مائٽن جي
دلچسپي؛
اعليٰ ترين تعليمي درسگاهه گهر هوندا آهن ليڪن معاشري ۾ اهڙو
واءُ وريو آهي جو ٻار کي ماءُ جي هنج بدران ڪاٺ جو
گاديلو نصيب ٿئي – عدم توجهه جو پهريون نشانو ته
کيس (Bottlefed) ڪرائي. ماءُ پيءُ ڀاءُ ئي تعليم جي بدحالي جا متاثرين
ته اولاد کي ڪهڙو سبق پڙهائيندا، پاڻ ئي حوس جي
ڊوڙ ۾ ته اولاد تي ڪهڙو توجهه ڏيندا، تعليم جي
لحاظ کان ڀاڙيندا اسڪولن تي وڏا وڏا انگريزي
اسٽائيل جا اسڪول کولرائيندا انهن کي همٿائيندا،
ٻار کي پوري مادري زبان ڪا نه اچي، انهن کي عمل
فهم فراست غير مادري زبان ۾ سيکاريندا ته اها ڪهڙي
انهن جي پلئه پوندي. ننڍن ٻهراڙي جي علائقن ۾ ته
اسڪول هجن نه- مائٽن کي ٻه ويلا مانيءَ جا نصيب نه
آهن. اگر همت ڪري ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ موڪلن ته
ڪٿي؟ اتان جا پڙهيل اڳتي ڪنهن اداري ۾ تعليم جا
سرٽيفڪيٽ ڏيکاري تڏهن به اهو ئي ته (Rural)
جي پڙهائي جو ڇا معيار هوندو، اسان کي ته (Cambridge)
۽ (Bcacan)
جا کپن، نتيجي ۾ ٻنهي پاسي ٻار جو نقصان ٿو ٿئي.
معاشرو
گهر جي چوديواري کان وٺي گهٽي، محلي، ڳوٺ، واهڻ وستي شهر ۽ ان
خطي ۾ رهندڙ ماڻهو معاشي طرح سڌي يا اڻ سڌي طريقي
سان انسان جي زندگي تي اثر انداز ٿين ٿا – اسان جو
اڄڪلهه جو معاشرو حوس جي ان ڊوڙ ۾ شامل آهي، جتي
پئسو بذات خود پاڻ ۽ انهن سان ڀريل کيسن (Pockets)
وارا عام ۽ اٻوجهه انسانن کي انهيءَ سڪي جي اشاري
تي نچائي رهيا آهن، جن کي خود انهن ئي باهه جي
بٺين ۾ سخت ساڙيندڙ گرمي ۾ پچائي گهڙي ٺاهيو آهي،
معاشري جي صرف اها ڊوڙ نه بلڪه ان جون ٻيون قدرون
مثلن هڪ ٻئي کان برتر ٿيڻ جي خواهش، سياسي مفاد،
وڌندڙ مادي خواهش، حقيقي سماج جي اعليٰ قدرن جو،
ستياناس پيون ڪن ۽ اسان جي صحتمند سوچ کي پٺيءَ
ڏانهن ڌڪينديون پيون وڃن.
انتظاميه جي لاتعلقي؛
شاگرد پاڻ سندن مائٽ، استاد، معاشرو جتي بدحالي جو شڪار هوندا،
اتي انتظاميه جون واڳون به اهڙن چيڙاڪ ۽ غير مخلص
عملدارن جي ور چڙهيو وڃن جيڪي تعليم جي اصل روح کي
اڏائي باقي کوکلي جسم کي خوبصورت زيورن سان آراسته
پيا ڪن – جن وٽ تعليم جا اگهه مقرر ٿين، جيڪي
استاد جي نالي کان به پري ڀڄن، پنهنجي اڳيان پويان
هلندڙن کي ڪاغذي اسڪولن ۾ ڪاغذي نوڪريون ڏيو مڙئي
فرض جو پورائو پيا ڪن.
