سلمه پنهور
اصل ڏوهاري ڪير؟
عيد ته خوشيون کڻي ايندي آهي. امير توڙي غريب لاءِ پوءِ جن وٽ
کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي، اهي به عيد جي سڳوري ڏينهن
تي پنهجن ٻارن کي اوڌر سوڌر تي به سادا ئي سهي پر
نوان ڪپڙا وٺي ڏيندا آهن، پر اسان جي سنڌ جو وڏو
الميو اهيو رهيو آهي ته ڪئين سال ته نوڪرين تي
بندش ٿي رهي، سنڌو سڪو پيو آهي، ٻيلا وڍجي ويا آهن
۽ بک ۽ بيروزگاري ته ڄڻ هر ٻئي گهر جو مسئلو آهن
نسيم چنا جنهن جي گهر ۾ صبح جي ماني پچندي هئي ته
رات جو ٻارن کي لنگهڻ ڪاٽڻو پوندو هو. ماءُ شايد
هر ڳالهه برداشت ڪري ٿي سگهي پر ٻارن جي بک نٿي
ڏسي سگهي. ٻارن جي ڪا خواهش پوري نه ڪري سگهڻ ۽
کين بک تي سمهارڻ روز جو معمول هجي ۽ قربانيءَ
واري عيد تي جڏهن هو ٻارن کي ڪجهه نه ڏئي سگهندي
هوندي، هنن جي بک ۽ اميدون پوريون ڪري نه سگهي
هوندي. ان رات هن ٻئي ڪنهن قربانيءَ کان پهرين
پنهنجن ٻچن کي ڪهي قربان ڪري ڇڏيو! ۽ آخر ۾ پنهنجي
پاڻ کي ڪهي اهو هن سماج کي ٻڌايائين ته جڏهن پاڙي
۾ ڪنهن کي پروڙ نٿي پئي ته ڪير بک تي ستو آهي.
پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري!
ايڏي بي حسي هن معاشري جي صفيه سندس وڏي ڌيءَ روئيندي پوليس وٽ
بيان ٿي ڏئي ته امان وٽ ٻيو ڪو چارو به ڪونه هو ته
هوءَ ائين نه ڪري ها. ڇو ته پاڙي اوڙي مٽن مائٽن ۽
سماج جهڙوڪ هنن کي ڇڏي ڏنو هو! هنن کي ته هڪ خدا
جو آسرو هو ۽ هڪ گهر جي وڏي هجڻ سبب پيءُ کي به
مٽن مائٽن جي دشمنيءَ سبب گهر اچڻ کان روڪيو ويو
هو. صفيه جي چواڻي ته اهڙيءَ حالت ۾ هڪ بيوس عورت،
جنهن جو ڪو اوهي هجي نه ڪو واهي نه ڪو وس هلي،
ڪيڏانهن وڃي؟ ڪنهن جي در تي دانهن ڏئي؟ ڪنهن کي
پنهنجو ڏکڙو ٻڌائي؟ ضرور هوءَ مجبور هوندي. پڪ
هوءَ پريشان هوندي. جڏهن ته ٻيءَ ڌر کيس ۽ سندس
نياڻين کي مارڻ جي ڌمڪي ڏني هئي. اهڙي وقت هن کي
اهوئي فيصلو صحيح لڳو هوندو ته هوءَ پاڻ پنهنجي
هٿن سان پنهنجن ٻارن جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي، ۽
پوءِ...... هن به پنهنجي زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي
ڇڏيو ۽ صفيه کي شايد ان ڪري ڇڏي ڏنائين، ته هوءَ
اها ڪهاڻي هن سماج جي ٺيڪيدارن کي ٻڌائي سگهي ته
عورت جي لاءِ جڏهن سڀ در بند ٿي وڃن ته پنهنجي گهر
جو در هوءَ پنهنجي ئي هٿن سان بند ڪري ڇڏيندي آهي.
نسيم وانگيان!!
هاڻ پوليس صفيه کي حراست ۾ وٺي چالان ته ڪيو آهي، پر اصل ڏوهاري
ڪير آهي؟ ۽ ڪارڻ ڪهڙو هو؟ اهو شايد ڪير ڄاڻڻ نه ٿو
چاهي!
***
|