الحاج الله بخش عقيلي عرف سرشار سروري، لفظ
”ڪافي“ بابت لکي ٿو:
”ڪاف ڪلمن مان ’ڪاف‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي چمڙو
سبڻ، چمڙو وڍڻ، ڪنهن شئي کي ڪناري تي ڪرڻ. ’قاف‘
فرشت سان ’قاف‘ لفظ جي معنيٰ ڳولا ڪرڻ، تلاش ڪرڻ،
مجازاً بعض صوفي بزرگ پنهنجي لاءِ جاءِ ڪنهن جبل
جي چُر ۾ رياضت يا مراقبي لاءِ اختيار ڪندا هئا،
تنهن کي ’ڪافي‘ يعني تلاشِ حق لاءِ گوشه نشينيءَ
جي جاءِ سڏيندا هئا. انهيءَ معنيٰ ۾ اسان جي سنڌي
’ڪافي‘، لفظن جي اهڙي چُرَ يا گفا آهي، جنهن جي
ٻاهرين شاعرانه بيهڪ ۾ اندروني تلاش حق جي ڪٺن
پروڙ به سمايل آهي.“
مولانا فضل احمد غزنوي بي.اي. اديب فاضل، منشي
فاضل ۽ قرآن جو سٺو مفسر آهي، ۽ عربيءَ جي تمام
گهڻي ڄاڻ رکي ٿو. لفظ ’ڪافي‘ بابت سندس رايو آهي
ته:
”ڪافي عربيءَ جو لفظ آهي. ان جو مادو ’ڪفي‘ ۽ مصدر
’ڪِفَايَة‘ آهي، ۽ ان جو اسم فاعل ’ڪافي‘ آهي.
ڪافيءَ جي اصل معنيٰ آهي ”خالي ٿيل جاءِ ڀرڻ“ ۽ ان
جو عام استعمال، ”مراد حاصل ڪرڻ“ ۾ ٿئي ٿو.
”سنڌيءَ ۾ ’بس، هي ڪافي آهي‘ چئبو؛ يعني ان کان
وڌيڪ ضرورت نه آهي. مصدر ان ريت ايندو: ’ڪافي
هجڻ‘، ’پورو هجڻ‘، ’حاجت جيترو پورو هجڻ‘ وغيره.
ڪافيءَ جا قرآن پاڪ ۾ استعمال هيٺين ريت آهن:
” ’ڪفي الله المؤمنين القتال‘ (جهاد ۾ مؤمنن
پاران بس الله ئي ڪافي آهي). يعني جهاد کٽي ڏيڻ
سان مراد پوري ڪندڙ آهي.
” ’اليس الله بڪاف (ڪافي) عبده‘ (ڇا الله ئي
پنهنجي ٻانهي – محمد پاڪ جي مدد لاءِ ڪافي نه
آهي؟)
(از مفردات راغب اصفهاني، لسان العرب، تاج العروس،
القاموس، صراح وغيرها).
”منهنجي تحقيق هيءَ آهي ته سنڌيءَ ۾ هي جيڪو
’ڪافي‘ جو استعمال ٿئي ٿو، سو بنهه غلط آهي؛ ڇو ته
ان لفظ مان بيت يا شعر وغيرها جي معنيٰ اصل ڪانه
ٿي نڪري. دراصل هي لفظ ’قافيه‘ آهي، جنهن مان
’قافي‘ لفظ بمعنيٰ الڪلام المقفيٰ آهي. يعني قافيي
مان ٺاهيل ڪلام، بيت، شعر وغيره.
”جڏهن سنڌي ادب مان عالم لڏي ويا ۽ رڳا انگريزيدان
۽ سنڌيدان حضرات رهجي ويا، خاص ڪري وچ ۾ سنڌي ادب
واڻين جي هٿن ۾ هليو ويو، ته انهن ’ق‘ جي بدران
’ڪ‘ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو، جو هاڻي ’ڪافي‘ بنجي ويو
آهي. اهڙن بگڙيل لفظن جا اُچار شاهه جي ڪلام ۾
الاهي ملندا. مثلاً ’آگا‘، جو اصل لفظ ’آغا‘ آهي،
۽ ’بگر‘، جو اصل ۾ ’بغير‘ آهي.“
لفظ ”ڪافي“ بابت مٿيان بحث ڪيتريقدر صحيح يا غلط
آهن، ان جو فيصلو عالم ۽ ادب ڪندا. مگر مطلب هو ته
ڪنهن حد تائين ’ڪافي‘ لفظ جي ساراهه ٿئي.
