ڪلثوم منظور شاهه
ويچارو مڙس
ڇورو ته اهڙو نڌورو آهي، جو مڃيندو ئي ڪونه! نه ته ويچاري يتيم
ڀاڻيجي آهي. گهر جو گهر ۾ ڇا ڪريان چوانس ٿي ابا
تون ڪرن سان شادي ڪر سٺي سٻاجهڙي ڇوڪري آهي،
ماستري ڪري پئي. گهر به سڄو کڻي بيٺي آهي. الله
ويچري نياڻيءَ جو ڀاڳ ڀلو ڪري، مون کي ته سڳي ڌيءَ
وانگر مٺي آهي.
”ابا اعجاز تون منهنجي مڃ ڪرن سان شادي ڪر. آءٌ بيمار آهيان.
نياڻيءَ جو بار به لهندو ۽ آءٌ َآرام سڪون سان
مري سگهنديس.“
امان مون کي ته چاچي مهربان جي ڌيءَ سهڻيءَ سان شادي ڪرڻي آهي.
اها وٺي مون کي پرڻايو.“
”ابا، تون ته نه کٽين نه ڪمائين! توکي ته ڪو غريب به سڱ ڪونه
ڏيندو! چاچي مهربان پاڻ، ان جا پنج پٽ سڀ ڪمائين.
پاڻ وٽ به ٻه ٽي جريب زمين ٿس ۽ هڪڙي ڌيءَ! سو اها
هو توکي ڏيندو؟ مکٽوءَ کي! ٻه ڏينهن مزوري ملي ته
ڪري، نه ته اٺ ڏينهن رلين. تون سهڻيءَ جو خيال دل
مان ڪڍي ڇڏ. رهين جهوپڙيءَ ۾، ڏسين محلن جا خواب!
سولو ٿي ڪماءِ ۽ شادي ڪرن سان ڪر، توکي سک به
ملندو ته مائٽن جي دعا به ٿيندءِ.“
ڇوري جي ضد جي ڪري ادا مهربان، ادا مقيم ادا نوري کان سڱ گهريم.
هر گهر مان بي عزتي ڪري ڪڍيئون. ادا مقيم ته رڳو
موچڙا سو ڪونه هنيا، باقي کوهي کلي ڇڏيائين! آءٌ
به ڇا ڪريان هڪڙو ارڏو پٽ ۽ ان جي شوق جي پٺيان ان
جي چوڻ تي پئي ويس. ادا مقيم منهنجو سڳو ڏير اعجاز
جي پيءُ کان ننڍو هو. ڪيترو وقت گڏ رهياسين. ادا
مقيم کي ڇهه ڌيئون هيون. پاڻ شهر ڪمائڻ ويو. نصيب
سٺو هئس. اتي سٺي ڪمائي ٿيس، ڇوڪرين کي به ٿورو
گهڻو پڙهيائين. هتي به پنهنجي ڪمائي مان مينهون
وٺي ڇڏيائين. گهر سٺو پئي هليو، ڪنهن شيءِ جي ڪمي
ڪانه هئي.
منهنجي مڙس کي شوق هو ته ڀاءُ مون کي سڱ ڏيندو وڃي گهُر. منهنجي
مڙس ۽ پٽ جو ته هو مغز خراب! چن ته گهرڻ جي دير
آهي. ڇهه ڌيئون ڪيڏانهن ڪندو! تون وڃي رڳو گهر ۽
مٺائي ورهائي اچ. منهنجي ڏيرياڻيءَ کي ته منهنجي
مڙس جا ڪرتوت ساريل هئا، ڏينهن سڄو رلندو هو. رات
جو مون کي موچڙن هڻڻ کان سواءِ ته ڄڻ رات ئي نه
گذرندي هئس! گهر ۾ اهي روز جهيڙا ڪِل ڪِل ڏسي
منهنجو ڏير زال مائٽن ۾ ڇڏي شهر ويو. نصيب سٺو
هئس، پر منهنجي ڏيرياڻيءَ کي شهر ۾ مزو نه آيو.
