انهن ٻنهي مسئلن بابت اوهان جي راءِ جي انهيءَ
لاٰءِ ضرورت آهي جو اوهان تازو رباعيءَ تي هڪ
مبسوط ڪتاب لکيو آهي. اوهان جي راءِ کي متاثر ڪرڻ
لاءِ نه بلڪ نفس مسئله جي تحقيق جي غرض سان هي عرض
ڪرڻ ضروري معلوم ٿو ٿئي ته رباعيءَ جي چئني مصرعن
جي مختلف الوزن هئڻ جو التزام اردو ۽ فارسي ٻولين
۾ ڪٿي نظر مان ڪونه گذريو آهي، البت مولانا جاميءَ
جون ڪي رباعيون ماڻهن ڪوشش ڪري اهڙيون گڏ ڪيون
آهن، جن ۾ رباعيءَ جا چارئي مصرع مختلف الوزن آهن،
نه ته مولانا جاميءَ جي رباعين ۾ ان جو التزام نه
آهي ته چارئي مصرع چئن جدا جدا وزنن ۾ هجن (ڏسو
لوائح جامي). جوش مليح آباديءَ جي رباعين جا ٻه
مجموعا اسان جي سامهون آهن: ”جنون و حڪمت“ ۽ ”نجوم
و جواهر“. جوش صاحب دورِ حاضر جو سڀ کان وڏو رباعي
گو شاعر معلوم ٿو ٿئي. هن جي رباعين ۾ اهڙي ڪا
رباعي نظر مان نه گذري آهي، جنهن جا چارئي مصرع
الڳ الڳ وزن ۾ هجن. جوش کان سواءِ امير سينائي،
ذوق، غالب، انيس، دبير، حالي، اڪبر ۽ ٻين شاعرن
جون رباعيون به نظر مان گذريون آهن، پر انهن مان
ڪنهن استاد وٽ اهو التزام ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن جو
مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان. هاڻي اوهان جي راءِ جي
ضرورت آهي ته (1) ڇا واقعي رباعيءَ جا چارئي مصرع
چئن مختلف وزنن ۾ هجڻ ضروري آهن؟ (2) ڇا جيڪڏهن
ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ اهڙيون رباعيون نه ملن، جن جا
چارئي مصرع چئن مختلف وزنن ۾ نه هجن، ته هن کي
رباعي گو شاعر نه سمجهيو ويندو؟
هاڻي سوال نمبر ٻئي بابت ڪجهه گذارش ڪرڻ گهران ٿو.
ڇا اوهان جي وقيع راءِ ۾ اهو درست آهي ته رباعيءَ
جي مضمون جي ترتيب اها ئي ٿئي ٿي، جنهن جو ترجمو
مٿي ڪري چڪا آهيون. منهنجي حافظي ۾ اردو ۽ فارسي
شاعرن جون جيڪي رباعيون محفوظ آهن، تن مان ڪي
اوهان جي غور لاءِ پيش ڪريان ٿو.
دنيا عجب سرائي فاني ديکهي
هر چيز يهان کي آني جاني ديکهي،
جو آکي نه جائي، وه بڙهاپا ديکها،
جو جاکي نه آئي وه جواني ديکهي.
- ”انيس“
مون کي هن رباعيءَ ۾ اهو التزام نظر نه آيو، جنهن جو ذڪر مون
استفسار نمبر ٻئي ۾ ڪيو آهي، يعني شاعر دنيا جي هر
شئي کي ايندڙ ويندڙ ڏيکاري ٿو، پر ان جو ذڪر پهرين
مصرع جي بجاءِ ٻئي مصرع ۾ ڪري ٿو، ٽئين ۽ چوٿين
مصرع ۾ ٻه هڪجهڙيون شيون ذڪر ڪري ٿو. انهن مان هڪ
شئي اهڙي آهي جا اچڻ کان پوءِ وڃڻ جو نالو نٿي وٺي
۽ وڃي ٿي ته جان وٺيو وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح ٻي شئي
اهڙي آهي جا وڃڻ کان پوءِ واپس اچڻ جو نالو نٿي
وٺي، ايترو جو ماڻهوءَ جو ساهه نڪريو وڃي، پر اها
شئي ماڻهن کي مُڙي نٿي ڏسي. هن رباعيءَ جو پهريون
مصرعو اصل مضمون جي بيان جي تقريب معلوم ٿئي ٿي.
