اڪثر چيو ويندو آهي ته شاعريءَ ۾ ”مقصد“ هجي ۽
شاعري زندگيءَ جي مسئلن سان وابسته هجي. بيشڪ، ڪو
به بي مقصد ۽ بي معنيٰ نظم شعر ٿي نٿو سگهي. صحيح
معنيٰ ۾ شعر اهو آهي جو حيات انساني جي تجربات،
جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪري، پر جي شروع کان
ئي مقصد اهو آهي ته عمداً ۽ ارادتاً ڪنهن خاص
نظريي کي ئي پيش ڪيو وڃي، ته ان کي بهتر ۽ موثر
نموني ۾ ”نثر“ ۾ ئي پيش ڪري سگهجي ٿو. باوجود
انهيءَ جي ”نظم“ کي مختلف مقصدن خاطر استعمال ڪيو
ويو آهي ۽ اهڙا تجربا هر زبان جي نظم جي تاريخ جو
هڪ باب آهن. نظم ۾ طب يا گرامر جا قاعدا مرتب ڪرڻ،
نظم ۾ تاريخ يا جاگرافي لکڻ، ۽ نظم ۾ اقتصادي ۽
سماجي يا سياسي نظريا پيش ڪرڻ بيشڪ هڪ ذهني مشق
آهي، جا بلڪل بيفائدي ڪانهي، پر اهڙي منظوم ڪاوش
کي ”شاعري“ چوڻ بي معنيٰ ٿيندي.
]”سڀ
رنگ“- مؤلف – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.[
مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
ڊاڪٽر اسدالله ”بيخود“ حسيني
شاعري
شاعري ڇا آهي، ڇو ٿي ڪئي وڃي، شاعريءَ مان فائدو
ڪهڙو ۽ نقصان ڪهڙو، شاعر ڪير آهي، ڪهڙين مجبورين
ڪري قلم کڻيو، ڪاڳر ٿو ڪارا ڪري، ايترو وقت ڪيئن
ٿو بچائي، جو دنيائي ڌنڌن کان دل ۽ دماغ کي واندو
ڪري، وهيو ٿو پنهنجا پرايا پِٽڻا پِٽي. سندس وجود
سڳورو ٻيءَ خلق لاءِ چڱو آهي يا مَٺو – اهي سڀ
سوال سمجهائڻ به سولا، نه سمجهائڻ به سولا.
چون ٿا ته ”شاعر جزويست از پيغمبري.“ شاعرن وٽ غيب
جي خزانن جون ڪنجيون آهن، شاعر ڌڻيءَ سڳوري جا
کٿابي آهن، يا وري شاعر گمراهن جا پوئلڳ آهن. جيڪي
به ڪجهه آهن، پر آهن سموري جهان کان الڳ جنس! يا
ته ڪنڀار وانگي، مٽيءَ جي مُٺ کي ڳوهيو سوهيو،
سٽيو ڪٽيو، چڪ تي چاڙهيو، ٺهيو ٺاهيو، برهه جون
باهيون ڏيو، ڪي ڪارا ڪي ڪمرا، ڪي سادا ڪي چٽڪمرا
ته ڪي سچا ۽ سالم ته ڪي ڪَچا پڪا، ڪنن ڪِريل ڪڍيو
ٻاهر ڪري ۽ ملڪ ۾ ورهائي، پر پاڻ اهو جو گهر ۾
دانگي به سڄي نه – مطلب ته هر هنرمند ۽ ڪاريگر سان
سندس ڀيٽ ۽ مقابلي ڪرڻ کان پوءِ به انهيءَ نتيجي
تي پهچبو ته هي همراهه ڪا شئي ئي ٻي آهي:
بسيار خوبان ديده ام، اما تو چيز ديگري.
