سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :6

 

اڳتي حضرت نوح بن يزيد الجامع جو ذڪر آيو ته جڏهن کيس نياڻيءَ جي ڳڻتي ٿي ته پاڻ پنهنجي هڪ مجوسي عالم دوست کان مشورو ورتائين ته نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ ڪهڙو ور چونڊجي. مجوسي عالم کيس مثالن سان ٻڌايو ته ڪنوار يا گهوٽ ۾ جيڪي بظاهر چار خصلتون هئڻ گهرجن، يعني _ دولت، حسن، حسب نسب ۽ دينداري _ انهن چئن خصوصيتن مان ڪهڙي کي فوقيت ڏجي. مجوسي عالم کيس ٻڌايو ته فارس وارا، روم وارا ۽ عرب قوم ڪهڙين خصوصيتن کي اهميت ڏيندا هئا ۽ اوهان جي اڳواڻن حضرت محمد مصطفيٰ صلم ڪهڙي خصوصيت کي اهميت ڏني آهي.  هن چيو ته:

فارس جو بادشاهه ڪسريٰ چوندو آهي ته پنهنجي ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ ڪنهن دولتمند کي ڳوليو.

روم جو بادشاهه حسن ۽ جمال ۽ خوبصورتيءَ کي فوقيت ۽ ترجيح ڏيندو آهي.

عرب ڌيءُ جي شاديءَ لاءِ اوچو نسب ۽ عاليٰ خاندان ڏسندا آهن.

پر اوهان جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلم نياڻيءَ جي شاديءَ لاءِ فقط ”دين“ کي ترجيح ڏني آهي.

ته پنهنجن پٽن جي شادي نيڪ ۽ ديندار عورتن سان ڪيو ۽ پنهنجن نياڻين جي شادي نيڪ ۽ ديندار مردن سان ڪريو. اي نوح! هاڻي وڌيڪ اوهان جي مرضي.“

ان لحاظ کان جيڪڏهن انهن خصوصيتن تي ڌيان ڏبو ته اول دينداري، پوءِ حسب نسب، پوءِ جمال ۽ آخر ۾ دولت خاطر پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائجي.

ان کان سواءِ هن پنهنجي ڪتاب ”برڪات النڪاح“ ۾ زال ۽ مڙس جي هڪٻئي ڏانهن حقن يا عورتن لاءِ پردي جا حڪم آهن يا سندن لباس بابت حڪمن جو به چڱيءَ طرح سان تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ جنتي ۽ جهنمي عورتن جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي.