مقصد تعليم جو نه منهن آهي نه سر، ڄڻ اهو عجيب معمول بڻجي ويو
آهي، جو ڪوئي سمجهي نٿو سگهي – سمجهي به ڪيئن؟
ڪنهن کي علم جي اڃ هجي ته ان کي اجهائڻ لاءِ
واجهائي- جڏهن پياس نه لڳي ته پوءِ رڻ ۾ به اڃ
مريو وڃي – هر ماڻهو کان شوق ۽ دلچسپي ڪوهين ڏور
هلي وئي آهي.
پر هڪڙي ڌر کي شوق آهي ۽ حد کان وڌيڪ شوق ۽ انهن جي ئي شوق
اڳيان سڀني جا شوق سهمجي ويا آهن – ان ڌر کي تعليم
سان به چاهه آهي ۽ تعليمي درسگاهن سان به، اها آهي
اسان جي بي عقلي ۽ جهالت واري سياست – حوس جي دنيا
۾ اسان جا وڏڙا ايترو ته اڳيان نڪري ويا آهن جو
هاڻ سندس اعليٰ قدري ۽ شيطاني چرخي کي قائم رکڻ
لاءِ ڌرتيءَ تي موجود هر شيءِ تي پنهنجو حق ٿا
سمجهن. عورت تي حاڪميت، وڻن ٽڻن جهنگ جهرن تي
حاڪميت ماڻهن جي ذهنن دلين، جگرن گردن تي حاڪميت
ان حاڪميت جي عمل جي ازالي لاءِ اسان کي صديون
گهرجن، اهڙي گروهه جي حاڪميت اهڙي معاشري کي جنم
ڏيندي آهي، جتي ماڻهن جا (Brain
wash)
ڪيا ويندا آهن، جتي ماڻهن کي ذهني ۽ روحاني عذاب
ڏئي پستي جي اونداهي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي.
اهو انهن لاءِ ان ڪري آسان هوندو آهي، جو معاشري
جي صرف هڪ (System) (تعليم جي سرشتي) کي ناڪاري ڪرڻ سان سندن مطلب پورو ٿي
ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو جنهن خطي جنهن قوم
جا مدرسا ۽ درسگاهه ملڪن ۾ مشهور هئا، جتي جا عظيم
فرزند غيرتمند انسانن جا شناس ڪندڙ، سچائي جا
سونهان ۽ علم جا دريا هئا، اتي اڄ اچي ڪنگن آکيرا
ڪيا آهن ۽ اهڙو واءُ وريو آهي، جو اسين سڌريل قوم
جا فرد به سڏائڻ لائق نه رهيا آهيون.
اسان جي معاشري ۽ قوم کي ڏسي ڇا ڪوئي اندازو ڪري سگهي ٿو ته هي
20 صدي آهي. جيڪا پٿر لوهه، خلائي سائنس عروج
گذاري هاڻ ڪهڪشائن جي انهن وسعتن کي عبور ڪري رهي
آهي جتي انسان جي ذهن جي وسعت به نٿي پهچي سگهي،
اگر گند جي ڍير مٿان اسپري ڪري ٻاهرين دنيا کي
ڏيکاريندئو ته به گند جي بدبوءِ ته ڪا نه گهٽبي،
البته اها خود فريبي چئي سگهجي ٿي.
سري لنڪا، برما، بنگلاديش، مالديپ جهڙا ملڪ جن اسان کان پوءِ
آزادي جي نعمت ماڻي، انهن جو خواندگيءَ جو سيڪڙو
به اسان کان وڌيڪ- اسان لاءِ ته اهو رئڻ جو مقام
آهي، پر خبر نه آهي ڇو انهن سڏڪن جو وس وارن کي
سرلو ڇو نٿو ٿئي.
