”شعور“ جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ“. عربيءَ ۾ ”ليت شعري“
جي معنيٰ آهي ”ڪاش، آءٌ ڄاڻان!“ اسان جي شعر گوئن
۾ معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي، نه وري دل منجهان ڪو
آلاپ ٿو نڪري. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ – انهيءَ کي
شعر چيو وڃي ٿو. پر حقيقت ڇا آهي ته جيستائين قلب
جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن، ۽ خود بخود
بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن ۽ آلاپڻ اهڙي
بيخبريءَ جو هجي جهڙو قمري يا بلبل جو سرود،
تيستائين ان کي شعر چئي ڪونه سگهبو.
- علامه آءِ. آءِ. قاضي
علامه آءِ. آءِ. قاضي رحه
شاعري
”اديب بي ادب“- سو اهڙو ئي مضحڪه خيز معاملو آهي،
جهڙو آهي ”شاعر بي شعور“. شعرلفظ جي معنيٰ عربيءَ
۾ آهي ”ڄاڻ“. انگريزي ترجمو ان جو ڪجي ته ٿيندو
”Perceive“.
شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ
آهي
”Poet“. ”Poet“،
يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”Maker“.
جيڪڏهن انهيءَ لفظ جو پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته
ٿيندو ”صنعت گر“، يا وري انهيءَ جو انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪجي ته ٿيو ”Craftsman“.
يورپ ۾ هينئر جيڪڏهن ڪو شعر تتبع تي ويهي ٺاهي ته
پاڻ کي کلڻهارڪو ڪندو، ڇالاءِ ته ائين سمجهيو ٿو
وڃي ته جي شاعر پنهنجي دل مان بغير ڪوشش جي ڪا
نئين معنيٰ نه پيدا ڪئي ته بيجان شعر بيڪار آهي.
جنهن قوم ’صنعت گريءَ‘ کي پهرين شعر سڏيو هو، سا
هينئر شعر جي حقيقت کي پهچي ويئي آهي، اگرچه ”شعر“
واسطي سندس ڪم آندل لفظ اڃا غلط آهي: ۽ جن وٽ صحيح
لفظ مستعمل هو، تن وٽ هن وقت غلط استعمال آهي. اتي
به ’حافظ‘ اسان جي حمايت ٿو ڪري، ۽ انهيءَ مسئلي
تي روشني ٿو وجهي:
ان راه که خواندي استاد، گر بنگري به تحقيق،
صنعت گر يست اما، طبعِ روان نه دارد.
هتي هو ”صنعت گر“ ۽ ”شاعر“ جي معنيٰ کي متعين ٿو
ڪري. شاعر ته ٺهيو، پر حقيقي انسان جي مقام جو غرض
به اهو آهي. جيئن اقبال چيو آهي:
حيات چيست، جهان را اسيرِ جان گردن.
”It
is the soul that body makes“؛
۽ اسان وٽ عروض ۽ قافيي کان سواءِ، شعر جي ٻن
حقيقتن جو خيال به ڪونه ٿو ڪيو وڃي، ڄڻ ته اهي
ضروري آهن ئي ڪونه: بمصداق هن جي ته ”هلي نه هلي
وٺ رينگٽ کي“، ۽ انهيءَ ڪري اسان جا شاعر اقبال جي
زد ۾ اچن ٿا.
حياتِ چيست جهان را اسيرِ جان ڪردن،
تو خود اسيرِ جهالي، کجا تواني کرد!
هاڻي اسين انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته جئن اسان جو
علم ادب جي خوشبوءِ کان خالي آهي، تئين اسان جو
شعر بي شعور آهي.
”شعور“ جي معنيٰ آهي ”ڄاڻ“. عربيءَ ۾ ”ليت شعري“
جي معنيٰ آهي ”ڪاش، آءٌ ڄاڻان!“ اسان جي شعر گوئن
۾ معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي، نه وري دل منجهان ڪو
آلاپ ٿو نڪري. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ – انهيءَ کي
شعر چيو وڃي ٿو. پر حقيقت ڇا آهي ته جيستائين قلب
جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن، ۽ خود بخود
بغير ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن ۽ آلاپڻ اهڙي
بيخبريءَ جو هجي جهڙو قمري يا بلبل جو سرود،
تيستائين ان کي شعر چئي ڪونه سگهبو. سانگيءَ
ويچاري جنهن پڇاڙيءَ جي جاءِ، اسانجي شاهه جي پيرن
وٽ مقرر ڪئي، تنهن ڇا چيو آهي:
”جو ترنم ٿو ڪريان، سو ٿو ڪريان مستيءَ ۾.“
ڏک ته اهو آهي ته اسان وٽ اهي مست رهيائي ڪونه.
