سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1969ع

مضمون:

صفحو :19

هر فنڪار پنهنجيءَ وسيع ڪائنات جو مؤجد آهي. هو ڪنهن به ٻئي فنڪار جي حدبنديءَ کي، جي حقارت سان نه، ته به شڪ سان ضرور ڏسي ٿو. مون طالب العلميءَ جي زماني ۾ ’غالب‘ جو هڪ شعر پڙهيو هو، جو مون کان اڃا تائين نٿو وسري:

ڪوهڪن، نقاش يڪ تمثال شيرين ٿا، ’اسد‘،

سنگ سي سر مار ڪر پيدا نه هووئي آشنا.

[يعني ته فرهاد، شيرين جي هڪ تمثال (Symbol) جو نقاش هو، پٿر سان مٿو هڻي، ڪوئي شيرين جو آشنا پيدا نٿو ٿئي.[

فن واقعي اها ’شيرين‘ آهي، جنهن جا سوين رنگ روپ آهن. فنڪار جو روح ان ۾ صدها رنگينين جي تلاش ڪري ٿو. اهو ناممڪن آهي ته هو ان جي فقط هڪ ئي مانوس صورت تي مطمئن ٿئي. شاهه لطيف هو، سچل سرمست هو، سامي هو، يا ڪو ٻيو، هرڪنهن پنهنجيءَ پنهنجيءَ ’شيرين‘ ۾ صدها رنگينين جي تلاش ڪئي. پر جڏهين وقت گذريو، ته هرڪنهين جي شيرين هڪ مانوس صورت اختيار ڪندي ويئي، ۽ نئين فنڪار جي بيقرار روح ان کي مسترد ڪري، پنهنجي ’شيرين‘ پاڻ لاءِ ڳولي.

اهو سچ آهي ته ماحول فنڪار کي متاثر ڪري ٿو، پر باغي فنڪار ڪڏهين به ماحول جو محتاج نه آهي. هو پنهنجو ماحول پاڻ پيدا ڪري ٿو. شعر و ادب يا ٻئي ڪنهن فن لطيف ۾ ماحول سان مصلحت آميزي، عظيم ترين گناهه آهي. فن، حسن ۽ محبت ۽ سچائيءَ جو اَڻٿڪ ۽ اڏول پاسبان آهي. اهو نظريو اڄ به ايترو ئي سچو آهي، جيترو شاهه لطيف ۽ سچل سرمست جي وقت ۾ هو. انهيءَ لحاظ سان اڄوڪي ماحول ۽ ادب جي ڪنهن خاص جائزي وٺڻ بدران آءٌ لطيف سائينءَ جي سُر ڪارايل مان هڪ سٽ پيش ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس.

آسڻ جن اَريج، تن جي وِههُ جو ورن ٻيو.

نانگن متعلق لکندي، ڀٽائي چوي ٿو ته جن نانگن جا آسڻ (ٺڪاڻا) بنا ريج واريءَ زمين ۾ هوندا آهن، انهن جي زهر جو رنگ ئي ٻيو هوندو آهي. اڄ سنڌ جو ماحول اهو اَريج آسڻ آهي، جتي اسان جي وِههُ جو ورن واقعي ٻيو ٿيندو.

 

”تنوير“ عباسي

جديد سنڌي شاعري

هر دؤر جي شاعري، ان دؤر لاءِ جديد هوندي آهي. هر دؤر ۾ ڪي شاعراڻيون روايتون ڇنڊجي ڇڻي وينديون آهن، ته وري ڪن نين روايتن جو بنياد پوندو آهي. موت سدائين زندگيءَ جي خوراڪ رهيو آهي، ۽ نه فقط مادي دنيا ۾ زندگي موت جي سهاري ٿي پلجي، پر ذهني دنيا ۾ پڻ ڪي ادبي نظريا مُرجهايو ۽ مريو وڃن؛ ته ڪي جيئو اٿن. هڪ افق تي ڪيئي سج ٿا نڪرن. ٺاهه ۽ ڊاهه فطرت جو ازلي اصول آهي.

اسان جي ذهني دنيا جون تبديليون نه رڳو اسان جي ادبي قدرن جون واڳون ٿيون موڙين، پر ان سان گڏ اسان جي قومي ۽ فطري لاڙن ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي انداز ۾ ڦيرو ٿيون آڻين، ۽ اهي ذهني تبديليون وري بدلجندڙ ماحول ۽ حالات جو ردعمل آهن.