ائين چئجي ته شعر اِنسان جي جذبات ۽ احساسات سان
واسطو رکي ٿو. شعر، فڪر جي عميق گهرائين جو حامل،
واردات قلبي جو مظهر، عشق ۽ الفت، پريم ۽ پياس،
سوز ۽ گداز، سڪ ۽ ڇڪ ۽ هڪ جو حسين ۽ ظاهري لباس؛
دل جي آهُن ۽ دانهن جو ماثر ذريعو؛ قدرت جي دلفريب
۽ دلڪش مناظر جو عڪس، ڪائنات جي همہ گير ۽ عالمگير
وسعتن کي پاڻ جذب ڪرڻ وارو؛ حسن جي رشڪ آفتاب، نور
۽ ضيا، ناز ۽ ادا، جور ۽ جفا، دلبري ۽ دلدهي،
دلفريبي ۽ دلربائي، ڪروي ۽ ڪج ادائي جي تصوير آهي.
شاعر گويا درد ۽ اَلم جو پيڪر آهي، ڪيف ۽ سرور جو
مجسمو آهي. هر موچاري شئي جو عڪس سندس دل جي
آرسيءَ تي منعڪس ٿئي ٿو. بلبل جو نغمو، ڪوئل جي
ڪُوڪُو، چيهن جي چهه چهه، گل جو ٽڙڻ، باغن جي
بهاري، جهڙ ڦڙ جي فرحت ۽ لطافت، بهار جي مند جي
پُرڪيف ڪشش، سج جو تاب، چنڊ جي ٿڌي روشني، تارن جي
جڳمڳ، سرو ۽ سمن جو دلبري شان، نرگس جي نيمخواب
اک، صبا جون مٺيون مٺيون هيرون – مطلب ته جڏهن به
فطرت جي سونهن، شاعرجي دل بينا تي پنهنجي هوشربا
جمال ۽ رعنائيءَ سان جلوه افروز ٿي ٿئي، تڏهن شاعر
انهن فطرت جي نيرنگين ۾ فنا ٿي وڃي ٿو ۽ سندس هر
فڪر فطرت سان هم آهمنگ ٿئي ٿو.
علمي حيثيت سان مٿين خوبين واري سڳوري کي ئي شاعر
سڏي سگهجي ٿو. سندس شعر انسان جي مئل دل کي جياري
ٿو. سندس شعر همت ۽ مردانگيءَ جو سبق آهي. اخلاق ۽
نيڪ نيتيءَ جو باب آهي. عشق ۽ الفت، سڪ ۽ ڇڪ، سوز
۽ گداز، سچائيءَ ۽ سٺائيءَ جو داستان آهي. سندس
شعر ٻڌڻ سان سمجهبو ته فقط اسان لاءِ چيو ويو آهي
۽ دل آه ۽ واه ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي. ڪي
ڏينهن سندس ڪلام جي سرمستي من ۾ موجود هوندي. سندس
ڪلام جي سؤ دفعا پڙهبو ته به نئون پيو لڳندو.
اهڙي شاعر کان سواءِ ٻيا پراڻي لڪير جا فقير، جن
ڪڏهن نه پاڻ بچايو نه سور سَٺا، نه جانيءَ جو جور
و جفا ڏٺو نه هن وره ۽ وفا جا پنڌ ۽ پيچرا پيرن
هيٺان ڪيا، نه انسان سان همدردي نه فطرت سان سندن
واسطو. باقي جو ڪجهه اڳي چيو ويو آهي، تنهن کي
طوطي وانگر بار بار پڙهي ۽ ٻه-ٽي لفظ هيڏانهن
هوڏانهن ڪري، ساڳين خيالن کي پنهنجي ناموزون ۽ درد
کان خالي لفظن ۾ گهڙي پڙهي ٿو، ۽ جيڏيءَ مهل شعر
پڙهي ٿو ته ڦڪي ٿيڻ جي بجاءِ ماڻهن جي ٺٺول تي خوش
ٿئي ٿو. واه واه ۽ مڪرّر مڪرّر ٻڌي بهار بهار ٿئي
ٿو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام ٻڌندڙن لاءِ مٿي جو سور ۽
لاڪس گهٽتائيءَ جو سبب آهي. سندس ديوان ڪتبخانن جي
سينگار جي بدران پسارين جي پُڙين جي ڪم ٿو اچي ۽
سندس نقالي ٿوري ئي عرصي ۾ کُليو پوي – اها شاعري
نه آهي، پر وقت جو سيڙاپو آهي.