خيام:
ناکرده گناه در جهان کيست بگو،
اُن کس که گنه نگرد چون زيست بگو،
من بدکنم و تو بد مکافات دهي،
بس فرق ميانِ من و تو چيست بگو.
هن رباعيءَ تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته
شاعر خدا کان سوال ڪري ٿو ۽ پڇي ٿو ته مون ۾ ۽ تو
۾ ڪهڙو فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، يعني عمل جي لحاظ کان
خدا ۽ بندي ۾ ڪو فرق نه آهي. يعني بندو هڪ عمل ٿو
ڪري جنهن جو نالو گناهه اهي، ۽ خدا ٻيو عمل ڪري ٿو
جنهن جو نالو عذاب آهي. عمل جي نقطه نظر کان خدا ۽
بندي ۾ ڪو فرق نه آهي. جيڪڏهن مون شاعر جو مطلب
صحيح سمجهيو آهي ته هن رباعيءَ جي پهرين مصرع ۾
هُن شئي جو ذڪر ڪٿي نظر نٿو اچي ته خدا ۽ بندي ۾
عمل جي لحاظ کان ڪو فرق نه آهي. ٻئي ۽ ٽئين مصرعن
۾ هن عمل جو ڪو اهتمام به نظر نٿو اچي، جنهن جي
انتها چوٿين مصرع ۾ ملي، بلڪ واقعو هي آهي ته شاعر
پهرين ٻن مصرعن ۾ ٻه سوال ڪيا آهن، وري ٽئين مصرع
۾ هڪ اصول بيان ڪيو آهي، ۽ چوٿين مصرع ۾ وري هڪ
سوال ڪيو آهي.
خيام:
اين کهنه رباط را که عالم نام است
آرام گهي ابلق صبح و شام است
بز ميست که و اماندهء صد جمشيد است
قصر يست که تکيه گاهِ صد بهرام است
هن رباعيءَ جي ٽئين ۽ چوٿين مصرع ۾ هڪ ئي مفهوم ٻن تشبيهن ۾
پورو ڪيو ويوآهي. لهٰذا اهو اصول فوت ٿي وڃي ٿو ته
ٻئي ۽ ٽئين مصرع ۾ اصل مضمون جي توضيح ڪئي وڃي ٿي،
ڇاڪاڻ ته هتي ٽيون ۽ چوٿون مصرع هم معنيٰ آهن. مٿي
لکيل رباعيءَ جي پهرين مصرع ۾ ٽئين ۽ چوٿين مصرع
جي جهلڪ به نه آهي ته پهرين مصرع کي اصل رباعيءَ
جو تعارف ڪيئن مڃي سگهجي ٿو؟ اهوئي حال خيام جي هن
رباعيءَ جو آهي:
پيش از من و تو مرد ويسي زن بود است
کافاق ز جمله شان مزين بود است
زو دا که تنِ تو خاک گردد زيرا
خاک تو دگر هزار را تن بود است
جوش:
منظر بهي هين حجاب کس سي کهئي
قلزم بهي هين سراب کس سي کهئي
اي مکر حواس خمسه تيري هاتهون
مکهڙي بهي هين نقاب کس سي کهئي
هن رباعيءَ ۾ ۾ به اهو سلسلو نٿو ملي، جنهن جو ذڪر رباعيءَ جي
سلسلي ۾ زيرِ بحث آهي.
ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته رباعي بابت اوهين پنهنجي
راءِ کان مطلع فرمايو ته ڇا رباعيءَ جي لاءِ هي
اصول مسلم آهي ته رباعيءَ جي پهرين مصرع ۾ اصل
موضوع سان روشناس ڪرايو وڃي ٿو ۽ ٻئين ۽ ٽئين مصرع
۾ هن جي توضيح ٿئي ٿي ۽ چوٿين مصرع ۾ پهرين مصرع
جي موضوع کي منتهائي ڪمال تائين پهچايو وڃي ٿو.
