
(State)
ب: مذهب(Religion)
ت: اخلاقي اقتدار
(Moral Values)
1-
رسالي جو مواد گهڻو ڪري عورتن لاءِ لکيل هوندو.
2-
رسالي ۾ چئن قسمن جو مواد شامل ڪيو ويندو.
الف: عورتن جو آڳاٽو ادب.
ب: مشهور ليکڪائن جون تحريرون
ت: وچٿرين ليکڪائن جون تخليقون
ث ؛ نئين ليکڪائن جون لکڻيون.
3- مواد ۾ ڪي مستقل ڪالم پڻ ڏنا ويندا.
الف: صحت سکيا، جنهن ۾ ويم ۽ ٻارن جي نيپاج جا
مسئلا ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت متعلق مواد هوندو.
ب: گهرو هنر، جنهن ۾ ڀرت ٽوپو، رڌپچاءُ ۽ گهرو
سگهڙائپ جون ڳالهيون ڏنيون وينديون.
ت: سڄاڻ سرتيون جنهن ۾ عورتن جي ڪردار ۽ خدمتن تي
روشني وڌي ويندي پورهيت عورتن، سماج سڌارڪ عورتن
جن عملي طور سماجي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ان
سان گڏ ٻين شعبن ۾ پاڻ مڃرائيندڙ عورتن جا انٽرويو
ڏنا ويندا.
اغراض و مقاصد
1-
سنڌي عورتن ۾ علم ۽ ادب لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ.
2-
لکيل پڙهيل عورتن ۾ تحرير ۽ تقرير جي قوتن کي
وڌائڻ ته جيئن هو سماج جي مجموعي ڀلائي لاءِ ڪم
ڪري سگهن.
3-
سنڌي عورتن جي ذهن ۾ لافاني قدرن، نظرين ۽ اصولن
کي اجاگر ڪرڻ.
4-
عورتن جي سماجي، ثقافتي، علمي ۽ ادبي سرگرمين جو
حال احوال شايع ڪرڻ.
سرتيون جو اجراء
سنڌي عورت صدين کان وٺي پنهنجي ذريعن، وسيلن صلاحيتن ۽لياقتن
پٽاندر معاشري جي خدمت ڪندي پئي اچي. هن نه فقط
ونيءَ جي روپ ۾ گهر کي پئي جنت بنايوآهي، پر ڌيءَ
جي روپ ۾ اکين کي ٺاريو آهي ۽ ڀيڻ جي روپ ۾ لڄ ۽
حياءُ جا مثال قائم ڪيا آهن. جڏهن ۽ جتي به کيس
موقعا مليا آهن ته هن ٻاگهل ٻائي کان وٺي محترمه
بينظير ڀٽو صاحبه تائين قومي معاملن ۾ سسئيءَ کان
وٺي نوريءَ تائين لوڪ ادب ۽ علم جي بنياد کي نئون
روح ۽ نئين سگهه پئي ڏني آهي.
سنڌي معاشري جي اُها خوشبختي ۽ احسن روايت رهي آهي ته هن معاشري
۾ مرد ۽ عورت هڪ ٻئي جي حريف ۽ دشمن بڻجڻ بدران
پنهنجي باهمي لاڳاپن کي اعتماد، سهڪار ۽ ايثار جي
اصولن تي استوار ڪيو آهي. اُن ڏس ۾ سنڌي عورت جي
فطري نماڻائي ۽ نهٺائي وڌيڪ ڪارفرما رهي آهي. عورت
جي عظمت ۽ معاشري ۾ سندس اهميت کي مڃتا ڏيندي سنڌي
ادبي بورڊ جي موجوده مانائتن ميمبرن پنهنجي لائق
اڳواڻ، علم دوست ۽ ادب پرور سائين قبله مخدوم محمد
زمان طالب الموليٰ جي قيادت ۾ اهو فيصلو ڪيو ته
سنڌي عورت ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ معاشي سجاڳي پيدا
ڪرڻ واسطي ”سرتيون“ جو اجراء ڪجي جنهن ۾ عورتن
لاءِ گهربل معلومات ۽ خود سندن طرفان اظهار خيال
لاءِ ادبي ميدان فراهم ڪيو وڃي. ”سرتيون“ جو هي
پهريون پرچو پڙهندڙن جي هٿن ۾آهي. اميد ته پڙهندڙ
پنهنجي خيالن وسيلي رسالي کي وڌيڪ ڪارائتو بنائڻ
لاءِ اداري کي پنهنجن تجويزن کان آگاهه ڪندا.