اميدن جي ڪرڻن تي دنيا قائم و دائم آهي، اسان لاءِ اڃا به وقت
ايڏو نه ويو آهي – اڃا اماسن جي رات نه آئي آهي –
اڃا به منزل جي راهن ۾ ٽانڊاڻا ٽمڪن پيا، پر اهي
ناڪافي آهن – اسان کي علم جي اها ابدي روشني پيدا
ڪرڻي پوندي جيڪا ٿرمل بجلي يا جوهري وسيلن جي
محتاج نه هوندي - اها روشني سج وانگر سچي صاف ۽
سونهن ڀري هوندي، جيڪا جهالت جي گهور انڌيري رات
کي اسان کان پري وٺي ويندي ان لاءِ اسان کي ڪجهه
سوچڻو ڪجهه لوچڻو ۽ ڪجهه ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن ڪوئي انسان ذهن جي هڪڙي (Neuron)
کي به بهتر استعمال ڪري ته بخوبي ڳالهه واضح ٿي
ويندي ته اها بدحالي هٿراڌو جوڙيل آهي، جنهن کي
ختم ڪرڻ سهل ۽ سولو آهي، پر صرف بهادري ۽ جوانمردي
جي ضرورت آهي – هن سڄي نظام کي بدحالي جي بيماري
کان نجات ڏيارڻ لاءِ وري ترتيب ڏيڻو پوندو ان لاءِ
نئون بنياد وجهڻ جي ضرورت آهي. اهڙو پڪو بنياد
جنهن کي بدحالي جي ڪلر کان بچائڻو پوندو، ان کان
پوءِ ئي عمارت مضبوط ۽ جٽادار بڻبي.
مون سڏ سڏيندي سڏڙا ساٿي سڏ نه ڏين،
ولهئي جي وٿاڻن تي توڏ نه تنوارين،
هيڏا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾
(شاهه رحه)
* مضمون تنوير
جوڻيجو
ماريه مانٽيسوري
۽ سندس ترتيب ڏنل تعليمي سرشتو
ماريه مانٽيسوري جو جنم 1870ع ۾ اٽليءَ ۾ ٿيو. ۽ هن تعليم روم،
مان ورتي ۽ 1896ع ۾ طب واري ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل
ڪئي. ان وقت ماريه اٽلي جي پهرين خاتون هئي، جنهن
طب جي علم ۾، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي هئي.
ميڊيڪل اسڪول مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، ماريه مانٽيسوري،
يونيورسٽي آف روم جي سائڪا ٽرڪ ڪلينڪ ۾ داخلا ورتي
۽ ذهني ۽ نفسياتي مريضن تي ڪم ڪرڻ لڳي.
ذهني ۽ نفسياتي مريضن تي ڪم ڪرڻ سان هن محسوس ڪيو ته ذهني ۽
نفسياتي مريضن جو علاج طب بجاءِ خاص قسم جي سکيا،
تربيت ۽ علم ذريعي ڪري سگهجي ٿو.
1907ع ۾، هن روم جي ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ ٻارڙن لاءِ هڪڙو
اسڪول قائم ڪيو. جنهن جو نالو رکيو ”ٻارڙن جو
گهر“. هن اسڪول ۾ ماريه، هڪ کان پنجن سالن تائين
عمر وارن ٻارڙن کي داخل ڪيو. اهي ٻار جيڪي پيڙهيل
طبقي سان تعلق رکندڙ ۽ ڏتڙيل هئا. انهن لاءِ هي
اسڪول عام اسڪولن کان هڪڙو مختلف نوعيت جو اسڪول
هو جنهن ۾ ٻارڙن کي هڪڙو خاص قسم جو ماحول مهيا
ڪيو ويو هو. سندس هن تحقيقي ۽ علمي ڪم جو نتيجو،
نهايت شاندار نڪتو ۽ ٻارڙن جي شخصيتن ۾ هڪڙي واضح
قسم جي، سڌريل تبديلي، ظاهر ٿي. هنن نتيجن کي آڏو
رکندي، مانٽيسوري، پنهنجي تحقيق کي ڪتابي صورت ڏئي
شايع ڪرايو. نتيجي ۾ مانٽيسوريءَ جو آواز آمريڪا
تائين پهتو.