[اقتباس از: مقدمه ”ڇپر ۾ ڇڙهيون“.[
ٽي. ايس. ايليٽ
مترجم: محمد ابراهيم جويو
شاعريءَ جو سماجي ڪارج
جيڪڏهن اسان کي شاعريءَ جو لازمي سماجي ڪارج ڳولڻو
آهي، ته پهريائين ته اسان کي ان جي انهن ظاهر ظهور
ڪارجن ڏانهن – بشرطيڪ ان کي ڪي ڪارج پوراڪرڻا آهن
– ڏسڻ گهرجي، جيڪي ان کي واقعي پورا ڪرڻا آهن.
انهن منجهان پهريون، منهنجي خيال ۾، جنهن بابت
اسان کي خاطري ٿي سگهي ٿي، سو هيءُ آهي ته شاعريءَ
کي لطف يا ورونهن ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهين پڇندا
ته ڪهڙي قسم جو لطف يا ورونهن؟ ته آءٌ چوندس اهڙي
قسم جو، جيڪو شاعري ڏيندي آهي! ڇو ته ان کان وڌيڪ
صاف ۽ مفصل ٻيو ڪو به جواب اسان کي جماليات جي
وسيع ۽ ڏورانهين دائري ۾ ۽ فن جي اصلي ماهيت جي
سوال ڏانهن کڻي ويندو.
آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڳالهه پڻ مڃي ويندي ته هر
سٺي شاعر کي، پوءِ هو ڪو وڏو شاعر هجي يا نه، لطف
سان گڏ پنهنجن پڙهندڙن کي ٻيو ڪجهه به ڏيڻو آهي؛
ڇو ته جي هو خالي ۽ محض لطف ڏيندو، ته اهو لطف
بذات خود به ڪنهن ڪمال درجي جو نٿو ٿي سگهي. اهڙن
خاص مقصدن کان علاوه، جن جا مثال آءٌ شاعريءَ جي
مختلف نمونن جي بحث ۾ اڳيئي ڄاڻائي چڪو آهيان،
شاعريءَ ۾ هميشه ڪنهن نئين تجربي جي ورکا ٿئي ٿي،
يا ڪو مانوس يا ڄاتل تجربو نئين ادراڪ يا نئينءَ
ڄاڻ سان پيش ٿئي ٿو؛ يا وري ان ۾ ڪنهن اهڙيءَ شئي
جو اظهار ٿئي ٿو، جنهن جي اسان کي ڄاڻ ته آهي پر
ان جي بيان ڪرڻ لاءِ اسان وٽ لفظ نه آهن، ۽ اهو
اظهار اسان جي ڄاڻ کي وڌائي ٿو ۽ اُن کي سڌاري ۽
سنواري ٿو: ليڪن، منهنجي هن مضمون جوتعلق نه ته
شاعريءَ جي هن انفرادي فائدي سان آهي، ۽ نه وري
ڪنهن انفرادي لطف ۽ ورونهن جي نوعيت سان. آءٌ
سمجهان ٿو ته اسين سڀ اُن ورونهن ۽ اُن لطف مان
واقف آهيون، جيڪو اسان کي شاعريءَ مان ملي ٿو؛
تنهن سان گڏ، ۽ اُن کان اڳتي وڌي ڪري، اسين اُن
فرق کي به محسوس ڪريون ٿا، جو شاعري اسان جي خود
زندگيءَ ۾ پيدا ڪري ٿي: انهن ٻن اثرن پيدا ڪرڻ کان
سواٰءِ، شاعري شاعري نه آهي. هيءُ سڀڪجهه قبوليندي
به، عين ممڪن آهي ته شاعري اسان کي اسان جي
اجتماعي حيثيت ۾ - يعني سڄي سماج کي – جو ڪجهه ڏئي
ٿي، تنهن کي نظرانداز ڪري ويهون؛ ۽ جڏهن آءٌ اها
ڳالهه چوان ٿو، تڏهن ان جو سارو وسيع مفهوم منهنجي
خيال ۾ آهي، ڇو ته مان سمجهان ٿو ته هيءَ هڪ اهم
چيز آهي ته هر قوم کي پنهنجي شاعري هئڻ گهرجي – نه
