حوالا
(1) غزل کي برو نٿو سمجهيو وڃي، بلڪ غزل ته منهنجي
پسند جي هڪ صنف آهي، ۽ موزون شاعريءَ ۾ آءٌ خود
غزل لکندڙ آهيان، پر هت مقصد آهي غزل ۾ عام طرح
سان فحش مضمون بيان ڪرڻ بابت حقيقت ڏيڻ.
(2) رسالو ”مهراڻ“، سن 1944ع.
(3) هي لفظ ”ڪفّ“ مان نڪتل آهي، تنهنڪري ”استڪف“
هئڻ گهرجي. هونئن به ”استڪفوا“ ۾ ”و“ ۽ ”ا“
ضمير غائب جمع جي نشاني آهي، تنهنڪري انجي معنيٰ
ٿيندي هنن خيرات ورتو، خيرات گهرڻ لاءِ هٿ ڊگهيريو
۽ فقيرن هٿ جي تِريءَ تي پئسا ورتا. – المنجد،
لسان العرب ابن المنظور.
(4) آخوند صاحب پنهنجي لکت جي سَند ۾ ڪتاب ”تسهيل
العربيه“ جو نالو ڏنو آهي. هي ڪتاب ”مطبع الله بخش
قاديان“ ۾ ڇپيو.
(5) ”مطلع“ – هي لفظ عربيءَ جي فعل ”اُطلَع“
منجهان نڪتل آهي. ”اُطلَع“ معنيٰ آهي اُڀرڻ جي
جاءِ، ظاهر ٿيڻ جي جاءِ. ”مطلع“ عام اصطلاح ۾ غزل،
قصيدي ۽ نظم جي پهرين ٻنهي مصرعن يا پهرين بند کي
چوندا آهن، جن ۾ قافيا ۽ رديف هجن يا فقط قافيا ئي
هجن. مثلاً:
منهنجي آهِ نارسا ۾ جي ذرو اثر هجي ها،
هو رهي ها مون سان گڏجي يا ته دربدر هجي ها.
ڪياسون ورهه وارن جا وري آباد ميخانا،
پياسن کي پياري پِرت جا پُرڪيف پيمانا.
(6) ”مَقطَع“ – عربيءَ جي فعل ”قَطَع“ منجهان نڪتل
آهي، معنيٰ آهي وڍڻ جي جاءِ ۽ ڪنهن شئي جي پوري
ٿيڻ جو هنڌ. عام اصطلاح ۾ غزل قصيدي وغيره جي آخري
شعر يا بند کي مقطع سڏيندا آهن، ڇو ته اتي اچي غزل
يا نظم ختم ٿيندو آهي. پر شرط هي آهي ته ان آخر
شعر ۾ شاعر جو نالو يا تخلص هجي. غزل جي مقطع ۾
باقاعدي نالو يا تخلص وجهڻ جو دستور خواجه فريد
الدين عطار (وفات اندازاً 627هه) قائم ڪيو.
”لٽرري هسٽري آف پرشيا“ – جلد 2. اي. جي. برائون.
(7) اسان وٽ گيت فقط اهي آهن، جن کي سنڌ جي جدا
جدا ڀاڱن ۾ ٿوري ڦير گهير سان ٻين ٻين نالن ۾ سڏيو
ٿو وڃي. مثلاً: گيت، ڳيچ، ڳاچ ۽ ڳيو، اهي گيت
عورتون ئي ٺاهينديون آهن؛ جيڪي شادين ۽ ٻين خوشين
جي موقعن تي ڳايا ويندا آهن. مثال طور ٻه گيت هيٺ
ڏجن ٿا:
وراڻي: جي مليا مارو لٿو ڀولو – جي مليا سانگي لٿو ڀولو
وٺا مينهن، لڳيون موڪون- مارن ملڻ لاءِ منهنجي دل
ماندي.
بينسر جوڙائي ڏي تون جڙيا بنرا!
مليا مارو لٿو ڀولو.
جهالر جوڙائي ڏي تون بنيا بنرا!
مليا مارو لٿو ڀولو.
وراڻي:
ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري،
ڪونج ولر واري، ماءُ پيءُ جي پياري.
