سيد ذڪيه مهدي شاهه
حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله تعاليٰ عنها
حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ جنهن جو لقب بيبي طاهره هو، خوبلد بن
اسد جي ڌيءُ هئي. سندن والده جو نالو فاطمه بنت
زائده هو. بيبي صاحبه جن جي ولادت رسول اڪرم صلي
الله عليه وآلهِ وسلم جي مديني هجرت ڪرڻ کان 68
سال پهرين ٿي.
مڪي وارا کين طاهره جي لقب سان سڏيندا هئا. بهترين طريقئه پرورش
عقلمند، دور انديش ۽ پاڪدامنيءَ جي لحاظ کان
پنهنجي خاندان ۾ بي مثال حيثيت رکنديون هيون.
گهڻيون مالدارهيون، خديجة الڪبريٰ جو تجارتي قافلو سڀني تجارتي
قافلن جي برابري ڪندو هو. بيبي صاحبه پاڻ سڳورن جن
جي اخلاق، جمال، صورت ۽ ڪمال سيرت کي ڏسي پاڻ ئي
ساڻن نڪاح ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ پاڻ سڳورن سندن
اها آڇ قبول ڪئي ۽ اشرف قريش جي مجموعي ۾ باقاعدي
نڪاح ڪيو. حضرت بيبي خديجه پاڻ سڳورن جي پهرين
رفيقه حيات ثابت ٿيون. اهو ئي سبب هو جو، جيستائين
بيبي صاحبه حيات هيون، تيستائين پاڻ سڳورن ٻي ڪنهن
به عورت سان نڪاح نه ڪيو. پاڻ سڳورن کي بيبي صاحبه
سان ايتري محبت هئي جو سندن وفات کان پوءِ بيبي
عائشه رضه کي فرمايائون ته، ”خدا جو قسم! خديجه
الڪبريٰ کان بهترين مون کي ڪا به شريڪ حيات نه
ملي. جڏهن سڀني مون سان ڪفر ڪيو. انهيءَ وقت هن
مون تي ايمان آندو ۽ جڏهن سڀ ماڻهو مون کي ڪوڙو
ڪوٺيندا هئا، ان وقت هن منهنجي تصديق ڪئي ۽ جنهن
وقت منهنجي ڪير به مدد لاءِ تيار نه هو، ان وقت
خديجه منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي پنهنجو سڄو مال
ڏيئي ڇڏيو ۽ هن جي ئي بطن مان الله تعاليٰ مون کي
اولاد عطا فرمايو.“
وحي نازل ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورا بيبي خديجه سان گڏ ڪيترو ئي
عرصو خفيه طور نماز پڙهندا رهيا. عفيف ڪندي چون
ٿا:
”مان جهالت واري زماني ۾، لباس ۽ عطر خريد ڪرڻ لاءِ مڪي ويس،
عباس بن عبدالمطلب سان ملاقات ٿي، ٽپهريءَ جي نماز
جو وقت هو، مون ڏٺو ته ڪعبي جي ويجهو هڪ جوان آيو
۽ آسمان تي هڪ نظر وڌي ۽ پوءِ ڪعبي جي سامهون بيهي
رهيو، انهيءَ کان پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن جي پويان
بيهي رهي، هو جوان رڪوع ۾ ويو ته هوءَ عورت به
رڪوع ۾ جهڪي ويئي. تنهن کان پوءِ هڪ ٻيو نوجوان
آيو. اهو به ائين ئي ڪرڻ لڳو. رڪوع کان پوءِ بلند
ٿي، هو ٽيئي سجدي ۾ هليا ويا. مون عباس کان پڇيو
ته آءٌ هڪ عجيب شيءِ ڏسي رهيو آهيان!!
عباس چيو: ”عجيب شيءِ آهي! تون هن جوان کي سڃاڻين ٿو؟“
مون چيو ”نه!“
هن چيو: ”هي منهنجو ڀائٽيو محمد بن عبد الله بن عبدالمطلب آهي ۽
هي نوجوان جيڪو بعد ۾ آيو ان کي سڃاڻين ٿو؟“
مون چيو ”نه!“
چيائين: ”هي منهنجو ٻيو ڀائٽيو علي ابن ابي طالب آهي ۽ هن عورت
کي سڃاڻين ٿو؟“
مون چيو: ”نه!“
هن ٻڌايو: ”هيءَ منهنجي ڀائٽي جي زال خديجه آهي. محمد جن فرمائن
ٿا ته مون کي آسمان ۽ زمين جي خدا هن دين تي رهڻ
جو حڪم ڏنو آهي. روءِ زمين تي صرف هنن ٽنهي ماڻهن
اهو دين قبول ڪيو آهي.“
عفيف چوي ٿو ته منهنجي دل چاهيو ته مان به انهن ۾ چوٿون ٿي
وڃان.