رڳو انهن ماڻهن واسطي، جيڪي شاعريءَ مان لطف حاصل
ڪن ٿا (اهڙا ماڻهو ته هر وقت ڌاريون ٻوليون به سکي
سگهن ٿا، ۽ انهن جي شاعريءَ مان لطف به حاصل ڪري
سگهن ٿا) – پر ان ڪري، جو اها ڳالهه سڄي سماج لاءِ
وڏي فرق ۽ امتياز جو باعث آهي: يعني انهن ماڻهن ۾
آءٌ اهي ماڻهو به شامل ڪريان ٿو، جن کي پنهنجي
قومي شاعرن جا رڳو نالا به ياد نه هجن. هن مضمون
جو بس اهوئي اصل موضوع آهي.
اسين ڏسون ٿا ته شاعري هن لحاظ کان ٻين هنرن کان
هڪ نرالو هنر آهي ته ان جي قدر ۽ قيمت، جيڪا شاعر
جي پنهنجي قوم ۽ زبان لاءِ ٿئي ٿي، اُها ڪنهن ٻيءَ
زبان يا قوم لاءِ نٿي ٿئي. اهو سچ آهي ته موسيقي ۽
مصوري پڻ پنهنجيءَ جاءِ تي مقامي ۽ قومي يا نسلي
خصوصيتون رکن ٿيون، ليڪن انهن هنرن جي تور – تڪ
ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ پرجهڻ جون مشڪلاتون هڪ ڌارئين
شخص لاءِ گهڻيون گهٽ آهن. اهو به سچ آهي ته نثري
لکڻين کي به پنهنجيءَ زبان ۾ مخصوص اهميت آهي، جا
ترجمي ۾ ختم ٿي وڃي ٿي؛ پر اهو اسان سڀني محسوس
ڪيو هوندو ته ترجمي ٿيل ناول يا قصي کان زياده
اسين ترجمي ٿيل نظم ۾ گهڻي ڪجهه کان محروم ٿيون
ٿا، ۽ ڪنهن سائنسي تصنيف جي ترجمي ۾ ته شايد ڪنهن
شئي جي ڪمي ئي محسوس ڪانه ٿي ٿئي. نظم ۾ نثر کان
زياده مقامي رنگ ۽ خصوصيت موجود رهي ٿي، اها ڳالهه
يورپي زبان جي تاريخ جي مطالعي مان آسانيءَ سان
معلوم ڪري سگهجي ٿي. وچئين دؤر کان وٺي چند صديون
اڳ تائين يورپ ۾ لاطيني زبان ئي فلسفي، دينيات ۽
سائنس جي زبان هئي، تان جو مختلف قومن ۾ پنهنجي
زبان کي تحريري ۽ ادبي طور استعمال ڪرڻ جي تحريڪ
پهريائين شاعريءَ سان ئي شروع ٿي. ۽ اها ڳالهه عين
فطري پڻ هئي، ڇاڪاڻ ته اسين ڏسون ٿا ته شاعريءَ جو
واسطو بنيادي طور احساس ۽ امنگ جي اظهار سان آهي،
۽ احساس ۽ امنگ مخصوص ٿئي ٿو؛ ۽ خيال ان جي برعڪس
هڪ عام شئي آهي. ڌارينءَ زبان ۾ سوچڻ سؤلو آهي،
محسوس ڪرڻ ڏکيو آهي. تنهنڪري ڪو به فن ايترو مڪمل
طور قومي نه آهي، جيترو شاعري. ڪنهن به قوم جي
زبان ان کان کسي وڃي، ان کي سختيءَ سان دٻايو وڃي،
۽ ٻي ڌارين زبان اسڪولن ۾ زبردستيءَ رائج ڪئي وڃي،
پر جيستائين ان فن جي ماڻهن کي ”ڌارين زبان ۾
محسوس ڪرڻ“ نه سيکاريو ويو آهي، تيستائين اصلوڪي
زبان ختم ٿي نه سگهندي: اها شاعريءَ جي وسيلي، جا
احساس جي اظهار ڪرڻ جو وسيلو آهي، وري هوش ۾ ايندي
۽ نروار ٿيندي.
