سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :10

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي مرحوم، ”نئين زندگي“ جي جنوري 1951ع واري پرچي ۾ ‎”شاهه کان اڳ جا شاعر“ جي عنوان سان لکيو آهي:

”عام طرح خيال ڪيو ويندو هو ته شاهه صاحب کان اڳ شاعريءَ جو ميدان سڃو هو ۽ پڙهندڙ شاهه جي ڪلام جو حسن ڏسي ائين ڀانئيندا هئا ته اهو جمال لازوال منهئين حاصل ٿيو آهي؛ ۽ ان جي خطّ ۽ خال سينگارڻ ۾ ڪنهن ٻئي مشّاطه جو هٿ نه هو. پر اينهين ناهي، شاهه صاحب کان اڳ ڪيترائي باڪمال شاعر ٿي گذريا آهن، جن انهيءَ بحر حلال جو سرو پيتو ۽ انهيءَ ميخاني جي مَند مان گهڻائي پريت جا پهيڙا پياريائون.“

اڳتي هلي، قاضي قاضن ۽ شاهه ڪريم جي ذڪر ڪرڻ بعد، علامه صاحب، لطف الله قادريءَ جو ذڪر ڪري سندس بيت لکيا آهن. لکي ٿو ته:

”لطف الله قادريءَ جو اهو ڪتاب (منهاج المعرفت) 1078هه ڌاري، يعني شاهه صاحب جي ولادت باسعادت کان 34 سال اڳ جو لکيل آهي. . . . . . نموني طور هي ٻه – ٽي بيت اوهان جي نزهت خاطر ڏجن ٿا.“

هڪ بيت نموني خاطر هيٺ ڏجي ٿو، ان مان زبان، مضمون ۽ خيال وغيره جو پَرو پوي ٿو ته ان زماني ۾ سنڌي زبان ۽ سنڌي شاعري اوج تي هئي.

جنهن پنڌ نهايت ناهه ڪا، نڪو اَنت نه ڇيهه،

سو ڪوڙين ڏسي ڪنبئا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،

ات هلڻ حيرت ۾ ٿيو، چَيتا ٿو چيلههُ،

اوري ڪر مَ آسرو، وادِيءَ وچ مَ ويههُ،

ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت بيههُ،

ته سو پَسين ڏيههُ، جنهن کي سِڪي سڀڪو.

لفظ ۽ اُنهن جا اُچار:

اڳيان شاعر پاڻ به ڪجهه نه ڪجهه ڳائي ڄاڻندا هئا، نه ته راڳ جي ٿوري گهڻي ڄاڻ مڙئي هوندي هين. وٽن به راڳ جون محفلون ٿينديون هيون ۽ پاڻ به ٻين راڳ جي محفلن ۾ ويندا هئا، تنهنڪري ڪافيءَ ۾ آزاد اچارڻ وارا لفظ ڪم آڻيندا هئا؛ جن جي اُچارڻ ڪري ڳائڻي کي به ڳائڻ ۾ آوازن لائڻ وقت آزادي ۽ آساني ٿيندي هئي ۽ ٻڌڻ وارا به ٻڌي لطف وٺندا هئا. مگر هاڻوڪي زماني ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر آهن، جن جو راڳ سان ته ڪو واسطو ئي ڪونهي. نه فقط ايترو، صرف راڳ ٻڌي به ڪونه ڄاڻن. فقط لفظ جوڙي انهن کي ‎’ڪافي‘ يا’وائي‘ جو نالو ڏيئي ڇڏيندا آهن. اهڙي ڪافي جڏهن ڳائي ويندي آهي، تڏهن پتو پوندو آهي ته راڳداريءَ جي لحاظ سان هت ڪهڙا لفظ اچڻ کپندا هئا. انهيءَ حقيقت کي راڳ جا ڄاڻو ئي سمجهي سگهندا. موزون شاعريءَ ۾ به انهيءَ ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي. اهي حالتون وڏن وڏن ۽ ڪهنه مشق شاعرن جي ڪلام ۾ به موجود هونديون آهن. اُچارن جي حساب موجب ڪهڙا لفظ شعر ۾ هئڻ گهرجن، ان جا ٻه – ٽي مثال ڏجن ٿا:

ڪيئن ڇڏيندس دلربا، دلدار مان تنهنجي پچار،

مهلقا، محبوب! ماڻيندس پيو پلپل پيار.

