فرمايو اسان جي پياري پيغمبر صلي الله وسلم
جنت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.
شرڪ کان پوءِ وڏو جرم والدين سان اچائڻ آهي.
تون پنهنجي والدين سان چڱو سلوڪ ڪر، توسان تنهنجو اولاد چڱو
سلوڪ ڪندو.
توهان مان اهو چڱو آهي، جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ چڱو آهي.
بخدا! اهو مؤمن نه آهي، جنهن جي بديءَ کان سندس پاڙيسري محفوظ
نه هجي.
پاڙيسريءَ جو حق آهي، ته ان تي مهربانيون ڪيون وڃن.
اهو مؤمن نه آهي، جي ڪو پاڻ ڍَوَ تي کائي، پرهن جو پاڙيسري بکيو
رهي.
مسلمان ٻين لاءِ به اهو ئي پسند ڪندو آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پسند
ڪندو آهي.
سوچ ويچار....!
عورتن جو عالمي ڏينهن
8 مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن آهي. عورت چاهي دنيا جي ڪهڙي به
خطي ۾ ڪهڙي به نسل سان تعلق رکندي هجي. مطلب هر
عورت لاءِ هي اعزازي ڏينهن آهي. ان ڪري سڀني ڀينرن
کي گهرجي ته هن ڏينهن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪن ۽
هن ڏينهن کي مان ڏين. ڇو ته اهو هر عورت جو حق آهي
ته هوءَ سال جو صرف هڪ ڏينهن پاڻ کي ڏئي. مردن کي
به گهرجي ته هن ڏينهن کي پنهنجو مخالف يا پاڻ لاءِ
چيلينج نه سمجهن. پر عورتن جي خوشين ۾ شريڪ ٿي
پنهنجي وسيع نظريءَ جو ثبوت ڏين.
هن ڏينهن جو تاريخي پس منظر ڪجهه هن ريت آهي ته سن 1857ع ۾
نيويارڪ شهر ۾ پورهيت عورتن جيڪي گارمينٽ فيڪٽرين
۾ ڪم ڪنديون هيون. تن گهٽ اجرت ۽ نامناسب حالتن
خلاف هڙتال ڪئي.1908ع
عورتون پنهنجي يونين جي پليٽ فارم تان 8 مارچ تي
وڏو احتجاج ڪيو. جنهن ۾ 15000 عورتن شرڪت ڪئي
1909ع تي آمريڪا جي سوشل پارٽي پهريون ڀيرو عورتن
جو عالمي ڏهاڙو ملهايو. 1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾
سوشلسٽ عورتن جي پهرين عالمي ڪانفرنس ٿي عورتن ووٽ
ڏيڻ جو حق حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهايو.
گڏيل قومن طرفان سن 1975ع ۾ عالمي سطح تي عورتن جو هڪ گروپ
تشڪيل ڏنو ويو ته جيئن اهي عورتون پنهنجي پنهنجي
ملڪ ۾ وڃي پنهنجي حڪومت کي قائل ڪن ته جيئن اها
حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ عورتن جي حقن جو تحفظ ڪري ۽
عورتن کي اهي سڀ سهولتون ڏئي جيڪي سڌريل ملڪن جي
مردن کي مليل آهن.
انهيءَ ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ عورتن جي پهرين عالمي
ڪانفرنس ميڪسيڪو ۾ گهرائي وئي. انهي ڪانفرنس ۾ ڇهه
هزار عورتن شرڪت ڪئي انهيءَ ڪانفرنس ۾ غريب ملڪن
جي عورتن جي بدحاليءَ تي غور ڪرڻ کانپوءِ هڪ
پڌرنامو جاري ڪيو ويو. ته سن 1976ع کان 1985ع
تائين ڏهن سالن کي ترقيءَ جا سال سڏيندي 8 مارچ کي
امن جو ڏهاڙو قرار ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ پنجن
سالن دوران انهيءَ پڌرنامي جي حوالي سان عورتن جي
ٻي عالمي ڪانفرنس 1980ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ ٿي. انهيءَ
ڪانفرنس ۾ تعليم روزگار ۽ صحت بابت اهم نقطا غور
هيٺ آيا ۽ انهن کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو. ان
ڪانفرنس کان پوءِ وري 1985ع ۾ نيروبيءَ ۾ ڪانفرنس
ڪوٺائي وئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪندڙ عورتن
جو تعداد اٽڪل 202000 هو ان کان پوءِ نومبر 1993ع
۾ منيلا ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. تنهن کان پوءِ
انڊونيشيا جي گاديءَ واري هنڌ ”جڪارتا“ ۾ گڏجاڻي
ڪوٺائي وئي.
انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ فقط گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سرڪاري نمائندن
شرڪت ڪئي. عورتن جي چوٿين عالمي ڪانفرنس سيپٽمبر
1995ع ۾ چين جي شهر بيجنگ ۾ ٿي گذري. انهيءَ
ڪانفرنس ۾ دنيا جي 187 ملڪن جي 47000 اين جي اوز
۽ 31000 هزار سرگرم نمائنده عورتن شرڪت ڪئي.
انهيءَ ڪانفرنس ۾ ٻه دستاويز تيار ڪيا ويا. هڪ
دستاويز عملي ڪمن لاءِ پليٽ فارم جو تعين ڪرڻ ۽
ٻيو دستاويز سال 1994ع ۾ عورتن جي حقن بابت ٿيل
ترقياتي ڪمن بابت ڪيل سروي جو جائزو. انهيءَ
ڪانفرنس ۾ هيٺ ڄاڻايل مسئلن تي غور ڪيو ويو.
عورتن لاءِ هر سطح تي فيصلن ۽ اختيارن ۾ عدم شرڪت ۽ اڻ
برابريءَ.
عورتن جي ترقيءَ لاءِ پاليسيءَ ۾ شراڪتي عمل ۾ اڻ برابري ۽ عملي
انتظامن جي کوٽ.
گڏيل قومن پاران بين الاقوامي سطح تي عورتن جي تسليم ٿيل حقن
بابت شعوري ڄاڻ ۾ کوٽ جا پروگرام.
غربت ۾ اضافو ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ ۾ عورتن جو وڌيڪ متاثر ٿيڻ.
قومي پاليسي پيداواري عمل معاشي ترقيءَ جي پاليسين ۾ عورتن جي
شرڪت ۾ اڻ برابري.
تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعن تائين پهچ جو نه هئڻ.
عورتن جي خلاف جنسي تشدد ۽ رياستن جي خاموشي.
قومي سطح تي جنگ جون حالتون هٿيارن جي عام مارڪيٽنگ، انتظام ۽
حساس ادارن ۾ عورتن کي نظر انداز ڪرڻ. اهي مسئلا
عورتن، سماج ۽ آزاديءَ ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا.
انهن ڪانفرنسن ۾ عورتن بار بار اقرار ڪيو ته سڄي دنيا جون
عورتون آزاديءَ ۽ برابري ۾ برابر آهن.
بيجنگ ڪانفرنس ۾ جيڪي به نقطا ويچار هيٺ آيا انهن تي ڪانفرنس ۾
شريڪ عورتن پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾ وڃي ڪيترو ۽ ڪهڙو
ڪم ڪيو.
فيجي جي عورتن کي 1995ع کان اڳ ڇهين لڳي تائين ڪم ڪرڻ جي اجازت
نه هئي. پر جڏهن نمائنده عورتن احتجاج ڪيو ته پوءِ
کين سرڪاري طرح اجازت ملي.
هندستان جي عورتن کي وڌيڪ سياسي حق مليا.
نيپال جي عورتن کي ملڪيت جا مالڪاڻا حق حاصل نه هئا. کين اهي حق
مليا.
گوئٽي مالا جي عورتن کي پڻ سياسي حق ملي ويا.
گوئٽي مالا يونيورسٽيءَ ۾ عورتن کي سياست جو مضمون پڙهڻ جي
اجازت ملي.
ڪيمرون ۽ هندوستاني عورتن کي سرڪاري نمائندگي ملي.
