سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 2005ع

مضمون --

صفحو :13

 

هما آيس

سوڀ

امان مٺڙي! هوءَ منهنجي خوابن ۾ سمايل آهي. هن بنان جيون رڃ بڻجي ويندو! هوءَ جنهن جي دل جي هر ڌڙڪن ۾ مان ڌڙڪان ٿو. سا مون کان سواءِ ڪيئن جي سگهندي؟“

ارباز ماءُ جي پيرن تي مٿو رکندي چيو.

”پٽ! تون صحيح ٿو چوين، پر توکي خبر آهي ته هن جو پيءُ وڏو دولتمند ماڻهو آهي. ٻيو ته نينا جو مڱڻو به ٿيل آهي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ ته ڀلا اهو ڪيئن ٿي سهگندو!“ ماڻهس ڏک مان چيو.

”امان هوءَ مون سان ڪورٽ ميرج ڪرڻ لاءِ راضي آهي. هوءَ اڄ اچي ها. پر مون کيس چيو ته امان سان آخري ڀيرو ڳالهائي ڏسان، متان هوءَ ڪو مسئلي جو حل ڪڍي وجهي.“

”پٽ! توئي ته چيو هو  ته هن جي پيءُ تنهنجي بي عزتي ڪري توکي پنهنجي گهر مان تڙي ڪڍيو هو ۽ هن ٻه ٽي دفعا توکي لاڪاپ ۾ به وجهرايو هو. پوءِ به هن ڇوڪريءَ جي پچر نه ٿو ڇڏين. ڏس پٽ! پاڻ عزت وارا ماڻهو آهيون. اهي ڪورٽن جا چڪر اسان کي زيب ڏيندا؟ ۽ ها توکي خبر آهي ته هن شهر جا ماڻهو مون کي عزت جي نگاهه سان ڏسند آهن. تنهن ڪري آءٌ نه چاهينديس ته ڪنهن نياڻيءَ کي ڪورٽ ۾ آڻي، سماج جي اڳيان ڏٺو ڪريان. هڪ استاد جي حيثيت ۾ مان نياڻين کي علم جي واٽ ڏيکاريان ٿي ۽ سندن اخلاقي تربيت ڪريان ٿي.

”نينان سٺي ڇوڪري آهي تون کيس سمجهاءِ ته ضد تان لهي وڃي. تنهنجي ماسات به ته تنهنجي انتظار ۾ ويٺي آهي. مان اديءَ کي ڪهڙو جواب ڏيان. تون مسئلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. هاڻي تون آرام ڪر.“ پٽ جي ڳلن تي ٿڦڪي ڏيندي ماڻس اٿندي چيو ۽ پرس کڻي ٻاهر وئي. شهر ۾ هن جي نظر اوچتو باسط تي پئي. کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ سندس دل بيهي وئي هجي. بيخوديءَ ۾ هن ڏانهن ڏسڻ لڳي ۽ جڏهن باسط کيس ڏٺو ته ڊوڙندو اچي سندس ڀر ۾ بيٺو.

”دلشاد ... تون....“

دلشاد سندس آواز ٻڌي جهڙوڪ ڇرڪ ڀريو... پر وري زوريءَ مرڪ چپن تي آڻي چيائين. ”تون هن شهر ۾؟“

”گذريل مهيني کان هت بدلي ٿي آيو آهيان. جڏهن کان مان هن شهر ۾ تنهنجي شادي ٿي هئي. تڏهن کان مان هتان بدلي ڪرائي هليو ويو هئس. هن شهر ۾ تنهنجي يادن کان... ۽ توکان لنوائي نه پئي سگهيس ۽ تنهنجي روڪڻ جي باوجود توسان ملڻ کان سواءِ رهي نه سگهان ها. جيڪڏهن ائين ڪري وجهان ها ته تنهنجو مڙس توتي شڪ ڪري ها. جيڪو مونکي منظور نه هو.“ باسط چيو.

”دلشاد جي اکين مان لڳاتار ڳوڙها ڳڙندا رهيا.

”جيڪڏهن توهان کي خراب نه لڳي ته پاڻ گڏجي چانهه ڪپ پيئون ۽ ڪي گهڙيون ڪچهري به ڪريون!“ دلشاد ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي.

حيدر چوڪ کان روڊ ڪراس ڪري چائنيز ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺا. رنگبرنگي بلبن جي روشنيءَ ۾ ماحول وڻندڙ ۽ پرسڪون لڳي رهيو هو. ٻئي آمهون سامهون ٿي ويٺا ۽ هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ماضيءَ جي يادن ۾ کوئجي ويا. جڏهن ويٽر مينو ٽيبل تي آڻي رکيو ته...