پير سائين صبغت الله شاهه ثاني، جيڪو پنهنجن مريدن ۽ سنڌ جي ٻين ماڻهن وٽ ”سورهيه بادشاهه“ جي لقب سان مشهور آهي، ان پنهنجي زماني ۾ سنڌ جي سماج ۾ موجود براين کي ختم ڪرڻ يا گهٽائڻ جي گهڻي ڪوشش ورتي. پاڻ جڏهن هندستان جي جيلن مان 1936ع ۾ موٽيا ته حج شريف لاءِ روانا ٿيا. اتي مريدن عورتن ۽ مردن جي حالت ڏٺائون ۽ سندن اصلاح لاءِ گهڻيون ڪوششون ورتائون. عورتون، خصوصاً ٿر جي علائقي سان واسطو رکندڙ گج پائينديون هيون، جن سان سندن پٺيون بي پرده ٿينديون هيون. پاڻ مريدياڻين لاءِ فوراً حڪم ڪيائون ته ڪپڙا مهيا ڪري سندن گجن جي پٺين کي ستر وارو ڪيو وڃي. سندن حڪم مطابق ٿر جي سماٽ عورتن پڙا ڇڏي شلوار پائڻ جو طريقو اختيا ڪيو. ان کان سواءِ سورهيه بادشاهه عورتن توڙي مردن کي ديسي ڪپڙي پائڻ جي تلقين ڪئي. ٻيو ته پاڻ ڏٺائون ته عورتون عاج يا رٻڙ جون ٺهيل ٻانهيون يا چوڙيون اهڙيون پائينديون هيون جو چوڙيون ڪرائيءَ کان وٺي ٻانهن جي شروع تائين ڳتيل هونديون هيون. پاڻ مولوي فقير فيض  راڄڙ رح کان پڇيائون ته، ”ڇا هنن عورتن جو غسل شرعي ٿي ويندو؟“ مولوي صاحب طرفان شڪ جي اظهار ڪرڻ تي پير سائين سورهيه بادشاهه عورتن لاءِ حڪم جاري ڪيا ته اهي عاج ۽ رٻڙ جا چوڙا لاهي ڇڏين. چوڙن لهرائڻ ۾ ٻي حڪمت اها به هئي ته عاج حرام جانور (هاٿي) جي ڏندن مان ٿي ٺهيو ۽ رٻڙ ان وقت انگريزن ظلم سان ملائيشيا ۽ ٻين هنڌان ٺاهي آندو ٿي. پاڻ ائين به دعا فرمايائون ته ڌڻي اوهان کي سون ۽ چانديءَ جا چوڙا پارائيندو. والله اعلم تي ٻي به ڪا حڪمت سندن ذهن ۾ هجي، جنهن جي سمجهه اسان کي نه هجي، جو پاڻ عاج ۽ رٻڙ جي چوڙن لاهڻ جو حڪم فرمايائون. بهر حال، سورهيه بادشاهه جي ان حڪم جو نتيجو اهو نڪتو جو مريد عورتون، جيڪي گڙنگ بنگلي تي آيل هيون تن سڀني عاج ۽ رٻڙ جا اهي چوڙا لاهي ڦٽا ڪيا. 30 _ اپريل 1942ع تي جڏهن انگريز پير صاحب کي گڙنگ تان ڪراچيءَ وٺي ويا ۽ پويان بنگلي تي موجود سامان جون لسٽون ٺهيون ته لکيائون ته ”ماڙيءَ تي مٿي لکها (لکين) عاج ۽ رٻڙ جي چوڙين جو ڍڳ پيل هو.“ ڇو ته پاڻ با عمل مرشد هئا، سندن فرمانن تي چڱيءَ طرح عمل ٿيو.

