گيت ۾ ان مثالي بت پرستيءَ جو انداز هن طرح آهي ته
محبوب بحيثيت هڪ بت جي شاعر جي عزيز ترين ۽ آخرين
منزل ٿئي ٿو. اها منزل مقصود باالذات آهي ۽ شاعر
هڪ جان سپار پوڄاريءَ وانگر ان بت (منزل) تي
پنهنجو سارو توجهه صرف ڪري ٿو. ان ڪري گيت ۾ سراپا
نگاريءَ ۽ بت پرستيءَ جي ان رجحان کي ايتريقدر
اهميت ملي آهي، جو جذبي جي تسڪين لاءِ هڪ مختصر ۽
بلاواسطه رستي کي اختيار ڪرڻ تي پاڻ کي مجبور ٿو
سمجهي. ان جي مقابلي ۾ غزل پنهنجي فطري آزادي
پسندي جي تحت، هڪ طول طويل راهه کي ٿو لتاڙي. لطف
جي ڳالهه اها آهي ته جتي به غزل ۾ خالص ”بت
پرستيءَ“ جو رجحان اڀريو آهي، اتي معشوق ’بت‘ جي
خدوخال کي بيان ڪندي، پڻ عمومي رنگ ۽ رچاءُ پيدا
ٿيو آهي ۽ اتي اچي اهو بت هڪ ”منفرد هستي“ نه پر
”مثالي هستيءَ“ جي روپ ۾ اڀريو آهي. فرق هي آهي
غزل جو ’بت‘ پٿر کي تراشي نه بنايو ويو آهي، بلڪ
هڪ آئيني وانگر آهي، ان ڪري جذبهء عشق کي پاڻ ۾
جذب ڪرڻ جي بجاءِ، ان عڪس کي يا عاشق ڏانهن موڙي
ٿو ڇڏي (ان صورت ۾ عاشق ۾ نرگسيت جو پيدا ٿيڻ
لازمي امر آهي) يا ٻاهر جي دنيا ڏانهن کيس منتقل
ٿو ڪري. ٻنهي صورت ۾ محبت جو خالص جذباتي رجحان،
عشق جي مجرد ڪيفيات ۾ سانچي وانگر اچي وڃي ٿو. ان
طرح سان غزل تڪميل تي پهچندي ”شعور ذات“ جي ان
مقام تي ٿو پهچي، جتي ”شعر ڪائنات“ به منجهس شامل
ٿي وڃي ٿو.
]اقتباس
– از ”ادبي دنيا“، لاهور.[
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ”خليل“
رباعيءَ جي فني
حيثيت
آغاز:
رباعي هڪ اهڙو موضوع آهي، جنهن تي هڪ وقت اسان
پنهنجي تاليف ”رهنمائي شاعريءَ“ جي ٽئين ڀاڱي ۾
مستقل بحث ڪري چڪا آهيون، پر اهو حرفِ آخر نه آهي.
هن کان سواءِ وقت بوقت پنهنجي مطالعہ ۽ تجربي کي
اخبارن ۽ رسالن جي حوالي ڪندا رهيا آهن.
رباعيءَ جي فني حيثيت ۽ اُن جا متعلقات:
رباعيءَ جي فني حيثيت تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي
ته هن سلسلي ۾ چند نُڪتن کي ترتيب ڏيڻ سان رباعيءَ
جي فني حيثيت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي.
مثلاً (1) لفظ رباعي ۽ هن جي تشڪيل جو اصطلاحي
بحث، (2) رباعيءَ جي تاريخ، (3) بحر هزج ۽ رباعي،
(4) رباعيءَ جا زحافات، (5) رباعيءَ جا اصول، (6)
رباعيءَ جا وزن، (7) شجرهء رباعي.
لفظ رباعي ۽ هن جي تشڪيل جو اصطلاحي بحث:
ربع عربيءَ ۾ چار کي چئجي ٿو، ڇاڪاڻ ته رباعيءَ ۾
چار مصرع ٿين ٿا، تنهنڪري هن کي لفظ رباعيءَ سان
منسوب ڪيو ويو آهي. رباعيءَ ۾ ياي نسبتي آهي،
تنهنڪري هن جي معنيٰ ’چار واري‘ جي آهي.