-
ادارو
* مضمون
مهتاب اڪبر راشدي
آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سنڌي عورت جو ڪردار
ڪنهن به ملڪ يا خطي جي تاريخ هڪ اهڙي آئيني مثل هوندي آهي، جنهن
۾، موجود زنده نسل، پنهنجي صورت سڃاڻي، حال جا
لاڳاپا ماضيءَ سان ڳنڍي ڪمين ڪوتاهين کي درست ڪري،
اڳ کان قائم ٿيل روايتن تي زماني جي ضرورتن پٽاندر
قدم وڌائي پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ ۾ مشغول ٿي
ويندو آهي. تاريخ جي اهميت ئي اها هوندي آهي: پاڻ
سڃاڻڻ ۽ پاڻ پرکڻ؟ پاڻ کي سمجهڻ ۽ ٻين کي پنهنجي
باري ۾ سمجهائڻ.
تاريخ ڪنهن قوم جي ماضيءَ جي شاندار ڪارنامن جو دستاويز به ٿئي
ته ايندڙ نسلن لاءِ رهبريءَ جو ڪارڻ پڻ. پرڪي
قومون وقت جي تيز وهڪري ۾ ائين ته وهي وينديون
آهن، جو سندن وڏڙن جا ڪارناما، انهن جون قائم ڪيل
بي مثل روايتون، حياتيءَ جي مامرن سان سندن جوٽيل
جنگ، سڀ ڪجهه سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويندا آهن.
هو زندگيءَ جي بي ڪنار سمنڊ ۾ بي مقصد هٿوراڙيون
ڏيندا، ڪڏهن ڪنهن ڦُرهي ۾ هٿ پيا وجهندا ڪڏهن ڪنهن
سڙهه جي سامهون ٿيندا. اهو محض ان ڪري ٿيندو آهي
جو هو پنهنجو پاڻ کان بي خبر ۽ پنهنجي ماضيءَ کان
اڻ ڄاڻ هوندا آهن. هنن جي پويان شاندار ماضي هوندو
آهي، پر پرکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ نه عقل هوندو اٿن نه
فهم ۽ نه وري وقت، نتيجاً اهڙيون قومون وقت گذرڻ
سان گڏوگڏ پنهنجي حيثيت به وڃايو ڇڏين ته پنهنجي
اهميت به. اها ساڳي حالت ۽ ساڳي بي حسي اسان جي
هن مقالي جي موضوع سان به وابسته آهي، جنهن ۾ سنڌ
جي سدوري ۽ سونهاري ڌرتيءَ جي سٻاجهڙين عورتن جي
انهن ڪارنامن جو ذڪر ڪرڻو آهي، جيڪي بيشڪ سورميون
هيون پر سندن ذڪر وقت جي واچوڙي جي دز ۾ لٽجي ويو
آهي.
سنڌ جي تاريخ ۾ نه ڄاڻ ڪيتريون اهڙيون عورتون موجود آهن. جن جي
ڪيل ڪارنامن جي ڀيٽ دنيا جي تاريخ ۾ موجود بهادر
عورتن سان ڪري سگهجي ٿي. پر هتي ڪنهن کي ايتري
فرصت آهي، جو انهيءَ دز کي هٽائي لڪل لعل ڳولهي؟
انهيءَ لاتعلقي ۽ بي حسيءَ جو سبب رڳو پنهنجي تاريخ کان
ناواقفيت ئي ڪونهي، بلڪه اهو معاشرو، اهو ماحول ۽
حالتون آهن، جنهن ۾ سنڌ جي عورت رهي آهي ۽ رهندي
پئي اچي اسان پنهنجي ماضيءَ کي کڻي ڪيترو به
ساراهيون ۽ ٻين تهذيبن سان مقابلو ڪيون ۽ لاشعوري
طور تي پنهنجي عورتن کي سورميون بڻائي پيش ڪيون،
پر عملي طرح سان اسان جي سماج ۾ انهن سان جهڙو
ورتاءُ روا رکيو ويو آهي، تن نه ڄاڻ ڪيترن سوڍين،
ڪيترن ماريئن ۽ ڪيترن ٻاڳهين کي پنهنجي غير منطقي
۽ بي بنياد روايتن جي چتا تي ڀينٽ پئي چاڙهيو آهي.