افسوس!
”کز قبيلہء مجنون کسي نه ماند!
[”علم ادب“ مهراڻ 3-4/65ع.[
شمس العلماء قليچ بيگ مرزا مرحوم
شعر جو شرف ۽ شانِ
شعر جو شرف ۽ شان ان جي عجيب غريب حالت ۽ شاعرن جي
حيرت جهڙيءَ خاصيت ۽ فضيلت مان ثابت ٿي سگهي ٿو:
شعر جو شرف ساڳيو علم جو شرف آهي. علم جي شريف هئڻ
۾ ڪنهن کي به شڪ نه هوندو، جو اها عام قبول ڪيل
ڳالهه آهي. عالم ۽ شاعر لفظي يا لغوي معنيٰ موجب
ٻئي برابر آهن: ٻنهي جي اصلي معنيٰ ’ڄاڻندڙ‘ آهي.
جيڪا تعريف قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ عالمن جي نسبت
۾ آهي، سا شاعرن جي نسبت ۾ به سمجهڻ گهرجي. قرآن ۾
ڪٿي ’يعلمون‘ آيو ۽ ڪٿي ’يشعرون‘- ٻئي لفظ ڄاڻڻ جي
معنيٰ ٿا ڏين. حديث موجب، عالم نبين جا وارث آهن.
تڏهن جي نبين جي علم مان به ڪجهه هنن کي ورثي ۾
ملي ٿو ته معجزي يا ڪرامت جي به ڪا نشاني هنن کي
به ورثي ۾ ملندي هوندي. جئن حضرت موسيٰ کي فرعون ۽
ٻين ڪافرن جي مقابلي لاءِ عصا ۽ بہ بيضا يعني لٺ ۽
روشن هٿ ٻه هٿيار مليل هئا، تيئن عالم يا شعر کي
ٻه هٿيار آهن: هڪڙو قلم ۽ ٻي زبان. انهن ٻنهي جي
نسبت ۾ حديثون موجود آهن: هڪڙي آهي ته
”مدادالعلماء خير من دماء الشهداء“ اها حديث عالمن
واري شاعرن سان به لڳي ٿي؛ ۽ ٻي: ”ان الله تعاليٰ
ڪنز تحت العرش مفاتيحہ السنة الشعراء“ اها حديث
شاعرن واري عالمن سان به لڳي ٿي. انهيءَ طرح علم ۽
شعر برابر آهن، تڏهن به شعر ۾، علم کان خاصيت
زياده آهي. اها موزونيت آهي، جي ٻنهي کي نور يا
مانيءَ سان مشابهت ڏجي، جنهن جي کاڌي، جسم توڙي
روح کي قوت حاصل ٿئي ٿي ته عام سلوڻي ماني آهي،
يعني جنهن ۾ لوڻ پيل هجي، جنهن کان سواءِ جيڪر ڦڪي
۽ بيسواد هجي. شعر مٺي ماني آهي، يعني جنهن ۾ لوڻ
جي بدران مٺاڻ يا کنڊ پيل آهي. اڳئين زماني ۾
ماڻهو شاعرن کي وڏو عالم ڄاڻندا هئا، بلڪ ڄاڻندا
هئا ته عالم کي علم ظاهري تعليم مان حاصل ٿو ٿئي ۽
شاعر کي خدائي. اها به حقيقت آهي ته شاعرن کي
ماڻهو اهڙي عزت ڏيندا هئا، جهڙي عالمن کي، بلڪ
زياده؛ ڇالاءِ ته هو ٻنهي کي نبي يا اولياء يا ڪو
فوق البشر بزرگ ڪري ڄاڻندا هئا، ۽ شعر کي الهام يا
خدائي ڪلام شمار ڪندا هئا، جو پاڻهي هنن جي دلين ۾
ٿو اچي. بيت آهي ته:
شاعري پيغمبريءَ جي آهي ديباچي مثال،
وحي هن ۾ ٿو اچي، هن ۾ اچي الهام ٿو.