”ڌارينءَ زبان ۾ محسوس ڪرڻ“ جي جيڪا هينئر مون
ڳالهه ڪئي آهي، تنهن مان منهنجي مراد ”ڌارينءَ
زبان ۾ احساس جي اظهار ڪرڻ“ کان ڪجهه مٿڀري آهي.
ڌارينءَ زبان ۾ ظاهر ڪيل ’خيال‘ بلڪل ممڪن آهي ته
اهو ساڳيو خيال هجي، جو دراصل ذهن ۾ موجود هو، پر
جيستائين ’احساس ۽ امنگ‘ جو تعلق آهي، ته اهو
ڌارينءَ زبان ۾ ڪڏهن به اهو ساڳيو رهي نٿو سگهي،
جنهن جو اظهار مطلوب هو. گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌارينءَ
زبان جي چڱيءَ طرح سکي سگهڻ جو هڪ سبب هيءُ آهي،
جو اسين هڪ قسم جي ثانوي شخصيت حاصل ڪريون ٿا: ۽
پنهنجيءَ زبان کان علاوه ٻيءَ ڪنهن زبان جي نه سکڻ
جو هڪ سبب هيءُ به رهي ٿو ته ماڻهو جو ڪجهه آهي،
تنهن کان سردست مختلف ٿيڻ هو نٿو گهري. مطلب ته هڪ
اعليٰ زبان کي تيستائين ختم نٿو ڪري سگهجي،
جيستائين ان زبان جي ڳالهائيندڙن کي ختم نه ڪيو
ويو آهي. جڏهن هڪ زبان جي ٻيءَ زبان جاءِ والاري
ٿي، ته ان جوسبب هيءُ آهي ته ان ۾ ڪي بهتر ۽ قبولڻ
لائق صلاحيتون آهن؛ ۽ اها زبان دٻجي ۽ مٽجي ويل
زبان کان نه رڳو سوچڻ لاءِ، پر احساس ۽ اُمنگ جي
دائري ۾ پڻ نه رڳو مختلف پر گهڻو بهتر آهي: تنهن
جي معنيٰ ته امنگ ۽ احساس، قوم جي عام زبان ۾ ئي
بهترين حد تائين ظاهر ٿي سگهن ٿا، هتي ’قوم جي عام
زبان‘ مان مراد اها زبان آهي، جا قوم جي سمورن
طبقن – غريبن توڙي شاهوڪارن، شهرين توڙي ڳوٺاڻن –
جي زبان هجي. زبان جي بيهڪ، ترنم، آواز، ان جا
اصطلاح، ورجيسون ۽ پهاڪا – اُهي سڀ ان جي
ڳالهائيندڙن جي شخصيت جو اظهار ۽ ترجماني ڪن ٿا.