رسول صلي الله وسلم جن بيبي خديجه جو دل سان احترام ڪندا هئا.
وحي نازل ٿيڻ کان پهرين به پاڻ سڳورن بيبي صاحبه
جي مخالفت نه ڪئي ۽ وفات کان پوءِ به انهن کي ياد
ڪري روئندا هئا.
بيبي عائشه رضه فرمايو ٿي ته رسول صلي الله وصلم جن جڏهن گهر
کان ٻاهر نڪرندا هئا ته خديجه کي ياد ڪندي هن جي
تعريف ۽ مدح ڪندا هئا.
دستورات اسلام جي اشاعت جي سلسلي ۾ بيبي خديجه رسول الله صلي
الله عليه وآلهِ وسلم جن جو ساڄو هٿ هيون. هجرت
کان ٽي سال پهرين 65 سالن جي عمر ۾ مڪي ۾ انتقال
ڪري ويون. رسول صلم جن پنهنجي هٿن مبارڪن سان بيبي
صاحبه کي دفن ڪيو.
***
ليکڪ عباس جلباڻي
ترجمو نجمه پنهور
هوءَ هر هر سنڌ اچڻ چاهيندي!
جڏهن هند مان سنڌي اديبن جو ٽيهن ڄڻن کان مٿي وفد سنڌ جي دوري
تي آيو، تڏهن هڪڙي نوجوان شاعر رومي سدارنگاڻي به
هئي. جنهن مانڊاڻ منڊي ورتو. ان کي پنهنجي شعر
پڙهڻ لاءِ سيشن جي پڄاڻيءَ تي سڏيو ويندو هو.
تڏهن ٻڌندڙن کان اڳي ورجايل ڊگها ليڪچر حاضرين کان
وسري ٿي ويا.
هن جي شاعري صبح جي هير جيان تازي ۽ جهنگلي گل جيان معصوم هئي.
هن جون ڪوتائون هن جي اندر جو اڌمو هيون، جن ۾
ٻارن جهڙي سادگي هئي. انهن ۾ مرڪ جون تشبيهون فطرت
کان ورتل هيون. هن پنهنجي دنيا پاڻ تخليق ڪئي هئي.
جنهن ۾ جهرڪي ۽ وڻ پاڻ ۾ روح رهاڻ ٿي ڪئي.
ايستائين جو جڏهن هن عورتن جا مسئلا ۽ ٻيا سماجي
مسئلا ٿي کنيا، هن سکڻي پيغام جي جماليت رس ۽ چس
کي ڇڏڻ کان انڪار ٿي ڪيو. دل کي ڇُهندڙ سٽن کي
جيترا ڀيرا به پڙهيو ٿي ويو، ته هر ڀيري انهن جي
نئين معنيٰ ٿي نڪتي.
جڏهن مان پنهنجي دوست جي گهر تي هن سان ملڻ ويس. تڏهن مون هن کي
سندس شاعريءَ جهڙو ئي ڏٺو. سادو چولو ۽ پاجامو
پهريل، هڪ ڇوڪري جيڪا در مان ليئو پائي رهي هئي ۽
جڏهن هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، تڏهن مون کي لڳو ته
هوءَ ڪا معمولي شخص نه آهي. معصوم پر مضبوط ۽ پُر
اعتماد هئي. پر هن ۾ ڪو وڏاءُ يا ڏيکاءُ نه هو. هن
ٺيٺ سنڌيءَ ۾ ٿي ڳالهايو. جيئن ڪراچيءَ ڄاوا اصل
سنڌي ڳالهائيندا هئا، اهو انهيءَ ڪري هو جو هوءَ
هندستان جي گجرات صوبي جي ڪڇ شهر جي رهواسڻ هئي.