بينسر ادل جي مان لاڙئون آڻيان –
ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.
دهري ادل جي مان لاڙئون آڻيان –
ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.
ٻانهين ادل جي مان لاڙئون آڻيان –
ڪاٿئون آندئي، ڙي ادل! ڪونج ولر واري.
(8) تصوف متعلق ڪيئي مختلف رايا آهن، مگر اهو ثابت
ٿي چڪو آهي ته نه اهو لفظ يوناني پيداوار آهي ۽ نه
وري خود صوفين جي قول موجب ”اهل الصفا“ مان نڪتل
آهي، پر حقيقت ۾ اهو لفظ عربيءَ جي ”صوف“ يعني
اُنَ“ مان نڪتل آهي، ۽ صوفيءَ کي ايراني زبان ۾
”پشمينه پوش“ به سڏيندا آهن. اُن جا ڪپڙا نبي ڪري
صلي الله عليه وسلم جي پيدا ڪيل سادگيءَ جو نتيجو
آهن. بعد ۾ جڏهن عيش عشرت وڌندو ويو، تڏهن انهن
بزرگن کي ”صوفي“ سڏيو ويو، جن حضور جن جي سنت جي
پيروي ڪندي سادا ڪپڙا پاتا. تصوف کي اهو علم چئجي،
جنهن ۾ صوفين جي زندگيءَ جي طريقي جي خبر چار هجي.
(9) سنڌ ۾ اهڙي قسم جا ڳائڻا چڱي انداز ۾ ملي
سگهندا، جن مان سيد قاسم علي شاهه لاڙائي ۽ عثمان
ڪڇي جا نالا خاص طور تي قابلِ ذڪر آهن.
(10) يعني اسان ميثاق جي ڏينهن ”الست بربڪم“ جو
آواز پوربي راڳ ۾ ٻُڌو، ۽ اهو واقعو اهڙيءَ طرح ته
اکين آڏو پيو ڦري، جو ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي، يا
اينهين کڻي چئجي ته اڄوڪو واقعو آهي. (هماري
موسيقي – ص 10)
]”ڪافي“ – از مخدوم زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، ص 68 – 99.[
غلام محمد ”گرامي“
ڪافي
تاريخي طور، ڪافيءَ جو وجود شاهه لطيف کان ٻه
صديون اڳ معلوم ٿئي ٿو. ان سلسلي ۾ هڪ بزرگ،
لاڏجيو برهانپوري آهي، ۽ ٻيو مير محمد فاضل بکري
آهي. بزرگ لاڏجيو جي 1007هه ۾ وفات ٿي آهي، ۽ شاهه
لطيف 1165هه ۾ وفات ڪئي. اهو بزرگ شاهه لطيف کان
ڏيڍ صدي اڳ، همايون جي سنڌ ۾ آمد وقت، پاٽ مان
لڏي، برهانپور پهتو. پاڻ سُريلو ۽ سوز وارو ماڻهو
هو. سندس ڪافيون نهايت سوز سان صاحبدل ماڻهن جي
مجلسن ۾ ٻُڌيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ ٻيو بزرگ،
مير محمد فاضل بکري، ”تاريخ معصوميءَ“ جي مصنف مير
معصوم جو ڀاءُ آهي. سندس باري ۾ ”ذخيرة الخوانين“
۾ آيل آهي ته ”شعر بزبان سندهي از قسم ڪافي بڪمال
فصاحت مي گفت و مقبوليت داشت“. جڏهين ته لطيف
ٻارهين صدي هجريءَ جو شاعر آهي، تڏهين واضح ٿيو ته
لطيف کان ٻه صديون اڳ ڪافيءَ جو وجود آهي. ان
حيثيت سان، جي اديب شاهه لطيف کي ڪافيءَ جو موجد
سڏين ٿا، تن کان سَهو ٿي آهي.