اسين نه رڳو مادي اضافيت (Physical Relativity) جي دنيا ۾ ساهه ٿا کڻون، پر ذهني اضافيت (Mental Relativity) جي دنيا پڻ پنهنجي پنهنجي اٿئون. هرڪو شاعر ڪائنات ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي هڪ مخصوص رنگ ۾ ٿو محسوس ڪري؛ ان ڪري سندس بيان ۽ اظهار، احساس ۽ فڪر پڻ مخصوص ۽ انفرادي ٿيو پوي. هر شاعر جي ذهني ارتقا ۾ نه رڳو ماحول، پر ان سان گڏ، موروثي اثرات پڻ ڪار فرما رهن ٿا، جنهنڪري هن جي شخصيت منفرد ٿيو پوي، ۽ سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو ٿيو پوي. هو هر مسئلي کي پنهنجي لاڳاپي ۾ ٿو محسوس ڪري.

جديد سنڌي شاعري هڪ وڏو ۽ اهم موضوع آهي، جنهن جي پوري مطالعہ ۽ تحليل جي حق ادا ڪرڻ لاءِ هڪ مسلسل ۽ ڊگهي مضمون جي ضرورت آهي.

هونءَ ته عام اصطلاح ۾ اڄڪلهه جو هرڪو شاعر جديد شاعر ۽ هرڪا شاعري جديد شاعري آهي – ۽ پوءِ چاهي اهو شعر پارسي تغزل جو نمونو هجي، ڪلاسيڪي ڪافيءَ جي هيئت جو حامل هجي، يا وري ترقي پسند خيالن جو ترجمان هجي؛ پر هتي ٻين ڳالهين کان پاسو ڪري، چند اهڙين خصوصيتن کي بيان ڪرڻ تي اڪتفا ڪندس، جن موجوده دؤر جي شاعريءَ کي اڳئين دؤر کان بلڪل نرالو ڪري ڇڏيو آهي.

جديد سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۽ واڌ گهڻو تڻو پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ٿي آهي، جيتوڻيڪ ان جو ٻج گهڻو اڳ ۾ پئجي چڪو هو. بهرحال، اسان کي پنهنجي انفرادي وجودکي قائم رکڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن کان اڳ جي مروج شاعري فارسي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ اردوءَ جي استادانه رنگ ۾ رڱيل هئي. ان جو سبب هيءُ هو ته فارسي عرصي کان دفتري زبان پئي رهي آهي، ۽ اسان جي شاعرن جي اڳئين نسل، فارسي خوانده هجڻ ڪري، گهڻو تڻو ان جو ئي اثر ورتو.

جئن ئي اسان جي نئين ٽهيءَ انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ٻولين جو اڀياس ڪيو، تئين اسان جي شاعريءَ ۾ وڌيڪ ندرت ايندي ويئي. اسان جي جديد شاعري هروڀرو مغربي فڪر ۽ طرز بيان جي تقليد به ناهي، جئن گذريل دؤر جي شاعري رڳو فارسي تشبيهن ۽ استعارن جي اجائي اپٽار هئي.

جديد شاعرن تي سنڌي لب لهجي ۽ ڪلاسيڪي روايتن کي پاڻ وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، جيئن هيٺ هلي ظاهر ٿيندو.

هاڻي اهي بنيادي خصوصيتون بيان ڪندس، جن موجوده دؤر جي شاعريءَ کي امتيازي رنگ بخشيو آهي.

اسان جي جديد شاعريءَ جو مزاج ۽ لهجو، سليس ۽ سادو، وڻندڙ ۽ نرم آهي. ائين ڪري چئجي ته اسان جا شاعر اڄڪلهه پنهنجي قومي مزاج (National Temperament) کان باخبر ٿي پيا آهن. سندن شعر جو سڀاءُ، پنهنجيءَ قوم جو مخصوص سڀاءُ آهي. هنن جي تخاطب جا انداز پيارا آهن. هو پنهنجي پرينءَ کي ’دلربا’، ’مَہ لَقا‘، مہ جبين‘ ۽ ’مہ وش‘ بدران: ‎’سائين‘، ’سهڻا‘، ’مٺڙا‘، ’ماکيءَ جهڙا‘ ۽ اهڙن ئي ٻين لفظن سان ٿا پڪارين. هنن جو پيار سنڌوءَ جي ماٿريءَ جو، ”مهراڻ جي مَڌ ۾ ٻڏل پيار آهي، ان ڪري، هنن جي شاعري ۽ هنن جو اظهار فطري پيو لڳي.