جتي سنڌي جاتيءَ جو چڱو تعداد رهي ٿو. جتي جي ٻولي
۽ ڪلچر، سنڌي ڪلچر ۽ ٻولي سان ملي ٿو. هن کي چٽو
ياد هو ته ننڍپڻ ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جي چوس هئي، ۽
هن جا پاڙيسري يا مائٽ هن جي ماءُ کي چوندا هئا ته
هن کي سندن گهر تي نه آڻ، ڇو ته هيءَ مختلف شيون
تڳائي ٿي وڃي، خاص ڪري ڪتاب، ائين هوءَ تحريرن کان
متاثر ٿي ننڍي لاڪون ئي. جڏهن هوءَ اسڪول ۾ هئي،
تڏهن هن لکڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اها هن جي ٽيچر هئي.
جنهن هن ۾ ادب لاءِ چاهه پيدا ڪيو.
هن ايڪنامڪس ۾ ايم _ اي ڪئي ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
آديپور مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪورس ڪيو. ان هنڌان ئي
هن شاعري شروع ڪئي ۽ سنڌي ادب ۾ ايم _ اي ڪرڻ جو
سوچيائين. ايم _ اي ڪرڻ کان پوءِ هوءَ تولاڻي آرٽس
۽ سائنس ڪاليج جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر مقرر
ٿي. جتي هوءَ اڃا تائين پڙهائي رهي آهي. باقي وقت
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪري
ڇڏيو اٿس.
هن جي ڪرئڊٽ تي يارهن ڪتاب ٻه شعري مجموعا ”سونهري رنگ جي ڪرڻ“
۽ ”سج الائي ڪٿي ڪري پيو“، ٻارن لاءِ ٽي ڪتاب
مکڙيون (ناٽڪ) ٻليءَ جو اسڪول (ٻاراڻا ٻول) ۽ ممي
ائين ڇو آهي. (مو نو لاگ) ۽ ڇهه ڪتاب سنڌي ٻوليءَ
جي سکيا بابت جيڪي تعليمي ادارن ۾ درسي ڪتابن ۾
پڙهيا وڃن ٿا. هن گجراتي ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري ۽
ڪهاڻين جا ترجما پڻ ڪيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي
ٻوليءَ جي مختصر ڪورسن پڙهائڻ لاءِ آمرڪا، هانگ
ڪانگ، سنگاپور به ويندي رهندي آهي.
جڏهن هن کان هن جي شاعريءَ جي نجپڻ ۽ تازگيءَ بابت پڇيم، تڏهن
هن چيو ته هن ٻين شاعرن جو اثر ناهي قبوليو، ڇو ته
هوءَ ڪڏهن ڪڏهن شاعري پڙهندي آهي، جڏهن هن جو ڌيان
هن جي اهڙين ڪوتائن ڏانهن ڇڪايو ويو، جن ۾ جنس
مذڪر ڪتب آيل آهي ته هن چيو ته هن ان تي ڪڏهن
سوچيو ناهي ”مان ماڻهن کي جنس ۾ نٿي ورهايان عورت
۽ مرد جا احساس ساڳيا آهن.
هند ۾ سنڌي جاتيءَ بابت هن چيو ته پنجن پرڳڻن ۾ ٽڙيل پکڙيل آهي:
”راجستان، گجرات، مهاراشٽرا، اترپرديش ۽ مڌيه
پرديش. اتي هو ٿورائيءَ ۾ آهن، پر انهن پنهنجي
سڃاڻپ قائم رکي آهي.
اها سڃاڻپ انهن ليکڪن جي لکڻين ۾ وڌيڪ اجاگر آهي، جيڪي سنڌ مان
لڏي آيا هئا، پر انهن جي پونين وٽ ٻوليءَ جي تاثر
بدران عالمي اپيل وڌيڪ آهي. اڳين ٽهي ورهاڱي جي ڏک
کي بيان ڪيو آهي ۽ هڪ نئين ملڪ جي سنڌي جاتيءَ جي
سڃاڻپ جي وڃائجڻ جي ڊپ ۾ ورتل آهي. پر جيڪي انڊيا
۾ ڄاوا آهن اهي پنهنجي وڏن جي انهيءَ تجربي مان نه
گذريا آهن. انڪري هو نون موضوعن ڏانهن لڙيا آهن.