پيغمبرن ۾ حضرت دائود کي شاعر چئي سگهجي ٿو، جنهن
جا زيور يا مزاسير مشهور آهن، جي عبراني ٻوليءَ ۾
هئا ۽ پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيا.
اولياء شاعر ته تمام گهڻا ٿي گذريا آهن.- جهڙا هند
۽ سنڌ ۾، تهڙا ٻين ملڪ ۾. شاعرن کي تلاميذالرحمان
جو لقب مليل آهي- يعني خدا جا شاگرد- خواجه حافظ
شيرازي کي لسان الغيب چوندا آهن ۽ سندس ديوان مان
فالون وجهندا آهن. مولانا رومي، جو پاڻ وڏو
اولياءَ به هو ۽ وڏو شاعر به هو، سو چوي ٿو ته:
شاعري جزويست از پيغمبري،
جاهلانش ڪفر دانند ازخري.
جنهن مان ظاهر آهي ته شعر، نبوت جو هڪڙو جز آهي ۽
جيڪي جيڪي انهيءَ کي ڪفر ٿا ڄاڻن سي گڏهه آهن.
اهڙا ماڻهو خدائي يا طبيعي شاعر هئا ۽ سندن ڪلام
برابر الهامي هو. انهن مان گهڻا ته اُمي هئا يعني
لکڻ پڙهڻ نه ڄاڻندا هئا، ته به عجيب شعر چوندا
هئا. هڪڙو مثال انهن جو شيخ احمد ڄام مشهور
اولياءَ بابت ڏيان ٿو، جو اصل اُمي هو ته به وڏو
شاعر ٿي گذريو آهي ۽ ڪتاب ”سراج السائرين“ سندس
تصنيف آهي، جو سندس واتان ٻڌي ٻين لکيو. اسان جي
شاهه ڀٽائيءَ جي نسبت به ائين چيل آهي ته اڻپڙهيل
هو، يا گهڻو پڙهيل نه هو. اهڙا ڪيترائي مثال آهن.
سچا پچا خدائي شاعر اهي هئا ۽ سندن شعر به خدائي
هو، اگرچه انهن کي علم عروض جي ڪابه خبر ڪانه هئي،
جو عروضي قانون مصنوعي ۽ انساني آهن.
شعر تن جو هو مٺو جهڙي نبات،
پر نه ڄاتئون فاعلاتن فاعلات.
اهو ’فاعلاتن فاعلاتن‘ وارو مصنوعي شعر ٻين هنرن
وانگي هڪڙو هنر آهي، جو ڪو به سکي سگهي ٿو ۽ گهڻي
استعمال کان پوءِ، انهيءَ ۾ ڪاريگر يا استاد ٿي
سگهي ٿو. انهن سچن شاعرن جا ڪي ڪلام اهڙا عجيب
آهن، جو سواءِ الهامي دماغي مدد جي، ڪنهن جي خيال
۾ اچڻ جهڙا ناهن.
اهڙو الهام آڻڻ وارو وهڪرو، ’روحاني موڪّل‘ ملائڪ
کي آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ’ملهم‘ يا ’هاتف‘ چوندا
آهن ۽ فارسيءَ ۾ ’سروش‘. اهڙا گهڻا ڪلام ته انهن
کي ستي ’خواب‘ ۾ (ڪن جو اعتقاد آهي) ۽ جاڳندي
’رؤيا‘ ۾ پيدا ٿيندا آهن. جڏهن شاعر کي ڪنهن خاص
شعر جي ٺاهڻ جي انتظار ۾، ننڊ کڻي ويندي هوندي:
رات جو ستي ئي، اکين پوريل حالت ۾، هنڌ مان اٿي،
مس قلم کڻي، ڪاغذ تي سڄو شعر لکي، وري وڃي سمهي
رهيو هوندو، ۽ صبح جو اٿي تيار ٿيل شعر ڏٺو
هوندائين ۽ حيران ٿيو هوندو ته الاجي هي ڪنهن
لکيو! شعر جي غيبي يا الهامي هئڻ جي ٻي وڌيڪ ڪهڙي
ثابتي آهي.