انهن سڀني حقيقتن ۾ وڏو عمل دخل ان نظام جو آهي، جنهن تحت سنڌ
هميشه کان رهندي آئي آهي. برصغير جي مڙني پرڳڻن
جون حالتون سنڌ کان اڪثر مختلف رهيون، انهن ۾ سنڌ
آڳاٽي وقت کان جاگيرداري نظام جي تابع رهي، جنهن
بيشمار بدعتن کي جنم ڏنو، ۽ جنهن نظام جو وڏي ۾
وڏو تحفو آهي جهالت. سنڌ جي عورت، انهيءَ جهالت جي
دور جي پيداوار هوندي به پنهنجي سر، پنهنجي ذات کي
ڪنهن نه ڪنهن طور مڃرائيندي آئي، جو شايد سندس
ضمير انهيءَ مٽيءَ مان جڙيل آهي، جيڪو بناوت ۾
اڏول، نه جهڪندڙ ۽ نه ٽٽندڙ آهي.
سنڌ جي عورت انهيءَ ماحول جي پيداوار آهي، جنهن ۾ مرد جي
موجودگيءَ ۾ ساڳي کٽ ته ڇا پر پاسي ۾ پيل کٽ تي
ويهي مرد جي برابري ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي.
سندس ذات سان واسطو رکندڙ مڙني فيصلن جو اختيار بيشڪ راڄ ڀاڳ
ڪن، پر هوءَ پاڻ انهن تي ڳالهائڻ ته پري، پر ٻڌڻ
جي حقدار نه آهي. گهر جي مال ملڪيت جو مسئلو هجي،
چوري چڪاري جو معاملو هجي يا ٻني ٻاري جو سوال،
مرد ان باري ۾ نه عورت کان راءِ طلب ڪندو نه ئي
کيس اهڙو حق ڏيندو ته پنهنجي راءِ ڏئي.
ٻاهر اوطاق ۾ ويهي راڄ، ڀاڳ، مڙس، پٽ، ڀاءُ پيءُ خاندان، زمين ۽
ملڪيت جي باري ۾ ويهي فيصلو ڪندا ۽ هوءَ لاتعلق
بڻي، چاڏيءَ ۾ ڏڌ ولوڙي رئي جي پلاند سان ٻڌل
چاٻين کي هٿ لائي دل کي آٿت پئي ڏيندي ته گهر جي
مالڪياڻي ته هوءَ ئي آهي_ پر انهن چاٻين مان وٽس
اهڙي ڪا چاٻي ڪا نه هوندي، جنهن سان سندس زندگيءَ
۾ ذهني سجاڳي ۽ آزاديءَ جو ڪو در کلي سگهي.
اهڙي ماحول ۽ حالتن سبب اسان جي معاشري ۾ عورت کي ڪم ذهن، بي
همت ۽ ڊڄڻو سمجهيو وڃي ٿو. هوءَ عجيب و غريب
چوڻين، پهاڪن ۽ مثالن جو نشانو بڻجي رهي آهي.
واهڻن ۾ ڪنهن کي ڪا وڏي گار ڏيڻي هجي ته ان کي
”مائو پٽڙو“ چئي ڏسو، بس غيرت فورن جوش کائيندي ۽
معاملو مرڻ مارائڻ تائين پهچي ويندو. ڄڻ ته اهو
پٽ ماءُ سچي به ڪو نه ڄڻيو هو، سنئون سڌو عرش تان
لهي فرش ڀيڙو ٿيو هو.
لوڪ ڪهاڻين ۾ دودي چنيسر جي قصي ۾ آزاديءَ جي ويڙهه جو ذڪر
اتيئي ڇٽو - اڌ پنا ان ۾ ڪارا ڪيا ويا ته پڳ
ٻڌرائڻ کان اڳ چنيسر ماءُ کان پڇڻ ڇو ويو-؟
ووٽرن جي لسٽن ۽ عورتن جا نالا انهيءَ ڪري ڪو نه لکرائبا ته
متان راڄ ڀاڳ کلن ته پنهنجي ننگن جا نالا ٿا
لکرائين_ پوءِ ڀلي ته قوم وڃي اڪثريت مان ڦري
اقليت ۾ ٿي وڃي، جنهن جو چوٻول هاڻي اخبارن ذريعي
ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ پٺاڻ هيترا لک آهن مهاجر
هيترا لک ته....
