سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1990ع

مضمون --

صفحو :10

پرڀات سنڌي

شاهه جا بيت

(سر سسئي)

(1)

موٽي مران مَ ماءِ موٽڻ کان اڳي مران!
لُڇي لالنَ، لاءِ شَالَ پَونَديَسِ پير تي!

(2)

پهرين تُون پاريج، پارَڻُ پوءِ پُنهونءَ تي،
ٻولَ مَ وساريج، هوُ جو ڪيءَ هوت سين.

(3)

ڇُلان، مَنجِهم ڇاڪَ، پُران، پَوَنِم پُرڪڻا،
متان ڪا منڌ ڪري، موٽڻ جي مزاڪ،
چِتُ سندو موُن چاڪ، هاڙهي هڏ هڻي ڪيو.

(4)

وڃو سڀ وري، ائين جي وَرَن واريون،
ڦوڙائي فِراقَ جي، سڄي ڳالهه ڳري،
ٻُنڀان جن ٻَري، ڏونگر سي ڏورينديون.

(5)

سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا،
جيهيءَ تيهيءَ ذات جي، جُنبش ڪانهي جا،
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري.

(6)

متان مُٺي! ڇَڏئين، پاڻان پريتڻو،
کٿوريءَ ڪڻو مَڙهي مَڙهج ِ  مُنهَن ۾.

(7)

ڪَجي پنڌُ، پُڇان تو، ڪيچُين ڪَارڻ ڪيئن؟
بيخود هَلج ِ بَر َ ۾، آئون ٿو چوان ايئن،
سِڪڻ ساڄَنَ سِيئن، متان، مٺي! ڇڏئين.

(8)

پسي ڏونگر، ڏاهه! جم هلڻ ۾ هيڻي وهين،
لالچي لڪ لطيف چئي، پُٺي ڪيچين ڪاهه،
پُڇي پُورج، سسئي! بلوچاڻي باهه،
اِن وڙائتي وَرَ جي، آسر هڏمَ لاهه،
جو آکنئون اوڏو آه، سو ڀرين پرانهون مَ چئو.

(9)

ويچاريءَ وڻڪار، اڳ ُ نه ڏٺو ڪڏهين،
مهر نه هئي ماڙهين، هو سڀ هندوڪار،
جتُ ڪيائين يار، سورن ڪارڻ سرتيون!

(10)

وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا،
اتي ”عبداللطيف“ چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،
جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج، رهبر! راهه ۾.

(11)

واقف نه وڻڪار جي، پاڻي کنيم نه پاءُ،
جبل جلدايون ڪري، تِک ڏيکاري تاءُ
لڳي لُڪ ”لطيف“ چئي، معذورن مٿاءُ،
اتي اوڏو آءٌ، جت هوت هيڪلي آهيان.

(12)

جيڪس ياد ڪياس، ور وڃي وڻڪار ۾،
جلد جريري پنڌ ۾، اديون! اڄ ٿياس،
وڃي ڪيچ پنياس، ٻاروچاڻي ٻاجهه سين.

* پهرين ڪهاڻي                                            صنوبر سيد

قطعو ڪهاڻي

برتري يا زندهه دلي

آپريشن ٿيٽر ۾ منهنجي چؤطرف، ڊاڪٽر، منهنجي زندگي بچائڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهن، چاهي جو منهنجون اکيون بند آهن پر تڏهن به مان انهن جي هٿ ۾ جهليل  لوهي اوزارن جي ايڪسچينج ۽ ڊاڪٽرن جو نراسائيءَ ۾ٻڏل ڌيمو لهجو محسوس ڪري رهيو آهيان.

هن وقت مان پاڻ کي ڪجهه نه هوندي به، هنن تعليم جي ٿنڀن، ماڊرن دؤر مسيحائن کان ڪيڏو عظيم، ڪيڏو بلند محسوس ڪري رهيو آهيان، جو هوُ هيترا سارا، هيترن ڊگرين، مشينن ۽ اوزارن جي بَلَ تي به منهنجي هيڻي وجود کان / منهنجي ٽٽل ساهن کان شڪست کاهي رهيا آهن ۽ مان هينئر ڪيڏي دلي خوشي ۽ تسڪين محسوس ڪري رهيو آهيان جو مان آپريشن ٿيٽر کان ٻاهرين زندگي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جهڙو انسان هتي موت جي تختي تي هيترن مسيحانن کي شڪست ڏئي ويندم.