ٻي خصوصيت، جيڪا جديد شاعريءَ جي جان آهي، سا آهي انفراديت. اسان جي جديد دؤرجي هر سٺي شاعر، ڪوشش ڪري پنهنجي تخليق ڪئي آهي، ۽ پنهنجن ذاتي مشاهدن، تجربن ۽ احساسن کي بيان ڪيو اٿس، ان ڪري، هن دؤر ۾ ڪيتريون تشبيهون، استعارا، اصطلاح ۽ محاورا اسان جي شاعريءَ جي دنيا ۾ داخل ٿيا آهن، جيڪي شاعريءَ لاءِ بلڪل نوان آهن.

تخليقي صلاحيت شاعريءَ يا ادب جي ڪنهن به حصي جي جان آهي – پوءِ اها تخليق ڪا سٺي تشبيہ هجي، ڪو سٺو استعارو هجي، ڪو سهڻو محاورو ۽ اصطلاح هجي، يا ڪو اعليٰ خيال. روايتي شاعريءَ جي سٽيل ڪٽيل تشبيهن ۽ اصطلاحن کان بيزاري محسوس ڪندي اسان جي شاعر پنهنجي چوڌاري نظر ڊوڙائي: هنن ”نرگس بيمار“ جي تصور ڪرڻ بدران، ”نمن جي ٻور“ ۽ ”سرنهن جي گلن“ جي سونهن کي سميٽي، پنهنجي شاعريءَ جو پاند ڀريو.

اڄوڪي شاعريءَ ۽ روايتي شاعريءَ ۾ فرق آهي ماحول جو. شاعري دنيا جي ڪنهن به حصي جي هجي، ان جو تعلق اسان جي بنيادي جبلتي (Instincts) – مثلاً سونهن سان پيار، وطن دوستي، زنده رهڻ جي تمنا ۽ چاهنا – وغيره سان آهي. شاعري جذبن ۽ احساسن جو اظهار آهي، ۽ جذبا ۽ احساس انهن ئي بنيادي جبلتن جي ٿُڙ جون ڌار ڌار شاخون آهن. هر قوم جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ اظهار انهن ئي بنيادي جبلتن جي نشاندهي ڪندو آهي، تنهن هوندي به اهو هڪ خاص رنگ ۾ ٻڏل ۽ ڪنهن خاص ماحول سان وابسته هوندو آهي، ۽ ان قوم جي جاگرافيائي، تهذيبي، معاشرتي ۽ نفسياتي صورتحال جو آئينو هوندو آهي.

سنڌيءَ ۾ روايتي شاعري، جيئن مٿي چيو ويو آهي، فارسيءَ کان بيحد متاثر هئي، ان ڪري ان جو ماحول به ايراني هو (روايتي محفلون، جن ۾ ساقي شراب کڻي پياريندو هو، رند ايندا هئا، جام تي جام طلبيندا هئا، ۽ ”رقيب رُوسيہ“ به موجود هوندا هئا، وغيره.) سروَ جاوڻ (جيڪي اسان رڳو تاج محل جي تصوير ۾ ڏٺا هئا) ۽ نرگس جا گل (جيڪي مون خواب ۾ ڏٺا آهن) ايتريقدر ته عام بيان ڪيا ويندا هئا، ڄڻ ته اسان جي گهر گهر ۾ نرگس ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ سروَ جو وڻ اُڀو آهي! ان مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته اسان جا اڳيان شاعر مشاهدي، احساس، ۽ تاثر – سڀني کان وڌيڪ مطالعي جي ئي سهاري تي شاعري ڪندا هئا، جيڪو سندن تخليقي قوتن، مشاهدي جي ڪميءَ ۽ احساس جي ڪُند هجڻ جو ظاهر ظهور ثبوت هو، ۽ منجهن تخليقي قوتن جي ناپيد هجڻ جو دليل پڻ.

اڄوڪن شاعرن، ’روايتي حسن‘ ۽ ’مطالعي‘ جي سهارن کي ڇڏي، پنهنجي مشاهدي جي قوّت کي تيز ڪيو آهي، ۽ پنهنجو احساس وڌيڪ اونهو ڪيو اٿن. سندن شاعري سرنهن جي گلن جي سڳنڌ ڦهلايو ڇڏي، اونداهين راتين ۾ ٽانڊاڻا جهرمر لايو ڏين، ڪونجن جا ولر خيال جي افق تي ڦڙ ڦڙ ڪريو اڏامن، ۽ مهراڻ جون لهرون سندن احساسن ۾ اٿل پٿل پيدا ڪريو ڇڏين. هنن جي شاعري، بنديخانن ۾ ليئا پائي، قيدين جي حالت ڏسيو اچي، بلڪ قيديءَ جي اندر ۾ پيهي سندس جذبا پڻ ڪڍيو ٻاهر ڪري. اڄوڪي شاعري، ڪَچن گهرن ۽ لوڙهن مان ليئا پائي، اندر جو لقاءُ ڪري ٿي.