جڏهن آءٌ چوان ٿو ته نثر جي بجاءِ نظم احساس ۽
امنگ جي اظهار سان واسطو رکي ٿو، تڏهن منهنجو مطلب
اهو نه آهي ته شاعريءَ ۾ ذهني مواد يا مفهوم جي
ضرورت نه آهي، يا هيءُ ته عظيم شاعري معنيٰ جي
لحاظ کان گهٽ درجي واريءَ شاعريءَ کان گهٽ مائيدار
هوندي آهي؛ پر ڳالهه جي پهلوءَ کي زياده ڇيڙڻ سان
آءٌ پنهنجي فوري مقصد کان پري هٽي ويندس، تنهنڪري
مان، هيءَ ڳالهه هتي تسليم شده سمجهي، اڳتي وڌندس
ته ماڻهو پنهنجي عميق ترين احساس ۽ امنگ جو شعوري
۽ ڀرپور اظهار صرف پنهنجيءَ زبان جي شاعريءَ ۾ ئي
ڀائيندا آهن، ۽ ٻئي ڪنهن به فن يا ٻيءَ ڪنهن به
ڌارينءَ ٻوليءَ جي شاعرِيءَ ۾ اها شئي کين نه ملي
سگهندي. ان جو اهو مطلب به نه آهي ته سچي پچي
شاعري رڳو انهن احساسن۽ امنگن جي اظهار تائين
محدود آهي، جن کي ان ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن مان
هرڪو شخص سڃاڻي ۽ سمجهي سگهي ٿو. شاعريءَ کي رڳو
مقبول عام شاعريءَ تائين اسان کي محدود سمجهڻ نه
گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ ايترو چوڻ ڪافي آهي ته هم
آهنگ قوم جي زياده پڙهيل لکيل ۽ روشن خيال ماڻهن ۽
عام سڌن سادن ۽ ناپخته ماڻهن جي احساسن ۾ هڪڙي
اهڙي ڳالهه ضرور مشترڪ آهي، جا سندن ۽ ٻيءَ ٻوليءَ
جي ساڳئي درجي وارن ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ هرگز
موجود نه آهي: ۽ جڏهن ڪنهن قوم جو تمدن صحتمند ۽
اڀرندڙ آهي، ته سندس عظيم شاعر وٽ پنهنجن سڀني
همزبان ۽ هموطن ڀائرن کي پيش ڪرڻ لاءِ، سندن الڳ
الڳ تعليمي سطح جي لحاظ بنان، ڪجهه نه ڪجهه ضرور
هوندو آهي.
اسين هتي چئي سگهون ٿا ته شاعر جو، هڪ شاعر جي
حيثيت ۾، پنهنجيءَ قوم ڏانهن فرض اڻسڌيءَ طرح ئي
آهي. هن جو سڌيءَ طرح فرض پنهنجي زبان ڏانهن آهي –
يعني پهريائين ان جي حفاظت ڪرڻ، پوءِ ان کي وڌائڻ
۽ سڌارڻ. جو ڪجهه ٻيا ماڻهو محسوس ڪري رهيا آهن،
تنهن کي ظاهر ڪري، شاعر انهن جي احساس کي باشعور
بنائي ٿو، ۽ ائين خود ان احساس کي بدلائي ٿو. هو
ماڻهن کي، جيڪي ڪجهه هو اڳيئي محسوس ڪري رهيا آهن،
تنهن بابت وڌيڪ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو، ۽ ائين هو کين
سندن ذات متعلق باخبر بنائي ٿو. پر هو ٻين کان رڳو
زياده باشعور نه آهي، پر انفرادي طور ٻين کان، خود
ٻين شاعرن کان به، مختلف پڻ آهي؛ ۽ شعوري طور
پڙهندڙن کي انهن احساسن کان به روشناس ڪري سگهي
ٿو، جن جو ان کان اڳ هنن کي تجربو نه ٿيو آهي. اهو
آهي اصل فرق، هڪ حقيقي شاعر ۽ هڪ خبطي ۽ ڇڙواڳ
شاعر ۾. هڪ خبطي شاعر وٽ به اهڙا احساس ٿي سگهن
ٿا، جي بنهه ذاتي هجن. پر جن ۾ ڪو ٻيو شريڪ نٿو ٿي
سگهي، ۽ ان ڪري اهي بيڪار آهن؛ پر هڪ حقيقي شاعر
ادراڪ ۽ احساس جون نيون شڪليون تلاش ڪري ٿو، جن ۾
ٻيا به شريڪ ٿي سگهن ٿا. ۽ اهڙيءَ ريت، احساس ۽
امنگ جي انهن نين صورتن کي اظهار بخشي، هو ان زبان
کي وڌائي ۽ مالامال ڪري ٿو، جا هو پاڻ ڳالهائي ٿو.