ڪولمبيا جي نئين قانون مطابق عورتن کي گهريلو تشدد
خلاف قانوني طرح تحفظ ڏنو ويو. پاڪستان پاران
نمائندگي ڪندڙ اچي ڪهڙو ڪم ڪرايو ان جي ڪا واضح
شڪل سامهون نه آئي آهي. پر بهرحال ٻين صوبن ۾ وري
به ڪجهه نه ڪجهه عورتن لاءِ ڪم ٿئي پيو. پر سنڌ
صوبي ۾ عورتن لاءِ ڪا اهڙي حڪمت عملي ناهي جڙي.
چند عورتون آهن جيڪي پنهنجي قلم ۽ ڪردار جي ذريعي
سنڌ جي اٻوجهه ۽ بي گناهه ڪاريون ٿي مرندڙ ۽ ٻين
ظلمن جو شڪار ٿيل عورتن لاءِ ڪم ڪن ٿيون. پنهنجي
هڙئون وڙئون عورت جي اخلاقي ۽ مالي سهائتا ڪنديون
رهن ٿيون. باقي ٿيو خير!
جن تنظيمن ۽ ادارن کي عورتن جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ فنڊ ملن
ٿا انهن کي نيڪ نيتيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجو
فرض نڀائڻ گهرجي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ سچائي
۽ ايمانداريءَ جي احساس کي شامل ڪري ته هوند سڄو
سماج سکيو ستابو ٿي پوي ۽ هوند پاڻ به ماڻهو ڏکيو
ڏينهن نه ڏسي. بهر حال وري به آءٌ چونديس ته
سرتيون وقت ڏکيو يا سکيو گذرندو رهندو. ڇو ته وقت
ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. سو اسان جي عورتن کي
پنهنجو پاڻ تي ڀاڙڻ گهرجي. هر حال ۾ حوصلي ۽ همت
جو دامن ڇڏڻ نه گهرجي. پنهنجي عقل ۽ فهم سان
پنهنجي زندگيءَ کي سکيو ۽ سهنجو بڻائجي. قدرت به
انهن جو ساٿ ڏيندي آهي جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪندا
آهن. اخلاق ۽ ڪردار عورت جو بهترين سينگار آهي.
جيترو اوهان جو اخلاق بلند هوندو. اوترو سماج
اوهان کي موٽ ڏيندو. ڪنهن عورت کي شهرت يا ٻئي
ڪنهن وقتي فائدي يا چسڪي خاطر پنهنجو پاڻ کي
جهڪائڻ نه گهرجي. اٽڪلن سان حاصل ڪيل خوشيون اٽڪلن
سان ڦرجي به وينديون آهن. حق ۽ سچ جي ويڙهاند
اوائل کان اڄ تائين هلندڙ آهي. سچ کي ڪنهن به حربي
سان لڪائي يا مٽائي نٿو سگهجي. سچ کي وقت ستن پردن
مان ڪڍي نروار ڪندو آهي. هر ماڻهوءَ جو ايمان هئڻ
گهرجي ته فطرت ۽ تاريخ هر ڪنهن جو حساب ڪتاب رکي
ٿي. فطرت ۾ برابري آهي اها ڪنهن سان نا انصافي نه
ٿي ڪري سگهي. ۽ تاريخ ڪنهن جي ڪڌن ڪرتوتن کي معاف
نٿي ڪري سگهي ڪنهن نه ڪنهن رخ ۾ سچ کي آڻيو اڳيان
بيهاري. اسين صدين کان خوبصورت تهذيب ۽ شاهوڪار
ثقافت جا وارث آهيون. اسان کي پنهنجن سهڻين روايتن
۽ اخلاقن کي اڻوڻندڙ حربن ۾ تبديل ڪرڻ نه گهرجي.
بي حيائي جدت نه آهي جدت اڃا ڪا ٻي شيءِ آهي جنهن
کي سمجهڻو پوندو.
سرتيون!
مارچ 2005 جو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي پرچو ڪيئن آهي هميشه
جيان خطن ۽ ٽيليفون ذريعي راءِ کان آگاهه ڪنديون.
گلبدن جاويد |