ان ساري صورت حال کي آڏو رکندي جڏهن اسان کي پنهنجي تاريخ ۾
اهڙيون عورتون ملن ٿيون جن مختلف دورن ۾ ظلم ۽ ڏاڍ
۽ ناانصافي خلاف جنگ جوٽي، نه صرف آواز اٿاريو، پر
پنهنجي ۽ پنهنجي سهاڳن ۽ اولاد جي قرباني ڏئي
پنهنجي ديس جي مٽيءَ کي ملهايائون، تڏهين اسان
سندن اها ڀيٽا، سڀني کان مٿاهين ڀائينداسين جو هو
اهڙي ماحول مان نڪري نروار ٿيون. جتي اڄ به 75
سيڪڙو نياڻيون، پراڻين ۽ بي بنياد روايتن، ذات ۽
پات ۽ ڪوڙن رسمن رواجن جي نالي ۾ قيد ۽ جهالت جي
اونداهيءَ ۾ رکيون وڃن ٿيون. صدين کان مغلوب هئڻ
ڪري عوام جي وڏي حصي مان شعور، سوچ ۽ سمجهه ختم ٿي
ويندي آهي. اها قوم روشنيءَ جا گهٽ ڇڏي اونداهن
پيچرن ۾ گم ٿي ويندي آهي، ان ڪري قومي وصفن کي
جاچڻ لاءِ هڪڙو ئي وسيلو رهجي ويندو آهي. اهو آهي
ان قوم جي ادب ۽ فن سان قومي اصليت ۽ اهميت کي
جاچڻ ۽ پرکڻ.
اسان ٿورائتا آهيون شاهه ۽ سچل ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جا جن
پنهنجي داستانن ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ عورت کي سورمي
بڻائي سندن سورهيائي، سچائي بهادري ۽ دليريءَ جو
ثبوت پيش ڪري سنڌي عورت جو مان مٿي ڪيو.
جڏهن اڄ هن دور ۾ اسان پنهنجي نسل خاص طور تي عورتن کي باقي
دنيا جي عظيم عورتن جي ڪارنامن کان آگاهه ڪرڻ
چاهيون ٿا، اتي ان ڳالهه جي اشد ضرورت آهي ته کين
پهرين سندن ديس جي عورتن جي ڪارنامن کان واقف
ڪرائجي.
سنڌ جي تاريخ جي ورقن تي جن عورتن جا نالا نقش ٿيل آهن. تن مان
خاص طور تي سومرا دور جون عورتون قابل ذڪر آهن، جن
پنهنجي ديس کي ڌارين جي حملي کان بچائڻ لاءِ سڄو
خاندان قربان ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ به ميدان جنگ ۾ نڪري
آيون. انهن ۾ تارا ٻائي، (دودي جي پهرين زال) موجو
ٻائي (سنگار جي زال) ٻاگهل ٻائي (دودي جي ٽئين
ڀيڻ) ساران (محمد سومري جي زال) ڪويل (ننگر سومري
جي مڱ) ۽ مالها (هاسي سوڍي جي زال) نه وسرڻ جهڙا
ڪردار آهن.
ماضيءَ کي ڇڏي جڏهن اسان ٽي چار ڏهاڪا پوئتي نهاريون ٿا ته سنڌ
۾ هڪ ئي تحريڪ اهڙي سامهون اچي ٿي، جنهن جهڙي
برصغير ۾ ٻي ڪا تحريڪ موجود ناهي - ان آزاديءَ جي
ويڙهه ۾ مرد ته مرد پر سنڌ جي عورت پاڻ اهڙو
ملهايو جو هوءَ تاريخ ۾ سدائين امر ٿي وئي.
اها جدوجهد حر تحريڪ جي نالي سان مشهور آهي. اها ويڙهه جنهن
انگريزن کي ٽوٽا چٻرائي ڇڏيا ۽ انهن کي احساس ٿيو
ته ڪنهن ڌرتيءَ تي بندوقن ۽ بارودن وسيلي وقتي طور
تي ته قدم ڄمائي سگهجن ٿا، پر اتي سنگين جي سهاري
سڪون سان گهڻو وقت حڪومت هلائي نه ٿي سگهجي.
ان تحريڪ ۾ سنڌ جي عورت جو ڪردار بي مثال ۽ لازوال آهي. اها
اسان جي بدقسمتي ۽ بي حسيءَ جي انتها آهي جو اسان
جو نئون نسل نه رڳو ان کان لا علم آهي پر اسان جي
مورخن، اديبن ۽ محققن کي به ان تي جيترو ڪم ڪرڻ
گهرجي اهو نه ٿي سگهيو آهي.
هيءَ تحريڪ سنئين سڌي انگريزن خلاف بغاوت هئي ۽ آزاديءَ جي
جدوجهد ۾ هڪ سنگ ميل- ان ۾ هر عورت هر سطح تي مرد
سان شريڪ هئي. گهر ۾، جيل ۾، جهنگ ۾ جنگ ۾ برپٽ ۾
ريگستان ان سموري مانڊاڻ ۾ قدم قدم ۾ شامل هئي ۽
جيلن ۾ ته عورتن نه صرف ٻارن ٻچن کي پاليو پر
ضرورت وقت بندوق کڻي انگريزن ۽ ان جي ڇاڙتن ديسي
سپاهين سان وڙهنديون به رهيون.