تقدس                                           ٻئي ڪهاڻي

جئين ئي گاڏيءَ موڙ کاڌو، سامهون، دونهاٽيل وايو منڊل ۾ هشام ماڻهن جا، ڪن جا هٿ ڳوڙها، ڪن جو سڄو سرير، ڪي بي سڌ پٽ تي ڪريل، هڪ ٻئي کي ڌوڪيندا، هيڏانهن هوڏانهن ڊڪندڙ!

مان هميشھ ڊرائيور کي جهليندو آهيان ته هن روڊ سان نه هلندو ڪر، پر اڄ اتفاق – محض اتفاق تحت ئي هن پاسي اچي ويا هئاسين. واپس ورڻ جو رستو به نه هو. مون کي پنهنجي بچاءَ جي گهٽ، پر مون کي / مون وٽ سونپيل امانت جي حفاظت وڌيڪ ڪرڻي هئي. چؤگرد دونهاٽيل ۽ ريٽي وايو منڊل ۾ مون کي ڪوبه ”مرد مجاهد“ نظر ڪونه آيو جنهن مان پنهنجي تحفظ جي توقع رکان هان! پر ان ”مرد مجاهد“جو هتي ڪهڙو ڪم؟ هتي رت جي راند ته روز جو معمول بڻجي چڪي آهي. ڪو هتي سوين ماڻهن کي مارائڻ پڄاڻا شهادت جو تمغو ته ڪونه حاصل ڪن ها!

ههڙي حالت ڏسي، ڊرائيور به پنهنجي ڪيل غلطيءَ جي ازالي ۾ وٺي ايڪسيليٽر تي زور ڏنو ۽ انبوهه ماڻهن جا چيريندو اچي، هڪ صاف شفاف ۽ پرامن علائقي ۾ پهچايائين!

مان خدا جو شڪر بجا آندو ته منهنجي مرسڊيز تي ئي صرف خون جا ڇنڊا لڳا هئا، جيڪي صاف ٿي سگهن ٿا. پر مان پنهنجي مرسڊيز تي لڳل پرچم کي، ڳاڙهن خوني ڇنڊن کان بچائي ورتو هئم ۽ پرچم جي تقدس کي پائمال ٿيڻ کان محفوظ ڪري ورتو هئم.

واري توتي جند                                 ٽين ڪهاڻي

”هيڏي نٽهڻ اُس ۾ ڇا پيو ڪرين؟

”ٻوٽو پيو پوکيان.“

”ڇا جو؟“

”امر ڦل جو؟“

امر ڦل جو! اهو ڇا ٿيندو آ؟

”اهو اهو ڦل آ – جنهن جي کائڻ سان امر ٿي وڃبو آ / زندهه ٿي وڃبو آ، هميشھ هميشھ لاءِ.“

”تو ان جو ٻج ڪٿان آندو؟“

”پنهنجي ئي وجود مان! پنهنجي سچن جذبن ۽ محبتن جو ٻج“ جنهن کي ريج ڏيڻ لاءِ دل“ جگر جو خون پنهنجي شهه رڳ کي ڪٽي“ ڪڍڻو پوندو آهي!“

”شهه رڳ کي ڪٽي! پوءِ ڇا زندهه رهي سگهندين؟!“

”ها ان ازلي حياتيءَ لاءِ ئي ته ٻوٽو پوکيان پيو.“

”پر پوءِ تون زندهه ڪيئن رهندين؟!