اسلام ۾ عورت کي ”خلع“ جي سهوليت بحڪم نص قرآن مليل آهي، جنهن مطابق جيڪڏهن عورت پنهنجي مڙس مان بيزار هجي ته هوءَ مڙس کي ڪجهه ڏئي طلاق وٺي پاڻ آجو ڪرائي سگهي ٿي. پر اسان جي سماج ۾ اسلام وٽان مليل ان سهوليت مان گهڻيون عورتون فائدو نه وٺي سگهيون آهن ۽ گهڻو ڪري اهڙو قدم نه کڻنديون آهن، انڪري مسلمان سماج ۾ ان سهوليت جي ايتري پچار نه هوندي آهي، ۽ نتيجو اهو نڪتو آهي جو عورتون مصيبت وارين حالتن ۾ به لاچار مڙس وٽ پيون زندگي گذارينديون آهن.  سورهيه بادشاهه سنڌ ۾، پنهنجن مريدن ۾، خلع جي ان حڪم کي وري 1941ع ۾ جاري ڪيو. سانگهڙ جي ڀرپاسي جي ڪا ابو پوٽي مائي هئي، جنهن پنهنجي پنجاهه ساله پوڙهي مڙس وٽ رهڻ نٿي چاهيو. پير صاحب جن جي حڪم تي مُکين فيصلو ڪيو، جنهن مطابق مائي وسنديءَ کي خلع جو حق ڏياريو ويو. شرعي حڪم موجب زال کي خلع وٺڻ لاءِ پنهنجي طرفان ڪا رقم ڏيڻي پوندي آهي. مائي وسنديءَ تي به ان اصول مطابق ڪا رقم مقرر ٿي، جنهن جي ڀرڻ جي حامي فيصلي وقت ڀري ويئي، پر اتان نڪري جڏهن وري پنهنجي خير خواهه پوليس وارن وٽ پهتي ته انهن رقم ڀرڻ کان کيس منع ڪئي. اهڙيءَ طرح اهو فيصلو پوءِ پوليس وارن جي وچ ۾ پوڻ جي ڪري نبري نه سگهيو. پوليس وارن جي هشيءَ ۽ شهه تي مائي وسنديءَ ۽ سندس ماءُ مرادي خلع جي رقم مڙس کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ جڏهن پوليس وارن  جي ٻَرَ تي مائي نڪي مڙس وٽ موٽي ويئي، نڪي خلع جي رقم ڏنائين، تڏهن فيصلي تي نه بيهڻ کان پوءِ مڙسن معاملو پنهنجي هٿن ۾ کنيو، جنهن جي پير صاحب کي خبر نه رهي. ان ڳالهه کي انگريزن ۽ سندن حڪومت وارن پير صاحب جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ کين زير با ڪرڻ ۾ گهڻو استعمال ڪيو. پر جيڪڏهن پوليس وارن وٽان اها مداخلت نه ٿئي ها ته اهو فيصلو خلع جو پهريون بهترين مثال ٿئي ها. خلع جي ان حق ملڻ لاءِ ان واقعي کان اٽڪل سٺ سال پوءِ به اڄ عورتن جي حقن گهرڻ وارا پاڻ پتوڙي رهيا آهن. هن وقت عورتون خلع جي تقاضا ڪري رهيون آهن، پر سماج ۽ حڪمت خلع جي حق ڏيڻ جي رستي ۾ سختيءَ سان روڪ ڪريو بيٺا آهن. هن وقت پير سائين سڪندر شاهه (شاهه مردان شاهه ثاني) به ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي ته جيئن مرد کي حق آهي ته پنهنجي زال کي طلاق ڏئي تيئن عورت کي به حق آهي ته هوءَ مڙس کان طلاق وٺي سگهي. خلع ۽ طلاق جي شرعي اصطلاحن مطابق مرد کي حق آهي ته عورت کي طلاق ڏئي. عورت کي حق ناهي ته مرد کي طلاق ڏئي. ان جي برعڪس عورت کي حق آهي ته مرد کان طلاق گهري يا وٺي. طلاق ڏيڻ جو فيصلو وري به مرد کي آهي.پر مرد کي حڪم آهي ته زال کي معلق نه رکي ۽ هرو ڀرو هٺ ۽ وڏائي يا شان ۽ شوڪت جي ڪوڙي ٻر تي تجاوز نه ڪري. قرآن ڪريم ۾ ٻارهن دفعا حدن کان تجاوز نه ڪرڻ جو حڪم آيو آهي. انهن ٻارهن ڀيرن مان نَوَ دفعا قرآن ڪريم ۾ مرد کي عورت جي معاملي ۾ حدن کان تجاوز نه ڪرڻ جو حڪم آيو آهي. ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن بار بار فرمايو آهي ته عورتن جي معاملي ۾ الله کان ڊڄو.

پير سائين سڪندر شاهه (شاهه مردان شاهه ثاني)پنهنجن خطابن ۾ مريدن کي پاڙيوارن سان محبت سان هلڻ، صلح ۽ امن سان رهڻ، عفو ۽ درگذر ڪرڻ جون ڳالهيون ٻڌائيندا رهندا آهن. پر هن زماني جي سخت ضرورت سارو تعليم تي ڌياڻ ڏيڻ تي تمام گهڻو زور ڀريندا رهيا آهن. ان ڏس ۾ موجوده وقت ۾ غلط قسم جي ٿيندڙ سڱابندين، مڱڻن، ۽ شادين مان ٿيندڙ خرابين جي نتيجي ۾ ”ڪارو ڪاري“ جي تمام وڏي فتني ڏانهن توجهه فرمايو اٿن ۽ انهن خرابين کي روڪڻ  جي حل ڏانهن ڌيان ڇڪايو اٿن. فيبروري 2004ع واري خطاب ۾ ته خاص طرح سان پنهنجن پوئلڳن جي اڳيان، ڳالهين کي ڳجهارتن ۾ ٻڌائڻ بدران تمام واضع ۽ کليل لفظن ۾ ٻڌايائون ته اسان جي سماج جو مرض ڪهڙو آهي ۽ ان جو علاج حڪم يا  فرمان جي صورت ۾ جاري ڪيائون. نه رڳو ائين فرمايائون ته ”ائين ڪريو. اهو منهنجو حڪم آهي.“ وڌيڪ فرمايائون ته اوهان پنهنجين ڳالهين تي گهڻو هلندا ٿا رهو، پر ڪڏهن ڪڏهن پيراڻي ڳالهه تي به هلندا ڪريو.“ جيڪو شخص پنهنجي نفس جي ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي گمراهيءَ جي رستي تي هلڻ تي ضد ٻڌي بيهندو ان کي نڪي هادي ملندو نه ڪي مرشد جيئن الله تعاليٰ سورة ڪهف جي سترهين آيت ۾ فرمايو ته، ”جنهن کي الله هدايت ڏئي اهو هدايت وارو ٿئي، ۽ جنهن کي ڀلائي يا گمراهه ڪري، ان لاءِ ڪو به دوست (ولي) واٽ ڏيکاريندڙ (مرشد) نه لهندين.“

