سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :2

 

پڙهندڙن جا خط

محترم ايڊيٽر صاحب!

گهڻن دعائن ۽ سلامن بعد گذارش آهي ته پنهنجو نثري نظم موڪليان پئي. اميد ته رسالي ۾ جڳهه ڏيندا. اوائلي ڪوشش آهي اميد ته مايوس نه ڪندا ۽ ايندڙ شماري جو انتظار رهندو.

فاطمه راڻي حيدرآباد

 

پياري ڀيڻ!

احوال ته ڀيڻ مان ليٽر ان ڪري لکان ٿي ته مئنيجر ڪتاب _ گهر کي تاڪيد ڪندا ته مون کي ”سرتيون“ رسالو V.P ڪري. توهان منهنجي لکڻين کي شايع ڪنديون رهو ٿيون. ان لاءِ شڪر گذار آهيان.

حميده پنهور

گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج، دادو

 

ايڊيٽر صاحبه!

 جيئن ته آءٌ 1994ع کان وٺي مختلف اخبارن ۾ مضمون ، ڪهاڻيون، عورتن جي مسئلن بابت لکندو پيو اچان. ان سلسلي ۾ جيڪڏهن اوهان ڏي مواد موڪلجي ته ڇا طريقي ڪار آهي ۽ آءٌ مختلف رسالن تان عورتن بابت مواد ترجمو به ڪندو آهيان ۽ لکيل مضمونن جو تعداد ٻن ڪتابن کان به وڌيڪ آهي اهو ڪتاب شايع ڪرائجي ته اوهان ڪهڙي مدد ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪو ترجمي لاءِ ڪتاب (عورتن بابت) هجي ته ان جو به آءٌ ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندس.

اوهان جي لائبرريءَ ۾ مواد، لٽريچر هجي ته اهو به موڪليندا ته مهرباني ٿيندي. اوهان جي خط جو انتظار رهندو ۽ سٺين تجويزن کان آگاهه ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

علي نواز ڪلهوڙو

محلو شهيد آباد (ٻٽڙو) شهر، خيرپور ميرس

(ڪتاب ڇپائڻ لاءِ سيڪريٽري س. ا.ب يا ڪنهن پبلشر سان صلاح مشورو ڪندا. ترجمو اردوءَ تان نه هجي، ڇو ته اردو اسين پڙهي سگهون ٿا _ ادارو)

 

ايڊيٽر سرتيون!

جيئن ته منهنجي ”ٽيچرڊي“ جي عنوان سان لکيل مضمون کي ڪٿي مڃيو ويو آهي ته ڪٿي ڪن ڀينرن اعتراض پڻ ڪيو آهي ته اها منهنجي غلط سوچ آهي. سو مان انهن ڀينرن جي ٿورائتي آهيان، جن منهنجو مضمون هڪ دفعو پڙهي ۽ ان کي سمجهيو آهي، اها به هڪ قلمڪار جي همت افزائي آهي جو ان کي جواب ته مليو چاهي ڪهڙي به انداز ۾. تنهنڪري مان انهن ادين جي لاءِ اڃا به وڌيڪ انهن ڳالهين جي وضاحت ڪري سگهان ٿي جن ڳالهين لاءِ صرف مون سوچيو هو، پر هاڻي مون کي پاڻ موقعو مليو.