فارسيءَ ۾ رباعي کي دو بيتي ۽ ترانه به چيو ويو
آهي. هڪ بيت ٻن مصرعن تي مشتمل ٿيندو آهي ۽ رباعي
۾ به بيت ٿيندا آهن ۽ ٻن بيتن ۾ چار مصرع ٿيندا
آهن، تنهنڪري دو بيتي ۽ رباعي ٻئي هڪ معنيٰ جا ٻه
لفظ آهن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن رباعيءَ کي چهار بيتي به چيو
ويو آهي، جنهن جو بحث اڳتي ايندو. اصطلاح ۾ رباعي
چار مصرع يا ٻن بيتن واري نظم کي چئبو آهي، جو فنِ
عروض جي هڪ خاص مقرر ٿيل وزن ۽ اصولن سان واسطو
رکي ٿو، جنهن جو مفصل بيان اڳتي ايندو.
رباعيءَ جي تشڪيل:
عروض جي فلسفين ۽ استادن رباعيءَ جي هڪ خاص شڪل ۽
خاص وزن مقرر ڪيو آهي، جنهن جا هي مثال آهن.
خيام:
ابريق مئي مرا شڪستي ربي،
برمن در عيش را به بستي ِي،
بر خاڪ زدي بادهء گلرنگ مرا،
خاڪم بدهن مگر تو مستي ِي.
انيس:
دنيا عجب سراءِ فاني ديکهي،
هر چيز يهان کي آني جاني ديکهي،
جو آ کي نه جائي و بڙهايا ديکها،
جو جا کي نه آئي وه جواني ديکهي.
واصف:
سڀ ڪنهن جي لهين سار عليم آهين تون،
ڏيئي نه ڏکوئين جو ڪريم آهين تون،
اميد رهي ڇو نه گنهگارن کي،
رحمت جي طلب آهه رحيم آهين تون.
انهن رباعين تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته عام
رائج ڪيل وزن کان رباعيءَ جو عروضي وزن مختلف آهي،
تنهنڪري رباعيءَ جي شڪل به عام نظمن جي شڪل کان
جدا آهي. ائين ڇو آهي، تنهن جو بحث اڳتي ايندو.
رباعيءَ جي تاريخ:
رباعيءَ يا دوبيتي عجم سان منسوب آهي، پر ڪتاب
خيام مؤلف سيد سليمان ندوي مرحوم جي مطالعہ مان
معلوم ٿو ٿئي ته رباعي عجم جي نه بلڪ عرب جي ايجاد
آهي. هن حقيقت کي سمجهڻ جي لاءِ ته رباعي تاريخ جي
لحاظ کان ڪنهن جي ايجاد آهي، ان سلسلي ۾ هڪ فني
مسئلي کي سمجهڻ ضروري آهي.
عجم جو مختار عروض عربي عروض آهي، ۽ ان ۾ شڪ نه
آهي ته عجمين عربي عروض کي ان وقت پنهنجو بنايو،
جڏهن اُنهن اهو تجربو ڪيو ته سندن ٻولي ٿوري
ڦيرڦار سان عربي عروض کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت رکي
ٿي.
سڀ کان پهرين هيءَ ڳالهه آهي ته عرب جي عروضين
مسدس ۽ مثمن الاصل شعرن جو بنياد ارڪان تي رکيو
آهي. ان جي برخلاف عجمين پنهنجي نظم جي صورتن جو
بنياد مصرعن جي تعداد تي رکيو آهي. مثلاً عربيءَ ۾
بحر هزج مثمن نٿو اچي، مگر فارسيءَ ۾ اهو نهايت
مقبول آهي. مطلب ته مصرعن ۽ شعرن ۾ عرب جي عروضين
ارڪان جي تعداد جو لحاظ رکيو آهي. عربي مصرع ٻن ٻن
رڪنن جا به ٿين ٿا. ان جي برخلاف اهل عجم جا مصرع
اُن کان گهٽ نٿا ٿين، بلڪ ائين به مصرعه ڏسڻ ۾ آيو
آهي ته بعض وقتن تي عربي مصرعو هڪ رڪن ۾ ئي محدود
هوندو آهي.