اڄڪلهه جو شاعر ٺهيل ٺڪيل (Readymade) تشبيهن، اصطلاحن، محاورن، بيان ۽ اسلوب جي طريقن بدران پنهنجن ذاتي ۽ انفرادي مشاهدن، احساسن، ۽ فڪري نُڪتن کي پيش ٿو ڪري. هن جي ڪائنات ويڪري ۽ ڪشادي آهي، ۽ ان جي سونهن اٿاه! هو پنهنجن پڙهندڙن جو ڌيان اهڙين شين ڏانهن ڇڪائي ٿو، جيڪي لکندڙ ۽ پڙهندڙ، ٻنهي جون ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل آهن؛ ان ڪري هڪ طرف شاعر جو اظهار مڪمل ۽ جامع آهي ۽ سندس شعر تاثر سان ڀرپور آهي، ته ٻئي طرف پڙهندڙ سندس شعر کي پوريءَ ريت پروڙي سگهي ٿو، ۽ ان مان پورو پورو حظ حاصل ڪري ٿو.

جديد شعر جي ٽين خصوصيت آهي پنهنجي ڪلاسيڪي ادب جي ورثي کي سنڀالڻ. اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن (شاهه، سچل، سامي، حمل وغيره) جي شعرن جي هيٺتن – مثلاً بيت، ڪافي ۽ وائي – ۽ موضوعن کي وري نئين سر هن دؤر جي شاعرن ئي جياريو آهي. اڄڪلهه بيت، ڪافي، دوها ۽ وايون ٻن مختلف طريقن سان لکيون وڃن ٿيون: هڪ گروهه انهن جا موضوع، ٻولي ۽ اسلوب ساڳيا ڪلاسيڪي رکيا آهن، ته ٻئي گروه رڳو هيئت ساڳي رکي ان جا موضوع ۽ اسلوب توڙي ٻولي مٽائي ڇڏي آهي.

پهرئين گروه جئن ته رڳو روايت ۽ تقليد جو سهارو وٺي ڪو به تخيليقي ڪارنامو انجام نه ڏنو آهي، تنهنڪري ان جو ذڪر اجايو ٿيندو. انهن جو حال اهڙو ئي آهي، جهڙو فارسيءَ جي تقليد ڪندڙ غزلگو شاعرن جو. رڳو محاورن جي ورجائڻ يا ٺهيل ٺڪيل موضوع کڻي لفظن کي ٻڌڻ سان ڪو ڪارنامو ته ڪونه ٿيندو. پر ٻئي گروهه انهن ئي هيئتن ۾ نوان نوان موضوع آندا آهن. ان کان سواءِ، اسان جي جديد شاعرن، بدلجندڙ ماحول جي نين تقاضائن کي مدنظر رکي، هڪ دفعو وري استعمال ڪرڻ شروع ڪيا آهن.

سسئي، مارئي ۽ ٻيجل بدران اسان جا فارسي زده شاعر قيس، ليليٰ، شيري – فرهاد جو ذڪر ڪندا هئا. اڄڪلهه جي شاعرن نه رڳو اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي پنهنجو بنياد بنايو آهي، پر ان جي ڪيترين ئي روايتن کي جديد تقاضائن سان هم آهنگ ڪيو اٿن ۽ نئين رنگ ۾ رڱيو اٿن.

اسان جي جديد شاعريءَ جي چوٿين خصوصيت آهي موضوعن جي فراواني ۽ ندرت، ورڊسورٿ لاءِ ننڍي ۾ ننڍو گل ۽ ٻهراڙيءَ جي ڇوڪري، شيليءَ لاءِ چنڊول، ڪِيٽس لاءِ بلبل، شاعريءَ جا موضوع هئا. اسان جي فارسي زده شاعرن جا موضوع، فطرت جي بدران ڪتابن مان چونڊيا ويندا هئا. سهڻا نظارا، ننڍڙيون ننڍڙيون ڳالهيون ۽ روزمره جا واقعا سندن خيال کي جاڳائي نه سگهندا هئا.