سماج جي مرض جي سڃاڻپ يا تشخيص ڪندي پير سائين شاهه مردان شاه صاحب جن واضع لفظن ۾ ٻڌايو ته خرابي انڪري پيدا ٿي ٿئي جو اسان جي سنڌ ملڪ جا ماڻهو پنهنجن ٻارن جون سڱابنديون يا شاديون ٻارن جي ڄمڻ وقت يا ان کان پاڻ اڳي يا فوراً پوءِ ٿا ڪن. جيڪڏهن دنيا جي قومن تي نظر ڊوڙائي ڏسبو ته اهڙو اڍنگو دستور نه ٻئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ مروج آهي نه ڪنهن غير اسلامي سماج ۾. حالانڪه شرع محمدي مطابق شادي کان اڳ ۾ ڌرين جو راضپو معلوم ڪرڻ ضروري آهي، پر سنڌ ۾ اها رضامندي رڳو رسمي طور وٺرائجي ٿي. ماءُ يا ڀرسان ويٺل ٻي عورت ڪنوار جو ڪنڌ لوڏي ٿي ڇڏي ۽ ڇني ۾ ويٺل مرد نڪاح پڙهايو ٿا ڇڏين. اهڙيءَ طرح اسان جا ٻار جڏهن وڏا ٿين ٿا  ته گهڻا مٺي به ماٺ مٺي به ماٺ وانگر جيئن تيئن ڪريو وقت  ٽپايو وڃن، پر سڀ ماڻهو ائين نه ٿا ڪري سگهن، نڪي دين اسلام کين ائين ڪرڻ تي مجبور ٿو ڪري. ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن کي مٿن زوريءَ مڙهيل اهڙا سڱ گهڻن سببن جي ڪري منظور نٿا رهن يا نا پسند رهن ٿا. انڪري سندن شاديون چاهه ۽ محبت کان وانجهيل رهن ٿيون ۽ اهڙا ناتا ۽ رشتا  زال توڙي مڙس  ٻنهي لاءِ آزار بنجيو وڃن ٿا. غور ڪري ڏسجي ته اهڙن اڻ سيبائيندڙ رشتن ۽ اڻوڻندڙ سڱن جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو راضپي معلوم ڪرڻ جو جيڪو حڪم شرع محمدي ڪيو آهي ان جي رعايت جيئن ان جو حق آهي (ڪما حقه)، اسان جي سماج ۾ نٿي ٿئي ۽ ڄڻ ته رسمي طور اهڙي بي نظير شرعي حڪم تي سماج هلي پيو. پر جيئن ته اهڙي هلت جبر ۽ اڪراهه سان هلي ٿي، انڪري اسان جو معاشرو اهڙي برڪت واري حڪم جي روح کان خالي آهي ۽ ان حڪم جي برڪتن کان بي بهرور يا وانجهيل رهجي ٿو وڃي. پوءِ مائٽن  جي ان ڏاڍائيءَ ۽ هٺ ڌرميءَ جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو زوريءَ پلو ٻڌل زال يا مڙس اول ڪو وقت هڪٻئي کان بيگانا رهن ٿا. پوءِ اها بيگانگي نيٺ ڪنهن ڏينهن بي راهروي ڏانهن ڇڪي وڃي ٿي. جڏهن ماڻهو اها بي راهروي اختيار ڪن ٿا ته  ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري جو اڳتي هلي پوءِ نيٺ قتل غارتگريءَ تي وڃيو دنگ ٿئي. جيڪا اسان جي سنڌ جهڙي پاڪ سرزمين تي ”ڪارو ڪاريءَ“ جهڙي موذي مرض جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي رهي ٿي. اهو به ياد رکڻ ضروري آهي ته جيستائين اسان جي سماج ۾ هٿ وٺي ڏاڍ ڪبو رهبو تيستائين ”ڪارو ڪاريءَ جي انهي موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن انهيءَ هن موذي مرض کان جند ڇڏائڻي آهي، جيڪڏهن سماج کي هڪ متوازن بنيادن تي هلائڻو آهي ته اهي اجايون ۽ بيهوده رسمون ڇڏڻيون پونديون جيڪي نه رڳو شرعي طور ممنوع آهن بلڪه قطعاً ۽ حتماً غير شرعي به آهن. پير سائين شاهه مردان شاهه ثانيءَ جو حڪم اهڙين رسمن کي ڇڏڻ بابت آهي. سندن حڪم اهو آهي ته ڄائي ڄم کان اڳ ڪيل سڱ ۽ صغير ٻارن جا ڪيل سڱ ختم ڪريو. ٻار جڏهن بالغ ٿين تڏهن انهن جو راضپو معلوم ڪري پوءِ سندن شاديون ڪرايو. ان ڏس ۾ وڏي رڪاوٽ اسان وٽ ”بدي جي سڱن“ جي ريت آهي، جنهن ۾ ڇوڪرن جي رهجي وڃڻ جي ڊپ جي ڪري ۽ ڇوڪرين کي ورهاست واري ملڪيت سمجهي پوڙهن، پڪن، وڏن ننڍن، جي حوالي ڪيو وڃي ٿو. پير سائين شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳاري پنهنجي فيبروري 2004ع واري خطاب ۾ پنهنجن مريدن کي سڱابندين بابت ”صلاح نه پر حڪم“ ڏيندي فرمايو آهي ته:

پڙهيل عورت کي پاڻ کان گهٽ پڙهئي لکئي مرد سان نه پرڻايو.

ننڍپڻ جا سڱ يا ڄائي ڄم کان اڳ جا سڱ بيڪار آهن.

بلوغت کان اڳ جون شاديون ختم ڪريو.

مرد لکي پڙهي ويهي ۽ عورت لکي پڙهي ويهي ته ان کان پوِءِ بالغ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ  جي، سندن منظوريءَ سان سڱابندي ڪريو.

جيڪي به ننڍن ٻارن جا توهان رشتا ڪيا آهن سي ختم ٿيڻ کپن.

اوهان پنهنجي ڳالهين تي نه هلو، پر جيڪا اڳتي هلي ٻارن جي مرضي ٿئي (جڏهن اهي بالغ ٿين ۽ سندن خيال جائز هجن ته ان تي هلو).

خاص ڪري عورتن تي جبر نه ڪريو.

جيڪي وڏيرا يا وڏا ماڻهو ملڪيت جي لالچ پنهنجي نياڻين کي ويهاري ڇڏيندا آهن، انهن جو کليل لفظن ۾ ذڪر ڪري فرمايائون ته ويهارڻ بدران پنهنجن نياڻين کي حق ڏيو ۽ کين اٿاريو (سندن شاديون ڪرايو).

عورتن کي طلاق وٺڻ جو حق ڏيو (خلع جو حق جيڪو قرآن طرفان مليل آهي، ان تي هلو).

پاڻ فرمايائون ته ”اهي حڪم آهن انهن تي عمل ٿيڻ کپي.“ وڌيڪ فرمايائون ته، ”مون تي فرض آهي ته توهان کي وقت بوقت ٽوڪيندي اوهان کي اگرا فيصلا ٻڌائيندو اچان.“ سندن فرمان هو ته مريد جيڪڏهن اهڙن احڪامن تي هلندا ته اولاد سڌرندا ۽ خوش ٿيندا.

هڪٻئي سان ملڻ يا سنڱا بندي ڪندي به خوشي ٿيندي، اگر اوهان منهنجي صلاح تي هلندا.

اهڙيءَ طرح پير پاڳاري صاحب (شاهه مردان شاهه ثاني) هن وقت جي هڪ تمام اهم مسئلي ڏانهن پنهنجن مريدن جو وقتائتو ڌيان ڇڪايو آهي.