حرن ۾ اڪثريت سماٽن جي هئي، جن جون عورتون ٻانهن ۾ ڪاج جا چوڙا
پائينديون هيون، پر ويڙهه ۾ سهوليت جي پيس نظر مٿن
اها پابندي وڌي وئي ته هو اهي چوڙا نه پائن جيئن
وڙهڻ ۾ سهوليت ٿئين.
پردي جو اهو مسئلو، جنهن ۾ اسان اڄ به ڦاٿا پيا آهيون، تنهن کي
انگريز جي غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾
سبب بنائي عورت کي ان جهاد ۾ حصي وٺڻ کان روڪيو به
ويو. سنڌ جي سادڙي سٻاجهڙي عورت مقصد کي مقدم رکيو
۽ مرد جي ساٿ سان، وک وک تي گڏ رهي اهو عورت جوئي
ساٿ هو، جو اها تحريڪ ايترو وقت جاري رهي سگهي. نه
ته جي گهر جا مرد، مهينن جا مهينا گهر کان پري
رهن. گهر جو منهن ئي نه ڪن ته گهر جو چرخو هلائڻ
وارو ڪير هو؟ عورت... ڇا سندس اها قرباني آزاديءَ
جي جدوجهد جو حصو نه چئبي...؟
ان تحريڪ ۾ هر عورت پنهنجي گهر جي مردن لاءِ اهڙو ماحول پيدا
ڪيو جو گهر، زال، ماءُ، ٻار ٻچا.. ڪا به شيءِ مقصد
ماڻڻ جي راهه ۾ زنجير بڻجي آڏو نه آئي، قيد مرد
پئي ٿيا. سٺو عورتن، شهيد مرد پيا ٿين، سهن پيون
عورتون، مرد هڪڙي محاذ تي جنگ جوٽي بيٺا هئا ۽
عورت جي ويڙهه ٻن محاذن تي هئي. هڪ گهر جي اندر ٻي
گهر کان ٻاهر. حر تحريڪ ۾ بهڻ، وساڻ، نظاماڻي،
ڳاها، راڄڙن ۽ هنڱورجن جون عورتون باقاعدي مردن
سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهيون. مکيءَ جو ٻيلو اڄ
به انهن بهادر عورتن جي بهادريءَ جو گواهه آهي، جن
پنهنجي حرفت ۽ سياڻپ سان انگريزن کي چڻا چٻرايا.
آزاديءَ جي ويڙهه وڙهڻ وارن مان اڄ به اهڙا ڪيترا شاهد جيئرا
هوندا جيڪي بصران خاصخيلڻ، زهران عثمان، عصمت،
مائي مريم، نوري، مرادان خاصخيلڻ، منان خاصخيلڻ،
مائي سون ٻائي، لال خاصخيلڻ ۽ زينت جا ڪارناما
نئين نسل کي ٻڌائڻ لاءِ آتا هوندا.
انهن مان هڪ هڪ جي ڪهاڻي ڄڻ ته ڪا افسانوي ڪهاڻي هجي، ڪا الف
ليليِٰ جو قصو، پر اهي حقيقتون آهن، جن هن سر زمين
تي جنم ورتو، جن جا گواهه اسان جا ۽ توهان جا وڏا
آهن ته ان تحريڪ ۾ شامل عورتن آزاديءَ جي هن جنگ ۾
ڌارين جا پير پٽڻ لاءِ ڇا نه ڪيو؟ زخمين لاءِ
ڏوراهن هنڌن تان دوائون هٿ ڪرڻ، بارود ۽ هٿيار گڏ
ڪري کين پهچائڻ سانگ رچائي انگرين ۽ ديسي آفيسرن
کي ڌوڪو ڏيڻ، جاسوسي ڪرڻ، ۽ مجاهدن کي دڳ لائڻ
اهي سڀ ڳالهيون عورتن جي ذمي هيون.حرن جي سرگرمين
کي ڪچلڻ ۽ کين محدود ڪرڻ لاءِ انگريزن لوڙها ٺاهيا
(جن کي ٻين لفظن ۾
concentration
Camp
چئي سگهجي ٿو.) انهن لوڙهن ۾ حرن جا ڳوٺن جا ڳوٺ ۽
خاندانن جا خاندان بند ڪيا ويندا هئا، پر انهن سخت
پهرن مان به عورتون وجهه ملندي ئي پنهنجي ۽ پنهنجن
ٻچن جي جان جي بازي لڳائي نڪري وينديون هيون ۽ وڃي
وڙهڻ وارن سان شامل ٿينديون هيون.