اڄ جا شاعر نه فقط پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ فڪر جي اثر هيٺ تخليق ٿا ڪن، پر ان سان گڏ بين الاقوامي معاملن جو ردعمل پڻ محسوس ڪن ٿا؛ ڇو ته اڄ جي دنيا ۾ ادبي رشتن کي هڪ بين الاقوامي وسعت حاصل ٿي چڪي آهي.

پنجين، مگر نهايت اهم خصوصيت آهي هيئت جا تجربا. موجوده دؤر جي شاعرن هيئت جا ايترا ته تجربا ڪيا آهن، جو ان جي بيان ۽ فني ڇنڊڇاڻ لاءِ هڪ ڌار مضمون جي ضرورت آهي. مختصر طور رڳو ڪي خاص نڪتا هي آهن:

(الف) ٻاهرين ٻولين جي شعر جون هيئتون سنڌيءَ ۾ عام ٿي ويون آهن – جهڙوڪ آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، هائيڪو وغيره.

(ب) ڪلاسيڪي هيئت – بيت، ڪافيءَ ۽ دوهي جو موضوع بدلايو ويو آهي.

(ت) ڪلاسيڪي هيئت، ڪافيءَ ۽ وائيءَ ۾، فارسي ٽيڪنيڪ واري بحر – وزن کي ملائي، ڪي نيون هيئتون پيدا ڪيون ويون آهن.

(ٽ) گيت کي اهو گيت رهڻ نه ڏنو ويو آهي، پر هڪ بند ۾ مصراعن جي انداز کي گهٽائي وڌائي، ۽ مصراعن ۾ رڪنن جي انداز کي گهٽ وڌ ڪري اڪيچار اظهار جا طريقا تخليق ڪيا ويا آهن.

(ٺ) غزل جو فارسيءَ وارو ڪلاسيڪي رنگ، لب – لهجو ۽ ماحول بدلائي، ان کي ٺيٺ سنڌي ماحول، اسلوب ۽ موسيقيت جي ويجهو آندو ويو آهي. هيئتي تجربن جا مثال ڪيترائي ملندا.

اسان جي شاعريءَ جي ڇهين، آخري ۽ اهم خصوصيت آهي ترنم ۽ موسيقيت. اسان جي اڳئين دؤر جي شاعرن وٽ موسيقيت ته هئي، پر ان جو آهنگ اسان جو نه پر پارسيءَ جو هو. هر ٻوليءَ کي پنهنجا صوتي اثرات، پنهنجو لب – لهجو، ۽ پنهنجو موسيقيءَ وارو مزاج ٿئي ٿو. سنڌيءَ جي صوتي اثرات کي رڳو اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۽ جديد شاعرن اڀاريو آهي، ۽ ان جو ترنم، آهنگ ۽ لفظن جي نرمي، جيڪا اسان جي ٻوليءَ جي سونهن آهي، تنهن کي ڪڍي نروار ڪيو اٿن.

مختصر طور، اڄوڪو شاعر سادي، سولي ۽ سٻاجهي انداز ۾، انفرادي ۽ ذاتي مشاهدي، احساس ۽ فڪر سان، وڻندڙ ۽ پياري لهجي ۾، پنهنجي ئي چوڌاري پکڙيل سونهن جو اظهار مٺيءَ موسيقيءَ ۾ ڀريل ٻوليءَ ۾ ٿو ڪري. جنهن به شاعر جي شعر ۾ مٿيون خاصيتون نظر اچن، بنا هٻڪ جي سمجهو ته اهو جديد شاعر آهي.

[”جديد سنڌي شاعري“ – سماجي ”مهراڻ“ نمبر 1 – 2/1960ع.[

 

شيخ عبدالرزاق ”راز“

آزاد شاعري

قريباً ويهه سال اڳ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند رجحانات جي تحريڪ شروع ٿي. ترقي پسند ادب متعلق ڪي به اصول معين ٿي نه سگهيا. ڪيترن ان تحريڪ کي ”اشتراڪي جمهوريت“ جو جزڪري سمجهيو، ۽ هاريءَ ۽ مزور جي مجبوريءَ ۽ مظلوميت جو نعرو بلند ڪيو، سرمايي جي مٽي پليد ڪرڻ جو سعيو ڪيو ويو. انهيءَ شدت ڪري انتها پسندانه رجحانات سنڌي ادب ۾ داخل ٿي ويا، جن ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ نرمي اختيار ڪئي ويئي. پهريائين ته روايت کان گهڻي حد تائين بغاوت ڪرڻ جو ارادو هو، ليڪن ماضيءَ کي يڪلخت ختم ڪرڻ ناگزير سمجهيو ويو – تنهنڪري روايت کي گهڻي حد تائين قبول ڪيو ويو . . . .

