”مان جيئن شام جو ٻار گهر ۾ نه ڏسان، سمجهئه.“ خبر
ناهي منهنجي دل ڪيئن مڃيو، پر منهنجو انهيءَ ڪم ۾
ڪوبه هٿ نه هو. مون پنهنجو رئو کڻي پاتو. ٻارڙي جو
هٿڙو پڪڙي، گهر کان نڪتس، منهنجو پٽڙو ٽن سالن جو
ٿيڻ وارو هو ۽ پنهنجي پيرڙن سان گهمي ڦري سگهيو
ٿي. صرف اهائي بري ڳالهه هئي ته هوٽن سالن جو ٿي
ويو آهي. اها تمام بري ڳالهه هئي هاڻي ويچارڙو
روئيندو به نه هو، هاڻي ته هر رات جو گهڻي دير
تائين جاڳندو به نه هو. هو غريب مون کي تنگ به
ڪونه ڪندو هو، پر مان انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ تمام
مجبور هيس.
ٽرام جي اسٽانن تائين مان پيادل آيس. مون هن کي بوٽڙا به پارايا
هئا. مون کيس بهترين جوڙو پهرايو هو، اهي ڪپڙا
جيڪي منهنجي پهرين مڙس آخري ڏينهن ۾ سبائي ڏنا
هئس. جڏهن مان ان کي نوان ڪپڙا پارائي رهي هيس
تڏهن مون کي ذهن ۾ خيال آيو هو، ”اي عورت! تون
هاڻي هن ويچاري کي نئون جوڙو ڇو ٿي پهرائين.....“
پر منهنجي دل نه مڃيو مون ڦڻيءَ سان سندس وارڙا به سنواريا هئا،
هو ڏاڍو سهڻو ۽ پيارو لڳي رهيو هو. مون هن جو
ننڍڙو هٿڙو پنهنجي هٿ ۾ ڪيو هو، ٻئي هٿ سان مون
پنهنجي رئي کي سندس چيلهڙيءَ جي چوڌاري ريڙهي ڇڏيو
هيم. مان هن جي آڌار تي هوريان هوريان هلي رهي
هيس. هان ٻارڙي کي تيز هلڻ لاءِ ڏاٻڻ مناسب ڪونه
هو، هي آخري ڀيرو ته سندس هٿڙو منهنجي هٿ ۾ هو. ٻه
ٽي ڀيرا هن مون کي بسڪوٽ وٺي ڏيڻ جي لاءِ چيو.
پرمون کيس چيو ته: ”گاڏيءَ تي چڙهئون ته وٺئون ٿا“
هو ويچاڙو منهنجي ڳالهه مڃي چپڙي ڪري ويو.
ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي، هڪ گهوڙي جون ٽنگون ناليءَ ۾ ڦاسي
پيون هيون ۽ ماڻهن جو ميڙ ان جي چوڌاري جمع هيو.
هن ضد ڪيو هو ته هن کي کڻي ڏيکاريان ته ماڻهو ڇا
ٿا ڏسن، جڏهن مون مٿي کڻي کيس ڏيکاريو ته گهوڙي جو
گوڏو ڇلجي پيو هو ۽ ان مان رت وهي رهيو هو. مون
جڏهن کيس زمين تي لاٿو ته چيو هئائين:
”امي.... امي...... گهولي کان لت ٿو وهي.“
مون چيو : ”ها منهنجا ٻچڙا هن پنهنجي اميءَ جو چيو نه مڃيو هو
تنهن ڪري زخمي ٿي پيو آهي.“
ٽرام جي اسٽان تائين مان کيس گهمائيندي وٺي آيس – صبح جو وقت
هو، ٽرامن ۾ ڏاڍي رش هئي، اڌ ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻ
کانپوءِ مس هڪ بس ۾ جڳهه ملي. گاڏي اچڻ کان اڳ
ننڍڙو ڏاڍو ڪَڪِ ٿي پيو هو. مان به ٿڪجي پئي هئس.
هو هر هر پڇي رهيو هو.