(نامعلوم)

اهو شعر ڳائبو يا رڳي زباني پڙهبو ته ”پچار“ ۽ ‎”پيار“ جي ”ر“ کي ٿورو زور سان ظاهر ڪرڻو پوندو. اها ڪوشش ڳائيندڙ، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي ڏکي لڳندي. هو جيڪڏهن سخن فهم نه هوندا ته به کين غير شعوري طور هڪ ڏکيائي محسوس ٿيندي. پر جيڪڏهن هي هيٺ لکيل شعر ڳائبو يا پڙهبو ته ڏکيائي ته ٺهيو بلڪ هڪ خوبصورتي معلوم ٿيندي ۽ لطف ايندو:

اي سڄڻ سهڻا! ڪيل وعدا ڪجئين آخر وفا،

مون قبوليا سر تي آهن روز شب جور و جفا.

(نامعلوم)

اهڙا لفظ به تُڪن جي پڇاڙيءَ ۾، ۽ رديف واري لفظ جي آخر ۾ ڪم آڻڻ نه گهرجن، جن جي اُچارڻ ۾ هَٻَڪَ ۽ رنڊڪ ٿئي. مثلاً ”ڻ“، ”ڱ“، ”ڃ“ وغيره.

هر ڪافي ڪنهن نه ڪنهن ڳائڻ جي طرز تي لکبي آهي. ان طرز جي لحاظ سان به تڪون ننڍيون يا وڏيون نه هئڻ گهرجن، نه ته طرز اڻپوري ئي رهندي. اگرچ هوشيار ڳائڻو پنهنجي ڪوشش سان ان عيب کي ڍڪڻ جي ڪندو آهي، تڏهن به سمجهڻ وارا سمجهي ويندا. هڪ ڀيروين جي طرز آهي، جنهن ۾ هيءَ ڪافي ڳائبي آهي:

هليا جنگ جوڳي ٿي نروار نانگا،

لتاڙي لنگهيا لَڪ لڪيون ۽ لانگها.

هيءَ ڪافي ڪن ٻين راڳڻين ۾ به ڳائي سگهجي ٿي. ان جو بحر ”متقارب مثمن سالم“ آهي، يعني فعولن فعولن فعولن فعولن. پر جي ساڳيءَ طرز ۾ هي ٻول، جنهن جو ٿل آهي:

ڪڇڻ ۾ ڪڙائي، مِٺي آهي ماٺ،

سراپا سجائي، مِٺي آهي ماٺ.

ڳائبا، جن جو بحر ”متقارب مثن مقصور“ ٿيندو ۽ وزن فعلن فعولن فعولن فعولن، ته طرز ۾ کوٽ ٿي پوندي ۽ مٿي ٻڌايل عيب ظاهر ٿي پوندو. ڳائڻو ۽ ٻڌندڙ به صحيح لذت حاصل ڪري نه سگهندو. مٿي موزون ڪافين جا مثال هن ڪري ڏنا ويا آهن، ته سمجهڻ ۾ دير نه لڳي، ڇو ته اڄڪلهه موزون شاعريءَ جو چرچو گهڻو آهي؛ پر غير موزون شاعريءَ ۾ لکيل ڪافين جو به ساڳيوئي مثال آهي.

ڪافي ۽ گيت:

”ڪافي“ ۽ ”گيت“ اهڙيءَ طرح ٻه جدا شيون آهن، جيئن چوندا آهن ته ”هرڻ پنهنجي ذات، ڦاڙهو پنهنجي ذات.“ موسيقيءَ سان ٻنهي جو واسطو آهي، پر ٻنهي ۾ وڏو فرق به آهي. ٻنهي جا گهاڙيٽا جدا، مضمون جدا، لفظ ۽ محاورا جدا ۽ ڳائڻ جون طرزون به جدا. گيت (7) پرايو آهي ۽ ڪافي پنهنجي، تنهنڪري ڪافيءَ کي سندس اصلي رنگ ۾ لکڻ گهرجي. افسوس آهي جو اڄڪلهه اسان جا شاعر، جيڪي نئين مان گيت ۽ ڪافي لکڻ لڳا آهن يا نئينءَ مان شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو اٿن، انهن گيت ۽ ڪافيءَ جا مضمون، محاورا، لفظ، جملا ۽ اشارا وغيره هڪ ڪري ڇڏيا آهن. وري اسان جا نوان ڳائڻا، انهن گيت ته گيت جي ماڳ پر ڪافيءَ کي به گيتن جي طرزن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو آهي. هو ويچارا سمجهن ٿا ته هنن ڪافين کي نين طرزن ۾ آڻي ڪو ڪمال ڪيو آهي، مگر حقيقت ۾ هو ڪافين جي اصلي رنگ کي ميساري وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اها ڳالهه وڌي ويئي ته ڪافيءَ جون صحيح ۽ اصلي طرزون، جيڪي نهايت سٻاجهڙيوپن ۽ نماڻيون آهن، سي ڪجهه عرصي کان پوءِ گم ٿي وينديون. صنعتي نمائش ۾ ڏسبو ته نين شين سان گڏ پراڻيون شيون به رکيل هونديون آهن، جيڪي وڏي ڪوشش ۽ محنت سان آنديون ويون هونديون آهن. قدردان ۽ سمجهو ماڻهو انهن ئي پراڻين شين کي پسندا ڪندا آهن. عقل ۽ روح به انهن جي ڏسڻ مان خوش ٿيندا آهن. اهي پراڻيون شيون ئي ته آهن جن جي وسيلي ۽ جن جي مطالعي ڪرڻ بعد ئي ملڪن ۽ قومن جون تهذيبون ۽ تاريخون لکيون وينديون آهن. ڪتبخانو به اهوئي بهترين هوندو آهي، جنهن ۾ زياده کان زياده پراڻا ڪتاب ۽ دستاويز وغيره هوندا آهن. اڳين زماني جي اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، چوڙڻ ماڻڻ ۽ کائڻ پيڻ وغيره جي دستور ۽ ڍنگ کي سمجهڻ لاءِ پراڻن ماڻهن کي ئي ڏسبو آهي، انهن سان ڳالهائبو آهي ۽ انهن وٽ وڃي مهمان ٿي رهبو آهي، بلڪ انهن سان ريجهون ۽ رهاڻيون ڪري سڀڪجهه معلوم ڪبو آهي. مطلب هي آهي ته ڪافيءَ جون پراڻيون طرزون هرگز هٿان نه وڃائڻ کپن. اڄ کان اڌ صدي اڳ واريون ڪيتريون ئي طرزون اسان کان ويون هليون. ڇو ته انهن طرزن جا ٺاهيندڙ ۽ ڳائيندڙ به هليا ويا. نه ان وقت گراموفون رڪارڊ هئا ۽ نه ٽيپ رڪارڊ. نه ته اهي طرزون محفوظ هجن ها ۽ ٻڌڻ کان پوءِ پتو پوي ها ته انهن طرزن ۾ ڪيڏو نه لطف آهي. نه رڳو ايترو پر هيءَ به خبر پوي ها ته انهن طرزن ۾ موسيقيت ڪيتري نه آهي! پراڻن شاعرن جون ڪيتريون اهڙيون ڪافيون موجود آهن، جن جي ڳائڻ جون طرزون معلوم ئي ڪونه آهن، تنهنڪري اهي ڪافيون ڳائجن ئي ڪونه ٿيون. جيڪڏهن ڪو ڳائڻو، انهن ڪافين جي ڪا طرز کڻي ٺاهي به ٿو، تڏهن به اڻپوري ٿئي ٿي ۽ گيت جي طرز سان ملايو ڇڏي. مگر هيءَ وڏي ڏک جي ڳالهه آهي جو اڄڪلهه اهڙا ڳائڻا بلڪل ٿورا لڀندا، جن جي ذهن ۾ گيت ۽ ڪافيءَ جون جدا جدا طرزون هجن.