(لاڙڪاڻي مشاعري واري ڪانفرنس 1920ع ۾ پڙهيل خطبي جو هڪ اقتباس)
]”مهراڻ“- 1963ع[
ڊاڪٽر ايڇ.ايم. گربخشاڻي
شعر و شاعري
ڪنهن به شعر جي بزرگي اوتريقدر قبول ڪئي ويندي،
جيتريقدر منجهس جمال جي مشاهدي ماڻڻ جي قابليت
آهي، ۽ جيتريقدر ان مشاهدي جي ڪري سندس جيءَ ۾
جذبا ۽ امنگ اٿن ٿا. جمال جا پڻ ڪيترائي قسم آهن،
جهڙوڪ: طبعي، جسماني، اخلاقي ۽ روحاني، مگر
درحقيقت سڀ حُسن جو مول هڪ آهي ۽ جنهن جنهن ويس ۾
پاڻ کي پڌرو ڪري ٿو، تنهن تنهن ويس جي پسڻ سان
نينهن کي نوان نوان نيش اچن ٿا. دنيا ۾ ادنيٰ کان
ادنيٰ انسان به حُسن تي حيران آهي، ۽ ڏانهنس رغبت
رکي ٿو. مگر اها رغبت اڪثر منجهس پنهنجي ڪامنا
پوري ڪرڻ جي اِڇا اُتپن ڪري ٿي، ڀل ته اها اِڇا
ڪيترو به اڻلکي هجي. اهڙو ماڻهو صرف مشاهدي سان
گهڻي تائين ريجهه رهاڻ ڪرڻ جو قابل ناهي. سُتت ئي
پنهنجي ڪامنا سِڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جو ئي سندس
اصلي ۽ آخري مقصد آهي. اهوئي سبب آهي جو قدرتي
توڙي صنعتي حُسن جي نظاري مان سگهو ئي ڪڪ ٿيو پوي.
پر شاعر جي حالت ۾ پهريون ئي پهريون اثر، جو حُسن
جي مشاعدي ڪري مٿس پيدا ٿئي ٿو، سو آهي سندس ”وجود
جو ورق“ ڌوئي صاف ڪرڻ. سندس ساري هستي سونهن
واريءَ شئي جي مشاهدي سان ڀرجي ٽمٽار ٿيو پوي؛
پوءِ اها شئي خواه ڪو قدرتي نظارو هجي، جهڙوڪ: چمن
جو چهچٽو، درياءَ جي لس ليٽ، چنڊ جي چٽائي، تارن
جي جهرمر، ڪڪرن جي ڪارونڀار وغيره وغيره. خواهه
انساني حسن جو جلوو هجي، جهڙوڪ: سپرينءَ جي سونهن،
لالن جو لبيس، معشوقن جو ناز ۽ سندن هارسينگار
وغيره وغيره. شاعر اهڙي مشاهدي ۾ پاڻ کي محو ڪريو
ڇڏي ۽ پنهنجي شخصيت کي وساري خود شئي جي آرسي
بنجيو پوي. اهڙي وقت ۽ اهڙي حالت ۾ پروڙيل حقيقت
نِس پِس اها شئي ناهي، مگر خود ”سونهن جو سَرُ“،
جنهن مان اها شئي ڦُٽي نڪتي آهي. پروڙيندڙ ۽
پروڙِيل شئي ٻيئي پنهنجو پاڻ وڃايو لئي ٿيو وڃن.
يوسف (نانڪ) نالي شاعر اها حالت هن ريت نروار ڪئي
آهي:
محبوب ڪي صورت مين گم هوڪي ويک نظارا، آپ سارا.