مرشد جو جاري ٿيل اهو حڪم انهيءَ وچولي ۽ متوازن طريقي ڏانهن وٺي ٿو وڃي، جنهن جو ڏس قرآن ۽ حديث ۾ تفصيل سان ڏنل آهي. مرشد جو اهڙو سڏ اونائي جڏهن روضي ڌڻيءَ جا لکين مريد پنهنجي مرشد جي سڏ تي هلندا ۽ پنهنجن نياڻين جا سڱ سهڻي ۽ سيبائتي واقعي شرعي نموني ڪندا ته سندن سهڻين ڳالهين کي ڏسي، سنڌ جا ٻيا ماڻهو به اهڙيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون اختيار ڪندا. اهڙيءَ طرح اهي سٺيون ڳالهيون سنڌ جي ٻين ماڻهن وٽ به پهچنديون ۽ سنڌ جو سماج هڪ ”ڪڙهيل“ يا بالغ (Mature) سماج وانگر، ڪنهن خوف ۽ خطري کان سواءِ پنهنجي نياڻين جي ترڪيب ڪري سگهندو ۽ سندن مڱڻا ۽ شاديون اهڙي سهڻي نموني، عين اسلامي شرع محمدي مطابق ٿينديون ۽ اهڙيءَ طرح اسان وٽ سنڌ ۾ هڪ صحتمند سماج اسرندو ۽ وڌندو ويجهندو.

 

  

”..... جمائت سان سندن (حضرت پير صبغت الله شاهه اول _ تجرڌڻي) پيار ۽ فقيرن سان وڏو قرب هو. اها رسم روضي واري صاحب (حضرت سائين سيد محمد راشدؒ) کان هلي، جو هر پاڳاري پير جو جماعت ۽ فقيرن سان وڏو قرب رهيو ۽ اهو اڄ تائين قائم آهي. ”ملفوظات“ جا سائين پيارن فقيرن کي اڪثر ”اي يار“ اي دوست سڏي ڪا ڳالهه ڪندا هئا، يا سندن پڇئي جو جواب ڏيندا هئا. فقيرن تي سندن وڏو راض هوندو هو، پر جماعت جي پوڙهين ماين جي به وڏي پيار سان پر گهور لهندا هئا. ڪو فقير بيمار هوندو هو ته کيس پڇڻ ويندا هئا. فقيرن سان سندن پيار ۽ محبت جا ڪيترائي حوالا ملفوظات (”خزانة المعرفت“ ) ۾ موجود آهن. پاڻ حضرت روضي ڌڻي جي خليفن خاص طرح وڏيءَ عمر وارن خليفن جو گهڻو خيال رکندا هئا. سندن انهيءَ پيار جو هڪ خاص مثال هيءُ ته پاڻ حيدرآباد لڳ کٽياڻن فقيرن جي دعوت تي هئا ۽ وچين نماز جو پاڻ قرآن ڪريم جو دور پئي ڪيائون، جو ان  وقت خليفو سلطان فقير نظاماڻي قدمبوسي لاءِ آيو. حضرت جن وچ تلاوت مان اٿي خليفي سان ڀاڪر پائي مليا ۽ اکين  مان موتين مثل لڙڪ ايترا بي حساب وهايائون جو سمجهه کان ٻاهر هو. فرمايائون ته ادا سلطان! توهان حضرت روضي ڌڻي جا صحبتي رهيا آهيو ۽ توهان کي دل گهڻو گهري ٿي، پر ڇاڪجي جو اجل جي ونڊيندڙ اوهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ايتري جدائي مقرر ڪئي آهي، جو توهان هتي ۽ اسان هتي! هڪ ڀيري سندن هڪ پياري فقير _ غلام علي ملڪاڻي لغاري _ موڪلائڻ وقت دعا گهرڻ لاءِ عرض ڪيو ته کيس فرمايائون ته ڪهڙي دعا گهرون؟ فقير چيو ته قبلا! جيڪا اوهان کي پسند هجي. تڏهن چيائون ته پوءِ اها دعا ٿا گهرون ته پنهنجي ملاقات وري جلد ٿئي....“

ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ

(”خزانة المعرفت“ مقدمو ص 28 _ 29)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com