اڄڪلهه جي گهڻن ڳائڻن ۾ هيءَ وچڙندڙ بيماري پيدا ٿي پئي آهي (خاص ڪري گويّا) ته ڪافيءَ کي ”خيال“ جي انداز ۾ ڳائين ٿا. يعني ڪافي ڳائيندي تالون، مُرڪون ۽ پلٽا ۽ سرگم وغيره وغيره استعمال ڪن ٿا. نه رڳو ايترو پر ڪافيءَ جا لفظ، جملا، ان جي طرز ۽ هر چيز، ڀڄي ڀروڙي ۽ مروڙي سروڙي، سندس صورت ۽ شڪل ڦٽائي، وڃائي ۽ بگيڙي کڻيو رکن، اهڙيءَ طرح جو لذت جي بدران نفرت پيدا ٿيو پوي. هنن جو خيال آهي ته ڪمال ٿا ڪن، پر حقيقت ۾ آهي زوال. آخر ويچاريءَ ڪافيءَ ڏوهه ڪهڙو ڪيو، جنهن جي کيس هيءَ سزا ٿي ڏني وڃي؟ فن جي مظاهري لاءِ ”خيال“ ئي بس آهي. هيترو به ضروري آهي ته ڪافي ڳائيندي به ننڍڙيون مرڪون ۽ مينڍون يا آلاپون هئڻ گهرجن. پر ان هوندي لفظ به سمجهڻ ۾ اچن ۽ مضمون جي وچ ۾ به گهڻي وٿي هرگز نه پوڻ گهرجي. گويّن وانگر ٻن لفظن يا هڪ – ٻن تُڪن کي ڏهه ڀيرا ورجائڻ نه گهرجي. استاد ان ڳائڻي کي چئبو جو شاعريءَ جي هر هڪ صنف کي سندس نموني تي جدا جدا رنگ ڍنگ سان ڳائي. گويّا ظلم نه رڳو ڪافيءَ سان ڪن ٿا، پر گيت ۽ غزل وغيره سان به سندن اهوئي برتاءُ هوندو آهي.

عام ماڻهن کي اهڙن ڳائڻن جي روبرو ٻُڌڻ جو موقعو اڪثر گهٽ ملندو آهي. تنهنڪري هو ريڊيو تي گويّن جون ڪافيون ڳائيندي ٻڌندا ته سڀڪجهه معلوم ڪري سگهندا، ۽ ڏسندا ته ڏهن منٽن ۾ فقط ٿَل ۽ هڪ مصرع پرزا پرزا ڪري ڳائيندا ۽ باقي وقت پنهنجي فن ڏيکارڻ ۾ ئي پورو ڪري ڇڏيندا آهن. ڏهن منٽن ۾ ڪافيءَ جون چار مصراعون ۽ هڪ ٻه ڏوهيڙو آساني ۽ مزي سان نٿا ڳائي سگهن. اهڙا ڳائڻا به ريڊيو تان ڳائين ٿا، جن ۾ ڪافيءَ ڳائڻ جون سڀ خوبيون نه، ته به ڪافي چڱايون هونديون آهن، ۽ ٻڌندڙ به انهن کان ئي ڪافيون ٻڌي دل کي خوش ڪن ٿا ۽ داد ڏين ٿا.

ڪافيءَ جي ڳائڻ جو طريقو:

هر هڪ ڪافيءَ جي طرز، ان جي مضمون ۽ مفهوم جي لحاظ تي ئي ٻڌل هوندي آهي. هر طرح جا آلاپ ۽ ورلاپ، آواز ۽ انداز، لاهيون ۽ چاڙهيون جدا جدا هونديون آهن. ڪنهن ڪافيءَ ۾ حمد ۽ نعت هوندا آهن ته ڪنهن ۾ مدح ۽ ثنا، جنهن ۾ توحيد ۽ تصور (8) هوندا آهن ته ڪنهن ۾ حسن ۽ عشق جو بيان. ڪنهن ۾ سوز ۽ گداز جو مضمون هوندو آهي ته ڪنهن ۾ سُورن ۽ دردن جو ذڪر. ڪنهن ڪافيءَ ۾ صدائون ۽ التجائون هونديون آهن ته ڪنهن ۾ ڏک ۽ ڏوراپا. ڪنهن ۾ جوش ۽ خروش هوندا آهن ته ڪنهن ۾ عبديت ۽ الوهيت وغيره وغيره. انهن حالتن ۾ ڪافيءَ جي ڳائڻ جي طرز مضمونن جي مناسبت سان نه هوندي ته ٻڌندڙن تي اهو اثر نه ٿيندو، جيڪو ٿيڻ گهرجي. ڪٿي شوخ ۽ بلند آواز لائبا ته ڪٿي نرم ۽ هيٺيان، ڪٿي لئي تيز رکبي ته ڪٿي آهستي روش اختيار ڪبي، ڪٿي جذبات وارن آوازن کان ڪم وٺبو ته ڪٿي سوز ۽ گداز وارن ورلاپن کان. مقصد ته هر مضمون جي معنيٰ ۽ مطلب سان لفظن جي اچارڻ کي استعمال ڪبو، نه ته ڳائڻي جي محنت ئي برباد. جنهن ڪافيءَ ۾ محبوب سان صدائن ۽ التجائن جي رنگ ۾ ڳالهائجي ٿو، ان جي آواز ۾ ليلائڻ ۽ ريجهائڻ جو انداز هئڻ گهرجي؛ جنهن ڪافيءَ ۾ حمد ۽ نعت هجي ته ان جي ڳائڻ وقت ادب ۽ رعب ۾ رهڻ کپي. اهڙيءَ طرح هر هڪ مضمون جي لحاظ سان ڳائڻي جي طبيعت ۾ هڪ اثر پيدا ٿيڻ گهرجي. يعني ڳائڻي تي فرض آهي ته هو پاڻ ۾ اهي سڀ ڪيفيتون صحيح نموني ۾ پيدا ڪري. ڪلام ۽ راڳ مان اول پاڻ لطف ۽ لذت حاصل ڪري ته ٻڌندڙن تي پاڻيهي اثر پوندو.

ڳائڻي جو فرض آهي ته ڳائڻ وقت هو پنهنجي حرڪات ۽ سڪنات جي وسيلي اهي سڀ ڳالهيون ادا ڪري، جيڪي ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙن جي مضمون ۾ هجن (9). ڳائڻي لاءِ هيءَ ڳالهه به لازمي آهي ته اڳ ۾ ئي ڪچهريءَ ۾ ويٺل ماڻهن جي طبيعتن کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ انهيءَ ئي خيال سان مختلف مضمونن واريون ڪافيون ۽ راڳڻيون ڳائي، جيئن هر شخص ٻڌي خوش ٿئي. هر شخص جي طبيعت ۽ وڻت پنهنجي پنهنجي هوندي آهي. جيڪڏهن ڳائڻي پنهنجي سمجهه کان ڪم نه ورتو ته هو ناڪامياب رهندو.

ڪافي، راڳ ۽ راڳيندڙ:

ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ، ۽ نه لکي رکڻ لاءِ. ڪافي ۽ موسيقي، ٻئي شيون لازم ۽ ملزوم آهن. جيترو سنڌي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان تعلق آهي. اوترو ڪنهن ٻئي ملڪ جي شاعريءَ جو موسيقيءَ سان واسطو ڪونه آهي. ٻين ملڪن ۾ صرف شعر لکيا ويندا آهن ۽ پوءِ موسيقار انهن کي ڳائڻ جي طرزن ۾ وجهندا آهن. هيءُ نڪتو غور طلب آهي ته اها ڪافي ئي آهي جا نه رڳو ڳائيندي لکي وڃي ٿي، مگر لکت ۾ اچڻ کان پوءِ به ان جي مٿان ”ڪافي“، راڳڻي ۽ تار لکڻ هميشه کان ضروري سمجهيو ويو آهي. البت اڄوڪي زماني ۾ اڪثر اهو ڪونه لکيو وڃي، ڇا جي ڪري جو انڌ ڌنڌ جو دؤر آهي. مگر ڪافين جي سڀني پراڻين قلمي ڪتابن ۾ اينهين لکيل آهي. ٻين سڀني زبانن ۾ نظم، عنوان سان يا هونءَ ئي لکيا ويندا آهن، ليڪن ڪافيءَ جو اکر اکر، لفظ لفظ، جملو جملو ۽ هر هڪ اُچار موسيقيءَ جي اصول موجب، آواز جي لاهين – چاڙهين جي حساب سان لکيل هوندو آهي. پر افسوس جي ڳالهه آهي جو موجوده دؤر ۾ ڪافي موسيقيءَ کان بلڪل جدا رکي ويئي آهي. ڪنهن ڳائڻي کي غزل يا ڪو نظم وغيره ڏبو ته هو بنا دير جي وٺي ياد ڪري هڪ نه ٻيءَ طرز ۾ ڳائيندو رهندو. پر ڪا نئين گهاڙيٽي واري ڪافي کيس ڏبي ته هو هڪدم پڇندو ته ڪهڙي طرز، ڪهڙي راڳڻي ۽ ڪهڙي رات ۾ ڳائبي!