ڪافيءَ جي فني حيثيت متعلق به سنڌي اديبن جا ڪيئي
رايا قائم ٿي چڪا آهن. ”برهانپور ڪي سندهي
اولياء“ جو مؤلف ڪافيءَ کي ”سنڌ جو مقبول راڳ“
سڏي ٿو. ان طرح، ’منظور‘ نقوي ڪافيءَ کي سنگيت جي
هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ خسروءَ جي ايجاد سڏي ٿو. مسٽر
غلام حسين سومري جو خيال ”دعاي ڪاف“ ڏانهن ويو
آهي، جنهن ۾ ’ڪاف‘ (ڪ) گهڻا آهن؛ پر ’ڪاف‘ سان
ڪافي ڪيئن ٺهي، ان لاءِ دليل گهرجن. پروفيسر سدا
رنگاڻيءَ ڪافيءَ کي ’قناعت‘ جي معنيٰ ۾ ورتو آهي،
حالانڪ اُن ۾ ڪو به لُغوي ۽ فني قرينو ڪونه آهي ته
هڪ خاص شاعرانه صنف تي اهو نالو ڪيئن پيو؛ ان کي
رڳو ’قناعت‘ چوڻ صحيح نه آهي. موسوي صاحب ”ڪفہ“ –
يعني دڦَ جي ڪاٺي، جنهن ۾ گنگهرو ٻڌل هجن – ڏانهن
توجهه ڇڪايو آهي. ”اِستَڪَفُو!“ معنيٰ خيرات وٺڻ:
ان ۾ مسڪين ڪافي گو ڳائڻن جي پنڻ ڏانهن اشارو آهي،
پر فني ۽ لُغوي قرينو هت به موجود ڪونه آهي. آخوند
ربڏني ”ڪَفي“ مان ”ڪافي“ بيان ڪئي آهي. سندس چوڻ
آهي ته ساهميءَ جي ٻن پُڙن جي برابر هجڻ مان امڪان
آهي ته شعر جي ٻن مصرعن جي هموزن ۽ توري تڪي ٺاهڻ
کي ”ڪَفي“ چئي، ان مان ”ڪافي“ ورتو ويو هجي. ان
جو اشتقاق آهي ”ڪَفوا“، معنيٰ ساهميءَ جا ٻئي
پُڙا برابر – حالانڪ ٻن مصراعن مان به ڪو واضح
مطلب نٿو ادا ٿئي. غزل ۾ البت ٻه تُڪون ۽ مصراعون
چئبيون آهن، پر ڪافيءَ جي اوائلي مثالن ۾ اهڙي
پابندي ڪانه آهي. غزل جون مصراعون ته هموزن ٿين
ٿيون، ۽ فقط مطلعو هم قافيي ٿئي ٿو. پر ڪافيءَ جو
ٿلهه ته بنهه هڪ سِٽو ٿئي ٿو؛ ڪٿي ڪٿي ته مورڳو
مستزاد وانگر ڏيڍي، سَوائي، ۽ ٻيڻي مصراع به ٿئي
ٿي – خود مطلعي ۾ به، ۽ اڳتي به ان طرح، ڪافيءَ
جون مصراعون ٽن – ٽن ۽ چئن – چئن سٽن واريون، هم
قافيي به ٿين ٿيون. اتي ساهميءَ جي ٻن پڙن جو
برابر هئڻ ۽ شعر جي قافين ۾ اختلاف جو هجڻ قرين
قياس نظر نٿو اچي.