”مان! هن ٻوٽي مان پيدا ٿيل، امر ڦل ان هستيءَ کي کارائيندم؛ جيڪا مون کي ماءُ کان وڌ مٺي ۽ محبوبه کان وڌ پياري آ. جڏهن اها هستي اهو ڦل کائيندي ته هميشھ هميشھ لاءِ زندهه / امر بڻجي ويندي ۽ جيئن ته هوءَ مونکي، هونءَ ئي بي انتها چاهي ٿي، هي ڦل ڏسي سندس پريم تهائين وڌي ويندو ۽ هوءَ مون کي منهنجي ياد کي هميشھ لاءِ دل ۾ سمائي ڇڏيندي ۽ مان هيءَ فاني حياتي، ان مٿان قربان ڪري ان جي ازلي زندگيءَ ۾ هميشھ هميشھ لاءِ جيئندو رهندم.

چوٿين ڪهاڻي

”اڄوڪي اخبار ۾ هيءَ  ڪهاڻي پڙهي اٿئي؟“

”ڪهاڻي! مون کي سرخين پڙهڻ جو ٽائيم ئي مس ٿو ملي! ڪهاڻي ٿو پڙهان؟!“ يار! پڙهي ته ڏس نه، ڪيڏي زبردست آ. آهي مختصر پر وزندار ڏاڍي آ، اڄڪلهه چڱا نوان ليکڪ اڀري آيا آهن ۽ لکن به سٺو پيا.“

”خبر آ ڇا لکيو هوندائون، پلاٽ چوريءَ جو، اجاين لفظن جي ڊيگهه ڏئي سمجهندا وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو اٿئون!

”ڪيئن به – پر سوچ نه، هن مشيني دور ۾ جتي پڙهڻ جي به فرصت ناهي اتي، اها ڳالهه سرهائيءَ جي ناهي ته نوجوانن ۾ شعور وڌيو آهي، پڙهڻ سان گڏ هو لکي به رهيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ سٺو، بلڪه وقت جي تقاضائن موجب بهترين لکي به رهيا آهن. اسان سينيئرز کي ته سندن حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي، سندن جذبي کي ساراهڻ گهرجي.“

”جذبو! رڳو نالي ڪاڻ ٿا لکنين – معلومات لڀي ٽڪو ڪونه، هليا آهن، ٻين جو فلسفو رپيٽ ڪري پاڻ کي اديب سڏائڻ، خير مان هلان ٿو، اڳ ۾ ئي ليٽ ٿي ويو آهيان مڙئي سوچيم ٻه منٽ تو وٽان ٿيندو وڃان.“

هو تڪڙو تڪڙو بريف ڪيس کڻي ٻاهر نڪري ويو، جو ليکڪ سان گڏ اوبيڊينٽ سرڪاري آفيسر پڻ آ.

مان سوچڻ لڳم، اسان سينيئرز جيڪو نانءُ  حاصل ڪري چڪا آهيون، جنهن مقام تي هينئر بيٺا آهيون، ڇا زندگيءَ ۾ پهريون قدم ان ئي حيثيت ۾ رکيو هوسين؟!!