سنڌ جي عام عورت، جنهن عملي ۽ ناقابل يقين جي حد تائين مشڪل
نموني آزاديءَ جي جنگ وڙهي، تنهن سندس ڪنڌ دنيا جي
۽ پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۾ مٿاهون ڪري ڇڏيو آهي. اها
ڳالهه وثوق سان چئي سگهجي ٿي ته انگريزن خلاف،
برصغير ۾ جيڪي به تحريڪون هليون، انهن مان ڪنهن ۾
به اهڙي نموني ڪٿي جي به عورت حصو نه ورتو. اها
ٻي ڳالهه آهي ته اڃا تائين به سنڌ جي عورت کي
پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۾ جائز مقام نه ملي سگهيو
آهي. ان تاريخي جدوجهد ۾ نامور مجاهدن سان گڏ،
جنهن عورت جو نالو اوچو اڀريو اهو هيو مائي
بختاور.
مائي بختاور، ذات جي خاصخيلڻ صيدو ڳوٺ تعلقي عمر ڪوٽ جي رهندڙ،
مڙس جوانيءَ ۾ گذاري ويس، پنهنجي پٽن سان زندگيءَ
جو گاڏو پئي گهليائين. ڳوٺ جي سادي سودي پر باشعور
عورت، جيڪا حيدربخش جتوئي، غلام محمد لغاري ۽ سوڀي
گيانچنداڻيءَ جي هلايل هاري تحريڪ تحت جلسن ۾ وڃي
تقريرون ٻڌندي هئي ۽ نتيجي ۾ ذهني طرح ايڏي سجاڳ
ٿي جو پٽن جي جيل وڃڻ کان پوءِ اڪيلي سر پنهنجي
حصي جي فصل حاصل ڪرڻ لاءِ زمين تي قبضو ڪري ويٺي.
ظلم ۽ ڏاڍ ۽ ناانصافيءَ خلاف اڪيلي سر احتجاج
ڪيائين. انگريزن جي زور تي سندس ڇاڙتن زمين جي
قبضي ڇڏائڻ لاءِ کينس ڊيڄاريو ڌمڪايو ۽ آخرڪار
ماري وڌو، پر هوءَ ظلم ۽ جبر اڳيان جهڪي نه پر
شهيد ٿي ظلم ۽ ناانصافي خلاف هڪ زندهه علامت بڻجي
وئي.
اهي اهيون سنڌ جون اهي سورميون جن وطن کي ڏاڍن جي ڏاڍ کان آزاد
ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏني، انهن نه
تقريرون ڪيون نه جلسا ڪوٺايا نه صدارتون ڪيون، نه
اسڪولن جا منهن ڏٺا نه ڪاليجن جا، پر پنهنجي ذهن،
۽ پنهنجي ضمير ۾ اهي ايتريون سجاڳ ۽ سڄاڻ هيون جو
ديس جي تاريخ پنهنجي خون سان لکي هميشه لاءِ امر
ٿي ويون. انهن لاءِ ئي شاهه صاحب چئي ويو آهي.
مرمائر سي مرڪن _ جن اهڙيون ڌيئر ڄايون (شاهه)
پوءِ اچي ٿو انهن عورتن جو دور، جن وڏا شهر به ڏٺا وڏ گهراڻي
جون به هيون، اسڪول جو به منهن ڏٺل هين ۽ انهن مان
ڪيتريون اهڙيون هيون جيڪي ٻاهران پرڻجي سنڌ ۾ آيون
۽ پنهنجن مردن جي مسلم ليگ ۾ شامل هئڻ ۾ سندن
همٿائڻ تي ٻاهر نڪتيون، مختلف جاين تي جلسا
ڪيائون، تقريرون ڪيائون، اٻوجهه عورتن ۾ سجاڳي
آندائون ۽ پنهنجو مقصد واضح ڪيائون.
انهن جا ڪارناما پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ مقدم آهن جو انهن اهڙي
وقت ۾ آزاديءَ جو جهنڊو هٿ ۾ کنيو جڏهن مرد ان
ڏوهه ۾ جيلن جي ڪوٺڙين ۾ پوريا پئي ويا. انهن
بيگماتن مان ڪجهه نالا هي آهن.