بهرحال اصل بحث اهو آهي ته عربيءَ ۾ اڪثر ٻن ٻن
رڪنن جا به ملن ٿا.
هن مختصر تمهيد کان پوءِ قابلِ ذڪر ڳالهه هيءَ آهي
ته رباعيءَ جو سڀ کان پهريائين ذڪر ڪتاب نشور
المحاضره ۾ ملي ٿو، جو قاضي ابو علي حسن تنوخي
المتوفيٰ سنه 384هه جو لکيل آهي. بهرحال اهو ڪتاب
سنه 384هه کان پهرين لکيو ويو آهي. جيتوڻيڪ بعض
ڪتاب وچ ۾ ٻيا به آهن، پر المعجم في معايير اشعار
العجم شمس الدين محمد بين قيد الرازي جو ڪتاب آهي،
جنهن جي تحرير جو زمانو سنه 614هه کان سن 630هه
تائين آهي. ٻيو ڪتاب معيار الاشعار آهي، جنهن جي
تصنيف جو زمانو به المعجم جي ويجهڙائيءَ جو آهي،
يعني اهي ٻئي ڪتاب ستين صدي هجريءَ ۾ لکيا ويا.
صاحب العجم هن ڳالهه جي تشريح ڪئي آهي ته رباعيءَ
کي عرب انهيءَ ڪري رباعي چوندا هئا جو هو بجاءِ
مصرعن جي رڪنن جو شمار ڪندا هئا، ۽ انهن جو هڪ
مصرعو ٻن رڪنن وارو ۽ هڪ شعر چئن رڪنن تي مشتمل
هوندو هو، جيئن مٿي بيان ڪري آيا آهيون. پر اهلِ
عجم ارڪان جي بجاءِ رباعيءَ ۾ مصرعن کي بنياد
ٺاهيندا هئا، تنهنڪري عرب جي هڪ شعر ۾ چار رڪن
هوندا هئا، يعني هڪ شعر چئن رڪنن سان مرتب
ٿيندوهو. هن جي برخلاف عجم وارا رباعيءَ ۾ مصرعن
کي شمار ڪندا هئا. انهيءَ سبب ڪري عجمي رباعيءَ کي
ٻه- بيتي به چوندا هئا.
هاڻي اهو بحث رهيو ته رباعيءَ ۾ چار رڪن ضروري آهن
يا چار مصرع، ان سلسلي ۾، اسين سيد سليمان ندويءَ
جي ڪتاب خيام مان هڪ اقتباس پيش ٿا ڪريون، جو
المعجم في معايير اشعار العجم مان ماخوذ آهي:
”بهرحال عربي کي طرح چونڪه فارسي مين دو دو جز چار
مصرعون ڪي چار شعر فارسي مذاقِ سليم ڪي مطابق نهين
ٿي، اسلئي اهلِ فارس ني انڪو دوهي شعر قرار ديا
اور اسلئي اسڪو دوبيتي هي ڪي نام سي ياد ڪيا“
(خيام ص 221).
اسان پنهنجي عقل مطابق هن نُڪتي سان اختلاف ڪريون
ٿا، ڇاڪاڻ ته عرب جي شاعرن وٽ هڪ مصرعو ٻن رڪنن
سان به مرڪب ٿئي ٿو ۽ اهڙا ٻه مصرع ملي هڪ شعر
بنجي ٿو ته ان ۾ ڪنهن جي مذاقِ سليم کي ڪو دخل نه
آهي. جڏهن عرب پنهنجي هڪ شعر ۾ ٻه مصرع جي چئن
رڪنن تي مشتمل ٿين ٿا، تنهن کي شعر سمجهن ٿا ته
ڪنهن غير عرب کي حق نٿو پهچي ته ان کي هڪ پورو شعر
نه سمجهي يا ان کي پنهنجي مذاقِ سليم جي مطابق هڪ
مصرعو سمجهي – ڇاڪاڻ ته شعر عروض جو هڪ اصطلاحي
لفظ آهي، جنهن جي هڪ خاص تعريف به آهي. انهيءَ
لاءِ اصطلاح جي لاءِ چيو ويو آهي ته لاخلاف في
الاصطلاح. ٻيو نڪتو جيڪو اسين نٿا مڃون، سو هي آهي
ته چار شعر ملي هڪ رباعي ٿئي ٿي. هن جو دليل به
اهوئي آهي، جو مٿي بيان ڪري آيا آهيون.