معافيءَ جو خواستگار آهيان جو اوهان جي وقتِ عزيز
۾ خلل انداز ٿي رهيو آهيان. جيڪڏهن اخبار ۾ اوهان
جو ذڪر نه اچي ها ته مان اوهان سان انهيءَ قسم جي
لغو استفسار جي جرئت نه ڪريان ها. پروفيسر صاحب
قبله! حقيقت هيءَ آهي ته مسئلو ڪجهه ٿو ٿئي ۽
استفسار ڪرڻ وارو ڇا جو ڇا بنائي ٿو ڇڏي. مون
اوهان کان هڪ طويل بحث جي سلسلي ۾ ٻه مسئلا
استفادهء دريافت ڪيا آهن ۽ دريافت ڪرڻ ۾ رڳو ايترو
تصرف ڪيو آهي جو اصل عبارت سنڌي ٻوليءَ ۾ هئي جنهن
جو اردو ترجمو پيش ڪيو آهي نه ته اصل استفسار صحيح
روشنيءَ ۾ ڪيو ويو آهي.
مون کي شرمندگي آهي جو اوهان کان اهڙي قسم جي به
ڳالهه پڇي ويئي جا رباعيءَ جي ٻنهي مصرعن جي باهمي
ربط سان واسطو رکي ٿ. اساتذهء فن جو فيصلو آهي ته
جيڪو مضمون هڪ شعر ۾ بيان ٿي نٿو سگهي سو چئن
مصرعن ۾ يا ٻن شعرن ۾ آسانيءَ سان بيان ٿي وڃي ٿو،
۽ هي انهيءَ ڳالهه جو دليل آهي ته رباعيءَ جا
چارئي مصرع پاڻ ۾ هم دست و گريبان ٿيندا آهن.
تنهنڪري رباعي بابت تسلسل جو سوال ئي پيدا نٿو
ٿئي. رباعي مسلسل مضمون جو نالو آهي.
- ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
فرمان فتحپوريءَ جو جواب:
اوهان وٽ سنڌي اخبار ۾ رباعيءَ تي جو بحث هلي رهيو
آهي، سنڌي نه ڄاڻڻ جي ڪري مان ان مان استفادي ڪرڻ
کان قاصر آهيان. اهو به پوريءَ طرح ياد نه آهي ته
مون في الواقع ڇا لکيو هو. ايترو ضرور ياد آهي ته
گذريل ڏينهن ۾ مون کي هڪ خط مليو هو، جنهن جي جواب
۾ مون رباعيءَ بابت ڪجهه لکيو هو. اوهان پنهنجي خط
۾ جيڪي سٽون منقول فرمايون آهن، سي انهيءَ سان
مقتبيس معلوم ٿين ٿيون. اهو البت خيال نه آهي ته
منهنجي خط جو پس منظر ڇا هو ۽ مون ڪهڙي قسم جي
استفسار جي جواب ۾ اهو لکيو هو. تنهن هوندي به
يقين ڪريو ته ان مان مقصد ڪنهن جي دل آزاري نه
هئي. مان اختلاف نظريات کي اختلافِ ذات تائين وٺي
وڃڻ جو قائل نه آهيان.
اوهان ڏاڍو چڱو ڪيو جو منهنجو نالو ڏسي هن بحث جي
سلسلي ۾ مون کي ياد فرمايو. اوهان رباعيءَ جي
سلسلي ۾ ٻه استفسار فرمايا آهن. ٻنهي جا جواب مع
سوالن جي درج ڪري رهيو آهيان، تاڪ جواب سياق و
سباق سان مربوط رهن ۽ قارئين ڪنهن مغالطي ۾ مبتلا
نه ٿين. اوهان جو پهريون سوال ٽن جزن تي مشتمل
آهي.