موسيقي:

1.     ”موسيقي“ سرياني زبان جو لفظ آهي، ان جي معنيٰ آهي راڳ.

2.    ”موسيقي“ يعني ڳائڻ ۽ وڄائڻ جو علم.

3.    حضرت سليمان جي شاگرد، حڪيم فيثاغورث، موسيقيءَ جي ابتدا ڪئي.

4.    ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت دائود کان موسيقي شروع ٿي.

5.    حقيقت ۾ موسيقي به ان وقت وجود ۾ آئي، جڏهن انسان سان گڏ آواز پيدا ٿيو. باقي موسيقيءَ جا قانون ۽ اصول ڪڏهن ٺهيا ۽ ڪنهن ٺاهيا، ان جا مختلف زمانا ۽ جدا جدا استاد آهن. ان موضوع تي ڪنهن ٻئي ڀيري لکبو.

خواجا نظام الدين محبوب الاهيءَ لکيو آهي:

”مارا در روزِ ميثاق نداي ”الست بربّکم“ در آهنگ ‎”پوربي“ بگوش رسيده بود، و آن صورت بنوعي مشاهده ميشود که گويا ديروز بوده، بلکه آن روز را، هنوز شب نيامده است“ (10)

موسيقار:

        ”موسيقار“ جو ٻيو نالو ققنس“ به چيو وڃي ٿو. ان جي معنيٰ فارسي زبان جي لفظن ۾ ”مرغ آتش زن“ لکيل آهي، يعني باهه لڳائيندڙ پکي. ڪتابن ۾ ان پکيءَ جو قصو تفصيل سان ڏنل آهي. هن زماني ۾ ڳائڻي کي ”موسيقار“ چون ٿا.

ڪافي ۽ ساز:

اڄ کان چاليهه سال کن اڳ ۾ ڪافي فقط يڪتاري، دِلي (گهاگهر) ۽ ڍولڪ تي ڳائي ويندي هئي. پر جيئن هن ملڪ ۾ انگريزن هارمونيم آندو ته اهو به آهستي آهستي ڪافي ڳائيندڙن ڪم آڻڻ شروع ڪيو، ۽ اڄڪلهه اهو ساز ڳائڻا عام طرح استعمال ڪن ٿا ۽ مقبول عام ۽ وڄائڻ ۾ به آسان آهي؛ پر برصغير جي تقسيم کان اڳ ۾ ئي ريڊيو تي هارمونيم استعمال ڪرڻ بند ڪيو ويو، ۽ اڄ تائين ٻنهي ملڪن جي ريڊيو تي ڪم ڪونه آندو وڃي. موسيقيءَ جي ماهرن هن ڪري هارمونيم کي ترڪ ڪيو آهي، جو اُن جي بلند ۽ مٺن آوازن ۾ ڳائڻو پنهنجي آواز جون خاميون لڪائي سگهي ٿو. اهو هيئن ته هارمونيم ڳائڻي جي هٿ ۾ رهي ٿو. هو جڏهن پنهنجو ڪو غلط آواز محسوس ڪري ٿو ته هڪدم ماٺ ٿو ڪري ۽ اتي هارمونيم جو آواز زياده بلند

ڪريو خامي لڪايو ڇڏي. ٻي وڏي ڳالهه هن ساز ۾ هيءَ آهي ته ڳائڻي کي هارمونيم جي پويان ڳائڻ جي عادت ٿيو پوي. جڏهن وٽس اتفاق سان اهو ساز موجود نه هوندو آهي، تڏهن ڳائڻ ۾ اهو رنگ پيدا نه ڪري سگهندو آهي، وغيره وغير. ان هوندي به هارمونيم ايتريقدر ته مقبول ۽ ضروري ساز سمجهيو وڃي ٿو، جو خود ريڊيو تي ڳائڻ وارا وڏا وڏا گويّا به ٻين محفلن ۾ اڪثر هارمونيم استعمال ڪن ٿا. هي ساز هر وقت تيار هوندو آهي، منجهس ملائڻ ۽ آواز سان پوري بيهارڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. ٻيا ساز، جن ۾ تارون ٿين ٿيون، اهي هر ڳائڻو پنهنجي آواز سان ڳائڻ وقت ملائيندو آهي. تانپوري يا ستار جا سُر ملائڻ معمولي ڳالهه نه آهي. يعني هرتار صحيح صحيح پنهنجي پنهنجي سُر تي ملي اچي، اهو وڏو ڪمال آهي. پر اڄڪلهه گهڻو ڪري گويّا ستار يا تانپور جا سُرَ هارمونيم تي ملائيندا آهن. اها ڪيڏي نه گهٽتائي آهي!