”امي!.... امي! گالي ڇو نه ٿي اچي..... امي!.... مون کي شيءَ
وٺي لي ۽ مان هر ڀيري کيس ائين چوندي رهيس:
”اجهو گاڏي آئي. پوءِ ٽرام ۾ ويهي کوڙ ٿا شئي وٺون.“ ”ستون نمبر
بس“ آئي ان ۾ چڙهي اسان وڏي ميدان تي اچي لٿاسون،
مون کي ياد ٿو اچي گاڏي۾ ننڍڙي مون کان پڇيو هو:
”امي!.... امي! اشان ڪالي ٿا هلئون.“
۽ خبر ناهي ڇو مان بنا سوچڻ سمجهڻ جي کيس چيو هو:
”تنهنجي ابوءَ ڏي ٿا هلئون.“
ننڍڙو ڪجهه تائين مون کي چتائي ڏسندو رهيو ۽ وري پڇيائين:
ڪهڙو اَبو.... امي!“
مان رهي نه سگهيس ۽ کيس جهڻڪ ڏيندي چيم:
چپ! تون ڏاڍو واتوڙي ٿي پيو آهين، هاڻي جيڪڏهن تنگ ڪيئه ته
شيءَ نه وٺي ڏيندي سان.“
هاڻي مان سوچيان ٿي ته مون جهڻنڪ ڏيئي، سندس ننڍڙي دل ڇو ڏکائي،
مون سندس ٻاتڙو ڳالهائڻ ڇو بند ڪرايو. مان جڏهن
گهر کان نڪتي هيس ته پنهنجي دل ۾ وعدو ڪيو هيم ته
جيستائين ننڍڙي کي ڪنهن ٽڪاڻي لڳايان، تيستائين
کيس ڪجهه به نه چوندس، کيس ڪڏهن به نه ماريندس ۽
پيار سان پيش ايندس. هاڻي مان ڪيڏو ٿي پڇتايان، هو
ويچاڙو ڇا سوچيندو. منهنجي ڇڙٻن تي هو چپ ٿي ويو ۽
سڄي رستي ۾ مون سان ڪونه ڳالهايائين ۽ گاڏيءَ جي
ڪلينر سان ڳالهائيندو آيو، جيڪو هر هر چيٻارا ڪڍي
کيس کلائي رهيو هو. وڏي ميدان تي پهتاسون ته مون
کيس چيو:
”هل هاڻي لهه.“ ان وقت به هو مسڪرائي رهيو هو. وڏي ميدان ۾ تمام
گهڻي رش هئي، چوڌاري بسون ۽ ڪارون ئي ڪارون ٿي نظر
آيون. مون کي پنهنجي پريشانيءَ اچي ورايو ته هاڻي
ننڍڙي کي ڇا ڪريان – ڪجهه وقت هلندي رهيس هلندي
هلندي مان سمجهان ٿي. اڌ ڪلاڪ کن گذري ويو. هاڻي
ڪارون ۽ بسون گهٽ نظر ٿي آيون. مان ميدان جي هڪ
ڇيڙي تي اچي پهتس ۽ کيسي مان ڏهه شاهي ڪڍي ننڍڙي
کي ڏنم، هو حيرانيءَ مان مون ڏي ڏسڻ لڳو. اڃا کيس
پئسن وٺڻ ۽ پاڻ خرچ ڪرڻ جي خبر ڪانه هئي. ميدان ۾
هڪ ماڻهو گدرا وڪڻي رهيو هو، مون ان طرف اشارو
ڪندي چيو: ”وڃ وڃي شئي وٺي اچ...... ڏسان ته توکي
شي وٺڻ اچي ٿي.“ ننڍڙي پئسن ڏي نهاري، وري مون کي
گهورڻ لڳو. ڄڻ ته هن کان ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو
هجي. هن کي خبر ڪانه هئي، ڪا شيءَ ڪيئن خريد ڪبي
آهي، مون کيس اهڙيون ڳالهيون سيکاريون ئي نه هيون،
هو مون ڏي چتائي يڪو نهاري رهيو هو. توبه ڪهڙي ته
هئي سندس نگاهه، ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ان
گهڙيءَ منهنجو سنيو ڦاٽي پوندو. منهنجي طاقت همٿ
هاري ويٺي، عجيب نگاهه هئي، انهيءَ وقت کان وٺي هن
وقت تائين مون تي ڇا ٿي گذري، اها مون کي ئي خبر