1915ع ۾ ئي ماريه مانٽيسوري، پنهنجي اسڪول جو نماءُ، آمريڪا ۾
سانفرانسسڪو جي ورلڊ ايگزبيويشن ۾ ڪرايو ۽ هي
نماءَ ڪافي ڪامياب ثابت ٿيو. ان کان پوءِ ماريه،
يورپ آئي جت پڻ سندس ڪوششن ۽ تحقيق کي ساراهيو
ويو. ان کان پوءِ ماريه عالمگير جنگ جي زماني ۾
هندستان جي ڏتڙيل علائقن ۾ اهڙا اسڪول قائم ڪيا ۽
1952ع ۾ 81 ورهين جي ڄمار ۾ ماريه وفات ڪئي. سندس
موت کان پوءِ هي سلسلو سندس پٽ سنڀاليو.
مانٽيسوري طرز تعليم ۽ ٻار؛
مانٽيسوري طرز تعليم ٻين لفظن ۾ اسڪول کان اڳ وارو تعليمي سرشتو
آهي. ڊاڪٽر ماريه مانٽيسوري جي چوڻ موجب علم ۽
سکيا وارو عمل، انسان جي ڄم سان ئي شروع ٿئي ٿو.
هڪڙي فرد جا، بنيادي ڇهه سال، زندگيءَ جا، نهايت
اهم ٿين ٿا جن ۾ سندس سموري شخصيت جي اوسر ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر مانٽيسوري هڪڙي صحت مند ۽ نارمل ٻار جو مثال
ڏيندي چوي ٿي. جيڪڏهن اوهان غور ڪندو ته ٻار اوهان
جي اشارن کي سمجهندي مرڪندو، هونگڙيون ڏيندون
ڳٽڪندو. يعني ٻار ۾ جوابي عمل يا
Response
جي قوت يا صلاحيت پئدائشي ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر ماريه، ٻار جي بنيادي، ڇهن سالن کي تمام حساس (Sensitive)
دور ڪوٺي ٿي ۽ انهن ڇهن سالن جي، اوسر وارن مرحلن
کي هن ريت ورهائي ٿي.
ڄمڻ کان وٺي ٽن سالن تائين عمر واري ٻار جو ذهن، هر شئي جذب ڪري
ٿو ۽ ٻار حواسي تجربا ڪري ٿو. ڏيڍ کان ٽن سالن
تائين عمر واري ٻار ۾ ٻوليءَ جي صلاحيت اجاگر ٿئي
ٿي. جڏهن ته، ڏيڍ کان چئن سالن تائين واري ٻار ۾،
مشڪي اوسر به ٿئي ٿي ۽ ٻار پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ
سڌارڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ۽ عضوياتي ۽ ماحولياتي
مناسبت قائم ڪري ٿو.
ٻن کان چئن سالن تائين وارن ٻارن ۾ ننڍڙين شين لاءِ تجسس ۽
دلچسپي وڌي ٿي ۽ ٻار جي چرپر ۾ وڌيڪ سڌارو اچي ٿو.
ٻار ۾ حقيقت ۽ سچائي لاءِ سجاڳي پيدا ٿئي ٿي. ۽ هن
دور ۾ ئي ٻار ۾ نظم ضبط، وقت ۽ جاءِ جي باري ۾
شناس پيدا ٿئي ٿي. اڍائي کان ڇهن سالن واري عمر جي
ٻار جي حواسن ۽ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت ۾ وڌيڪ سڌارو
اچي ٿو.
ٽن کان ڇهن سالن تائين جي عمر وارو ٻار، وڏن جي اثر اندازي
قبولي ٿو.
ساڍن ٽن کان ساڍن چئن سالن تائين جي عمر وارو ٻار لکڻ شروع ڪري
ٿو، چئن کان ساڍن چئن سالن واري ٻار ۾ مار ڌاڙ جي
عادت پيدا ٿئي ٿي ۽ ساڍن چئن کان ساڍن پنجن سالن
تائين واري ٻار ۾ پڙهڻ يا مطالعي جي عادت پيدا ٿئي
ٿي.
مانٽيسوري طرز تعليم؛
مانٽيسوري طرز تعليم، ٽن نڪتن تي مشتمل آهي.
پهريون ٻار ٻيو ماحول ٽيون صلاحڪار
ٻار:
مانٽيسوريءَ طرز تعليم ۾ ڇهن سالن تائين عمريون رکندڙ ٻارن کي
مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ۽ هن طرز تعليم ۾ ٻار
پنهنجو پاڻ، شاگرد به آهي ته استاد به. پنهنجو پاڻ
کان سکي به ٿو ته پنهنجو پاڻ کي سيکاري به ٿو.
