سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :17

ڪنول سميجو

سچو عشق

مون کي عشق آهي ان سان

ازل کان آخر تائين رهندو

مون سان گڏ پاڇي وانگر رهندو

مون کي عشق آهي ان سان

اهو عشق سچو عشق آهي

ان رشتي ۾ ڪا به ملاوٽ ناهي

اهي احسان آءٌ ڪيئن لاهيان

جنم آهه ڏنو ان مون کي ڪهڙين تڪليفن سان

راتيون جاڳي لوليون ڏيڻ واري

پنهنجي ساهه کي تڪليف ڏيڻ واري

اولاد جي هڪ رڙ تي تڙپڻ واري

اهو رشتو انمول آهه

مون کي عشق آهي ان سان

 

گلبدن جاويد

پيار جي سهاري

تار مان وينديس اڪاري

پيار تنهنجي سهاري

ڀل جبل رستا جهلن يا کڻي طوفان اٿن

عرش تان بجليون ڪرن

چؤطرف باهيون ٻرن

جهرجهنگ جلي وڃن

تار مان وينديس اڪاري

پيار تنهنجي جي سهاري

نديون نيون پلٽي پون

ڍنڍون سڀئي اٿلي پون

سمنڊ رخ موڙي ڇڏن

لک لوهڻيون چهٽي پون

ڀل کڻي واڳون وڙهن

تار مان وينديس اڪاري

پيار تنهنجي سهاري

وقت جا سڀ وهڪرا موڙي ڇڏينديس

ظلم جا زنجير سڀ ٽوڙي ڇڏينديس

امن ۽ ايڪي جو علم کوڙي ڇڏينديس

پريت جو ڌاڳو ٽٽل ڪنهن ريت سان جوڙي ڇڏينديس

تار مان وينديس اڪاري

پيار تنهنجي جي سهري

 

رشمي راماڻي

سپنو

نئين ڄاول ٻار وانگر

ڪرندو آهي ننڊ جي ترين ۾

سمائجي ويندو آهي رات جي گود ۾

سڄي رات

اوندهه جي ڍنڍ ۾

مڇيءَ جيان ترندڙ سپنو

مرڪندو آهي سج جي اکين ۾

ترورو بڻجي،

ڌرتيءَ جي دامن ۾ گل

هوا ۾ سرهاڻ

۽، پاڻيءَ ۾ سنگيت بڻجي

مؤجود هوندا آهن سپنا

سدائين سڄي سنسار ۾.

 

ماهين هيسباڻي

فقيراڻي

هوءَ جا ڪيڏي سهڻي آهي

جنهن تي ڪنهن جي اک نه ٻڏي ٿي

روز نوان ارمان اڻي ٿي،

موتئي جا گجرا ٺاهي هوءَ

پاڻ به پائي وڪڻي ٿي

دين ڌرم جا دوکا ڏئي

هر ڪنهن کي هيسائي ٿي

ڪارا ڪجلا نيڻ کڻي

هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي ٿي

۽ ڪيئي درد ٻڌائي ٿي

مان ننهن کان چوٽيءَ تائين تڪيان ٿو

هوءَ جا ڪائي فقيرياڻي

پر آهي راڻين جي راڻي

سينڌ ۾ جنهن جي ڪيئي سپنا

جيڪر ساڀيان ٿي پون

بي معنيٰ هن جيون جي

ڪا سهڻي معنيٰ ٿي پون

جوڀن هن جو جرڪي، جرڪي

چيهون، چيهون ۽ چوليءَ ۾

اڻڄاتي ڪنهن ٻوليءَ ۾

لڙڪ ڀري نهار کڻي هوءَ

چوندي  ٿي ڪجهه کاريءَ ۾

مان پنهنجو هٿ وڌايان ٿو

خوابن جي هن کاريءَ ۾

۽ هڪڙو گل کڻي مان هن جي چوٽيءَ ۾ سجايان ٿو

۽ پنهنجي مهر لڳايان ٿو

هوءَ نرمل، نرمل چنچل ڇنڇر

شرم وچان شرمائي پوتي

سيني تي سرڪائي ٿي

ڪو گيت انوکو ڳائي ٿي.

 

گيت

ڌرتي توکي جي گهرجن

مون وٽ گيت اڃا  آهن

تنهنجا ميت اڃان آهن

هر رات اچي ٿي ڏات

مون وٽ جهول ڀري

ٿي هر، هر سڏ ڪري

۽ اوجاڳا ڪري

مون ڪيئي گيت لکيا آهن

ڌرتي توکي جي گهرجن

مون وٽ گيت اڃا آهن

تنهنجا ميت اڃا آهن

هو، شيخ چيو ڪو وقت اڳي

”اي ڪاش! اهو تون ڄاڻين ها

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ؟“

تنهن وقت چيو هو مون ان کي

ڪو وقت اڳي مون ڄاتو آ

آزاد فضا ڇا ٿيندي آ......

جا منهنجي در تي ايندي آهي

سا آزاد ئي ته هوندي آ

تنهن آزاديءَ جا گيت لکي

سا جيت مون توکي ارپي آ

ڌرتي توکي جي گهرجي

مون وٽ گيت اڃا آهن

تنهنجا ميت اڃا آهن.

 

 

 

وِمي سدارنگاڻي

لِکي تُنھنجو نالو

روز

اسان جي پيار جي گُلاب جا پَن

ھِڪ ھڪ ٿي کُلن ٿا.

ڪنھن پَن جي ڪناري تي لکي تنھنجو نالو

دٻائي ڇڏيندس ڪتاب ۾.

 

وشواس اٿم

ته چوڌاري ويڙھيل بدبوءِ کان گھٻرائجي

جڏھن جڏھن

ڪتاب جا پنا اُٿلائيندس،

تنھنجو نالو مون کي واسي

نرمل ڪري ڇڏيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com