آهي. ننڍڙو مون کي ائين گهوري رهيو هو، ڄڻ ته هن
مون کان ڪجهه پڇڻ ٿي چاهيو. مون گدري ڏي اشارو
ڪندي چيو:
هي پئسا هن ڪاڪي کي ڏي ۽ چوينس مون کي گدرو ڏي. ڀڄ...... شاباس
ننڍڙي گدري ڏي نهاريو ۽ روئڻ هارڪو ٿي چوڻ لڳو:
نه نه مان گدرو نه وٺندس، مان تشمش ٿائيندس.“
منهنجي عجيب حالت هئي، ننڍڙو ٺهيل ڪم نه وڃائي وجهي. پر جيڪڏهن
هو روئي ويهي ها ته مون کان سٺو نه ٿئي ها. مان اڳ
۾ ئي ٽانڊن تي بيٺي هئس ۽ خبر ناهي ڪيئن دل تي پٿر
رکيو هيم. جيڪڏهن ننڍڙو روئي ها، ته مان ضرور
پنهنجو دليل ارادو ڦٽي ڪري ڇڏيان ها. پر ننڍڙو
ڪونه رنو – منهنجون ته وايون ئي بتال ٿي ويون
هيون. خبر ناهي ڪيئن ننڍڙي کي چيم:
”هائو پٽ! هن وٽ ڪشمش به آهي، جيڪي وڻئي سو وٺ. هاڻي وڃ به
کڻي.“ پوءِ مون کيس ڪڇ تي کڻي نال ٽپائي ۽ سرڪ جي
اڌ تائين سندس آڱر پڪڙي وٺي آيس. مون پنهنجو هٿ
ڇڏايو ۽ چيو: ”هاڻي وڃ جلدي شيءَ وٺي اچ دير ٿي
ٿئي.“ اتفاق سان ان وقت رستو خالي هو موٽر يا رڪشو
وغيره ڪونه هيو، جو ننڍڙي جو حادثو ٿيڻ جو خطرو
هجي. ننڍڙو ٻه ٽي قدم اڳتي وڃي وري موٽي آيو ۽
چيائين ”امي!..... امي! هن وٽ تشمش آهي ني....؟“
”هائو منهنجا پٽ، هن کي چئه ڏهن شاهيءَ جي ڪشمش ڏي.“ ۽ ننڍڙو
هليو ويو. اڃا هو مشڪل سان وچ رستي تي مس پهتو
هوندو ته ٽرام جي سيٽي ٻڌڻ ۾ آئي. منهنجو ته هانءُ
ئي نڪري ويو ۽ مان ننڍڙي جي طرف ڊوڙيس. تيزيءَ سان
جهٽ ڏيئي جهپي کيس ڀاڪر ۾ ڪري چرين وانگر واپس
موٽيس ۽ ماڻهن وٽ اچي ساهه پٽيم. مان پگهر ۾ پسي
وئي هيس ۽ زور زور سان سهڪي رهي هئس. ننڍڙي پڇيو:
”امي!... ڇا ٿيو.“ مون روئڻ هارڪي آواز ۾ چيو
”ڪجهه نه منهنجي جان تون گاڏي هيٺان.....“ مان
انهيءَ وقت روئڻ ٿي گهريو ته ننڍڙي جيڪو منهنجي
ڪَڇ تي هو، چيو: ”امي مون کي جمين تي لاهه، هاني
مان تمام تيج ڊڪندش.“
جيڪڏهن ننڍڙو ائين نه چوي ها ته مان ته وساري چڪي هئس مان هتي
ڪهڙي ڪم سان آئي آهيان. پر ننڍڙي جي ڳالهه مون کي
ڇرڪائي وڌو. اڃا پنهنجي اکين جا ڳوڙها نه اگهيا ته
مون کي پنهنجي مڙس جو خيال آيو ته جيڪڏهن انهيءَ
ننڍڙي کي وري گهر ۾ موجود ڏٺو ته خبر ناهي ڇا
ڪندو، مون ننڍڙي کي چمي ڏني، هيءَ منهنجي آخري چمي
هئي، جيڪا مون هن جي ڳاڙهن ڳاڙهن ڳلڙن تي ڏني،
پوءِ مون کيس زمين تي هيٺ لاٿو ۽ مون کيس ڪن ۾
چيو:
”وچ هاڻي تڪڙو ڊڪ، خيال سان متان گاڏيءَ جي هيٺان نه اچي....“
”سڙڪ هاڻي وري خالي هئي. ننڍڙي تيز تيز ڊوڙڻ لڳو.
سندس ننڍڙا پيرڙا تيزي سان حرڪت ڪرڻ لڳا، مون کي
وري خوف ورتو ته ڪٿي ٿاٻو کائي زمين تي نه ڪري.