شاعر کي نه فقط اهڙو نشڪام يا لاطمع مشاهدو نصيب
ٿئي ٿو، مگر ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پڻ سندس دل ۾ هڪ
زبردست جنبش جاري ٿئي ٿي، ۽ سيمابي صورتون، جي
مشاهدي بعد سندس خيال اڳيان تري رهيون آهن، تن کي
هڪ محڪم ۽ سهڻي شڪل ڏيئي ٻين انسانن جي دلين ۾ پڻ
اهڙن جذبن اٿارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جهڙا مشاهدي وقت
سندس دل ۾ ائين ٿيا هئا. هو هاڻ پاڻ کي گويا هڪ
پيغمبر يا داعي ڪري سمجهي ٿو. حق ۽ حُسن جو هوڪو
ڏئي ٿو ۽ انسانذات جي آنتيءَ ۽ آسائش جو ڪارڻ بنجي
ٿو؛ ۽ ماڻهو پڻ اهڙي اعليٰ انسان وٽان حياتيءَ ۾
حياتي جي سچي مقصد جو سبق ڀَليءَ ڀَت پرائي سگهن
ٿا. سندس پيغام هڪ قسم جو الهام آهي. مولانا رومي
فرمائي ٿو:
شاعري جزويست از پيغمبري،
جاهلانش ڪفر دانند ازخري.
پر شاعريءَ ۾ نه فقط حسن جي مشاهدي ۽ حقيقت جي
پروڙ جي قابليت هئڻ گهرجي، مگر ان سان گڏ هڪ ٻئي
هنر جو هئڻ پڻ ضروري آهي، جنهن کي شاعري صنعت چئجي
ٿو. شاعر ان صنعت جي وسيلي، پنهنجي خيالن ۽ جذبن
کي اهڙن عمدن ۽ اثرائتن لفظن ۾ اهڙو سليس مگر
رنگين عبارت ۾، اهڙن نون ويسن ورنن ۾ ۽ اهڙي ڍنگ ۽
طرز سان بيان ڪري ٿو، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون
دليون بي اخيار کنچجيو وڃن ۽ اها نقش ڪيل تصوير
سندن اکين اڳيان پيئي ڦري. ازان سواءِ ۽ قافيي جو
پڻ ضرور آهي، جنهن جي ذريعي شاعر جو ڪلام وڌيڪ
لطيف ۽ لذيذ ٿئي ٿو. پر ڪلام اهڙو هئڻ گهرجي، جو
ماڻهن جي دلين تي بجليءَ جهڙو اثر پيدا ڪري.
انهيءَ لاءِ ڪن ٻين خاصيتن جو شاعر ۾ هئڻ پڻ واجب
آهي، جن جي دوران شعر جو حسن هيڪاري نڪريو نروار
ٿيو پوي. اها ڪامل شعر جي آخرين منزل آهي. اهي
خاصيتون آهن: فصاحت، بلاغت، سلاست، جدت ۽ جوش.
فصيح ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ هر هڪ لفظ اهڙو ڪم آيل
هجي، جنهن جي اُچار ڪرڻ ۾ زبان کي ڪا به تڪليف يا
هٽڪ نه ٿئي. اهو نمونو نه فقط ڪڏهن ڪڏهن مگر هميشه
شاعر جي ڪلام ۾ اختيار ڪيل هجي، نه ته سندس ڪلام
کي فصيح نه چئبو.
بلاغت اها آهي، جو ڪلام وقت ۽ حال جي مطابق هجي.
انسان ۾ طرحين طرحين جا پُور ۽ جذبا اٿن ٿا، ڪڏهن
غم ۽ غصو، ڪڏهن کل ۽ خوشي، ڪڏهن مستي ۽ مدهوشي،
ڪڏهن عشق ۽ محبت، ڪڏهن بيتابي، بيقراري وغيره
وغيره. شاعر کي اهي سڀئي حالتون اهڙي صفائي، چٽائي
۽ درستيءَ سان مختصر مگر مائيدار لفظن ۾ بيان ڪرڻ
گهرجن، جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو ڌيان کُپي وڃي، ۽
سندس سحر نگاري تي موهت ٿي پون.
سلاست جي معنيٰ آهي ته ڪلام ۾ اهڙا لفظ ڪم آيل
هجن، جي روزمره ماڻهو استعمال ڪن ٿا، ۽ استعارا،
تشبيهون ۽ ٻيون ڪلامي صنعتون اهڙيون ساديون ۽
سوليون هجن، جو ماڻهو هڪدم پروڙي سگهن ۽ هر هڪ
ماڻهو پنهنجي پنهنجي فهم ۽ لياقت آهر ان مان لطف ۽
مزو حاصل ڪري سگهي. سڀ کان سهڻو شعر انهيءَ کي
چئبو، جو جڏهن ڪو ماڻهو ان کي پڙهي يا ٻُڌي، ته
ازخود ائين چوي ته ”سچ آهي“، ۽ ان جي سلاست ۽
سادگي ڏسي دل ۾ اچيس ته اهڙو ڪلام ”آءٌ پڻ چئي ٿو
سگهان“؛ مگر جڏهن چوڻ جي ڪوشش ڪري، ته وايون بتال
ٿي وڃنس.