نديم گل عباسي

نظم

شايد  تون

منهنجو پاڇو آهين

ڪڏهن هوريان هوريان

ايندو آهين

منهنجي پويان

۽ وري ڪڏهين

روشنيءَ  جي رُخ

بدلجڻ سان

منهنجي اڳيان هلندي

مون کي واٽ

ڏسيندو آهين

پر نه نه

تون منهنجو

پاڇو ته ناهين

ڇو جو پاڇي جو قد

وک وک سان

بدلجندو

رهندو آ

شايد تون منهنجو

اوسئيڙو آهين،

پر ڪٽيل پکيئڙو

زندان ۾ بند

ڪو جذبو

ڪڏهن ٽپاليءَ

جي واٽ نهاريندي

ڪڏهن چُپ چاپ ۾

خاموشيءَ جي موت

تي ڳوڙها ڳاڙيندي

پر نه نه

تون منهنجو

اسيئڙو به ناهين

اوسئيڙو ته سدائين

مون سان گڏ هوندو آ

ڪڏهن ڀي

ڪنهن امتحان جي ڪري

مون کان جُدا

ته نه ٿيندو آ

شايد پوءِ تون منهنجو

آئيندو آهين

آئيندو جيڪو

مون لاءِ سدائين

ها! اڄ تائين

ننڍپڻ جي ڪنهن خواب سمان

ڪنهن دور ديس جو

ڪنهن اڻڄاتي ٻوليءَ جو

گيت رهيو آهي

گيت – جنهن جا ٻول ته مان

ٿو سمجهي ڪونه سگهان

پر جنهن جو ترنم

منهنجن جذبن کي

روئاري ٿو وجهي

سڀني اڻپورن احساسن کي

ننڊ ڪنهن گهريءَ مان

اُٿاري ٿو وري

پر، نه، نه، نه

تون منهنجو آئيندو

ٿي هرگز ڪونه ٿو سگهين

ڇو جو تون ته مٺا

غيريقيني ته ناهين

شايد تون منهنجو

ڪٿي وڃايل

سپنو آهين

جنهن جي ڳولها ۾ مان

هر شاعر وٽ ويو هان

جنهن کي مون

سڀني تاريخن

جي ورقن ۾ ڳولهيو آ

جيڪو مون کي ڪنهن به سار

ڪنهن سُريلي آواز

منجهه اڃان ته ڪونه مليو آ

جنهن جي خوشبوءَ جي ڳولها ۾

منهنجو هر خيال، هر احساس

پوپٽ بڻجي اڏريو آ

پر تون منهنجو

سپنو به ته ناهين

منهنجو ته مون کان

ڪڏهن ڪو

ويو آهي وڃائجي

جڏهن ته تون

ازل کان ئي

منهنجي من ۾

آهين موجود

ادارو

آپا ڊاڪٽر شمس عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه

تعارف:

 

ولادت:

1924-1-10

تعليمي لياقتون:

بي. اي، بي. ٽي، ايم. اي، پي ايڇ ڊي.

پهرين ملازمت :

سيڪنڊري اسڪول ٽيچر، 1942ع کان.

آخري ملازمت:

ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪسٽينشن ونگ 1984ع تائين.

ڏٺل پرڏيهه :

آسٽريليا، برطانيه، بنگلاديش.ايران، ترڪي، سعودي عرب، فلپائن، افغانستان، بيروت، ڀارت، بنڪانڪ، هانگ ڪانگ، ملائيشيا، سنگاپور، روس، فرانس ۽ چين وغيره

انعام اڪرام:

خديجة الڪبريٰ ميڊل

وابستگيون:

پاڪستان يونيورسٽين جي وومين فيڊريشن جي، بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جي سابق ميمبر، آل پاڪستان وومين ايسوسيئيشن جي باني ميمبر، سنڌالاجي جي ايڊوائزري بورڊ، جي سابق، ميمبر، ليڊيز ڪلب جي لائق ميمبر، سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي سابق ميمبر، زرعي يونيورسٽي جي، سينڊيڪيٽ ميمبر، سنڌي عورت تنظيم جي چيئرمين، هلال احمر جي ايگزيڪيوٽو، ڪاميٽي جي ميمبر.

تحريرون:

”حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جون علمي، ادبي خدمتون.“

·       ”ماکيءَ جي مک“ (ترجمون)

·        ”مرزا قليچ بيگ ۽ عورت“ (تنقيد)

·       سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪيترائي، مضمون ۽ رسالا

س: اوهان، سنڌ جي اهڙي خاندان سان واسطو رکو ٿيون. جنهن ۾ وڏا عالم، حڪيم ۽ سياستدان ٿي گذريا آهن، ٻڌايو! ته انهي خانداني پس منظر اوهان جي شخصيت تي ڪهڙو اثر ڪيو؟