سڙڪ جي هن پار پهچي، هن منهن ورائي مون ڏي نهاريو.
منهنجي ته رت ئي سڪي وئي. مون نه ٿي چاهيو ته ڪو
هن کي اهو محسوس ٿئي ته مان کيس ڦٽي ڪرڻ آئي
آهيان. مون ائين محسوس ڪيو، ڄڻ منهنجي چوري پڪڙجي
پئي هجي. مون کي واقعي اهو احساس ٿي رهيو هو جڏهن
مان پنهنجي پهرين مڙس جي غيرحاضريءَ ۾ سندس ڪوٽ جا
کيسا ڦولهي رهي هئس ۽ هو اوچتو مٿان اچي ڪڙڪيو
هيو. مان وري پگهرجي ويس ۽ شرمساري کان ڪنڌ کڻي
جهڪايم. جڏهن زور سان ڪنڌ کڻي نهاريم ته ننڍڙو
شيءَ واري وٽ پهچي چڪو هو. منهنجو ڪم پورو ٿي چڪو
هو، ننڍڙو خيريت سان روڊ جي هن پار پهچي چڪو هو ۽
ان وقت کانپوءِ مون پنهنجي ذهن ۾ انهيءَ سوچ کي
جنم ڏنو ته ڄڻ مون کي ڪوبه ٻچڙو ڪونه هو. جڏهن مون
آخري ڀيرو ٻچڙي ڏي نهاريو تڏهن مون ائين ڏٺو ڄڻ
پنهنجي نه پر ڪنهن پرائي ٻار کي ڏٺو هيم. مون کي
ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪو بدشڪل وحشي زور زور سان
منهنجي جسم تي ڪوڙا هڻي رهيو هو. مان گهٻرائجي ويس
۽ پنهنجي رفتار تيز ڪري ڇڏيم ۽ بجليءَ واري رفتار
سان ڊوڙندي ٻه گهٽيون ٽپي ويس- پوءِ مون کي خيال
آيو ته مون کي گهٽين جي پٺيان لڪي لڪي هلڻ گهرجي.
اڃا هڪ گهٽيءَ جي موڙ وٽ پهتس ته هڪ ٽيڪسي منهنجي
اڳيان اچي بيٺي، مان ته خوف کان سڄي ڏڪي ويس. مون
سمجهيو، چوڪ تي پوليس شايد مون کي شڪي حالت ۾
ڀڄندي ڏسي ورتو اهي ۽ مون کي پڪڙڻ لاءِ آئي هجي.
خبر ناهي ڪيئن مون پنهنجي گردن ڦيرائي ٽيڪسيءَ طرف ڏٺو ٽيڪسيءَ
مان مسافر لهي ٽيڪسيءَ جي ڊرائيور کي ڪرايو ڏيئي
رهيا هئا. مون اطمينان جو ساهه کنيو. مون کي وري
هڪ خيال آيو مان تڪڙي تڪڙي ٽيڪسيءَ طرف ڊوڙيس، ان
جي پوئين سيٽ تي ويهي زور سان دروازو بند ڪيم.
ڊرائيور ڀڻ ڀڻ ڪندي ٽيڪسي اسٽارٽ ڪئي. تڪڙ سبب
منهنجي رئي جو پلاند ٽيڪسيءَ جي دروازي ۾ اچي ويو
هو. پر مون کي همت نه پئي ٿئي، جو کڻي ان کي
ڇڏايان. آخر جڏهن ٽيڪسي ڊوڙندي پري نڪري آئي تڏهن
مون کي تسلي ٿي ۽ مون هورڙيان ٽيڪسيءَ جو دروازو
وري بند ڪري ڇڏيو ۽ سيٽ جي ٽيڪ تي پنهنجو مٿو رکي
آرام سان ويهي رهيس ۽ پوءِ رات جو، رات ڍلڻ تان
مان پنهنجي مڙس کان ٽيڪسي جو ڪرايو وصول ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿي ٿيس.
قاضي آصف
صدين جو پلئه
اوطاق ۾ ويٺل سڀني ماڻهن تي ستو تاري ٿيل سڀني جا وات ڦاٽل –
ڪنهن جي چُون چران ئي نه. ايتري ۾ وڏيري جو آواز
آيو.