ڪافي ڳائڻ وقت حقيقت ۾ يڪتارو، دلو يا ڍولڪ ڪافي ساز آهي. گهڻن سازن هوندي گوڙ ٿئي ٿو ۽ دماغ انهيءَ رنگينيءَ ڏي توجهه ڏئي ٿو ۽ دل، سُر ۽ ڪافيءَ جي مضمون مٿان اهو سُرور – جيڪو ملڻ گهرجي – حاصل ڪري نه سگهندي.

هن زماني ۾ ڪافيءَ جا ڳائڻا ٻن قسمن جا ملندا: هڪڙا اهي، جي راڳداريءَ جا چڱا ڄاڻو آهن ۽ ٻيا معمولي ڳائيندڙ، اهي هارمونيم تي ڳائيندي پاڻ چڱي لئي پيدا ڪندا آهن، پر جيڪي فقط لَسِي ڪافي ڳائين ٿا ۽ جيڪي ٽئين درجي جا ڳائڻا ليکجن ٿا، انهن لاءِ يڪتارو، دِلو، کڙتالون ۽ ڍولڪ ڪافي آهن. ڪافي ٻُڌي روحاني لذت حاصل ڪرڻي هجي ته لَسِي ڪافي ڳائڻ وارن کان سادن سازن تي ٻُڌجي. البت هيترو خيال رکجي ته ڳائڻو سريلو هجي. ان باري ۾ هڪڙو مثال پيش ڪبو:

هڪ بند ڪوٺيءَ جي چئني ڪنڊن ۾ هڪ هڪ تانپورو، هڪ ئي سُر تي پورو ملايل رکجي. ڪوٺيءَ جا دروازا بند رکجن ۽ ٻيو ڪو به آواز ڪوٺيءَ ۾ اندر نه هجي ۽ نه ٻاهران اچي. هر هڪ تانپوري وٽ هڪ ماڻهو ويهاري، هڪ ٻئي تانپوري (پنجين) کي وچ ڪوٺي ۾ رکي ڇيڙجي ته سڀئي تانپورا آواز ڏيڻ لڳندا. پر شرط هي آهي ته اهو پنجون تانپورو به ٻين چئن تانپورن سان پورو پورو مِلايل هجي. ساڳيءَ طرح ”ڪافي“ ٻڌڻ وقت به سڀني ويٺلن کي هڪَ ڪَنو ٿي ويهڻ گهرجي، ۽ محفل ۾ نه ٻيو ڳالهاءُ هئڻ کپي، ۽ نه وري ٻاهريون گوڙ ئي اندر اچي، نه وري ڳائڻي سان ڪو گهڻا ۽ گوڙ ڪرڻ وارا ساز ئي هجن. جي کڻي ڪجهه ساز هجن، تڏهن به آهستي وڄارائجن. ڪافيءَ ۾ جذبات، واقعات ۽ حالات وغيره سمايل هوندا آهن، تنهنڪري يڪسوئيءَ ۽ يڪتائيءَ ۾ ئي انهن جي ٻُڌڻ مان لطف وٺي سگهبو. گهڻن سازن جي گوڙ ۾ دماغ ۽ ذهن تماشي ۾ لڳي ويندا ۽ دل جي دنيا ۾ بيگانگي پيدا ٿي پوندي ۽ سُرور وٺي نه سگهبو. ڇو ته روحاني لذتن سان نفساني تقاضائون ٽڪربيون رهنديون ته غير شعوري طرح هڪ بيچيني ۽ بي آرامي حواسن ۾ وچڙڻ لڳندِي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com