خاص ڪري جديد سوسائٽيءَ ۾ ”شخص“ جي ڀوڳنائن بابت
هن اهو مڃيو ته هند جا ليکڪ ملڪ جي عصري حالتن ۽
واقعن تي گهٽ ٿا لکن. جهڙوڪ گجرات جي زلزلي هنن کي
متاثر ڪيو، جيڪو هنن جي زندگيءَ تي سڌو سنئون اثر
انداز ٿيو.
هن جي چوڻ مطابق هندستان ۾ 200 کان 300 سنڌي ڪتاب ڇپجن ٿا.
انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سرحد جي هن پار گهڻو ڪري ادبي
تحريرون وڌيڪ ڇپجن ٿيون ۽ ايڪنامڪس، سوشلاجي، ڪلچر
وغيره تي گهٽ ڪتاب ڇپجن ٿا. انڊيا ۾ ڪيترائي اهڙا
سرڪاري توڙي خانگي ادارا آهن. جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي
ترقيءَ جي لاءِ ڪم ڪن ٿا.
جن ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف لئنگويج، ساهتي، اڪئڊمي ۽
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه سڀا پاران اهي ڪتاب ۽
جرنل ڇپجن ٿا، ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ديس ۾ زنده رکڻ
لاءِ سيمينار ورڪشاپ مشاعرا ۽ ٻيا فن ڪن ٿا.
هن اهو مڃيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ کي محفوظ ڪرڻ
لاءِ گهٽ تحقيقي ڪم ٿئي ٿو. جيڪي راجستان جي جتن
کي برزبان ياد آهن. اها ساڳي صورتحال اتي جي لوڪ
شاعريءَ جي به آهي. ان ريت ترجمي جو ڪم به ٿورو
ٿيو آهي. ديوناگري لپيءَ جي تڪرار جي حوالي سان هن
چيو ته ڪي ماڻهو ان جي وڪالت ڪن ٿا، ته ڪي وري
رومن اسڪرپٽ جي. پر گهڻي ڀاڱي عربي لپيءَ جي حمايت
ڪن ٿا. هوءَ به انهيءَ ٽئين گروپ جي حمايت ڪري ٿي
۽ دليل ڏئي ٿي ته ائين اسين پنهنجي ڪلاسيڪل لٽريچر
۽ سنڌ جي همعصر ادب کان ڪٽجي ويندا سين.
هن ٻڌايو ته سنڌ جي پبلشرن چيو ته سندس نالو هنن جي ميلنگ لسٽ
تي آهي ۽ هو کيس باقاعدگيءَ سان پنهنجا ڪتاب
موڪليندا رهندا آهن، جڏهن ته کيس هڪ ڪتاب به نه
مليو آهي. هن هند ۽ پاڪ جي نفرتن کي دفن ڪرڻ ۽ پاڻ
۾ ناتن کي سڌارڻ ۽ ڪتابن جي مٽا سٽا تان پابندين
هٽائڻ تي زور ڏنو. ساڳئي وقت هن ٻنهي ملڪن جي ادبي
ادارن جي پاڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي به پٺڀرائي ڪئي ۽ چيو
ته ائين ڏکڻ ايشيا ۾ دوستاڻو وايو منڊل جڙڻ ۾ مدد
ملندي. هن چيو ته سنڌ ۾ اچڻ کان اڳي جيڪا هن جي
وڏن جو وطن هئي هن جا منجهيل سنجهيل احساس هئا،
”مون پنهنجن وڏڙن کان گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، جنهن مون
۾ روماني جذبات اڀاريا. پوءِ به مان پنهنجي ٽهيءَ
جي ٻين ماڻهن وانگر، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن وڏن کي
چوندي هيس ته اسين جيڪا ڌرتي ڇڏي آيا آهيون، ۽ ان
ڏانهن وڃڻ جون واهون به بند آهن، ان بابت لڳاتار
سوچڻ ڇا جذباتيپڻو ناهي!“ پر هن دل جي سچائيءَ سان
اهو واڌارو ڪيو ته هن جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ اتي شاندار
آجيان هن جي احساس کي بدلائي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ هر
هر سنڌ اچڻ چاهيندي!
سنڌ توهان کي ۽ سيما پار کان ايندڙ ٻين ڏيهين کي دل جي گهراين
سان ڀليڪار چوندي ڪماري
سندراڻي!“
(ڊان جي ٿورن سان) |