فرض ڪريو ته عربيءَ جا چار شعر ملي هڪ رباعي ٿي
ٿئي ته اهو عربن جو طريقو آهي. انهيءَ سبب رباعيءَ
کي چار – بيتي به چيو ويو آهي. خير عرب کي ڪو
اختيار نه آهي ته عربن جي چئن شعرن کي ٻه بنائي
ڇڏي، تنهنڪري عرب جو اهو فيصلو ته رباعي چئن شعرن
مان ٺهي ٿي دُرست آهي، ڇاڪاڻ ته عجمين کي اختيار
نه آهي ته عرب جي ادب ۾ دخل ڏين.
واقعو هي آهي ته فارسيءَ ۾ بحر مسدس الاصل به آهن
۽ مثمن الاصل به، ليڪن عربيءَ ۾ انهن ٻنهي وزن کان
جدا، بحر مربع الاصل به ٿين ٿا، يعني فارسي مثمن
الاصل بحر جو هڪڙو مُصرعو برابر ٿئي ٿو. عربيءَ جي
مربع الاصل بحر جي هڪ شعر جي، عربيءَ جي مربع
الاصل وزن يا انهيءَ وزن کي جنهن کي عربي شاعر
مربع الاصل ڪري ٿو ڇڏي، ته عرب جي اها خصوصيت عجمي
شاعريءَ ۾ نٿي ملي. جيڪڏهن ڪو غير عرب عربي شاعرن
جي هن وزن جي شعر ۾ (مريع الارڪان) پنهنجو تصرف
ڪرڻ گهرندو ته عرب ان کي ڇو منظور ڪندا.
اسان جي رباعيءَ جي محققن عربي زبان ۾ رباعيءَ جو
پتو ڪڍي ورتو آهي. اهو رودڪيءَ کان بهرام گور کان
اڳي جو زمانو آهي، مگر ان ۾ ڪنهن کي شڪ شبهه نه
آهي ته رباعي جاهليت جي زماني جي صنف نظم ۾ نٿي
ملي. بهرحال اسلام جي شروع کان پوءِ غالباً چوٿين
صدي هجريءَ ۾ رباعيءَ جو تذڪرو ملي ٿو، جنهن مان
ظاهر آهي ته رباعي غالباً عجمين جو اختراع آهي.
جيڪڏهن هن معتبر روايت تي اعتماد ڪنداسين، جو
رباعيءَ جو بنياد آهي، ته پوءِ اهو تحقيقي طريقي
تي ثابت ٿو ٿئي ته رباعي عجمين جي ايجاد آهي.
رباعيءَ جي ايجاد:
سيد سليمان ندويءَ جي ڪتاب ”خيام“ جي هڪ عبارت جو
سنڌي ترجمو پيش ڪجي ٿو: ”اهلِ ادب ۽ اهلِ تذڪره جو
خيال آهي ته رباعي اتفاقيه ايجاد جو نتيجو آهي.
قصو هي آهي – غزلي يا سجستان جي ڪنهن شهر ۾ ڪي
ڇوڪرا گولين راند ڪري رهيا هئا. هڪ گولي لُڙڪندي
سوراخ (گِڏ) وٽ آئي، انهيءَ تي خوشيءَ وچان هڪ
ڇوڪري جي وات مان اوچتو نڪتو، ”غلتان غلتان همي
رود تابِن کو (معجم جي روايت مطابق – دولت شاهه ۾
”لبِ گو“ آهي – متاخرين ان کي ”سِرگو“ ڪري ڇڏيو.)
اتفاق سان ڪو صاحبِ ذوق هتي بيٺو هو، جنهن کي هي
وزن ڏاڍو پسند آيو، تنهن هن جو عروضي وزن دريافت
ڪيو ۽ پوءِ اهو ٻين شاعرن ۾ مقبول ٿيو.