سنڌي شاعري ۽ ادب جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم
ٿئي ٿو هر دؤر ۾ ادبي محفلون، مشاعرا، ڪچهريون ۽
رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. انهن محفلن ۽
رهاڻين ۾ نه رڳو عربي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾
لکيل ڪلام ڳايو ويندو هوندو، بلڪ سنڌي زبان جو
ڪلام به لازمي طرح پيش ٿيندو هوندو؛ ڇا سنڌين کي
پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ واري زبان سان پيار نه هوندو؟
جي ها ته پوءِ رڳو سنڌي دوها ئي ڳارايا ويندا
هوندا ڇا؟ نه نه؛ يقيناً سنڌي زبان جي شاعريءَ جي
ڪا ٻي صنف، دوهن کان سواءِ به ڳائي ويندي هوندي
جيڪا ڪافي ئي ٿي سگهي ٿي. شيخ لاڏجيئي کان پوءِ
ڪافيءَ تي سرڪاري بندش ٿوروئي پئجي ويئي هوندي، جو
پوءِ ٻارهين – تيرهين صدي هجريءَ جي شاعرن اچي
لهرائي هوندي! ايتري شڪر گذاري به جرمن قومن جي هڪ
پادريءَ ٽرمپ صاحب جي مڃڻ گهرجي،جنهن شاهه جو ڪلام
ڇاپائي، سنڌين جو ڪَرُ مٿي ڪيو.
ڪافيءَ جا گهاڙيٽا:
جهڙيءَ طرح موزون شاعريءَ ۾ ڪيترائي وزن آهن، جن ۾
غزل، مسدس ۽ قطعا يا رباعيون وغيره لکجن ٿيون،
تهڙيءَ طرح غير موزون شاعريءَ ۾ ڪافيءَ جا به
گهڻائي وزن آهن، جن کي آءٌ ”گهاڙيٽا“ سڏيان ٿو.
جيڪڏهن ڌيان ڏجي ۽ ڪوشش ڪجي ته بيت ۽ ڪافيءَ جا
ڪيئي وزن ۽ بحر مقرر ڪري سگهجن ٿا، جن جا رڪن به
فعولن، فاعلاتن ۽ فعلن وغيره مان يا ڪن ٻين سنڌي
يا فارسي لفظن مان ٺاهي سگهجن ٿا. پر ڪافي، جا
محدود چيز آهي، ان کي محدود ڪري ڇڏڻ يا هروڀرو
ڪنهن بکيڙي ۾ وجهي ڇڏڻ ڪنهن به طرح مناسب نٿو لڳي.
ڪافي جذبات جي حالت ۾ هڪ ڳائڻ جي طرز به ٺهي ويندي
اهي. ان لاءِ هڪ سوچ ۽ ويچار ۽ ڀڃ – گهڙ جو قيد
ٺاهڻ اينهين آهي، جئن مارئي ٻيهر وري عمر جي حوالي
ڪرڻ. اگرچ هن زماني ۾ اول ته اهڙا شاعر آهن ئي
ڪونه، جيڪي ڪافيءَ جا نوان گهاڙيٽا بنائين، پر جي
ڪي کڻي هوندا تڏهن به ٻه-ٽي، مگر اهڙا ڪافي لکندڙ
شاعر ڪافي آهن، جيڪي اصلي گهاڙيٽن تي ڪافيون لکن
ٿا.