هن تعليمي سرشتي موجب ٻار کي يا ٻار جي شخصيت کي هٿرادو موڙڻو
ناهي پر سندس اندروني ڪيفيت ۽ صلاحيت کي اجاگر
ڪرڻو آهي. ٻار کي هڪڙو سٺو ڊاڪٽر يا انجنيئر بنائڻ
مقصد نه هوندو آهي، پر ٻار کي هڪڙي سٺي شخصيت ڏيڻ
جي ڪوشش ڪبي آهي ۽ اها پڻ ڪوشش ڪبي آهي ته ٻار ۾
سکيا لاءِ گرم جوشي ۽ محبت قائم رهي، هو محض
اخلاقن ۽ مجبورن سکيا نه وٺي ۽ پنهنجين قدرتي،
خداداد صلاحيتن موجب ئي، جوابي عمل جو اظهار ڪري.
ماحول؛
مانٽيسوري تعليمي سرشتي ۾ ٻي اهم حيثيت ماحول کي مليل هوندي
آهي. يعني اهو هٿرادو ۽ مخصوص ماحول، جنهن ۾ ٻار
جي ذهني، روحاني، جسماني ۽ جمالياتي نشو و نما پاڻ
مرادو ٿئي. اهڙو ماحول ٻار کي ڪلاس روم اندر مهيا
ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ ٻار پنهنجي ذهني ۽ خدا داد
اوسر موجب اڳتي وڌندو ويندو آهي، نڪي وقت ۽ ٽائيم
جو دخل هوندو آهي. ڪلاس روم ۾ ٻار کي سهڻا ٽول ۽
شيون ڏنيون وينديون آهن. سهڻا ڪتاب، چارٽ،
پينسلون، ننڍڙا ڪٻٽ ٻارڙن جي قدن مطابق، ننڍڙيون
ٽيبلون ڪرسيون، جن تي رکيل کاڌ خوراڪ جو سامان جو
ٻار سولائيءَ سان استعمال ڪري سگهي. ان کان سواءِ
ننڍڙا ننڍڙا ڊريسنگ فريم، جنهن ۾ بٽڻ، زپون، پٽا ۽
بڪل وغيره لڳل هوندا آهن. ڪاٺ جا بلاڪ جيڪي رنگن
جو احساس جاڳائين، سائيزن بابت ڄاڻ ڏين. هن ماحول
۾ ٻار کي هر شئي پنهنجي مرضيءَ سان ڇهڻ ۽ استعمال
ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي ۽ ڪوشش اها هوندي ته هڪڙو
خوبصورت ماحول ٻار کي ڏجي جو ٻار جي سکيا جي
صلاحيت ۾ گرم جوشي آڻي.
مانٽيسوريءَ جي چوڻ موجب ته جيڪڏهن ٻار، سکيا ۾ دلچسپي نٿو وٺي
ته اهو ٻار جو ڏوهه نه پر ان ماحول جو ڏوهه آهي ۽
ان وقت ڪوشش ڪري ٻار جي ماحول کي بهتر بنائجي.
اهڙي ريت جو ٻارن جا پنج ئي حواس اسرن.
استاد:
مانٽيسوريءَ طرز تعليم ۾ استاد، ٻارن تي مڙهيل ڪو نه ٿئي، پر
هڪڙو دوست ۽ صلاحڪار ٿئي. جيڪو چپ چاپ، محض ٻارڙن
جو مشاهدو ڪري ٿو ته ڪٿي ٻار منجهيو آهي ۽ ڪٿي ٻار
پنهنجو پاڻ کي درست نٿو ڪري سگهي.
اهو ئي سبب آهي جو مانٽيسوري استاد کي ٽيچر بجاءِ ”ڊائريڪٽريس“
يعني صلاحڪار ڪوٺي ٿي. يعني جيڪو ٻار کي ڏس پتو
ٻڌائي.