(1) عروض جي ماهرن جي اڪثريت جي هيءَ راءِ آهي ته
رباعيءَ جا چارئي مصرع چار مختلف وزنن ۾ هئڻ ضروري
آهن. هاڻي اوهان جي راءِ جي ضرورت آهي. (2) ڇا
واقعي رباعيءَ جا چارئي مصرع مختلف وزنن ۾ هجڻ
ضروري آهن؟ (3) ڇا ڪنهن شاعرجي ڪلام ۾ جيڪڏهن
اهڙيون رباعيون هٿ نه اچن، جن جا چارئي مصرع مختلف
وزن ۾ نه هجن، ته ڇا هن کي رباعي گو شاعر نه
سمجهيو ويندو؟
جواب ۾ عرض آهي ته رباعي ۽ رباعي گو شاعر بابت ڪو
اهڙو شرط اردو فارسيءَ جي ڪنهن فني ڪتاب ۾ اڄ سوڌو
منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي. اردوءَ جا سڀئي
اهڙا ڪتاب مثلاً رساله عروض، قواعدالعروض،
بحرالفصاحت، معيارالبلاغت وغيره جنهن حالت ۾ فارسي
کان ماخوذ آهن، تنهنڪري بهتر ائين ٿيندو ته ان
سلسلي ۾ اوهين ”المعجم“، ”معيار“، ”علم بديع“ ۽
انتقاد عروض“ جي طرف رجوع ڪريو. اوهان کي انهن
ڪتابن ۾ رباعيءَ جا چوويهه اوزان ۽ انهن جي ٻن
شجرن اخرب ۽ اخرب جي استعمال جي سلسلي ۾ هيٺيون
ڳالهيون ملنديون.
(1) چارئي مصرع هڪ ئي وزن ۾ ٿي سگهن ٿا، يعني اخرم
۽ اخرب جي چوويهن وزنن مان ڪنهن به هڪ ۾؛
(2) چارئي مصرع هڪ ئي شجري، اخرم ۽ اخرب ۾ ٿي سگهن
ٿا؛
(3) چارئي مصرع مختلف وزنن ۾ ٿي سگهن ٿا، يعني
اخرم ۽ اخرب ٻنهي جا وزن مشترڪ ٿي سگهن ٿا؛
اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن جو هي چوڻ ته چارئي مصرع مختلف
وزن ۾ هئڻ گهرجن، درست نه آهي. وزن جي استعمال جي
سلسلي ۾ جي ٽي حالتون مٿي درج ڪيون وييون آهن،
ٽنهي جا مثال رباعي گو شاعرن وٽ ملن ٿا ۽ انهن مان
ڪنهن کي به، استعمال ڪرڻ جو شاعر کي اختيار آهي.
فن جي استادن ڪنهن به التزام کي ضروري نه ٺهرايو
آهي، تنهنڪري اهو خيال به درست معلوم نٿو ٿئي ته
جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي ڪلام ۾ اهڙيون رباعيون هٿ نه
اچن جن جا چارئي مصرع چئن مختلف وزنن ۾ نه هجن ته
هن کي رباعي گو شاعر نه سمجهيو ويندو. مزيد
اطمينان جي لاءِ قيس بن رازي ڏانهن رجوع ڪري وٺو.
اوهان جو ٻيو سوال آهي –
”شاعر جنهن شئي کي روشناس ڪرائڻ گهري ٿو، پهرئين
مصرع ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو ۽ رباعيءَ جي ٻئي ۽ ٽئين
مصرع ۾ ان جي توضيح ڪري چوٿين مصرع ۾ منتها تائين
پهچائي ٿو.
اهو رباعيءَ جو فني شرط نه آهي، جنهن کي استعمال
ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو ڪنهن عروضي صريح حڪم لڳايو هجي،
پر هن کي رباعيءَ جي معنوي خصوصيت ٺهرائي ويئي
آهي. سبب رڳو اهو آهي ته رباعي غزل نه آهي، جو هن
جي هر شعر جو مفهوم اڪيلو مڪمل ٿئي. رباعي اصل ۾
مختصر ترين نظم آهي ۽ نظم خواه ڪهڙي به موضوع تي
هجي، ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن مرڪزي خيال، فڪر يا جذبي
جو هجڻ نهايت ضروري آهي. هاڻي جيڪڏهن هن خيال يا
جذبي جي اظهار ۾ ڪو اندريون ربط يا معنوي تسلسل
قائم نه رهي ته اهو نظم جو حسن نه، عيب سڏائيندو.