ج: منهنجو چاچو، حڪيم فتح محمد جيڪو وڏو اديب، عالم ۽ شاعر هئو. پر ان وقت اسان ۾ ايترو شعور ڪونه هئو. جو ان کان ڪجهه سکون، اسان جو وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر، تنهن اسان جي ننڍي هوندي جي تربيت تي خاص توجهه ڏنو. اسين اڃا ننڍڙيون هونديون هيوسين ته اسان کي صبح جو قرآن شريف پڙهائيندو هو نه رڳو قرآن شريف پڙهائيندو هو پر ان جي تميز به ٻڌائيندو هو ۽ اسان جي ماءُ جيتوڻيڪ، پاڻ اڻپڙهيل هئي، پر ان کي علم سان ايترو شوق هو، جو ننڍي هوندي کان اسان کي اسڪول ۾ موڪلڻ شروع ڪيائين. تنهن کانپوءِ اسان کي پنج وقت نماز، پڙهڻ جي شروع کان وٺي تربيت ڪيائين. تنهن جي ڪري، مان سمجهان ٿي ته اسان جي ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ جي تربيت جو منهنجي شخصيت تي تمام گهڻو اثر پيو.

س: اوهان سنڌ جي انهن عورتن مان هڪ آهيو، جن انگريزن جي دور ۾ وڏين مشڪلاتن باوجود، تعليم حاصل ڪئي، ٻڌايو ته اوهان سان گڏ ٻين ڪهڙن مسلمان عورتن تعليم حاصل ڪئي؟

ج:جهڙوڪ اسان شروعات ۾ پرائمري اسڪول ۾ رڳو ٻه ڀينر هيون سين، جيڪو، الهندي ڪچي ۾ هڪڙو ڇوڪرين جو اسڪول هوندو هو، پوءِ هاءِ اسڪول ۾ اسان جي تعليم ٿي. اتي اسان چار ڇوڪريون سنڌي هونديون هيون سين. ٻه اسين، يعني هڪ مان، ٻي منهنجي ڀيڻ، ڊاڪٽر بانو ميمڻ ۽ چوٿين حسن بانو بلوچ هوندي هئي. سڄي اسڪول ۾ اسان چار ڇوڪريون هونديون هيون سين، هندو استاد ۽ هيڊماسترياڻي، جيڪا ڪرسچن هئي، سي تمام گهڻو خيال ڪندا هئا، جيئن ته اسان چارئي مسلمان ڇوڪريون تمام هوشيار هونديون هيون سين، تنهن ڪري اهي گهڻو توجهه ڏيندا هئا.

س: اوهان کي اعزاز حاصل آهي، جو سنڌي ادب ۾ پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ عورت آهيو، ٻڌايو! ته ايتري وڏي اعزاز، حاصل ڪرڻ ۾ اوهانکي ڪهڙي جاکوڙ ڪرڻي پئي؟

الف: اوهان جي، گائيڊ جو، ڪهڙو رويو يا سهڪار رهيو.

ب: ٻين، ڪهڙن محققن، اوهان جي مدد ڪئي.

ت: اوهان کي مقالي لکڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳو.

ث: اوهان حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي خدمت تي ڪم ڇو ڪيو؟

ج: اوهان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ فقط ٻن عورتن پي ايڇ- ڊي ۽ ٻن ايمفل ڪئي آهي. اوهان جي خيال ۾ سنڌي عورت پي ايڇ ڊي ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ڪهڙيون سهوليتون ملڻ گهرجن.