اوائلي دؤر ۾ ڪافيون نهايت ساديون چيون ويون آهن –
هڪڙي سٽ هڪ وزن ۾ ته وراڻو ٻئي وزن ۾. ان طرح،
عالمن چيو آهي ته ڪافي اها آهي، جنهن ۾ هر مصرع ۾
حرڪات ۽ سڪنات هڪجيترا ۽ هموزن هجن – حالانڪ اها
تعريف به ڪافيءَ جي تشڪيل سان وابسته نه آهي. اها
پابندي نظم ۽ غزل لاءِ آهي؛ ڪافيءَ ۾ اها پابندي
آهي ئي ڪانه. ’سرشار‘ عقيلي ”ق“- ’ قرشت’
مان اولياء ڪرام جي ’ڪافي‘ جو مطلب اخذ ڪيو آهي،
۽ ڪافيءَ کي چُر يا غفا سڏيو اٿس؛ ان جو مطلب
’ڳولا ڪرڻ‘ به ورتو اٿس. پر اهو ”قاف“ ’قرشت’
وارو، ”ڪاف“ ’ڪلمن‘ وارو ڪيئن ٿيو، ان متعلق ڪو به
فرينو نه پيش ڪيو ويو آهي. ڪافيءَ کي ’چُر‘ سڏڻ
به هڪ تاول آهي، بلافرينه. ولين جي ڪافين (يعني
مڪانن) جي نسبت سان ڳائڻ وڄائڻ ۽ شعر چوڻ جي صنف
کي ”ڪافي“ ڪڏهين ۽ ڪيئن چيو ويو، ان لاءِ ڪو به
تاريخي ثبوت نه ملي سگهيو آهي. مولانا فضل احمد
غزنويءَ ”ڪفي“ ۽ ”ڪفاية“ مان اسم فاعل بيان ڪيو
آهي، ۽ مطلب ورتو اٿس خالي جاٰءِ ڀرڻ، مراد حاصل
ڪرڻ. سنڌيءَ ۾ ”بس، هي ڪافي آهي“ جي محاوري کي
دليل ورتو اٿس. پر ”قافيءَ“ مان ”ڪافي“ ڪيئن ٿيو،
ان تصرفِ بيجا جو ڪو ثبوت نه ڏنو ويو آهي.
منهنجي ذاتي خيال ۾ آهي ته ڪافي، ”ڪافي“ راڳ جي
نسبت سان اول اول ڳائڻ ۾ آئي. اڳتي هلي، سڀني سُرن
۾ ڳائي ويئي، ۽ غلط العام صحيح موجب، هر سُر ۾
ڳايل چيز کي ”ڪافي“ سڏيو ويو. ”ڪافي“ خود عَلَمَ
آهي، ان لاءِ توجيهه ۽ تاويل جي ڪهڙي گنجائش؟ آخر
ڳائڻن کي ته اوائل ۾ علم هوندو ته ”ڪافي“ هڪ ٺاٺ
مان ورتل راڳ آهي، ۽ خسروءَ جي ايجاد آهي.
ٻيو ته راڳ جي فن تي محققن ۽ ماهرن جا عرقريزي ڪئي
آهي، ان کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ”سار امرت“
۽ ”لڪشمڻ سنگيت“ ۾ صاف صاف ٻڌايو ويو آهي ته ڪافي
هڪ ٺاٺ مان نڪتل آهي، جنهن کي پنڊت سارنگ ديو، اڄ
کان ست سؤ ورهيه اڳي، ”رتناڪر“ ۾، ”هرپيا ميل“ ٿو
سڏي. يقين آهي ته خسروءَ جهڙي طباع ۽ ذهين فنڪار،
رنگ ڄمائڻ لاءِ يا ٻين کي مڃائڻ لاءِ ”هرپيا ميل“
ٺاٺ مان هڪ سَمپُورن راڳ ايجاد ڪيو آهي، جنهن جا
سُر به سنوان سڌا لڳن ٿا، ۽ ان جي اروهيءَ ۽
امروهيءَ ۾ سَت ئي سُر به اچي وڃن ٿا. ممڪن آهي ته
اهڙيءَ چيز جو نالو رکيو هجي ”ڪافي“، يعني پُوري ۽
فن تي ڪفايت ڪندڙ.
ان جي اشاعت لاءِ اهوئي سبب آهي ته ”ڪافي“، مواد
جي حيثيت سان، صوري ۽ معنوي طور، عشقيه مواد تي
مشتمل چيز هئي. ان کي اهل الله بزرگن جي مجلسن ۾
به ڳايو ويو، جن کي هزارن نه پر لکن ماڻهن ٻڌو
هوندو؛ ٻڌڻ کان پوءِ عوام جي زبان تي آئي، ۽ هر
هنڌ پکڙجي ويئي. جئن منظور ’نقوي‘ جو پڻ خيال آهي.