اها الڳ گهر وٺي ويٺي ۽ گهر کي به ٺاهيائين ۽ مڙس
به ڪمائي کيس ڏيندو هو، مون کي به ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه
کپندوهو ته کانئس وٺي ايندي هئس. هر ڳالهه ۽ حالتن
جي کيس خبر هئس. هوءَ عجاز کي سمجهائيندي هئي ته
سولو ٿيءُ، سڌري ڪجهه ڪماءِ، تون ته ماءُ پيءُ جو
هڪ ئي اولاد آهين، انهن کي پيريءَ ۾ ڪجهه سک ڏي.
هوءَ نيڪ ۽ نرم دل هئي. آءٌ وڏي هئس، مڙس جي مارن
جي ڪري منهنجو جانت خراب ٿي پئي ۽ پوءِ هڪ ٻارڙي
اهڙيءَ حالت ۾ ٿي، جو مري مري بچيس. ڊاڪٽر منع
ڪئي ته هاڻ ٻار نه ڄڻ! پوءِ منهنجي ڏيرياڻي اعجاز
جي پيءُ کان لڪي ٻار بند ڪرڻ جي آپريشن ڪرائي ۽
ڊاڪٽر کي چيو ته مڙس ٻاهر ويل آهي، هي ڀاءُ وارث
آهي، هن کان صحي وٺو. ائين منهنجي جان بچي.
هاڻ ڀلا جن کي سڄي خبر ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آهي. ان ماڻهوءَ
کان اهڙي اميد رکڻ اجائي آهي، ڀاءُ به ڪونه ويو
مون کي موڪليائين ته وڃي جٺ جهلي اچان. مون کي ته
پير ڏيرياڻي چيو ائين ته اها تون آهين جيڪا سور ٿي
جهلين! ٻيون اسان سورن لاءِ ڪونه ڄڻيون آهن! ڇهه
آهن ته الله ڏنيون آهن ۽ اهو پاڻهي انهن جا نصيب
به سٺا ڪندو!
تون آئي آهين، پر جيڪڏهن تنهنجو مڙس اچي ها ته پادر کائي هتان
وڃي ها! وڏو هوندو ته پنهنجا لڇڻ به وڏن وارا ڪري.
جهڙو پيءُ تهڙو پٽ! ماڻهن کي ڌيئون ڪڌيون ڪونه
آهن، انهيءَ کان پوءِ گهٽيءَ ۾ چاچهنس اعجاز کي جٺ
به ڪئي ۽ منع به ڪئي ته هاڻ منهنجي گهر نه اچجان!
ان کان پوءِ اعجاز ڪرن سان شادي ڪرڻ تي راضي ٿيو ۽
پوءِ مونکي خدا جو خوف ٿيو ته يتيم نياڻيءَ جي پٽ
نه کڻان، پر ڇا ڪريان نه منهنجو ڪو مائٽ هو نه ڪرن
جو! آءٌ ۽ ڀاڳان هيونسين، ٻه ڀينر ۽ ٻيو ڀاءُ ڀنڊ
ٿيو ڪو نه! يا الائي ٿيو پر مري ويو. مون کي ياد
نه آهي ۽ اعجاز جو پيءُ مقيم اسان جا سوٽ هئا، هو
به ڀائر ۽ اسين ٻه ڀينر. پوءِ ڳوٺ ۾ اچي اهڙي وبا
پئي جو هر گهر مان هڪ ٻه ماڻهو انهيءَ مئي وبا
کنيا! انهن ۾ سوڍي ۽ سندس مڙس به ويا هليا، ڪرن کي
مقيم پڙهايو ۽ مون نپايو ٻه ٽي اکر پڙهي ڳوٺ ۾
ماستري ڪيائين. مقيم ته گهڻو وڙهيو گوڙ ڪيائين.
شاديءَ ۾ به ڪونه ويٺو، پر اسان کي هڪڙو پٽ هو،
جيڪو سڄي دنيا کي نٿي وڻيو، پر اسان کي ته شوق به
هو ته خوشي به هئي ته پٽ کي شادي ڪرايون. پوءِ
پاڻي ساڌي ويندو.