”تو پنهنجو مڙس ماريو آ-؟“
بچيءَ جو سنهو ۽ مضبوط اواز اُڀريو ”هائو مون پنهنجو مڙس ماريو
آ.“
ڇو؟ وڏيري خدا داد خان جا تارا ڦوٽارجي ويا.“
”مڙد، زائفن کي ڇو ماريندا آهن؟“ بچيءَ اهڙو ئي مضبوط جواب ڏنو.
خدا داد خان سان گڏ اوطاق ۾ ويٺل سڀئي ماڻهون پريشان ۽ بي وس،
ڄڻ ڪو جبل ڦاٽو هجي، سج اوڀر بجاءِ اولهه کان
اڀريو هجي، يا ڪنهن مرد ٻار ڄڻيو هجي.
هي ڇا؟!!! هي ڪو نئون رنگ لڳو آ دنيا کي؟ ڪنهن هن سماج جي رواجن
کي ڀوريو !؟ ڪنهن ڪئي ايڏي جرئت، هن عام رستي جو
رخ موڙڻ جي؟ ڄڻ دهل تي ڪو ڏئونڪو هڻي چئي رهيو هجي
– بَچُل.... بَچُل.“
ڪٿان آواز آيو، ”بچل تون به نه بچيئين!
مائي پيرائتي ڳالهه ڪر! خدا داد خان ڪجهه هوش ۾ اڇي بچل کي چيو.
”مون کي ٿاڻي تي وٺي هلو، بيان اُتي ڏيندس، بچل وراڻيو خدا داد
خان ڊرائيور کي جيپ تيار ڪرڻ لاءِ چيو. اوطاق ۾
ويٺل سڀني ماڻهن جون نظرون بچل تي کُتل، سڀني جي
ذهنن ۾ مانڌاڻ متل – جيڪو ڪجهه بچل ڪري آئي هئي،
اهو هنن ستني پيڙهين نه ٻڌو هوندو نه ڏٺو هوندو.
ڊرائيور جيپ تيار ڪئي، بچل جيپ جي پوئين سيٽ تي ويٺي ۽ وڏيري
سميت سندس هٿياربند ڇاڙتا به چڙهيا. جيپ گرڙاٽ ڪري
اڍائي ميل پري ٿاڻي ڏانهن راهي ٿي.
اها خبر سڄي تر ۾ ٻوڙن ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. جيترا وات
اوتريون ڳالهيون، هر ڪنهن پئي پنهنجي دلئون انومن
ڪڍيا.
ڪيترن ايئن چيو: ”ها – رن وڏي رهزن هئي، ڪو چَگهه اڳ ۾ ئي هئس،
ٺهيل هئي رن ڪنهن سان- ڀلا اڄ تائين ائين ڪنهن
بندوق سان مڙس کي ماريو؟ اسان جا مٿا اڇا ٿيا.
ائين ڪڏهن به ٻڌو ته ڪنهن رن پنهنجو مڙس ماريو
هجي، ڪارو منهن ٿيل هو رن جو.“
بچل جوان جماڻ عمر ويهه سالن کان مٿي ڪان هئس، جُڙئي سان شادي
کي پنج سال گذري ويا هئس، هن پنهنجي مڙس کي صبح جو
ساجهر گهر ۾ بندوق جا ٻه ساندهه فائر ڪري چچري
ڇڏيو. مڙس ماري سڌو خدا داد خان وٽ آئي. قبولدار
ٿيڻ ته، مون مڙس ماريو آ. جيپ کي ڊرائيور ٿاڻي تي
اچي بريڪ هڻي بيهاريو.