جدت جي هيءَ مراد آهي ته شاعر کي گهرجي ته مضمون
اهڙا علحده علحده اختيار ڪري، جن تي ٻين شاعرن
پنهنجي طبع آزمائي نه ڪئي هجي؛ يا جيڪڏهن ڪئي
هجين، ته به انهن کي اهڙي طرز ۽ نموني ۾ ادا ڪري،
جو ائين معلوم نه ٿئي، ته ڪنهن جو نقل يا تتبع ڪيو
اٿس. ازان سواءِ پنهنجو مطلب اهڙن نون نون طريقن
سان بيان ڪري ۽ هڪڙي خيال کان ٻئي خيال ڏي وڃڻ ۾
اهڙي ڪاريگري ڪتب آڻي، جو پڙهندڙ جو ڌيان ٽُٽي نه
وڃي، ۽ پڻ سندس لفظن ۽ جملن ۾ اهڙو جوش ۽ اثر هجي،
جو ڀانئجي ته اهي لفظ ۽ جملا سندس اندر مان اُڌما
ڏيئي نڪتا آهن.
]”مقدمه
لطيفي“- باب شعر و شاعري[
شمس العلماء علام ڊاڪٽردائود پوٽو مرحوم
سنڌي شاعري
علم ادب به هڪ عمدو فن آهي، جئن لطيف فنونن حاصل
ڪرڻ لاءِ تجربو، مهارت ۽ ڪوشش جي ضرورت آهي، تئن
علم ادب ۾ مهارت ۽ تجربو سخت درڪار آهن. نثر
نويسي، شاعري ۽ مصوري به لطيف فن آهن، جي وهبي به
آهن ۽ ڪسبي به آهن. بيشڪ ڪن دردن کي خدائي ڏات
مليل هجي يا ڄاپندي ڄام هجن، پر ڪو به ماءُ پيٽان
هنر يا فن وٺي ڪونه آيو آهي. تربيت ۽ ماحول جو اثر
هر ڪنهن هنر يا فن تي ضرور رهيو آهي. رڳو وهب يا
ڪسب ڪنهن ڪم جو ناهي. جيستائين ٻنهي قوتن جو پورو
ميلاپ نه ٿيو آهي، تيستائين ڪو به اديب يا شاعر يا
مصور يا فنان ڪماليت جي درجي کي پهچي نٿو سگهي.
انهن سان گڏ متواتر اورچ ڪوشش به ضروري آهي، ڇاڪاڻ
ته ڪنهن به فن ۾ پير ڌري پوءِ ان کي ڇڏي ڏبو ته
اهو اڻپوور ۽ ناقص رهجي ويندو. ازانسواءِ هڪ کان
وڌيڪ فنن ۾ ڪماليت ورلي حاصل ٿي سگهندي. اهڙا
متفنن ۽ ڪامل انسان دنيا ۾ شاز ۽ نادر آهن. هر هڪ
کي پنهنجي دائري اندر ڪنهن خاص ڪم جي سرانجاميءَ
لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن سڀڪو ”هر فن موليٰ“
هجي ها ته قدرت جو ڪارخانو ٽٽي پوي ها ۽ ڪائنات ۾
بي بندوبستي ۽ بي انتظامي ڇانئجي وڃي ها. مثلاً هڪ
اعليٰ درجي جو نثر نويس اديب مشڪل سان انتهائي
درجي جو شاعر ٿي سگهي ٿو يا ان جي ابتڙ.
”هر کسي را بهر کاري ساختند.“
علم ادب به هڪ وهبي ۽ ڪسبي ڏات آهي. سڀڪو سڌڙيو
لئي مان لٺ ڀڃي اديب يا شاعر ٿي نٿو سگهي. هڪ شاعر
يا اديب کي پنهنجي فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ ان
جي ڪمال ۽ توڙ تي پهچڻ لاءِ سخت جهد پٽڻا پون ٿا.