گويا هر سٺي نظم، هر سٺي قصيدي، هر سٺي مثنوي، هر
سٺي قطعي ۽ هر سٺي رباعيءَ جي لاءِ ضروري آهي ته
اهو جنهن خيال يا جذبي جي متحمل هجي، تنهن کي درجي
بدرجي ارتقا مان لنگهايو وڃي. جيڪڏهن ائين نه
ٿيندو ته پوءِ ان جا شعر پاڻ ۾ مربوط نه ٿيندا، يا
ائين چئجي ته ان ۾ معنوي ربط نه هوندو، تنهنڪري
ڪنهن جو هي چوڻ ته رباعيءَ جي پهرئين مصرع ۾ جو
خيال نظم ڪيو وڃي ٿو، سو تدريجي ارتقا سان گڏ چئني
مصرعن ۾ پکيڙيو وڃي ٿو، غلط نه آهي. سڀني سٺي
رباعي گو شاعرن رباعيءَ جي انهيءَ معنوي ۽ بنيادي
خصوصيت کي استعمال ڪيو آهي ۽ هيءَ خصوصيت اوهان کي
هر سٺي رباعيءَ ۾ نظر ايندي. جيڪڏهن ڪنهن رباعيءَ
۾ ائين نه هوندو ته ان کي رباعيءَ جو نقص ئي خيال
ڪيو ويندو. هي، هڪ ڀيرو وري واضح ڪري ڇڏيان ته هن
بحث جو واسطو عروضين سان نه رباعيءَ جي .......
سان آهي، يعني هي وزن جي سلسلي جو فني شرط نه آهي
بلڪ رباعيءَ جي معنوي خصوصيت آهي، جنهن کي استعمال
ڪيو ويندو ته رباعيءَ جو حسن و اثر يقيناً وڌي
ويندو، ۽ هن کان گريز ڪيو ويندو ته تعقيد معنوي جو
عيب بهرحال پيدا ٿيندو، ۽ اهو عيب رباعيءَ جي حسن
و اثر تي اثرانداز ٿيندو. اوهان انيس ۽ خيام وغيره
جون جيڪي رباعيون نقل فرمايون آهن، مان تن ۾ اها
خصوصيت واضح طور تي ڏسي رهيو آهيان ۽ اوهان جي
انهيءَ خيال سان متفق نه آهيان ته انهن رباعين جي
چئني مصرعن ۾ شاعر پنهنجي مافي الضمير کي ارتقائي
تسلسل سان پيش نه ڪيو آهي. اوهين گهرو ته مزيد
اطمينان جي لاءِ ”علم بديع در زبان فارسي“ يا
”زيبهائي سخن“ (ڇاپ تهران) ڏسي وٺو، جنهن ۾ سيد
محمد رضا رباعيءَ جي چئني مصرعن جي پاڻ ۾ تعلق تي
روشني وڌي آهي. اميد آهي ته مزاج بخير هوندو ۽ مٿي
جيڪي ڪي عرض ڪيو ويو آهي، تنهن کي ادبي تاويلات جي
سوا ڪنهن ٻئي ڳالهه تي محمول نه فرمائيندا.
(”نگار“ ص 82 – 84)
مٿين خطن بابت اسان کي ٻه ڳالهيون عرض ڪرڻيون آهن.