نمبر پهريون ته موت صرف جسماني نه هوندو آهي، پر اهو عملي به هوندو آهي، جنهن ۾ اهو صرف ظاهري هوندو آهي، باقي ان جي حقيقت ختم ٿي ويندي آهي. مان به ان موت جي ڳالهه ڪئي آهي. اڄ جي استاد جو به ساڳيو ڪردار رهيو آهي هو ظاهري ته استاد آهي، پر عملي طرح نه! ادي ريحانه جو چوڻ آهي ته اسان ڏينهن ان لاءِ ملهائيندا آهيون جو ان ڳالهه کي ساراهي آئيندي لاءِ روشن راهه تي وٺي هلون سو ادي اهو ته مڃبو ته ڏينهن ان لاءِ ملهائبا آهن ته پنهنجي آئيندي کي روشن ڪجي ته ادي ڪهڙي دنيا ۾ رهي پئي جتي پنهنجي آس پاس جي اونداهي  نظر ڪانه ٿي اچيس يا ڀيڻ پاڻ ڪنهن ترقي يافته ملڪ جي ڳالهه پئي ڪري ته جتي جيڪا ڳالهه چئي ويندي آهي. سا ڪري به ڏيکاربي آهي. مون کي انهيءَ افسوس ته قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو جو مون اهو مضمون لکيو. ادين شايد انهيءَ ڳالهه تي توجهه نه ڏنو
آهي. جنهن ۾ مون سڄي سسٽم جي نشاندهي ڪئي آهي. هونءَ به انسان جڏهن پنهنجي اک کولي ٿو ته پهرين پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو. پوءِ پنهنجي ماحول کي، پوءِ سماج ۽ ٻاهرين دنيا کي ڏسي ٿو. اهو به صحيح آهي ته اسان وٽ ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر، وڪيل، جج، انسپيڪٽر، سياستدان وغيره پيدا ته ٿيا آهن. پر اهي هڪ ٽيچر نه پر هڪ ٽيوٽر پيدا ڪيا آهن. اهو به هڪ استاد آهي ۽ ايمان رکي ٿو جو ادي پاڻ پنهنجي خط ۾ چئي چڪي آهي ته موڪل کان پوءِ ٽيوشن پڙهائي هو رات جو گهر ايندو آهي. اديءَ جي ان ڳالهه سان مان سؤ سيڪڙو متفق آهيان.

اديءَ لکيو آهي ته هيلٿ ڊي وومين ڊي ۽ چلڊرن ڊي....

ته ادي ڪهڙي هيلٿ جي ڳالهه ٿي ڪري، جتي روز هزارين ٻار صحيح علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ مرن ٿا. ادي شايد ڪنهن سرڪاري اسپتال جا چڪر ڪونه لڳايا آهن ته اتي ڪهڙي حالت ٿئي ٿي مريضن سان اهي ڊاڪٽر به ان استاد جا پڙهايل آهن.

چلڊرن ڊي جتي روز سوين ٻارڙا پنهنجا نماڻا نيڻ ۽ هٿڙا کوليو گهٽين ۽ دروازن تي صدائون هڻندا نظر اچن ٿا ۽ هر ماڻهوءَ جي نفرت جو نشانو بڻبا ۽ ڌڪارجندا رهندا آهن ۽ جڏهن پنڻ کان ڪجهه جڱي حيثيت ۾ هوندا آهن ته گيراجن ۾ پڪڙن ۽ پانن سان گاڏين جا نٽ بلٽ کوليندي نظر ايندا آهن. اهي هن زنده قوم جا ٻار آهن. جن جو ٻالڪپڻ تباهه ڪيو پيو وڃي.

وومين ڊي ڇا انهيءَ معاشري ۾ جتي ماءُ کي پٽ، ڀيڻ کي ڀاءُ زال کي مڙس ۽ ڌيءُ کي ڪاري ڪري مارين ٿا. يا دشمني ۾ اچي يا پيسن جي لالچ ۾ اچي ڪاري ڪري مارين ٿا. انهيءَ سماج ۾ عورت جو ڏينهن ملهائي ۽ پاڻ کي ترقي يافته ملڪن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪري اها ڪٿان جي ايمانداري آهي، جتي اندر ۾ هڪڙي ته ٻاهر ٻي.

هاڻي اميد ته ريحانه کي پنهنجي سوالن جا جواب ملي ويا هوندا. ڏينهن (ڊي) زنده قومون ملهائينديون آهن. جيڪي پنهنجي عمل سان ثابت ڪن ته واقعي اسان وٽ ائين آهي. جيئن چئون پيا. باقي ڏينهن ملهائڻ تي پيسا خرچ ڪرڻ مان ڇا فائدو؟