”ڇا گهرايان.“ باسط دلشاد کان پڇيو.

”صرف ڪولڊ ڊرنڪ گهرايو.“ دلشاد چيو.

باسط آرڊر ڏيئي دلشاد ڏانهن نهاريو ته هن کانئس اوچتو سوال ڪندي چيو، ”زندگي ڪيئن ٿي گذرئي؟“

”تو بنان زندگي آهي ڪٿي؟ تنهنجي وڇڙڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته پيار وارن کان ڌار ٿيڻ جو درد ڇا آهي؟“ باسط چيو.

”حقيقت ۾ ائين ناهي.“ دلشاد اداسائيءَ مان ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو.

تو وٽ واقعي به، مون لاءِ اهڙا احساس هجن ها ته ائين منهنجي بدناميءَ جا اشتهار ديوارن تي نه لڳن ها ۽ تون آرام سان منهنجو پاند ڇڏائي، مون کي ڏکن غمن ذلت ۽ بدناميءَ جي ڪُن ۾ وجهي عزت سان آزاد ٿي هليو وئين. جي اهو پيار هو ته پوءِ دوکو ۽ فريب الاءِ ڇا هوندو!“

باسط جو شرم وچان ڪنڌ هيٺ جهڪي ويو. پر همت ڪري چيائين.

”توکي حقيقت جي خبر ناهي، نه ته جيڪر منهنجي باري ۾ اهڙي سوچ نه رکين ها. دراصل پنهنجي پيار جي جڏهن مون مائٽن سان ڳالهه ڪئي ته هنن ان کي غلط رنگ ڏيئي شهر ۾ پڙهو ڏياريو. ڇو ته اهي نه پيا چاهين ته منهنجي توسان شادي ٿئي.“

”تنهنجي مائٽن طرفان اهڙي ڪلورڪرڻ تي تو وري ڪهڙو منهنجي ڦٽن تي مرهم رکيو. بلڪ تون به هنن سان گڏ منهنجي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي، جدائيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو رلائي هليو وئين.“ ايتري ۾ ويٽر ڪولڊ ڊرنڪس رکي هليو ويو.

”دلشاد مان مڃان ٿو ته توسان واعدو وفا ڪري نه سگهيس. پر ڀوڳنائن جي سفر ۾ همسفر ضرور هيس. توکي خبر ناهي ته اسان جي سماج ۾ نه فقط ڇوڪرين تي فيصلا مڙهيا ٿا وڃن، پر ڇوڪرن سان به اهائي ويڌن ڪئي ٿي وڃي. مون مائٽن اڳيان گهڻو ئي رنو ٻاڏايو، ليلايو، پر هنن منهنجي هڪ به نه ٻڌي. مون کي ٿڃ ۽ خون جا واسطا ڏيئي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪيائون. مان ڪانئر نه هئس، پر رت جي رشتن اڳيان بي وس ۽ مجبور هئس. هڪ سڀني ۾ ننڍو ٻيو، بيروزگار، ٽيون منهنجي امڙ کي ڏاڍو ڌمڪايو ۽ هيسايو ويو ته جيڪڏهن باسط جي شادي دلشاد سان ڪرايئي ته توکي هن گهر ۾ ڌڪاريو ويندو. انهن سڀني مسئلن مون کي منجهائي وڌو. مان آخري دفعو توسان ملڻ پئي چاهيو. سڄي روئداد کان واقف ڪرڻ پئي چاهيو. پر ڪا واٽ نظر نه آئي، جيڪا مون کي تو تائين پهچائي ها. ۽ پوءِ مون ان ۾ ئي عافيت سمجهي ته توسان ملڻ ۽ توکي ڏسڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيان ۽ ايتري ۾ تنهنجي شاديءَ جي خبر باهه جيان سڄي شهر ۾ پکڙجي وئي. جنهن جي تپش مان نڪرڻ لاءِ گهڻو ئي لڇيس.

”پاڻ ڪورٽ ميريج به ڪري پئي سگهياسين.“ دلشاد چيو.

”اهي ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪر.... “ باسط چيو.