هڪ پراڻي مخطوطي، ”مجمع الفيوضات“ ۾ مخدوم نوح جي
ڪلام لاءِ ”ڳايو ويو“ جا لفظ ڏنل آهن: ان جو مطلب
ٿيو ته ”سُر سان ڳايو ويو.“ ان مان ڪافيءَ جي همه
گير مقبوليت جي پڻ خبر پوي ٿي. ان طرح، خاص طرح
سان سهروردي طريقي وارن وٽ سماع ۽ چشتيه وٽ قوالي
جائز آهي: سنڌي سهروردين وٽ ڪافيءَ ۽ بيت جو ثبوت
ملي ٿو. ان طرح پنجاب تائين بلاشاهه ۽ سلطان باهو
جي ڪلام کي ڳائڻ جي حيثيت سان ”ڪافي“ ڪري ڳائڻ
ثابت آهي. منهنجي راءِ آهي ته اڳتي هلي ممڪن آهي
ته خود ”مواد“ کي ئي ”ڪافي“ چيو ويو هجي – جيئن
پنجاب ۾ بلاشاهه، شاهه حسن ۽ خواجه فريد جي ڪلام
کي ”ڪافي“ سڏيو ويو، ۽ انهن کان اڳ شاهه، سچل
وغيره سنڌي بزرگن وٽ به ”ڪافي“ موجود آهي. ان جدت
۽ بدعت اڳتي هلي اهو رنگ ورتو آهي جو ”ڪافي“ راڳ
ختم ٿي ويو آهي، ۽ هاڻي هر مواد کي ”ڪافي“ سڏيو
وڃي ٿو – پوءِ ڀلي ته ڀيروي هجي يا آسا هجي،
مانجهه هجي يا پِيلو، راڻو هجي يا ڪوهياري. اهو
رنگ هن وقت سنڌ، ملتان، بهاولپور ۽ پوري پنجاب ۾
موجود آهي.
منهنجو خيال آهي ته دکن ۽ گجرات ۽ مهاراشتر جي
مختلف صنفن کي مطالع ڪرڻ جڳائي. انهن جي مخلوط
صورتن مان ”ڪافي“ جي گهاڙ جو ڪجهه تعلق ضرور آهي.
مثلاً گربي، ماڊه، لائوڻي، سَنجهه، سوتا، ڪنڊلي
وغيره اهڙيون صنفون آهن، جن جو فني تعلق، ٻولين
سان گڏ ”والو غوث الپير“ موجود آهي، جنهن کي
”ڪافي“ ڪري لکيو ويو آهي. اهو ڪتاب مون وٽ به
موجود آهي، ۽ ان جو ذڪر حضرت طالب الموليٰ پنهنجي
ڪتاب ”ڪافي“ ۾ به ڪيو آهي.
ڪافي گو شاعر:
ان کان پوءِ اچون ٿا ڪافي گو شاعرن ٿي. جن شاعرن
ڪافيون چيون آهن، اهي سوز ۽ ساز جا صاحب هئا. ان
ڪري ئي چوڻو پوي ٿو ته ”ڪافي“ اهو چوي، جو اهل دل
هجي ۽ اهل درد هجي؛ جنهن جي دل جي دنيا محبت آفرين
واردات ۽ ڪيفيات جو آماجگاهه هجي؛ جنهن جي دل ۾
ذواقي ۽ وجداني ڪيفيتون جلوه ريز هجن. ڪافيءَ جي
زبان جو تعلق هڪ خاص سلاست آميز لهجي سان آهي.
ڪافيءَ جي زبان ۾ جزالت ۽ لطافت، لفظن جي پُوچ ۽
نرمي، انداز بيان جو ميٺاج ۽ رس ٿئي ٿو. ڪافيءَ جي
زبان قافيي دار لفظن جي فراوانيءَ، محاورن جي
نُدرت ۽ اصطلاحن جي اشاريت سان بنجي ٿي. شيرين ۽
دلنشين بندشن ۽ ترڪيبن ۾ حسن و عشق جا دقيق ۽ تصوف
جا عميق، عارفانه ۽ عاشقانه مسئلا ۽ معاملا بيان
ڪري سگهجن ٿا. ان لاءِ، ڪافي گو شاعرن کي زباندان
هئڻ گهرجي. افسوس اهو آهي ته اڄڪلهه ڪافي گو ته
هزارين آهن، پر فني لحاظ کان سندن ڪلام ۾ ڦوڳ
سمايل آهي. ڪافيءَ لاءِ ملتاني، پنجابي، سرائڪي ۽
سنڌي زبانون مناسب آهن.