ادي چوي ٿي ته ڌاڙيل جو به ڏينهن ملهائجي ۽ ادي هڪ ڏينهن ملهايو ويندو. ڇو ته پروءَ جي ڪردار تي فلم ٺهي آهي. اسان جي هڪ مشهور رسالي ۾ سلسليوار ڪهاڻي پڻ ڇپجي چڪي آهي. باقي ڏينهن ته اهو به هڪ ڏينهن کيس شهيد ۽ سورمي جو لقب ڏئي ملهايو ويندو. ته اسان جي قوم جي بدنصيبي آهي ته صرف ڏيکاءُ باقي ڳالهيون ڳجهيون ڪنهن  کان ڪين آهن. جيڪو روز اخبار پڙهندڙ آهي. ان کي سڀني جي اعمالن جي خبر آهي، ته ڇا ڊاڪٽر ڇا انجنيئر، ڇا سياستدان، ادي دنيا جي ترقي کان پنهنجي قوم جي تباهيءَ تي نظر وجهي ته بهتر آ.

ادي پاڻ ئي منهنجي ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي ته اڳي جي استاد کي معزز ماڻهو ليکيو ويندو هو ۽ هر ڪو ماڻهو ان کي پنهنجي هر ڪم ۾ اڳڀرو رکندو هو. ادي اها ڳالهه پاڻ مڃي چڪي آهي ته اعتراض ڇو  ڪيو اٿس.

سماج به انسان کي ان جي ڪردار تي عزت ڏيندو، پوءِ چاهي هو ڪهڙي به پيشي سان تعلق رکي، جيترو لوچبو اوترو لهبو.

آخر ۾ وري به پنهنجي ڀينرن کان انهيءَ ڳالهه لاءِ معافي گهران ٿي ته جيڪڏهن هن مضمون ۾ ڪنهن کي ڪو رنج پهچي ته مون کي معاف ڪري.

نسرين هاشمي

 

ايڊيٽر سرتيون!

مون پهريون دفعو ”سرتيون“ ۾ پنهنجي شاعري موڪلي ۽ مون کي اميد هئي ته توهان ضرور شايع ڪنديون. جڏهن منهنجي ساهيڙيءَ نازش نياز مون کي ٻڌايو ته تنهنجي شاعري شايع ٿي  آهي. ان وقت مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ انهيءَ اميد سان ٻي شاعري موڪلي رهي آهيان ته توهين ضرور شايع ڪنديون. خدا پاڪ ڪري ته ”سرتيون“ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري ۽ توهان کي خدا پاڪ اها همت ڏئي جو ان کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت ڪريو. (آمين)

ڪنول سميجو

ميرپور خاص

 

پياري ادي!

جيئن ته توهان جو رسالو ”سرتيون“ جي ڪاپي منهنجي هٿن تائين پهتي. پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. ادي، رسالي ۾ جيڪا توهان جي محنت ٿيل آهي. اها بلڪل ساراهه جوڳي آهي. ادي اوهان بلڪل جس لهڻو. سرتي، اوهان جي رسالي جي هر هڪ ڪهاڻي، ناول، شاعري ۽ سرتين جا ورتل انٽرويو سڀ پڙهڻ وٽان آهن. جنهن ۾ پرهه ابڙو سان ڳالهه ٻولهه تمام گهڻو متاثر ڪيو. سرتي، پرهه ابڙو آخر ۾ اسان سنڌي عورتن کي جيڪو پيغام ڏنو آهي، انهيءَ کان ڏاڍي متاثر ٿي آهيان. ادي طلعت ڪر۾ علي مرزا جي ڪهاڻي سٺي هئي. ڊاڪٽر عريبه نور جي ڏنل ڄاڻ، اڪثر عورتن جو ويم دوران موت ٿي وڃڻ، اهو انٽرويو بلڪل پڙهڻ وٽان آهي، جيئن ته اسان وٽ صحت مرڪز جي سهولت ناهي، انهيءَ ڪري ادي عريبه نور جي ڏنل ڄاڻ تمام سٺي لڳي. سرتي اوهان کي الله پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ڪري، اسان سنڌ ۾ رهندڙ، سنڌي عورتن جو ساٿ اوهان سان آهي.

ثناء ايس برهماڻي

ڪاڇو واهي پانڌي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com