”ڇا مطلب.... توکي خبر آهي ته پنهنجي پريم ڪهاڻيءَ جي خبر سڄي شهر ۾ هلي ويئي هئي. پر پوءِ به الياس مونکي قبوليو ۽ مان ان جي احسان مند آهيان.“

مطلب ته هاڻي تنهنجي دل ۾ منهنجي لاءِ ذري به محبت ناهي؟“ باسط چيو.

”مون کي ناهي خبر.... پر مان سمجهان ٿي ته تنهنجو مون سان پيار هو ئي ڪونه، نه ته منهنجي محبت ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان توکي ڪهڙو فرق پوندو! ۽ هينئر ته وقت گذري ويو آهي پاڻ لاءِ سوچڻ جو. مون کي نوجوان پٽ آهي، هاڻي مان هن لاءِ جيئان ٿي، هن لاءِ سوچيان ٿي.“ دلشاد سنجيده ٿيندي چيو.

”۽ مون کي به هڪ نوجوان ڌيءَ آهي. پر مان ته توکي پنهنجي دل مان ڪڍي ناهيان سگهيو. پر تو مون کي دل مان ڌڪاري ڇڏيو آهي. باسط چيو.

”وڏي عرصي کان پوءِ ته توکي ڏسي زندگيءَ جي هجڻ جو احساس ٿيو اٿم. پر ڪهڙي خبر ته اها وقت جي ٿڌڙي هير ڪجهه گهڙين کان پوءِ نٽهڻ اس ۾ اڇلي ويندي.“ دلشاد چيو.

باسط ڌيرج سان دلشاد کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر دلشاد وري به ڏکاري ٿيندي چيو ته ”پاڻ وٽ گڏ رهڻ لاءِ هڪ واٽ هئي ته ڪورٽ ميرج ڪري ڇڏيون ها.“

”پوءِ اٿ ته هينئر ٿا هلي نڪاح ڪريون! پرئين روڊ تي ڪورٽ به آهي.“ باسط چيو.

دلشاد کي باسط جي اهڙي انداز تي کل اچي ويئي ۽ هڪ لمحي لاءِ لڳو ته ٻيئي ماضيءَ ۾ ڀوڳيل پيڙائن مان نڪري آيا آهن.

”وري به الياس جو احسان آهي، جنهن مون کي پنهنجي ونيءَ جو درجو ڏنو ۽ سماج ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ جهڙو بنايو ۽ مان سمان ڏياريو.“ دلشاد چيو.

توکي حق آهي ته مون کان نفرت ڪر. مون کي ڀلو برو چؤ پر ذهن مان اها غلط فهمي ڪڍي ڇڏ ته مون کي توسان پيار ناهي.“ باسط چيو.

”تون صحيح چوندو هوندين. پر مون کي الائي ڇو لڳندوآهي ته مرد پيار ڪندا ئي ناهن....“ دلشاد چيو.

”مان تنهنجو ڏوهي آهيان، پر تون مون کي جيڪڏهن معاف ڪري سگهين ته ڪري ڇڏجانءِ.“ باسط چيو.

”نه مان توکي پنهنجو ڏوهي نه ٿي سمجهان. مون کي توتي ڪاوڙ يا غصو نه آهي، بس اهو ارمان اٿم ته هڪ اهڙي ماڻهوءَ سان پيار ڪيم جيڪو منهنجو ٿي نه سگهيو.“

”شايد ڪنهن صحيح چيو آهي ته پاڻ ڏاڍن سان نينهن نه لائجي.“ دلشاد چيو.

”دلشاد! ائن چئي منهنجي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪ. مان ڏاڍو درد ٿو محسوس ڪريان.“ باسط چيو.

”چڱو هاڻي آءٌ هلان ٿي. شاپنگ لاءِ آئي هيس.“ دلشاد اٿندي چيو.

”گهڙي پل ويهه ته سهي.“ باسط منٿ ڪندي چيو.

”دل ته منهنجي به چوي ٿي ته توسان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪريان.... پر هاڻي ڇا حاصل!“ دلشاد چيو.

مان چاهياٿو ته تون مٺيون نه، ڪڙيون ڳالهيون ئي ڪر، پر ويهه.“ باسط چيو.

”اڄ بلڪل به ٽائيم نه اٿم وري زندگي رهي ته ضرور ملنداسين.“ دلشاد چيو.

”چڱو سدائين سکي رهين!“ باسط چيو.

دلشاد موڪلائي سندس اکين کان اوجهل ٿي ويئي. باسط بي خوديءَ مان اتي ئي بيٺو رهيو.