هي هن جو قدر مشترڪ آهي، ليڪن معجم ۽ دولت شاهه جي
تذڪرن جي بيانن ۾ باهم فرق آهي – دولت شاهه (تاليف
892هه) ۾ آهي ته اهو ٻار صفاريه خاندان جي باني
يعقوب صفار، المتوفي 265هه جو پٽ هو ۽ اهو صاحبِ
ذوق خود يعقوب صفار هو، جو پنهنجي پٽ جو تماشو ڏسي
رهيو هو ته اوچتو ٻار جي واتان برجستو مصرعو نڪتو.
يعقوب کي اهو وزن پسند آيو، پر ڇاڪاڻ ته انهيءَ
وقت تائين هي وزن شاعرن ۾ مستعمل نه هو، تنهنڪري
هن ابو دلف عجلي ۽ ابن الڪعب کي، جي درٻار جا شاعر
هئا، گهرائي پڇيو ته اهو ڪهڙو بحر آهي. انهن تحقيق
ڪري ٻڌايو ته هي بحر هزج جو هڪڙو قسم آهي“ (خيام ص
227-228)
مٿئين ترجمي ڪيل اقتباس مان ٻه نُڪتا ثابت ٿين ٿا:
(1) رباعي 265هه کان اڳي موجود نه هئي، ۽ نتيجي جي طور تي ان
مان ٻيو نُڪتو هي ثابت ٿئي ٿو ته (2) عرب جي جن
چار شعرن جي مجموعي کي رباعي چيو، وڃي ٿو، سو اصل
۾ بحر هزج جو هڪ مزاحف وزن آهي، ڇاڪاڻ ته هن مزاحف
وزن ۾ جيڪي شعر ملن ٿا، سي مريع الارڪان آهن ۽ چئن
رڪنن وارو هڪ پورو شعر رباعيءَ جي هڪ مصرعه جي
برابر ٿئي ٿو. تنهنڪري انهن شعرن تي رباعيءَ جو
اطلاق انهي ڪري ٿي نٿو سگهي جو رباعيءَ جو وزن
265هه کان ڪجهه اڳي معلوم ۽ مشخص ٿيو آهي.
هن بحث جو اختتام هاڻي هن بيان تي ڪريون ٿا ته
رباعي حقيقت ۾ اهل عجم جي ايجاد آهي، جنهن جو وجود
265هه کان پوءِ ملي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو يعقوب صفار جي
وفات جي تاريخ آهي ۽ هن جي زماني ۾ ئي رباعيءَ جو
وزن مقرر ڪيو ويو هو.
اصطلاحي معنيٰ ۾ رباعيءَ کي عجم مقرر ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ اهو بحر هزج مان ئي مستخرج آهي مگر ان جا
ٻه ابتدائي شجرع اخرم الصدر والابتدا مقرر آهن، جن
جا وزن بحرالفصاحت جي مولف مولانا نجم الغنيءَ جي
بيان جي مطابق هزارن جي تعداد کان به وڌيڪ آهن.
(بحر الفصاحت ص 281-282) هن رباعيءَ جو نالو نيشان
عجمين کان اڳي عرب ۾ نٿو ملي، جنهن جي ڪري رباعي
هڪ بسيط صنفِ نظم بنجي ويئي آهي. مطلب ته اڄ جيڪا
رباعي عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ۾ رائج آهي، سا
تحقيق جي صورت ۾ عجم جي ئي ايجاد آهي.
باقي اهو بحث رهيو آهي ته رباعيءَ جي چئني مصرعن ۾
قافيو هئڻ گهرجي يا پهرئين ٻئي ۽ چوٿين مصرعن ۾
قافيو هئڻ گهرجي ته اهو بحث بيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته
اڄ به شاعر ٻنهي طرح رباعيون لکن ٿا. رباعيءَ جو
اهو فني ۽ تاريخي بحث هو، جنهن جو تفصيل گهرجي ته
علم عروض جي ڪتابن ۾ ملي سگهي ٿو.
رباعيءَ جو استخراج بحر هزج مان:
اسان ضمناً بيان ڪيو آهي ته بحر هزج مان ماخوذ
آهي، جيتوڻيڪ بحر هزج ۾ متعدد زحافات آهن، پر
رباعيءَ جي اخذ کان پوءِ رباعي انهن سڀني زحافن
کان جدا ٿي پيئي آهي، جي بحر هزج ۾ واقع ٿا ٿين،
مثلاً بحر هزج مسدس محذوف.