بيگم شعبان _ بيگم هارون _ بيگم هدايت الله – بيگم الانا، بيگم
قاضي شمس الدين، بيگم ڀرڳڙي، طاهره آغا، بيگم نور
محمد، بيگم پير جهنڊي واري ۽ بيگم سيد عبدالرحيم
شاهه سجاولي.
انهن مان ڪي سنڌ جون ڄايون هيون ته ڪي سنڌ جي ڄاين جا ننگ
هيون، پر هنن سڀني گڏجي ملڪ جي آزاديءَ لاءِ
پنهنجي وس کان وڌيڪ پاڻ پتوڙيو ۽ سنڌ جي نالي کي
مٿاهون ڪيو.
هونءَ ته هن موضوع تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي، جيڪا هن مهل
تائين ڪا نه ڪئي وئي آهي. آزاديءَ جي جدوجهد جو
ذڪر مٿاڇري نموني ڪيو ته وڃي ٿو، پر ان ۾ سنڌ جي
عورت جي ڪردار کي سنجيدگيءَ سان منظر عام تي آڻڻ
جي شعوري ڪوشش ڪنهن به نه ڪئي آهي.
اڃا به وقت نه ويو آهي سنڌ جي سُڄاڻ ماڻهن، مورخن ۽ حر تحريڪ
جي مجاهدن کي ان ڏس ۾ قلم کڻڻ گهرجي.
* مضمون ڊاڪٽر نسرين ناريجو
سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بدحالي
ارسطوءَ کان هڪ موقعي تي ڪنهن پڇيو ته توهان جي خيال ۾ اڻ پڙهيل
ماڻهو جي مقابلي ۾ تعليم يافته يا علم واري ماڻهو
جو مان ڪيترو مٿانهون آهي؟ تڏهن پاڻ جواب ڏنائون
”اوتروئي جيترو زنده مئل ماڻهو ۾ آهي.“ ارسطو
پنهنجي دور جو هڪ وڏو فلسفي ٿي گذريو آهي، اگر
اسان صرف سندس ان جملي جي معنيٰ ۽ مفهوم کي وٺي ۽
پوءِ پنهنجي معاشري کي ڏسون ته خبر پوندي ته مار!
اسان وٽ ته رڳو 27 کان 30 سيڪڙو ماڻهو زندهه آهن.
باقي سڀ مئل!!! ۽ وري جيڪي پڙهيل آهن اهي به
معياري لحاظ کان ارسطو جي ڪسوٽي تي پورا نٿا بيهن.
اڌورا ۽ ناقص.
مان ڪا وڏي فلاسافر ته نه آهيان ۽ نه ئي تعليمي ماهر، ليڪن
ايترو سو ضرور آهي ته ان تعليم جي متاثر ٿيل ضرور
آهيان جنهن جو نه ڪوئي مقصد آهي ۽ نه ئي منزل نه
وري اها اسان کي روزگار جو ذريعو مهيا ٿي ڪري ۽
نه ئي ذهني سجاڳي، اڄڪلهه جي تعليم، نه ته شاگرد
کي بااخلاق ٿي بنائي ۽ نه وري باصلاحيت. گذريل
ڏهاڪي ۾ ته اسان کان اهو به وسري ويو هو ته هڪ
سڌريل معاشري لاءِ تعليم به ان جو لازمي حصو هوندي
آهي. هاڻ ڪجهه هوش ته وريو آهي، پر ان ۾ به ايترو
آسرو ڪونهي جو تعليم کي تباهي کان نجات ڏياري
سگهي.
سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ۽ ان جو حل؛
تباهي لفظ جي معنيٰ ته کڻي ڇا به هجي، ليڪن جڏهن به ڪنهن شئي کي
پنهنجي محور کان هٽيل ڀانئبو آهي، تڏهن ان لاءِ
تباهي يا بربادي جو اکر استعمال ڪبو آهي. انسان جو
درجو اشرف المخلوقات آهي، کيس هن ڌرتيءَ تي اچڻ جو
پهريون حڪم ”علم“ جو مليو. جيڪڏهن علم بنان انسان
جو ڪوئي مول مقصد جڙي ها ته خدا تعاليٰ اقرا جو
درس سڀ کان پهرين نه ڏي ها. تعليم جو اصل محور يا
اصل روح ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو اهو ذريعو آهي، جيڪو
انسان جي نه صرف ذهني نشنونما ڪري ٿو، پر کيس عقل
۽ روشن خيالي جي اها راهه ڏسي ٿو، جنهن سان عام
انسان جي مسئلن حل ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ انسان وقت
جي وهڪري سان هلڻ جي قابل ٿئي ٿو.