ج: شروع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٺاهي وئي ۽ هتي اولڊ ڪيمپس ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ هوندو هو جتي، الانا صاحب هئو جنهن  مون کي گائيڊ ڪيو ۽ ان کانپوءِ مولانا قاسمي صاحب، جن منهنجا گائيڊ بڻيا ۽ مان انهن جي ولي الله اڪيڊمي ويندي هئس، اتي وڃي انهن کان گائيڊينس وٺندي هئس، مولانا قاسمي صاحب، منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي. مسٽر عبدالجبار مغل، مسٽر در محمد پٺاڻ پڻ مدد ڪئ ۽ ڊاڪٽر خليل، ٻيو منهنجي چاچي جو مواد هئو، جيڪي شعر يا لائيف هسٽري تي موضوع رکيل هئا. اهي انهن وٽان مون کي ملي سگهيا ۽ ٻيو ته مقالي ۾ گهڻو وقت نه لڳي ها، پر منهنجي پنهنجي نوڪريءَ جون جيڪي، مصروفيتون هونديون هيون، تنهن ڪري مون کي ڪافي وقت لڳي ويو. ڇاڪاڻ جو جنهن وقت  مون تحقيق ڪئي، تنهن وقت مان ڊپٽي ڊائريڪٽر آف ڪاليجز هئس. پهرين مون سمجهيو ته مان ٽن سالن ۾ مڪمل ڪري ڇڏيندس، پر ان کانپوءِ ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ٿي ويس. جنهن ۾ نه صرف، سنڌ جو پڻ دورو ڪرڻو پوندو هو. انهي مصروفيتن جي ڪري دير ٿي، ڇو جو مان چاهيندي آهيان ته جيڪوڪم ڪجي، اهو صحيح هجڻ کپي ۽ پنهنجي فرضي ادائيگي پوري ڪيان، انهيءَ مصروفيتن جي ڪري پنهنجو ڪم پٺتي رکڻو پيو ۽ اهو ڪم ڏهن سالن ۾ پورو ٿيو هونءَ اهو ٽن سالن ۾ پورو ٿي وڃي ها، پر مان ايترو توجهه ڏئي نه سگهي هيس.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جا ٽيڪسٽ بوڪن ۾ سبق ڏنل آهن جيڪو وڏو عالم ۽ شاعر هئو. ان کي فارسي، سنڌي، اردو تي مهارت حاصل هئي. سو مون سوچيو ته ٻين اديبن، عالمن کي به پڙهون ٿا پر هي اديب عالم، جيڪو خاندان ۾ آهي. جنهن تي ڪنهن به توجهه نه ڏنو آهي. ڇو ته ان تي تحقيق ڪيان ۽ سندس مواد هڪ هنڌ جمع ٿي وڃي جو اسان جي خاندان کي به ڪم اچي ۽ ٻيا به ڪجهه فائدو پرائن ۽ ٻي ڳالهه ته سنڌي عورت پي ايڇ ڊي ڇو نه ٿي ڪري سگهي؟ سنڌي عورت کي خدا ذهن ڏنو آهي. صبر ڏنو آهي، تنهن کانپوءِ اها محنتي آهي پر جيئن ته: موقعو نه ملڻ ڪري اها اڳتي وڌي نه سگهي آهي. موقعا آهن ته ضرور سنڌي عورت فائدو وٺندي.

س: اوهان جي خاندان ۾ اوهان کانسواءِ ٻي ڪابه عورت نمايان ڇو نه ٿي؟

ج: منهنجي خيال ۾ منهنجي خاندان جون جيڪي عورتون يا ڇوڪريون آهن، تن گهڻو ڪري ڊاڪٽريءَ جو پيشو اختيار ڪيو. مان ننڍي هوندي راند ڪندي هئس ته استاد ٿي راند ڪندي هئس. مون کي استاد ٿيڻ جو چاهه هو، ان ڪري مان تعليم کاتي ۾ آيس. ڇاڪاڻ جو استاد جو اهڙو پيشو آهي جو جيترا سٺا شاگرد پيد اڪري اوترو ان جو نالو ٿيندو.

مان انهن استادن مان ڪونه هئس، جو رڳو تعليم سان دلچسپي رکن پر مان چاهيندي هئس، ته نياڻين جي تربيت به ٿئي ۽ اڳتي هلي ڪارآمد ثابت ٿين. ان ڪري مان انهن جي شخصي زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺندي هئس انهن جا جيڪي مسئلا هوندا هئا، انهن کي حل ڪندي هئس. تنهن کانپوءِ جيئن ته مان سوشل ورڪر به آهيان تنهن جي ڪري مان چاهيندي هئس ته جيڪي به انهن جون، سماجي تڪليفون آهن سي دور ڪيان، مان سمجهان ٿي ته منهنجي خلوص، منهنجي چاهه ۽ منهنجي دلچسپيءَ جو انهن جي دلين تي اثر پيو جو انهن جا خاندان به منهنجي عزت ڪن ٿا. بس الله کان اها دعا ٿي گهران، ته مون کي توفيق ڏئي، جيستائين زندگي اٿم تيستائين انهن جي خدمت ڪندي رهان.