مطلب ته مانٽيسوري اسڪول کان اڳ واري ان ٽريننگ ۽ سکيا جو نالو
آهي جنهن ۾ ٻارڙن ۾ ٻارڙن جي خدا داد صلاحيتن کي
اڀاريو وڃي ۽ سکيا لاءِ محبت پيدا ڪئي وڃي.
* سحر امداد
بنا جيئڻ جي جيون گهارڻ
توکي هڪڙي اهڙي عورت
گهرجي
جيڪا
جيئن تون چاهين تيئن ڪري
جو تون چوين سو ئي چوي
تنهنجي نسل وڌائڻ ڪارڻ
ٻار ڄڻي
ڏڏ، ڇسي، بنا سوچ ۽ بنا ذهانت جي
پنهنجي ڪنهن به ائڊنٽيفڪيشن کان سواءِ
تنهنجي ئي فيڊ ڪيل پروگرام پٽاندر
بيهيو ڪري
هڪڙي روبوٽ وانگي
جي اٿارينس – اٿي
جي ويهارينس – ويهي
جي روئاڙينس – روئي
جي کلائينس – کلي
بنا محسوس ڪرڻ جي
پيار ڪرڻ جا
سمهڻ – جاڳڻ جا
سمورا نيم جيئن تو فيڊ ڪيا آهن
تيئن ئي تن تي عمل ڪري
اڻ سوچيل؛ اڻ سمجهيل؛ محسوس ڪيل؛
احساسن سان
بنا جيئڻ جي جيون گهاري!
پشپا ولڀ
تون صحيح چوندو هوندين
تون صحيح ئي چوندو هوندين
اهڙي ڪائي جنت هوندي جتي
اٽي لٽي ۽ اجهي جو نه ڪوئي مسئلو هوندو
دنيا ۾ ائين به ٿيندو هوندو
پيٽ لاءِ نه ڪوئي پيٽ ڄائي وڪڻندو
پنهنجي محلاتن لاءِ نه ڪوئي
ٻين جا ڀونگا ڊاهيندو
نه پنهنجي سڻڀي ماني لاءِ
ڪنهن جي رکي مانيءَ ۾ جهٽ هڻندو
پنهنجي ايئرڪنڊيشن ڪار کي
روڊ تي هلندو رکڻ لاءِ
نه معصوم زندگين کي روڊ تي چٿي رکندو
پنهنجا فنڊز ڪڍڻ لاءِ
نه ڪولهين کي
ٽهڪندڙ ڪاري ڏامر سان ملائي رکندو
قوم جي سرمائي کي
نه پئسن تي ڪرسيون وڪڻي ڏيندو
مذهب جي انڌ گهوڙي تي چڙهي
نه ڏاڍي لٺ ڦيرائيندو هوندو
اڳيان سفيد ريش رکي
ڪاري انڌيري ۾
ڪارو انڌو بگهڙ ٿي پوندو
۽ ڳوٺ جون ٻڪريون کائي
ڳاڙهو رت چٽيندو گهر ايندو
اهڙو ڪوئي خطو هوندو!
تاريخ جا هيڏو سفر ڪري
هن جاءِ تي پهتي آهي
۽ ماڻهن کي هن منزل تائين پهچايو اٿس
جتي ڪوڙ، چوري، بي ايماني
مذهب بڻجي ويو آهي
بدمعاشي، ڌاڙا، اغوا
پيشو، رشوت، چيٽنگ
عادت!
تاريخ جي هن سڄي سفر جو
رخ ڪيئن موڙيندي؟
سماج جي هن ڪينسر زده جسم مان
ڪيترا ڪيڙا ڪڍي سگهندين؟
خيالن جي ڪيتري آڪسيجن ڏيئي سگهندين؟؟
بينا بيدل
آزاد نظم
تون بڙ جو وڻ
جنهن جون پاڙون
پري پري تائين ڌرتيءَ ۾ کُپيل
۽ مان نازڪ ول
تنهنجي سهاري وڌان
سائي رهان
جنهن ڏينهن تو کان جدا ٿيندس
سڪي سڙي
پن پن ٿيندس |