اڄڪلهه اهڙا ڪافي لکندڙ شاعر موجود آهن، جيڪي
موسيقيءَ کان اڻواقف آهن. نه رڳو ايترو پر آواز به
سُريلو ڪونه اٿن ۽ نه وري جهڙي تهڙي آواز سان ئي
ڪافيءَ جي انڌي منڊي طرز ڳائي سگهن ٿا. اهي صاحب
جيڪڏهن ڪافيءَ جو ڪو به نئون گهاڙيٽو ٺاهيندا ته
ان کي ڪا به وقعت ڪانه ملندي. ڇو ته ان گهاڙيٽي جي
ڳائڻ جي طرز ته ٺهيل هوندي ئي ڪانه، پوءِ ان مان
ڇا ٿيو، جو ڪنهن ڳائڻي کي منت ڪجي ته مهرباني ڪري
هن ڪافيءَ جي ڪا طرز ٺاهه. اهوئي نئون گهاڙيٽو
قبول ڪيوويندو جيڪو شاعر پاڻ ڳائڻ جي طرز ۾ سمائي،
نه ته اهي نوان گهاڙيٽا انهن گيتن جي حيثيت رکندا،
جيڪي ميوزڪ ڊائريڪٽرن جا محتاج ٿيندا آهن. پر
ڪيترا اهڙا شاعر به هوندا آهن، جيڪي پاڻ ڳائي ڪونه
ڄاڻن ۽ نه سندن آواز ئي ڪو خاص هوندو آهي، پر
موسيقيءَ کي سمجهن ٿا ۽ سندن ذهنن ۾ اها ڳالهه
موجود آهي. انهن جا نوان گهاڙيٽا مڃيا ويندا.
ايترو سو ضرور آهي ته هو ڳائي اها طرز سمجهائي نه
سگهندا، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ڳائڻي جي
دماغ ۽ ذهن ۾ ان نئين گهاڙيٽي جي طرز ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان ڳائڻي جي دماغ ۽ ذهن ۾ ان نئين گهاڙيٽي
جي طرز ڪنهن حد تائين ويهاري ڇڏيندا ۽ باقي رهيل
ڳالهيون هوشيار ڳائڻو پاڻيهي پوريون ڪندو.
جيئن ته ڪافيءَ جا گهاڙيٽا تمام گهڻا آهن ۽ گهڻو
ڪري سڀني راڳڻين جي مختلف طرزن ۾ ڪافيون لکيل آهن،
تنهنڪري ڪافيءَ جي گهاڙيٽن تي هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي
ضرورت آهي.
ڪافي لکڻ جو طريقو:
سڀڪنهن شئي ٺاهڻ هو هڪ طريقو هوندو آهي. هت مقصد
آهي ڪافيءَ جي لکڻ جو طريقو ٻڌائڻ. پر اول غزل
بابت لکڻ هن ڪري ضروري سمجهيو ويو، ته ٻن شين جي
ڀيٽ ڪرڻ سان اصل حقيقت جلد ۽ سولي طرح ذهن ۾
ويهندي. غزل لکڻ لاءِ شاعر تياري ڪندو ته پهرين
مختلف خيال، جدا جدا تصور، عجيب عجيب مضمون، نوان
نوان لفظ ۽ جملا ۽ نيون نيون بندشون ۽ ترڪيبون
وغيره هڪ ئي وقت خيال ۽ ذهن ۾ موجود رکي، ڇو ته
مطلع (5) کان وٺي مقطع (6) تائين شعر ۾ نئون رنگ،
نئون ڍنگ ۽ نئون مضمون وغيره هوندو آهي. يعني ڪٿي
ساقي ۽ ميڪش جا راز نياز ته ڪٿي رند ۽ زاهد جا
جهڳڙا، ڪٿي ميخاني ۽ مسجد جو ذڪر ته ڪٿي گل ۽ بلبل
جا شڪوا شڪايتون، ڪٿي وصل جون ڳالهيون ته ڪٿي
جدائيءَ ۽ بيوفائيءَ جا بيان هوندا آهن.
اهڙيءَ حالت ۾ دل، دماغ ۽ ذهن چؤطرف ڦرندا رهندا
آهن ۽ هڪ قسم جي بيچيني ۽ بي آرامي موجود هوندي
آهي. غزل نيٺ تيار ٿيندو، جو دماغي پورهيي جو
نتيجو هوندو. اهڙي شاعريءَ ۾ اڪثر فرضي ڳالهيون،
سطحي بيان ۽ محبوب تي الزام ڏنل هوندا آهن. پر ان
سان گڏ فن جو ڪمال به ضرور هوندو آهي، بلڪ ڪو ڪو
شعر سوز ۽ گداز ۽ درد غم وارو به ملندو آهي. اهڙي
قسم جي شاعريءَ ۾ اڪثر اهل، مصنوعيت ۽ اجنبيت
هوندي آهي. اينهين به ضرور آهي ته ڪافيءَ ۾ به
انهيءَ قسم جون شيون هونديون آهن. پر انهن شاعرن
جي ڪافيءَ ۾، جيڪي سوز گداز ۽ درد غم سان واسطو ئي
ڪونه رکن. دارومدار سمورو شاعر تي آهي. يعني شاعر،
جيڪڏهن رڳو زبان سان چيو ته پوءِ ڪجهه ڪونه ٿيو،
پر جي دل سان چئين، يعني دل ئي هن کان سڀڪجهه
چوارايو ته پوءِ واه واه!