س: رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ اوهان لکڻ پڙهڻ جي ڪم کي ڪيترو اڳتي وڌايو آهي. جڏهن اوهان جي خاندان طرفان ڪيترا رسالا ۽ اخبارون شايع ٿينديون رهن ٿيون ۽ اوهان کي ڇپجڻ جون سهولتون به آهن؟

ج: ڳالهه اها آهي ته منهنجي جيڪا ريگيولر زندگي آهي ان ۾ مان ايترو مصروف رهان ٿي. ان کانپوءِ پنج سال اڳ مون سان وڏو حادثو پيش آيو. منهنجو جوان پٽ گذاري ويو ۽ ان جو ڇڏيل ڪم، مون کي ڪرڻو پيو. اها به هڪ دماغي چوٽ هئي، مان پنهنجي زندگيءَ جي تاريخ به لکڻ چاهيان ٿي. انهيءَ لاءِ جو منهنجي جيڪا ڪشمڪش ۾ زندگي گذري آهي، تنهن مان سنڌ جون نياڻيون سبق حاصل ڪن ۽ ٺاهين، تنهن کانپوءِ اپوا ۾ ڪم ڪيان پئي ۽ ان کانپوءِ پروفيشنل بزنس وومينز ۾ پڻ ڪم ڪيان پئي. جيڪي به عورتن جون تنظيمون آهن. انهن سان وابسته آهيان ۽ جڏهن موقعو ملي ٿو ته ٻهراڙي۾ وڃون ٿا. سنڌي عورت تنظيم جي ڪري هالا ۾ وڃي برانچ کولي ۽ سجاول ۾ پڻ برانچ کولي، ڪجهه همت حاصل ڪن ته جيئن هو اڳتي وڌن، پر جيئن ته اها دوري آهي، ان کي في الحال ڇڏي ڏنو آهي. ان کانپوءِ اهڙي قسم جا سيمينار يا فنڪشن ٿين ٿا، ته اتي وڃان ٿي، تقريرون ڪرڻيون پون ٿيون، ان لاءِ تياري ڪرڻي پوي ٿي، تنهن کانپوءِ سوشل ميٽنگس ٿيون ٿين اهي اٽينڊ ڪرڻيون پون ٿيون. تنهن ڪري مون کي ايترو وقت ڪونه ٿو ملي جو مان ويهي لکان اڳ ۾ به منهنجا ڪجهه آرٽيڪلس لکيل آهن، پر هاڻ ريٽائرمينٽ کانپوءِ ڪجهه پنهنجي زندگي تي لکيا اٿم، باقي تازو ڪونه لکيو آهي.

س: اوهان سالن جا سال تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي فائز رهيون، انهيءَ عرصي دوران سنڌ جي ڪهڙين مشهور عورتن کي تعليم ڏني (مشهور شاگردياڻين جا نالا)

ج: الله جو فضل آهي، جو جن کي به مون تعليم ڏني آهي، اهي گهڻي ۾ گهڻيون مشهور آهن. جيئن مسز مريم نوحاڻي، جيڪا حيدرآباد ۾ ڪاليج جي پرنسپال آهي. ٻي فاطمه شڪيلا، جيڪا سکر ڪاليج جي پرنسپال آهي ۽ ٻي هوم ايڪنامڪس ڪاليج جي پرنسپال يا جيڪي ڊي اوز سنڌ ۾ آهن. سي منهنجون شاگردياڻيون آهن. ڪراچي ڪاليج جي پرنسپال به منهنجي شاگردياڻي آهي، يعني دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويندؤ اتي منهنجون شاگردياڻيون ضرور ملنديون. مهتاب راشدي، فهميده زبيري جيڪا پاڪستان اسٽيل ڪائونسل۾ آهي، انيس تفضل، يعني جيڪي اسان جي ڪاليج مان پڙهي نڪتيون آهن، تن الله جي فضل سان نالو روشن ڪيو آهي ۽سٺن عهدن تي آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com