ڪافيءَ متعلق اڃا هڪ اهم مسئلو آهي راڳ جو. راڳ کي
هن صنف ۾ اوليت جو شرف حاصل آهي، ڇالاڻ ته اول
ڳائجي ۽ جهونگارجي ٿو، ۽ پوءِ ڪافي لکجي ٿي. ان
ڪري جيڪو ڪافي گو شاعر راڳ ڳائي ٿو، سُرتار جو
ڄاڻو آهي، سُريلو ۽ لئيدار آهي، اهوئي ڪافيءَ کي
نباهي سگهي ٿو؛ باقي جن ۾ نه سُر آهي نه تار، نه
سوز نه ساز، انهن بي سُرن ڄَٽن جي ڪافيءَ ۾ نه
سُرور نه نُور، نه حَظ نه فن. بي سُرن جي ڪافيءَ ۾
نه فن نه صحت، نه رس نه رهاڻ، نه اثر نه جذبو، نه
حقيقت نه معنيٰ. اهڙو ڪلام آهي آلوڻو ڀَتُ!
ٻيو ته ڪافي لکڻ وقت طبيعت جي سلامتي ۽ دل ۽ دماغ
جي تازگي گهرجي؛ ڇالاءِ ته انساني جذبات ۽ وجدان
لاءِ صوتي اثرات ۽ نغمه ريز ترڪيبون ئي اثر انگيز
ثابت ٿين ٿيون، جيڪي انساني روح جي سوز ۽ ساز جي
تندن کي ڇيڙين ٿيون.
ڪافيءَ ۾ مواد ڪهڙو هجي، ۽ زبان جو انداز ڪهڙو، ان
لاءِ حضرت ’طالب الموليٰ‘ جو چوڻ درست آهي: چوي ٿو
ته ”زبان اها ڪم آڻڻ گهرجي، جيڪا پڙهيل ۽ اڻپڙهيل،
ننڍو ۽ وڏو، پوڙهو يا پڪو، توڙي عورت به
ڳالهائيندي هجي. ان ۾ بيان ۽ احوال اهڙي ڍنگ سان
آڻڻ گهرجي، جو ٻڌندڙ محسوس ڪن ته سندن ڳالهيون ٿي
رهيون آهن.“ ان طرح، اثر انگيزيءَ لاءِ ڪافي گو
شاعرن ۽ ڳائڻن کي سوچڻو آهي. اڄ نوي سيڪڙو اڻپڙهيل
ڳائڻا ٿا ڪافي ڳائين: انهن کي نه مضمون نه خبر، نه
مفهوم سان واسطو، رڳو پيا لفظن کي ڳائين ۽ وڄت تي
ڌمچر ۾ ولوڙي.
]”سوکڙي“ – سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن 63 – 1964ع.[
آواز وڏي طاقت رکي ٿو. آواز جا ٻه قسم آهن: هڪڙو
مٺو ۽ ٻيو ڪَڙو. ٻنهي آوازن جون جدا جدا خاصيتون
آهن. مِٺو آواز روح جي غذا آهي. دل ۽ دماغ کي آرام
۽ سڪون رسائي ٿو. فڪرن، ڳڻتين ۽ پريشانين کي دور
ڪري ٿو. هجر ۽ فراق ۾ تسڪين پهچائي ٿو ۽ بيمارين
کي دفع ڪري ٿو. مٺو آواز وڏي نعمت آهي ۽ عيبن تي
پردي وجهڻ جو ڪم ڪري ٿو. مٺو آواز هڪ بهترين ٽانڪ
آهي. هڪ اعليٰ درجي جي مقوي معجون آهي ۽ هڪ لاجواب
چيز آهي، جيڪو جسم سان گڏ حواس خمسه کي به صحت ۽
طاقت بخشي ٿو.
قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ اذان جو آواز هر مسلمان کي
وڻندو آهي. پوءِ عربي زبان چاهي ڪير سمجهي نه
سمجهي. پر قاري موذن جو آواز مٺو نه هوندو ته
ٻڌندڙ
لذّت ۽ ڪيفيت حاصل ڪري نه سگهندا، بلڪ دل ئي دل ۾
ڪڙي آواز کان بيحد گهٻرائيندا پوءِ اگرچ احترام جي
ڪري ماٺ ۾ هوندا.