خدا داد بچل کي وٺي صوبيدار وٽ آيو - ۽ کيس چيائين ”صوبيدار
صاحب، هن بندوق سان پنهنجو مڙس ماريو آ، بيان
وٺوس.“
صوبيدار عجب ۾ پئجي ويو، ڀرسان ويٺل وڏي منشي کي چيائين ته
”مائي جو بيان لک.“
وڏي منشي پنن وچ ۾ ڪاربان وجهي پينسل سنڀالي مائي کي چيو ”ها
مائي بيان ڪر.“
”صاحب – نالو بچل اٿم، جڙئي سان شادي ابي ڪرائي ڳالهه هيءَ آهي
ته سومهڻيءَ جو هڪ جوان جماڻ مائي جڙيو گهر وٺي
آيو – مان پنهنجي گهر جي ڪم ڪار ۾ رڌل، مائي کي هٿ
ڏئي چيم ته اندر هلي ويهه ته مان ڪم مان واندي ٿي
اچان، مان ٻڏتر ۾ پئجي ويس ته هيءَ ڪير هئي،
سڃاڻنڌي ته ڪان هئي مانس – سومان ته وري به پنهنجي
ڪم سان لڳي وَيَسَ- جڙيو به اڱڻ تي بيٺو هو. نه
ڄاڻ ڪهڙي گهڙي هو، اندر هليو ويو، کيس اندر ويندي
مون نه ڏٺو.“ هن ٿورو کنگهي نڙي ٺاهي وري چيو:
”مان مينهن ڏُهي اندر ويس لوئي کڻڻ سيءَ سرءُ به
ڏاڍو هو جان کڻي ڏسان ته ..... ته بچل جي نڙي سڪي
وئي اکيون آليون ٿي ويس ڳيت ڏئي اڳتي ڳالهه
ڪيائين: ”جڙيو رن کي ٻکيو پيو!، مان ڀڙڪو ڏئي
پوئتي موٽيس. هُنن مون کي ڪونه ڏٺو، ڄنگهون ڏڪيم
پئي، اکين آڏو اونداهه اچي وئي. هنيانءُ ۾ وڍ پئجي
ويا، ٻاهر اچي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏئي هيٺ ويهي رهيس، لري
پئي لڳي، پر مون کي ڪا سُڌڪان هئي ته ڪٿي آهيان،
ڪيئن آهيان، اکين مان ڳوڙها وهي پيا هئم. ”هينئر
به بچل ڳوڙها پئي اگهيا، ” نَڪُ سڻڪي وري چيائين
”مان ته جڙئي کي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهندي هئس، مڙس
سان مون کي ڏاڍي دل هئي، ڀلا مڙس کان وڌيڪ ڪنهن
سان دل ٿيندي؟ مون کي ڪهڙي سُڌ ته جڙيو رڳو منهنجي
مُنهن تي منهنجو هو. سائين ڪڏهن ائين به ٿيو ته ڪو
مڙس زال هوندي بازار جي مائي وٺي اچي، مان ڪهڙو
جڙئي سان مدي هلي هئس ڏکئي سکئي وقت ۾ ٻٽ هئي
مانس، جيڪو ڏئي اهوئي مون لاءِ کوڙ، ڪڏهن انگل به
نه ڪيو هومانس انڪري جو، مون کي سُڌ هئي ته، اسان
کي ايڏي وسعيت ڪانهي اسان غريب آهيون. بچل هٿ جي
تري کي ڏسندي چيو: ”پوءِ به جڙئي مون سان فريب
ڪيو، هروڀرو اهائي مرضي هئس، ته ڪنهن ٻئي هنڌ جهر
جهنگ وٺي وڃيس هان. هيئن ديناداستي، اکين آڏو ساڙڻ
لاءِ ڇو پئي آندائين. ٻڌاءِ صاحب ڪو پنهنجي پيار
کي اکين آڏو ڪسندو ڏسي سگهندو؟ هان صاحب ٻڌاءِ بچل
ڍنڍڪرن ۾ پئجي وئي. سڀئي ويٺل ماڻهو پٿر بڻجي ويا.
بچل سڀني کي روئڻ جهڙو ڪري ڇڏيو پر چهڙا سڀني جا
ساڳيا ڪٺور هئا.“
ها مائي،اڳتي بيان ڪر- وڏي منشي ڀڻڪيو. وري بچل ڳالهائڻ شروع
ڪيو.“ مان سڄي رات ٻاهر ويٺي روئندي رهيس، سڀ گهر
جا ڪم وسري ويا، ٻلي کير جي چؤنري هاري وئي، ڪتو
ڀت جي ڪني وڃائي ويو، مان نه اُٿيس، مون کي ڪجهه
نظر ئي نه پئي آيو جڙئي کي اهو حياءُ به نه پيو ته
ٻاهر زال ويٺي آ، ڏک سک جو همراهه جڙيو سڄي رات رن
سان ستو رهيو، حياءُ شرم جو دنگ ڪري ڇڏيائين – رن
کي به شرم نه پيو، پر اُن ڏي ڪهڙو ڏوهه جڏهن مڙس
ئي ڦريل هو. بچل رئو ٺاهيندي اڳتي چيو، ”ملان الله
اڪبر ڪئي ته رن رئو مٿي تي رکي گهران نڪري وئي رن
به ڪا ڇڙواڳ هئي. |