غزل لکڻ لاءِ فارسي شاعريءَ جو مطالعو ۽ فني ڪتابن
جو پڙهڻ ۽ ياد رکڻ نهايت ضروري آهي. جڏهن استادي ۽
شاگرديءَ جو عام دستور هو، تڏهن هر شاعر تي هي فرض
رکيو ويندو هو ته معياري شاعرن جو ڪلام گهڻي ۾
گهڻو ياد رکي. مگر ڪافي لکندڙ شاعر کي خاص طرح جن
ڳالهين جي ضرورت آهي، اهي آهن صحيح لفظ، صحيح
جملا، صحيح پهاڪا، تُڪن جي پورائيءَ جو خيال،
گهاڙيٽن جي سمجهه ۽ ڳائي ڄاڻڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ
کي ڪنهن حد تائين سمجهڻ.
ڪافيءَ ۾ پاڻ تي گذريل واقعا ۽ وارداتون بيان
ٿينديون آهن. هر معلوم ٿيل ڳالهه ٻڌائي ويندي آهي
۽ قلبي ڪيفيتن جو اظهار هوندو آهي، جنهن جو واسطو
نه تڪلف سان آهي نه اهل سان، سڀ کان پهرين درد
گهرجي، سا ته آهي خدائي ڏات، جا ذات تي ڪانه ملندي
آهي. تنهن هوندي به ڪو ڪافي لکڻ چاهي ته پهرين پاڻ
۾ درد پيدا ڪري.
ڪافي لکڻ وقت، ڪافيءَ جي ڪا نه ڪا طرز دماغ ۽ ذهن
۾ موجود هئڻ گهرجي، ۽ ان کي جهونگاريندو رهڻ
گهرجي، ڇو ته ان طرز تي ئي ڪافي لکڻي آهي. جيڪڏهن
ڪا به نئين طرز آهي ۽ ان تي ڪافي ٻُڌڻِي آهي ته
اها طرز جهونگار ۾ هجي ۽ ڌيان ڪافي لکڻ ڏي رهي ته
لفظ سر مان ٻڏي نڪرندا. تڪون ٺهنديون وينديون ۽
مصرعون تيار ٿي نيٺ وڃي ڪافيءَ جي صورت وٺنديون.
قدرتي طرح ان ڪافيءَ ۾ اهڙا ۽ اهڙيءَ طرح لفظ اچي
ويندا، جو اها ڪافي ڳائي ويندي ته ٻڌندڙن تي هڪ
خاص اثر ٿيندو. ان ڪافيءَ ۾ اهڙا لفظ اچي ويندا،
جن جا اُچار به موسيقيءَ جي اصول موجب صحيح
بيهندا، جئن ڳائڻي کي انهن لفظن جي اُچارڻ ۾ ڪا به
هَٻَڪَ ۽ تڪليف ڪانه ٿيندي، سر مان، ڪافيءَ ۾ جيڪي
لفظ اچن ٿا، انهن جو مثال انهيءَ نِيَڇُ (ڪاتي،
ڇُري، چاقو وغيره) وانگر آهي، جنهن کي لُهيار پاڻي
ڏيندو آهي، ۽ هُو وَهڻ ۾ نهايت تيز ٿيندو آهي، جن
نيڇن کي پاڻي ڪونه ڏنو ويندو آهي، اهي سُٺا نه
وَهندا آهن، ۽ آخر مُڏا ٿي ويندا آهن.
ڪافيءَ جو مضمون:
1- ڪافي، اسان جي ديسي شاعريءَ جي اعليٰ صنف آهي،
هن ۾ اهي مضمون، اهي احوال، اهي بيان ۽ ذڪر اچڻ
گهرجن، جيڪي اسان جي رسمن ۽ رواجن ۾ آهن. پوءِ
سُرُ کڻي سسئي پنهون هجي يا سهڻي ميهار، ليلا
چنيسر هجي يا مومل راڻو يا عمر مارئي وغيره. ڪٿي
انهن محبتين جا حال بيان ٿيندا ۽ ڪٿي انهن جي نالن
۾ پنهنجون حقيقتون ۽ حالتون اينديون. ڪٿي مُڙساڻي
زبان ڪم ايندي ته ڪٿي عورتاڻي. مڙساڻي زبان ۾
مضمون جو ڍنگ، طلبون، صدائون ۽ التجائون پنهنجي
نموني جون هئڻ گهرجن، ۽ عورتاڻي زبان ۾ مضمون جو
رنگ پنهنجي نموني جو هجي. جيڪڏهن ٿوروئي انهن رنگن
۽ ڍنگن ۾ فرق اچي ويو ته ڪافيءَ جي ستياناس ٿي
ويندي.