ليڪن اڄ جي تعليم ذهني نشونما ۽ ڄاڻ ته پري رکيل رهي کيس بي
عقلي ۽ دماغ جي منفي سوچ جو اهو ڏس پتو ڏئي ٿي
جنهن سان عام ماڻهن جا مسئلا حل نه بلڪه مسئلا
ڪيئن پيدا ڪجن؟ ان جو درس ملي ٿو.
ڪارڻ
عدم دلچسپي
Lack of interest
شاگردن جي طرفان؛ ٻار جي تعليم تڏهن کان ئي شروع ٿئي ٿي جڏهن
کان هو هن وشال ڌرتي تي اکيون کولي ٿو. ليڪن سندس
ٻالڪپڻ گهر جي ڪل، ڪل معاشي بدحالي جي نظر ٿيو
وڃي. اڃا خوشحال گهراڻي ۾ ته ماءُ ۽ پيءُ جو پاڇو
به ڪو نه پوندو نتيجي طور پهرين ڏاڪي تي عدم توجهي
ڪري- ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي دلچسپي گهٽجي ويندس. اسڪول ۾
پهچندو ته ٻارن جي رش، ناقص طرز و تعمير استاد جو
گهٽ ڌيان کيس سچائي جي سونهن ڳولهڻ بجاءِ پنهنجي
ڪم عقلي ۾ ڪم چور بنائيندو، جنهن ڪري جستجو جو اهو
عمل جيڪو هن عمر ۾ سندس ذهني نشو و نما ڪري، اهو
ڀولڙي جي ناچ جي نظر ٿيو وڃي. اڃا ٿورو اڳتي
سيڪنڊري سطح تي تعليم عام نه آهي ۽ نه ئي بهتر
سهولتون، ان ڪري اسان اها ذهني سوچ پيدا نٿا ڪري
سگهون، جيڪا ڪاليج ۽ يونيورسٽين تي پهچي ٿي.
بهتر تعليمي ادارن ۽ درسگاهن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا غلط سياسي
پاليسين جي نذر ٿيو وڃي معتصابانه رويو ۽ غير
موافق حالتون منجهس مقابلي جي جذبي بجاءِ تعصب جو
رويو پيدا ڪن ٿيون، انهن ئي ڳالهين جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي
شاگرد پنهنجو اصل محور وڃايو ويهي. آخر نتيجو، گهٽ
دلچسپي وڃي ٿي رهي اڃا به رڳو اها ڳالهه هجي ته به
ٺهيو ليڪن اسان جي معاشري جا اڇا هاٿي خوفناڪ ۽
ڀيانڪ جهنگلن اڳيان خوبصورت ۽ زيب و زينت جا اهي
طلسمي محل اڏيو ڇڏين، جن تي
frustrated
ذهن جلد ئي ڀنڀلجيو وڃي، نتيجي ۾ غير واجبي
حقيقتون ۽ شيطاني قوتون مٿن غالب اچيو وڃن.
استادن جي گهٽ دلچسپي؛
اڄ ڪلهه جي دور ۾ پڙهائڻ سڀ کان سهل ۽
آسان آهي – اڳي چوندا هئا ڪجهه نٿو ڪرين ته وڃين
پن – اڄ جو (Term) ڪجهه اهڙو ئي ٿي ويو آهي جو چون ٿا ٻيو ڪجهه نٿو پڄئي ته
ابا وڃي ماستري ڪر. ڪٿي آهن اهي سنڌ جا آخوند جن
لاءِ پڙهائڻ هڪ مشن هوندو هو جيڪي علم جا دريا
هوندا هئا، جتي شاگرد پري پري کان ڪهي اچي، علم
جي اڃ اجهائيندا هئا، هاڻ ته اسان جي درسگاهن ۾
سست ڪاهل ڪم چور استاد اهڙا اچي مڙيا آهن، جو اسان
ٺٽو، بکر، هالا، جهڙا تعليمي درسگاهه ته ويران
ڪيا، پر پوري سنڌ هٿان وڃائي رهيا آهيون. وڏي
ڳالهه ته جيڪي ڪجهه ويچارا محنتي ۽ باضمير آهن اهي
به معاشي بدحالي جي ان گهاڻي ۾ پيڙهجن پيا، جو
انهن کان پڙهڻ پڙهائڻ ئي وسريو وڃي، نتيجي ۾ تعليم
جي جنازي نماز، پڙهائڻ وارو امام به ڪونهي. |