شاعري
عذرا سرور ڪنڌر
ساريان پئي
ساريان پئي ساريان پئي
من اندر سان پڪاريان پئي
ساجن اڄ به توکي ساريان پئي
هنجون تولاءِ هاريان پئي
ساجن توکي ساريان پئي
ڪڏهن ورندين تون پنهنجي ديس
ڪانگ به لوي پيو اوقيس
مون به پهريو آ ڪارو ويس
ساجن توکي ساريان پئي
هنجون تولاءِ هاريان پئي
گيت وڇوڙي جا ڳايان پئي
پل پل پور پچايان پئي
ساجن تو کي ساريان پئي.
سورج مکي
سورج مکي جيان پاڻ کي تو بنايو آ
جيڏانهن مڙيو سج اوڏانهن ڪنڌ نمايو آ
قدرت به کيس زرديءَ جو ويس پهرايو آ
سج جي تپش اڳيان بيهاريو آ
راز نياز جي حسين سنسار ۾
پنهنجو پاڻ کي تو لڄايو آ
يار جي ياريءَ کي تو ڌڪاريو آ
پنهنجي پيار کي تو وساريو آ
سک سپرين تون سبق گلاب مان
جهڪائي ڪنڌ نيڻن کي هن نمايو آ
ڪڏهن بنجي ٿو سيج جي زينت
ڪڏهن مزارن تي پاڻ سجايو آ
اندر پنهنجي کي نه تو اجاريو آ
نفرت جي باهه کي تو ڀڙڪايو آ
انڌ جي گهوڙي تي پاڻ کي ويهاريو آ
سورج مکيءَ جيان پاڻ کي تو بنايو آ
اختر افيروز شاه
هر تار ٽٽي پئي آهي
دل جي تار کي ڇيڙڻ چاهيان ٿي.
پر دل جي هر تار ائين ٽٽي پئي آهي
ڄڻ چپن کي چورڻ به وسري ويو آهي
بي آواز آلاپ ڳائي دل وندرايان ٿي
آهي ڪو ”اختر“ ان بي سر سنگيت کي سمجهي
سکڻو ڪشڪول
دل جو سکڻو ڪشڪول کنيو
ٽواٽي تي ويٺي آهيان
ان فقير جيان جنهن کي
سڄي ڏينهن ۾ ڪجهه نه مليو هجي
صدا هڻندي رهان ٿي آهي ڪو سخي
محبت جا بول هن ڪشڪول ۾ وجهي وڃي
پر منهنجو آواز ”اختر“
گاڏين جي آواز ۾ دٻجو وڃي!
رت جي ڳوڙهن مان
اکڙيون آليون ۽ دل زخمي پيرن ۾ زنجير اٿم
انڌير جو عجيب هي ننگر ڏٺم
رت جي ڳوڙهن مان ڀري قلم جو لکيم
ننهن مان ماس جدا ٿيندو اکين سان ڏٺم
مهڻن سان دل زخمي زخمي جا ٿيم
روز ڦاسيءَ تي ٿا چاڙهين پوءِ به چپن تي مرڪ اٿم
پنهنجو ڪو ويساهه گهاتي ڪندو دل کي نه اعتبار اٿم
هاڻ ته ”اختر“ پنهنجي پرائي جو يقين به ختم ٿي ويو اٿم!
ايڪيهين صديءَ جي عورت
هيءَ ايڪيهين صديءَ جي عورت آهي
جا ڪڏهن غلامي مان نه آزاد ٿي آهي
ڪڏهن رسمن رواجن ۾ قيد آهي
ته ڪڏهن پيءُ ڀاءُ جي شفقت ۾ قيد آهي
ته ڪڏهن ممتا جي مجبوريءَ ۾ قيد آهي
تو ”اختر“ ڪيئن پاڻ کي آزاد سمجهيو آهي
ڏسو هيءَ ايڪيهين صديءَ جي عورت آهي!
ثمينه ميمڻ
رسم جو صليب!