مٺي آواز جو رڳو اهو مطلب ڪونه آهي ته آلاپڻ ۾ مٺو
هجي. پر رواجي گفتگو ڪرڻ جو ڍنگ به مِٺو هئڻ
گهرجي. هيپٽانزم جي عامل لاءِ به ضروري آهي ته
سندس آواز مٺو هجي جيئن معمول تي جلد اثر ڪري.
مٺي آواز ٻڌڻ سان شينهن گروڙ بند ڪندو آهي، ڪتو
بَهڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ پکي به ماٺ ۾ اچي ويندا آهن،
جنهن شخص جو آواز مٺو هوندو آهي، اڪثر ان جي دل ۾
پيار به هوندو آهي ۽ سندس دل نرم هوندي آهي.
- مخدوم محمدزمان ”طالب الموليٰ“
5 – موزون شاعري
1. موزون ۽ غير
موزون شاعري - مخدوم محمّد زمان ”طالب الموليٰ“
2. شاعريءَ جو فن - ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
3. شاعري ۽ سنگيت - ”ذوالفقار“ راشدي
4. نظم - شمشير الحيدري
5. غزل - غلام محمّد ”گرامي“
6. غزل جي فني حيثيت - ڊاڪٽر وزير آغا
7. رباعيءَ جي فني
حيثيت - ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
8. رباعي - اجمل بيگ مرزا
”موجوده سنڌي شاعري، جنهن جو بنياد عربي عروض تي قائم آهي، سا
رڳو تقليدي شاعري آهي، سواءِ ڪن ٿورن فطري شاعرن
جي. اڄوڪي سنڌي شاعري عموماً اردوءَ جو ترجمو آهي،
جنهن جو وڏو سبب اهو آهي ته سنڌي شاعر جي شاعرانه
زندگي اصولاً غلط شروع ٿئي ٿي. اردو شاعرن وانگر،
سنڌي شاعر شاگردي ۽ استاديءَ جو قائل نه آهي،
تنهنڪري شروعات کان وٺي هو فن شاعريءَ ۽ علم عروض
کان ناواقف هوندو آهي: ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ٿوري
گهڻي علميت جي آڌار تي رڳو ترجمن تي اڪتفا ڪندو
آهي ۽ فطرت کان مليل ڏات يعني موزونيءَ طبيعت کي
وڃائي ٿو ويهي – جنهن جو نتيجو اهو ٿو ٿئي ته اڳتي
هلي ان ۾ شاعرانه صلاحيتون پيدا ئي نٿيون ٿين، يا
سلب ٿيون وڃن. ڪنهن به شاعر ۾ جڏهن موزونيءَ طبيعت
پيدا ٿئي تڏهن ان کي ترقي ڏيئي وڌائڻ گهرجي. مگر
بنان استاد جي هو انهيءَ ڳالهه کي پروڙي نٿو سگهي،
۽ محروم رهجيو وڃي. استاد کان سواءِ ڪنهن به فن ۾
ڪماليت جون منزلون طئه ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، ۽ بنان
استاد جي، ڪلام خودبخود عيب ۽ سقم کان پاڪ ٿي وڃي،
سو ممڪن نه آهي.“
-
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
”مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ“
موزون ۽ غير موزون شاعري
موزون شاعري ڌارين آهي. ان ۾ هٿراڌو ٺاهيل ڳالهيون
آهن ۽ هنڌ هنڌ آهل ڪرڻي پوي ٿي، جي سڀ بي بقا شيون
آهن. موزون شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو بيان، ساغر و
صراحي جو ذڪر، گل گشت و لاله زار جا احوال ۽ شاهد
بازيءَ جون ڳالهيون هونديون آهن. اهي سڀ شيون
ٻاهريون آهن ۽ اهي تصور ايراني آهن. اهي تخيل
پَرايا آهن ۽ اهي مضمون ئي ڌاريان بلڪ اڌارا آهن.