2- ڪافيءَ ۾ اهڙا حال ۽ اهڙا اهڙا واقعا بيان ڪرڻ
گهرجن، جيڪي اول ته پاڻ تي گذريا هجن، پر جي نه،
ته به اهي حالتون ۽ حقيقتون آڻڻ کپن، جيڪي اسان جي
ديس ۾ ٿينديون رهن ٿيون ۽ ٿينديون رهيون آهن.
3- ڪافيءَ ۾ لفظ ۽ مثال وغيره اهي ڪم آڻڻ گهرجن،
جيڪي روز روز ڪم اچن ٿا. ڇو ته ان طرح جو واقعو،
هر بيان ۽ هرڪو حال ۽ حقيقت جلد ۽ آسانيءَ سان
سمجهڻ ۾ ايندا.
4- ڪافيءَ ۾ حمد، نعت ۽ مدح وغيره به اهڙي ته
نموني ۾ لکڻ گهرجي، جو اڻپڙهيل به سمجهي ته هيءَ
الله جي ثنا آهي، محمّد صلي الله عليه وسلم جي
تعريف آهي ۽ ٻين الله وارن بزرگن جا احوال آهن. نه
فقط ايترو پر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ مطلب ڇا آهي،
اهو به سمجهڻ ۾ اچي.
5- ڪافيءَ ۾ جتي به ڪا قرآن شريف جي آيت، ڪا حديث
يا ڪو عربيءَ جو قول استعمال ڪجي ٿو ته فقط اُن
مان ٻه – ٽي لفظ اشاري طور ڪم آڻجن ٿا. پڙهيل ته
آيت، حديث ۽ قول کي سمجهي وڃن ٿا، پر اڻپڙهيل نٿا
سمجهن. پر ان عربيءَ جي انهن لفظن جو مطلب به
انهيءَ ئي مصرع ۾ اهڙيءَ طرح ته سهڻي ۽ آسان مضمون
۾ ظاهر ڪري وڃڻ گهرجي، جو ٿوري ئي غور ڪرڻ سان
سڀڪو ٻڌندڙ سمجهي سگهي.
6- ڪافيءَ ۾ به وصل، مِٺِي ڏيڻ ۽ ڀاڪر پائڻ وغيره
جا مضمون ايندا آهن. مگر ايڏي ته پاڪ ۽ صاف سهڻي
نموني ۾، جو اهي ڪافيون هر هنڌ بنان حجاب جي ڳائي
۽ ٻڌائي سگهجن ٿيون. مِٺي ڏيڻ جو مقصد گهڻو ڪري
فارسيءَ جي لفظن ۾ دست بوسي ۽ پاي بوسي هوندو آهي.
اهڙيءَ ئي طرح ٻيا خيال به ادب، پاڪائيءَ ۽ حجت نه
هلائڻ جي ئي مطلب ۾ ادا ٿيندا آهن. البت اڄڪلهه جو
نون ڪافي لکندڙ شاعرن اهي حدون ڀڃڻ شروع ڪيون آهن،
مگر ائين هرگز نه ڪرڻ گهرجي. ان مان شاعر جي تهذيب
۽ اخلاق توڙي نيڪ نيتيءَ جو به پتو پوي ٿو. ڪافيءَ
مان تهذيب، اخلاق، بي حجتي ۽ نيڪ نيتي نڪري ويئي
ته اها ڪافي نه محفل ۾ ڳائڻ جي لائق رهندي ۽ نه
ڇاپڻ جي.
7. ڪافيءَ جو مضمون ٿَل کان وٺي نالي واري مصرع
تائين اهڙيءَ طرح ته ڪڙي ڪڙيءَ سان ملايل هجي جو
غزل وانگر وچ ۾ ڪو به ٻيو خيال ۽ ٻيو احوال نه اچڻ
کپي. نه ته مضمون جو سلسلو ٽٽي پوندو ۽ ڪافيءَ ٻڌڻ
مان اهو لطف حاصل ڪري نه سگهبو.