هوءَ اڄ پاڻ
هن سماج جو
هئي حصو بڻي
جيڪا ڪڏهن
عورت جي ڏاڍ خلاف
هئي آواز بڻي
”تو اها رسم نه ٿي ڪري سگهين!“
ڪٿان آواز هو آيو؟
”تون زال نه پر رن زال آهين!“
ڪٿان آواز هو آيو؟
”تون زال نه پر رن زال آهين!“
مٺائيءَ ڏانهن وڌيل هٿ
هن جو هو رڪجي ويو
ازخود هو رئي ۾ لڪي ويو!
ٻه ٻول
تون چوين ٿو
مون توکي سمجهيو ناهي
مون ڇا گهريو هو
توکان!
مٺا ٻه ٻول
جنهن جي قيمت
هئي تو ڪيڏي ٻڌائي
وري به چوين ٿو
مون توکي
سمجهيو ناهي
چڱو ٿيو سمجهيو ناهي
نه ته شايد
هيءُ ٻه ٻول به
مون لاءِ مهنگا پون ها
نوشابه ناز عباسي
ياد
تنهنجي ياد رت بهار ۾
گل کڙن جي مهڪار جيان
من اندر سمايل رهندي
سنڌوءَ جي لهرن سمان!
دوستي
دوستي منهنجو روح آ
دوستي منهنجي منزل آ
حاصل ڪرڻ آسان آ
نڀائڻ ان کي مشڪل آ
دوستي کٽي به مٺي آ
ملهه ۾ جا سون کان سرس آ.
زبي پروين ڏاهري
وڻ ويڙهي جهڙا احساس
ڪجهه اڻ لکا احساس
دل جي ڌرتيءَ تي،
پاڻمرادو نسري آيل،
ٻوٽن جيان،
ڦٽي پوندا آهن.
۽ وڻ ويڙهيءَ جيان،
ڦٽي پوندا آهن
۽ وڻ ويڙهيءَ جيان
سموري وجود کي،
وڪوڙي ويندا آهن،
ابهم احساسن جي
انهن سلن کي
ڪوئي مسليندو آهي
تڏهن به....
پهرين کان
زياده شدت سان
نئين تازگيءَ جو
احساس کڻي
وري ڦٽي پوندا آهن
بنا ڪنهن آبياريءَ جي
ڪجهه اڻلکا احساس
دل جي ڌرتيءَ تي!
مهمان
جيون _ جهروڪي ۾
ڪي اڻوسرندڙ
انسان
بنجي مهمان.
هوا جي جهونڪي جيان
بنا اطلاع جي
ايندا آهن
ڪجهه لمحا
قيام ڪري
الوداع
چوڻ بنان
هليا ويندا آهن
هميشه لئه.....!!
وقت جي وٿين مان کسڪي ويل پل
منهنجي سائڻ!
تنهنجي دل ڀي ڪيڏي پاڳل آهي
جا ٻيهر ماڻڻ ٿي چاهي
وقت جي وٿين مان
کسڪي ويل اهي پل
جڏهن تنهنجو جيون
ڪنهن کي پائڻ جي
انڊلٺي احساس سان جرڪي پيو هو
من مهڪي پيو هو
تنهنجا نيڻ....!!
مخملي خواب اڻڻ لڳا هئا
لب! بيساخته مرڪڻ لڳا هئا
۽.... پوءِ! اهو طوفان آيو
سڀ ڪجهه منتشر ٿي ويو
سارا مرڪندڙ _ مهڪندڙ پل
وقت جي وهڪري ۾ وهي،
اکڙين کان اوجهل ٿي ويا.
پيار جي تن پلن سان وابستا
بي نانءُ مگر! بي لوث جذبا_ اٽوٽ رشتا
”حاصل“ مان ”لاحاصل“ بڻجي ويا.
ڄاڻان ٿي، او! منهنجي جيڏي....!
تنهنجي دل سي ساڳيا پل
ٻيهر ماڻڻ ٿي چاهي
پر، چري! اهي خواب _ لمحا
وقت جي ترڪش مان نڪتل
اهي تير آهن
جيڪي ڪڏهن به واپس ورڻا ناهن،
انهن گذري ويل لمحن جي لمس کي
اکيون ٻوٽي محسوس ڪرڻ ته ممڪن آ
مگر! ٻيهر ماڻڻ، نا ممڪن آ، ناممڪن آ. |