انهن مان هڪ ڊاڪٽر فرمان بابت آهي ۽ ٻي مرزا قليچ
بيگ جي رباعين جي تعارف نگار بابت. قارئين ملاحظه
فرمايو هوندو ته اسان جي ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر
فرمان صاحب لکيو آهي ته – ”شاعر جنهن شئي کي
روشناس ڪرائڻ گهري ٿو، پهرئين مصرع ۾ ان جو ذڪر
ڪري ٿو ۽ رباعي جي ٻيءَ ۽ ٽين مصرع ۾ ان جي توضيح
ڪري چوٿين مصرع ۾ منتها تائين پهچائي ٿو. هي
رباعيءَ جو فني شرط نه آهي، جنهن کي استعمال ڪرڻ
يا نه ڪرڻ جو ڪنهن عروضي صريح حڪم لڳايو هجي.“
اسان جي سوال جو جواب رڳو ايترو ئي هئڻ کپندو. هن
کان اڳتي ڊاڪٽر فرمان صاحب جيڪي ڪي تحرير فرمايو
آهي، جڏهن تعارف نگار جي اها تهمت صحيح هجي ها، جا
اسان تي هن پنهنجي خط ۾ لڳائي آهي، جو هن فرمان
صاحب کي لکيو هو ته اسان (يعني خليل) رباعيءَ جي
پهرئين مصرع کي چوٿين مصرع سان بي ربط سمجهون ٿا.
هن بابت اسان ڊاڪٽر صاحب کي جيڪي ڪي لکيو آهي، خبر
نه آهي ته ڇو ڊاڪٽر صاحب ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو
آهي. اسان لکيو هو ته رباعيءَ جا چارئي مصرع پاڻ ۾
هم دست و گريبان ٿين ٿا، تنهنڪري رباعيءَ بابت
تسلسل جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته رباعي
مسلسل مضمون جو نالو آهي. (”نگار“ – ص 82)
هاڻي رهيو اسان جي تشريحات بابت ڊاڪٽر فرمان صاحب
جو ارشاد ته (”اوهان انيس و خيام وغيره جون جيڪي
رباعيون نقل فرمايون آهن، مان انهن ۾ هي خصوصيت
واضح طور تي ڏسي رهيو آهيان.“) (”نگار“ – صفحه
84.)
يعني شاعر جنهن شئي کي روشناس ڪرائڻ گهري ٿو،
پهرئين مصرع ۾ ان جو ذڪر ڪري ٿو ۽ رباعيءَ جي ٻئي
۽ ٽئين مصرع ۾ ان جي توضيح ڪري چوٿين مصرع ۾ منتها
تائين پهچائي ٿو. ڊاڪٽر فرمان صاحب جو اشارو هن
خصوصيت جي طرف آهي. (خليل)
هي جواب بجاءِ خود مبهم آهي يا اسان جو عقل ايترو
ڪمزور آهي، جو هن توضيح کي جنهن جي طرف ڊاڪٽر صاحب
اشارو ڪيو آهي، اسين سمجهي نه سگهيا آهيون.
هن جو سبب هي آهي ته ڊاڪٽر صاحب اسان جي تشريح کي
نظرانداز ڪرڻ فرمايو آهي، جنهن جي ڪري رڳو هي لکيو
اٿس ته اسانجي نقل ڪيل رباعين ۾ هن خصوصيت کي واضح
طرح ڏسي ٿو، جن بابت اسان استفسار ڪيو آهي، جن کي
اسان مٿي بريڪيٽ ۾ لکي آيا آهيون.
جيڪڏهن ڊاڪٽر فرمان صاحب اسان جي نقل ڪيل رباعين
جي تشريح اهڙي انداز ۾ خصوصيت سان فرمائين ها، جا
زير بحث آهي، ته پوءِ اهو ابهام رفع ٿي وڃي ها.
جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب اهو طريقو اختيار ڪن ها، جيڪو
رباعيات جي تشريح بابت اسان اختيار ڪيو آهي، ته
پوءِ هن جا ٻه فائدا حاصل ٿين ها. هڪڙو اهو ته
ڊاڪٽر فرمان صاحب جي دعويٰ جي توضيح ٿي وڃي ها ۽
ٻيو هي ته اسان کي پنهنجي تشريح جي غلط هجڻ جو پتو
پئجي وڃي ها. يعني جن رباعين جي اسان تشريح ڪئي
آهي، تن جي توضيح ڊاڪٽر صاحب اهڙيءَ ريت فرمائين
ها، جو رباعيءَ جي پهرئين مصرع ۾ اصل مضمون جو ذڪر
هجي ها ۽ ٻئي ۽ ٽئين مصرعن ۾ هن جي توضيح هجي ها ۽
چوٿين مصرع ۾ پهرئين مصرع جي ذڪر ڪيل مضمون کي
منتهائي ڪمال تائين پهچڻ جي تصريح ڪئي وڃي ها – پر
ڇاڪاڻ ته ڊاڪٽر صاحب جو رڳو اهو چوڻ ته ”مان هيءَ
خصوصيت واضح طور ڏسي رهيو آهيان“، هڪ بنا دليل
دعويَ آهي. ڪاش! ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هن دعويٰ جي
تشريح ڪري دليلن سان ثابت ڪري ها. اسان جو مقصد
رڳو هڪ علمي مسئلي جي تحقيق آهي، ان کي گهڻي ۾
گهڻو اختلاف راءِ سان تعبير ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب
جي ذاتِ گرامي سان ڪو واسطو نه آهي. اسان ڊاڪٽر
صاحب جي ڪتاب ”اردو رباعي“ ۽ ان جي فني و تاريخي
ارتقا جي مطالعي کان گهڻو متاثر ٿيا آهيون، ۽ هن
جي ذاتِ گرامي کي علم و فضل جو جامع سمجهون ٿا.
اسان جي تحرير جو مقصد ڪو اهڙو مفهوم نه آهي ۽
اسين ڪنهن اهڙي مفهوم کان انڪار ڪريون ٿا، جنهن
مان هن جي علمي شان جي تخفيف جي طرف اشارو ٿيندو
هجي. اسان جي عبارت جي موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جو
رباعيءَ جي چئني مصرعن جي پاڻ ۾ ربط تي اصرار ڪرڻ
اسان جي خيال ۾ ضرورت کان وڌيڪ آهي. هيستائين جيڪي
ڪي عرض ڪيو ويو آهي، سو ڊاڪٽر فرمان صاحب سان
واسطو رکندڙ آهي. هاڻي تعارف نگار سان جي شئي
واسطو رکي ٿي، تنهن جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪ فني ۽ ٻيو
معنوي، جنهن جو فنِ بلاغت سان واسطو آهي. ڊاڪٽر
فرمان صاحب ان جو فيصلو ڏيئي ڇڏيو ته تعارف نگار
جي اها دعويٰ درست ته آهي ته رباعي گو شاعر اهو ئي
آهي جنهن جي رباعيءَ جا چارئي مصرع جدا جدا وزن جا
هوندا.
ٻئي معنوي بحث جي لاءِ اسان کي پروفيسر عبدالقادر
سروري صاحب جي ڪتاب ”جديد اردو شاعري“ جو مطالعو
ڪرڻو پوندو. رباعي بابت هن ڪتاب جي صفحي 43 تي هڪ
نظر وجهڻي پوندي، جتي پروفيسر صاحب فرمائي ٿو ته
”رباعيءَ جي پهرئين مصرع جو وزن مفعول، مفاعيل،
مفاعيلن، فع، ٻئي جو مفعول، مفاعلن، مفاعيلن، فع ۽
ٽئين ۽ چوٿين جو وزن مفعولن، فاعلن، مفاعيلن، فع
هئڻ گهرجي. هيءَ پروفيسر سروري صاحب جي پنهنجي
ايجاد آهي، جنهن کي ڪو عروضي تسليم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن
تيار نه ٿيندو. هن جو ثبوت هي آهي ته اردو ۽
فارسيءَ جون هزارين رباعيون پروفيسر سروري صاحب جي
مجوزه وزن جي خلاف ڏسڻ ۾ اينديون، ۽ اڄ سوڌو ڪنهن
به ماهرِ عروض رباعي بابت اهو شرط نه لڳايو آهي،
جو پروفيسر سروري صاحب پيش ڪري رهيو آهي. اهڙن
اختراعات کي فقط اهي شخص قبول ڪري سگهن ٿا، جي
جديد اردو شاعريءَ جهڙا ڪتاب پڙهي پاڻ کي فنِ
رباعيءَ جو ماهر سمجهڻ لڳن ٿا. |