هيترو ضرور آهي ته اسان جي ملڪ وارن بادشاهن به
پنهنجي لاءِ اهي شيون مهيا ڪيون، پر سندن فنا ٿيڻ
سان گڏ اُهي به فنا ٿي ويون. اسان جي شاعريءَ جو
انهن شين سان ڪو به واسطو نه آهي. اسان جو ماحول
به پنهنجو، ته رسمون ۽ رواج به پنهنجا، عشق ۽ محبت
جا دستور به پنهنجا ته تصور ۽ تخيل به پنهنجا،
نظارا به پنهنجا ته اشارا به پنهنجا؛ هت خشڪ جبل،
واريءَ جون ڀٽون، بيابان، ڪنڊا، ڪرڙ، کٻڙ، ليون،
ليار، ٻٻر، درياءَ ۽ واهڙ آهن. اسان وٽ عورت عاشق
۽ مرد معشوق آهي. ايراني شاعريءَ ۾ بيجا شڪايت،
سخت گلا، محبوب تي الزام رکڻ ۽ کيس ظالم، جلاد،
بيدرد، بيوفا سڏڻ جائز. ايراني شاعريءَ ۾ رقيب جو
تصور ايڏو ته گندو ۽ ذليل ڪارنامو آهي، جنهن جي حد
ئي ڪانهي. اهو ايڏو ته بيعزتيءَ جو ثبوت آهي جو ئي
مثال بس آهي.
اسان جي شاعريءَ ۾ التجائون، صدائون، سٺيون
تمنائون، مدعائون ۽ رڳيون دعائون ڪجن: ڪنڀرن،
لهارن، واڍن ۽ کٽين جي دڪانن تي سگهڙن جون ڪچهريون
ٻُڌجن، ميلن ۽ شادين جي ڇَنن ۾ لوڪ ادب جون
رهاڻيون ڏسجن، ۽ عورتن جا ٺاهيل گيت ٻڌجن – ان
زبان ۾ نه ڌاريائي آهي ۽ نه اهل. روز ڳالهائڻ وارا
لفظ، روز استعمال ٿيندڙ پهاڪا، روز ڪم ايندڙ
محاورا ۽ روزمره وارا جملا ملندا، جن ۾ رڳي سادگي
۽ رڳي واقع نگاري هوندي آهي. هينئر فرق سو آيل آهي
ته ڪن لفظن ۽ اکرن جا اچار ڦريا گهريا آهن، ۽ ڪي
لفظ روزاني استعمال مان نڪري به ويا آهن، تنهن
هوندي به اسان جا وڏڙا، اها ئي سٻاجهڙي ٻولي ۽
سٻاجهڙا لفظ ڳالهائين ٿا.
اسان جي شاعريءَ جي هڪ وڏي خوبي هيءَ به آهي ته
شعر ۾ اها ئي زبان ڪم اچي ٿي، جيڪا اسين روز
ڳالهايون ٿا؛ پر موزون شاعريءَ جي زبان جدا آهي،
جا فقط شاعريءَ ۾ ئي ڪم ايندي آهي. ان ڪري ئي ته
ٻاهرين شاعريءَ ۾ ڌاريائي ۽ مصنوعيت آهي. ايتري
لکڻ جو مقصد هي نه آهي ته موزون شاعريءَ کي خراب
سمجهيو وڃي ٿو، يا ان کان نفرت ڪئي وڃي، مطلب آهي
پنهنجي ۽ پرائي شاعريءَ جي ڀيٽ ڪرڻ.
]”ڪافي“ – مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، ص 36-37.[
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
شاعريءَ جو فن
شاعري قومي جذبات جي نشر ۽ اعلان جو هڪ مخصوص
ذريعو آهي ۽ مذهبي اثرات کي ڪنن تائين پهچائڻ ۽
دلنشين ڪرڻ جو به هڪ خاص وسيلو آهي. نثر جي عبارتن
جون ترڪيبون ڪيتريون ئي سٺيون ڇو نه هجن، پر وات
مان نڪرڻ کان پوءِ، اکين ۾ يا حافظي ۾ محفوظ نٿيون
رهن، پر هڪ درد سان ڀريل شعر ٻڌڻ کان پوءِ، انسان
گهڻي وقت تائين پيو جهولندو آهي ۽ اهو شعر دل ۾
اهڙو گهر ڪري ويندو آهي، جو سڄي ڄمار ياد رهندو
آهي . . |