هوءَ شاپنگ ڪري گهر پهتي ته سندس ذهن تي پراڻين يادن جو وسڪارو هو. هن کي منجهيل ڏسي ارباز پڇي ورتو: ”امان ڇو اوهين ڪجهه اداس پيون ڏسجو؟“

”پٽ ائين ئي مٿي ۾ سور اٿم.“

ايتري ۾ ڊور بيل لڳي ته ارباز اٿي دروازو کوليو.

”نينا تون هتي.... پليز تون موٽي وڃ! منهنجي امان.. هوءَ ويٺي آهي.  پليز امان ناراض ٿيندي تون دل ۾ نه ڪر، موٽي وڃ.“ ارباز نينا کي منٿ ڪندي چيو.

ايتري ۾ ماڻس به گيٽ تي آئي، نينا کي ڏسي مرڪي ۽ کيس اندر اچي ويهاريائين. ارباز حيران هو ته اڄ امان کي ڇا ٿي ويو آهي جو نينا کي ايڏو پيار ڏئي رهي آهي. ارباز کي ڪهڙي ڪل ته دلشاد کي اڄ پراڻو پيار  مليو هو ۽ کيس ياد آيو هو ته پيار ڇا آهي؟ کيس پنهنجو ماضي آئيني وانگر هنن جي اکين ۾ نظر اچي رهيو هو.

”نينا!  مون کي خبر آهي ته تون ارباز کي ڏاڍو چاهين ٿي ۽ هو به! پر تون پنهنجي مائٽن کي راضي ڪر ته بهتر ٿيندو. ڇو جو هن سماج جا ماڻهو ڪورٽ ۾ ٿيندڙ شاديءَ کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.“ دلشاد چيو.

”آنٽي! توهان کي ناهي خبر ته منهنجي خاندان وارا پيار جي شاديءَ جي سخت خلاف آهن. توهان کي منهنجي بابا جي خبر ناهي... باقي رهي ڳالهه سماج جي ته مون کي ڪنهن جي ڪا به پرواهه ناهي. فقط توهان جي اجازت گهرجي.“ نينا نماڻائيءَ سان چيو.

پر نينا ٻڌ ته سهي ته تنهنجو بابا ڪير آهي؟ نالو ڇا اٿس.؟ ڇا ڪندو آهي؟ ٿي سگهي ٿو ته مان وڃي کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ڪري سگهان.“ دلشاد پڇيو.

”آنٽي! اوهين منهنجي بابا باسط خان کي نٿا سڃاڻو. هو ڪڏهن به پاڻ کان گهٽ پيسي وارن کي منهنجو سڱ نه ڏيندو.“ نينا چيو.

”ڪهڙو باسط؟“ دلشاد چيو.

”آنٽي هي منهنجي بابا جي تصوير آهي. ڇا توهان جو ڪڏهن ساڻس ملڻ ٿيو آهي؟ نينا تصوير هٿ ۾ ڏيندي چيو.

تصوير ڏسي دلشاد کي ڄڻ چڪر اچي ويو، کيس ڄڻ جهٽڪو لڳو. ڪجهه گهڙين لاءِ سن ٿي وئي.

”امان! توهان انڪل کي سڃاڻو ٿيون؟“ ارباز پڇيو.

”نه پٽ نه!“ دلشاد چيو.

ڪجهه پل هوءَ گهري سوچ ۾ گم ٿي ويئي ۽ پوءِ چيائين، ”مون کي توهان ٻنهي جو فيصلو منظور آهي. پر الياس کي اچڻ ڏيو. اسين صلاح مشورو ڪري توهان جي شادي ڪرائي ڇڏينداسين. نينا هينئر تون پنهنجي گهر وڃ. سڀاڻي 9 لڳي هتي اچجانءِ.“

دلشاد بيڊ تي وڃي ليٽي، پر ننڊ کانئس رسي وئي هئي. سوچن جا ساگر ٻوڙي تاري رهيا هئا. هن گهڻو سوچڻ ويچارڻ کان پوءِ فيصلو پٽ جي پيار کي ڪامياب بنائڻ جي حق ۾ ڪيو.

الياس کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيائين. پوءِ ٻنهي متفق راءِ سان ارباز جي ڪورٽ ميرج ڪرائي. دلشاد اڄ ڏاڍي خوش هئي. کيس لڳو ته ڄڻ سندس وڇڙيل پيار کيس اڄ حاصل ٿيو آهي ۽ پاڻ انهيءَ سوڀ تي ڏاڍي سرهي هئي!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com