هڪ وهبي شئي آهي جئن ڪو ٻيلو يا چراگاهه، جنهن ۾
وڻ ٽڻ، ٻوٽا ۽ گل ڦل سواءِ ڪنهن ترتيب يا نظام جي
ٽڙيا پکڙيا پيا هجن. اگرچ انهن کي به پنهنجو حسن ۽
جمال آهي ۽ انهيءَ بي انتظاميءَ ۾ به نظام آهي. پر
جڏهن انسان جو هنرمند هٿ انهن کي خاص ترتيب ڏيئي
بيهاري ٿو،تڏهن انهن جو جلوو ۽ جمال ويتر وڌيڪ ٿئي
ٿو. هڪ پاڻيءَ جي وهندڙ ڪسي، جبل تان جرڪندي،
گهِرڪندي، ور وراڪا کائيندي، نهايت خوشنما ڏسڻ ۾
اچي ٿي. پر جڏهن اها ڪنهن مرغزار ۽ گلستان مان
لنگهي ٿي، تڏهن سندس زيب ۽ زينت دوبالا ٿيو پوي.
هڪ فطرتي شاعر يا اوائلي ادب جي ڪم کي ڏسندا، جنهن
کي زماني جي مروڙ ۽ اڳين جي تجربي زياده آگاه ۽
پختو ڪيو آهي، ته زمين ۽ آسمان جو فرق معلوم
ٿيندو. وهب لاءِ ڪسب ائين آهي، جئن سوني تي سهاڳ.
انهيءَ مان ثابت ٿيو ته هر ڪنهن هنر يا فن لاءِ
تربيت وٺڻ ۽ هڪ استاد جي نظر ۽ رهبريءَ هيٺ ڪم ڪرڻ
۽ ڪيڙجڻ بلڪل واجب سمجهيو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن
نوجوان ۾ شاعريءَ يا مصوريءَ جو رجحان يا استعداد
پاتو ويندو هو ته ان کي اهڙي قسم جي تعليم لاءِ
اتاليف ۽ استاد جي ضرورت پوندي هئي. اڻگهڙئي ڪاٺ
کي سنواري سڌاري سڌو ڪرڻ، هڪ لازمي امر آهي. نظامي
عروضي سمرقندي پنهنجي ”چهار مقاله“ ۾ هڪ اديب يا
شاعر جون خصوصيتون ڄاڻايون آهن. لکي ٿو ته هڪ
هونهار شاعر لاءِ ضروري آهي ته سڀني متقدم، متوسط
۽ متاخر شاعرن جا ديوان پڙهي ۽ پڻ ڪيترا هزار شعر
ازبز ياد ڪري، تان جو هن جو سَلڪو پختو ٿئي.
ازانسواءِ ٻيون به ڪيتريون وصفون بيان ڪيون اٿس.
ان جو ماحصل هيءُ آهي ته قديم ۽ حديث تي حاوي ٿي،
پنهنجي فن ۾ اصليت ۽ عبقريت پيدا ڪري ۽ اڳين جو
نقال يا مقلد نه ٿئي. شعر ۾ جيڪي خيال سمايل آهن،
اوائل کان وٺي ساڳيائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ان جا
سرچشما، جي انساني عواطف سان وابسته آهن، سي گهڻو
ڪري اڻڦرندڙ آهن. اگرچ انهن ۾ زمان ۽ مڪان جي
اختلاف ڪري مناسب تبديل ۽ تغير ضرور اچي ٿو،
تنهنڪري هڪ شاعر لاءِ لازم آهي ته جيڪڏهن ڪنهن
متقدم شاعر جو خيال وٺي ته ان کي هڪ نئين خانچي ۾
پلٽي علحده صورت بخشي ۽ ان ۾ لفظي ۽ معنوي جدت
پيدا ڪري. جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته سندس شاعريءَ
کي ڪابه ترقي حاصل نه ٿيندي ۽ ڪوريءَ وانگر ساڳيءَ
تر تي پيو شعر جي تاڻي اُڻندو. الحمدالله! |