پر ڇَٺيءَ جو کريل ڪٿي ٿو سڌري. شادي ٿي، هن جي ساڳي پڻس واري
ڪرت! پڪي گهڙي کي به ڪو ڪن پيا! رات جو ڪرن کي
موچڙا هڻي گهر مان ڪڍڻ لاءِ تيار. ڏينهن جو ماني
به ڪرن جي هٿ جي نه کائي. پاڻي ڏئيس ته اڇلائي
هڻيس منهن ۾! جهڙو ڪرن سڀني کي منع ڪئي هجي ته هن
کي سڱ ڪير به نه ڏئي! آڪرو ايترو هو جو وڃي ٿيا
خير. صبح ٿيندو هو ته تيل ڦليل ڪري نڪرندو هو وري
شام جو ايندو هو. مون ڪڏهن به اعجاز کي ڪرن سان
کلي ڳالهائيندي نه ڏٺو. ڪڏهن ڪو پنجن ڇهن ڏينهن
کان پوءِ ڪرن صبح جو وهنجندي هئي. پر اهو نه ته ان
رات هنن ۾ جهيڙو نه ٿيو هجي. اها روز واري ڪرت
هوندي هئي. اعجاز جي _ ۽ ڪرن ويچاري اسڪول مان اچي
ماني پچائي، ڪپڙا ڌوئي، ڪلف ڪري، استري ڪري، ڏيندي
هئس. اهي سڀ ڪم شهر وڃڻ جي ڪري سکي هئي. مون
شاديءَ کان پهرين ڪرن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو هو ته
هتان هلي وڃ ادا مقيم وٺڻ به آيس، پر هن چيو ته،
”امان بابا هت هنن حوالي ڪري ويا آهن، پيريءَ ۾ ڏک
ڪونه ٿي ڏيان! جيڪو هوندو سو منهنجو نصيب!“
اعجاز ته سمجهو ته بس منهنجي ٽڪن ورتل آهي. جيئن ڪندس مرضي
منهنجي! ڪڏهن به سنئون منهن ڏيئي هن سان ڪونه
ڳالهايائين. نه ڪڏهن پيار جي نظر ڪرن تي وڌائين.
مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. صبح جو هيڊ ۽ تيل ڪوسي
ڪري رکندي هئس ۽ اها روئي روئي کيس لڳائيندي هئس.
ڪرن به روئيندي هئي. ائين ٻه پٽ ٽي ڌيون ڄايس، پٽ ته دادلا ڪري
پاليائين، پر ويچاريون نياڻيون..... ڪڏهن اعجاز
هنن جي مٿي تي به پيار مان هٿ نه رکيو. وڏا ٿي ويا
۽ اعجاز به ڪرن جي چوڻ سان ڳوٺ ۾ دڪان کولي ڪجهه
ڪمائي گهر آڻڻ لڳو. مزاج جي گرمي به گهٽ ٿيس، پٽ
جوان ٿيس ته پوءِ هي سڌرڻ لڳو ۽ پوءِ هر ڳالهه ڪرن
جي مڃڻ لڳو. جواني ته ڪرن جي روئيندي ۽ مارون
کائيندي گذري، پر هاڻ اعجاز هر ڳالهه ۽ مرضي ڪرن
جي ڏسي پوءِ ڪم ٿو ڪري. منهن ۾ پيو ڏسندس ته من
راضي رهي.يقين نٿو اچي ته اهو ساڳيو اعجاز آهي،
اهو ساڳيو مڙس آهي، جيڪو ڌيءُ شاهجهان جي ڄمڻ تي
ايترو ڇتو ٿيو هو، جو اسان کيس گهر مان ڪڍي ڇڏيو.
مهينو کن ته در در رليو، پر پوءِ وري اچي گهر ۾
رهيو. مڙس ڇا به ڪري ته به مڙس! عورت ته خدمت به
ڪري پيار به _ هر حال ۾ مڙس جي ارڏائي به کڻي ٿي،
پر مڙس ٿوري به نهٺائي ڪري ته به ويچارو مڙس! |