آءٌ هڪ قوم ۽ ٻيءَ قوم جي احساس ۽ اُن غير محسوس
فرق بابت ڪافي ڪجهه چئي چڪو آهيان؛ اهو فرق سندن
مختلف زبانن ڪري آهي، ۽ اُهي زبانون ئي اُن فرق کي
تيئن وڌائين ٿيون. پر قومون مختلف تجربن سان، نه
فقط مختلف جاين تي پر مختلف دؤرن ۾ پڻ دوچار ٿين
ٿيون. درحقيقت اسان جو شعور ۽ احساس اڄ نه فقط اهو
ساڳيو نه آهي، پر چيناين يا يونانين جو آهي، پر
اهو ساڳيو به نه آهي، جو ڪئين سؤ سال اڳ خود
اسانجن وڏن جو هو؛ اسان جو شعور ۽ احساس هينئر اهو
به ساڳيو نه آهي، جو اسان جي پنهنجي والدين جو هو،
۽ خود اسين پاڻ ۾ جيئن هڪ سال اڳ هئاسين، هينئر
ائين نه آهيون. اهو ته ظاهر آهي: پر جا ڳالهه اهڙي
ظاهر نه آهي، سا هيءَ، ته بس اِهو ئي سبب آهي جو
اسين ڪڏهن به شعر لکڻ بند ڪري نٿا سگهون. اڪثر
پڙهيل ماڻهو پنهنجيءَ زبان جي وڏن اديبن ۽ مصنفن
لاءِ فخر محسوس ڪندا آهن، توڙي جو هنن انهن کي
ڪڏهن پڙهيو به نه هوندو آهي؛ بلڪل ائين، جيئن هو
پنهنجي ملڪ جي ٻين ڪن اهڙي قسم جي نرالين خصوصيتن
بابت فخر محسوس ڪندا آهن: ڪي اديب ۽ مصنف ته ايڏا
مقبول ٿي ويندا آهن، جو سياسي تقريربازين ۾ هنن جا
حوالا ڏنا ويندا آهن. پر اڪثر ماڻهو اهو نٿا محسوس
ڪن ته اهو ڪافي نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مستقل
طور نوان نوان وڏا اديب ۽ مصنف، خاص ڪري وڏا شاعر،
پيدا نه ڪندا رهندا ته هنن جي زبان کي زوال اچي
ويندو، هنن جي تمدن کي زوال اچي ويندو، ۽ اُهو
شايد ٻئي ڪنهن طاقتور تمدن ۾ جذب ٿي وڃي.
هڪ ڳالهه هيءَ به ته صاف آهي ته جيڪڏهن اسان وٽ
پنهنجي دؤر جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته اسين
پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان ڇڄي وينداسون:جيستائين
اسين ادب جي اوسر جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين،
تيستائين اسان جي ماضيءَ جو ادب به اسان کان جيئن
پوءِ تيئن هٽندو ۽ پري ٿيندو ويندو، تان جو اُهو
اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو – جيئن ڪنهن ٻيءَ
ڌارينءَ قوم جو ادب؛ ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي
رهي ٿي، ۽ اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسان
جي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر ۽ دٻاءَ
سبب، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ ان حالت ۾
جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي
غيرمعمولي احساس ۽ شعور کي، لفظن تي غير معمولي
قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت
رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي
اظهار جي صلاحيت،
بلڪ، سواءِ خسيس کان خسيس محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن
شئي جي محسوس
ڪرڻ جي طاقت به نيستي ۽ نابود ٿي ويندي…
[ اقتباس از ”مهراڻ“ – 4،4/1960ع ص 221 کان 225. ] |