برآمد از در مکتب خروشم، که من سيپارهء دل مي فروشم،
بگفتا قيمتش، گفتم لگا هي، بگفتا کمترڪ گفتم که گاهي.
اهو بعض مثنوين جو وزن آهي، انهيءَ تي بحر هزج جي ٻين زمانن کي
قياس ڪرڻ گهرجي.
رباعيءَ جا زحافات:
رباعي بحر هزج سان مخصوص آهي ۽ ان ۾ ڏهه ارڪان
مستعمل آهن. هزج جو رڪن مفاعيلن آهن. مفاعيلن وزن
سالم کان سواءِ جو هميشه حُشو ۾ واقع ٿئي ٿو،
رباعيءَ ۾ نوَ زحاف اچن ٿا.
(1) قبض – مفاعيلن مان پنجون حرف
ساڪن سبب خفيف مان ڪيرائڻ سان لفظ مفاعيلن مقبوض
بچندو.
(2) ڪف – مفاعيلن مان ستون حرفِ
ساڪن سبب خفيف مان ڪيرائڻ سان لفظ مفاعيل مڪفوف
بچندو.
(3) شتر – حرم ۽ قبض جي اجتماع کي
شتر چئبو آهي، مفاعيلن مان ميم ڪيرائڻ کي خرم چئبو
آهي، تنهنڪري فاعيلن اخرم بچيو ۽ ان ۾ قبض ايندو
ته فاعلن اشتر بچندو.
(4) خرم: مفاعيلن مان ميم ويو ته فاعيلن
بچندو يعني وتدمجموع جي پهرين لفظ کي ڪيرائڻ جو
نالو خرم آهي (صدر ۽ ابتدا ۾) فاعيلن کي مفعولن
سان بدلائبو آهي جنهن کي اخرم چئبو آهي.
(5) خرب: مفاعيلن ۾ خرم ۽ ڪف جي اجتماع
کي خرب چئبو آهي، تنهنڪري مفاعيلن اخرم ٿي مفعولن
ٿيو، جو اخرب ٿي مفعول رهيو يا مفاعيل اخرم ٿي
فاعيلن ٿيو ۽ اخرب ٿي فاعيل ٿيو، جو نامانوس هجڻ
جي ڪري مفعول سان بدلايو ويو، بهرحال نتيجو ساڳيو
نڪتو.
(6) هتم: مفاعيلن ۾ حذف ۽ قصر جي
اجتماع کي هتم چئبو آهي. حذف اهو زحاف آهي جو
مفاعيلن جو پويون سبب ڪيرائبو ته مفاعي بچندو. قصر
اهو زحاف آهي جو سبب خفيف جو ساڪن لفظ ڪيرائي
اڳئين متحرڪ لفظ کي ساڪن ڪري ڇڏبو، تنهنڪري مفاعي
مان ي ساڪن ڪيرائي عين متحرڪ کي ساڪن ڪري ڇڏبو ته
لفظ مفاع بچندو، جنهن کي فعول اهتم سان بدلائبو
يعني مفاعيلن ۾ هتم آڻڻ سان فعول اهتم ٿيندو.
(7) زلل: مفاعيلن ۾ هتم ۽ تخنيق جي
اجتماع کي زلل چئبو. حشؤ ۾ جڏهن خرم آڻبو ته هن کي
خرم جي بدران تخنيق سڏيو ويو آهي، تنهنڪري مفاعيلن
مان فاعيلن مخنق ٿيندو، ان ۾ جيڪڏهن هتم آڻبو ته
فاع زلل بچندو.
(8) جب: مفاعيلن مان جيڪڏهن ٻئي سبب
خفيف يعني عي ۽ لن ڪڍي ڇڏبا ته مفا بچندو، جنهن کي
فعل مجبوب سان بدلائبو آهي.
(9) بتر: مفاعيلن ۾ جب ۽ تخنيق جي
اجتماع کي بتر چئبو اهي، تنهنڪري مفاعيلن تخنيق ٿي
فاعيلن مخنق ٿيو ۽ ان ۾ جب اچڻ جي ڪري فا بچيو، جو
فع ابتر سان بدلايو ويو. انهن جو وڌيڪ تفصيل عروض
جي ڪتابن ۾ ملندو. |