ڪي ڪي شاعر سڳورا مارئيءَ جو ذڪر ڪندي ٻٻرن ۽ ٻيلن
جا لفظ استعمال ڪري ويندا آهن، ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙو
بيان ڪندي ان ۾ ٻيو به آڻي وجهندا آهن؛ اها عظيم
غلطي آهي.
ڪافيءَ جي زبان:
ڪافيءَ ۾ اهڙي زبان ڪم آڻڻ گهرجي، جيڪا پڙهيل،
اڻپڙهيل، ننڍو، وڏو، پوڙهو ۽ پڪو توڙي عورت به
ڳالهائيندي هجي؛ ڇو ته ڪافي آهي وارداتن، واقعن،
سرگذشتن ۽ حقيقتن جي آرسي. بيان ۽ احوال اهڙي ته
ڍنگ سان آڻڻ کپن، جو ٻڌندڙ هي محسوس ڪن ته سندن
ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ساڻن ئي اهي حالتون لاڳون
آهن. پر افسوس آهي جو پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان
پوءِ تمام گهڻو ۽ تڪڙو ڌاريان لفظ، ڌاريان محاورا،
ڌاريان خيال ۽ ڌاريان مثال ۽ مضمون، ڪافيءَ جي پاڪ
۽ صاف زمين ۾ ٽنبيا وڃن ٿا ۽ ڪافيءَ جي مضمونن کي
ميرو ۽ گدلو ڪيو پيو وڃي. وڏي ڏک جي ڳالهه ته وري
هيءَ آهي، جو انهيءَ قسم جون ڪافيون ريڊيو پاڪستان
به نشر ڪري رهيو آهي، ۽ عام ماڻهو ان ڪلام کي سَند
ڪري وٺي رهيا آهن.
اڄ به جيڪڏهن هيٺ لکيل ٻه – ٽي سِٽون ڪنهن محفل ۾
کڻي پڙهبيون ته في الحال گهڻا ٻڌندڙ ته هَڪا ٻَڪا
ٿي ويندا ۽ لغت ياد ڪرڻ لڳندا.
”اها پَڻِي جنهن ڀون جي هئي، تنهن تي وڃي هن تڪيو
ڪيو، تون گريي ۽ بُڪاءِ سان پاڻ نه کاڻِ، آواٽَ ۽
اوايومَ ٿي، نه ته ڀڻو مارڳ کان پري پيو رمندين.“
هن زماني ۾ شهري ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهيندي، تقرير
ڪندي يا شعر لکندي ٻين ٻولين جا لفظ وغيره عام جام
پيا استعمال ڪندا آهن، جن جي ضرورت ئي ڪانه هوندي
آهي. انهن صاحبن جي انهيءَ عمل جو مطلب هوندو آهي
پنهنجي علميت ڏيکارڻ. پر حقيقت ۾ اهائي ته بيعلمي
آهي:
اسان جي زبان اڄ کان سوين سال اڳ به اهڙي ئي فصيح،
مٺڙي ۽ من موهيندڙ هئي، جهڙي اڄڪلهه ٿا ڀانيون.
پوءِ ڇو نه اُهائي زبان ڳالهايون ۽ لکون؟ هي جو
چيو يا سمجهيو وڃي ٿو ته اسان جي شاهه ڀٽائيءَ
اسان جي زبان کي سڌاريو ۽ سينگاريو، اهو صرف خيال
آهي. شاهه کان اڳ جي شاعرن جي زبان به ته ڏسو! مگر
هيترو ضرور آهي ته شاهه صاحب به پنهنجي ڪلام سان
سنڌي ٻوليءَ کي اجاري ڇڏيو آهي. سون اڳ ۾ ئي هئي ۽
مٿان مِينُ هن سُوري چاڙهي، هميشه لاءِ جيئرو ڪري
ڇڏيس. نه فقط ايترو پر سڄي دنيا ۾ اسان جي سنڌي
ٻوليءَ جو ڪَر مٿي ڪري ڇڏيائين. هن کان پوءِ هڪ –
ٻه مثال، شاهه کان اڳ واري ٻوليءَ جا ڏئي، ٻئي
موضوع ڏي لڙنداسون. |