مغربي تهذيب کان متاثر ٿي ڪجهه نوان تجربا ڪيا ويا آهن، ۽ مغربي تهذيب جي زير اثر ادب کي زندگيءَ جي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، تنهنڪري هر اها تخليق ترقي پسند آهي، جنهن جو تعلق انسان جي زندگيءَ جي ڪنهن به صحتمند پهلوءَ سان آهي، ۽ جا ڪنهن سماجي مسئلي جي حامل آهي. انهيءَ تحريڪ جي ڪري، ادب جو زندگيءَ سان براه راست رشتو قائم ٿي ويو. مطالعي کان وڌيڪ مشاهدي جي قوت کي تيز ڪيو ويو. ترقي پسند ادب بذات خود هڪ جدا وسيع ۽ وضاحت طلب موضوع آهي، جنهن سان سردست منهنجي مقالي جو ڪو واسطو آهي، تنهنڪري وقتاً فوقتاً هن مقالي جي متن ۾، ڪجهه نه ڪجهه وضاحت ڪرڻ ۾ ايندي.

آزاد شاعري، هيئت ۽ مواد جي لحاظ کان جدت پسند رجحان ۽ زندگيءَ جي جديد لاڙن جي پيداوار آهي، ليڪن سرزمين سنڌ لاءِ هڪ شعري ڳجهارت بنجي بيٺي آهي. اها شاعري دراصل يورپ ۽ آمريڪا کان انگلنڊ ۾ آئي، ۽ گذريل صديءَ جي مشهور انگريزي شاعرن منجهس ڪيترائي انوکا تجربا ڪري ان کي هڪ مقبول عام صنف جو درجو ڏنو آهي. اردو شاعري، هلندڙ صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾، انهيءَ قسم جي شاعريءَ کان متاثر ٿي، ۽ اردو شاعرن منجهس طبع آزمائي ڪئي، . . . جئن ته سنڌي جديد شاعري، عموماً اردو شاعريءَ کان متاثر رهي آهي، تنهنڪري، سنڌي شاعري، پنهنجي روايتي دستور موجب ويهين صديءَ جي پنجين ڏهاڪي ۾ انهيءَ قسم جي صنف جو اثر قبول ڪيو. آزاد شاعريءَ سان گڏ سنڌي شاعريءَ ۾ مختصر نظم جو رواج به پيو، جا پڻ بنيادي طور انگريزي صنف آهي. انهيءَ زماني ۾ سانيٽ جو رواج پڻ انگريزيءَ کان اردوءَ جي ذريعي سنڌي شاعريءَ ۾ داخل ٿيو.

سانيٽ ته سنڌ جي درمياني ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي جي سمجهه ۾ جلد اچي ويو، جيتوڻيڪ انهيءَ شاعريءَ ۾ قافيي ۽ بندن جو انتظام هڪ انوکي نموني جو آهي، ليڪن قافيي جي شبعده بازي ۽ مروج بحر جي وزن ۽ رڪنن، سنڌي ذهن تي قبضو ڪيو. پنهنجي نرالي نظام جي طفيل اها شاعري اڃا تائين زياده مقبول نه ٿي سگهي آهي، ۽ سنڌ ۾ هن وقت مون کي سانيٽ لکڻ جو رواج گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

آزاد شاعريءَ کي هڪ پنهنجو نرالو اسلوب ۽ هڪ انوکي قسم جو مواد آهي، جنهن ۾ سياسي، نفسياتي، فڪري، معاشرتي ۽ معاشي مسئلن جو خام مال موجود آهي؛ جنهن جو رشتو گهڻو تڻو زندگيءَ جي خارجي معاملات سان وابسته آهي. بعض اوقات شاعريءَ ۾ داخلي ڪيفيت جا به نقش نگار اڀري اچن ٿا . . . انهيءَ ڪري آزاد شاعري، هيئت ۽ موضوع جي لحاظ سان اسان جي روايتي رائج شاعريءَ جي لازمي ۽ بنيادي اصولن کان بلڪل بي نياز آهي. اهوئي سبب آهي جو هن طرز سخن کي اسان جي سرزمين تي اڃا تائين اجنبي ۽ غير مانوس سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اها شاعري ڪن بزرگن ۽ سيکڙاٽ اديبن لاءِ هڪ مضحڪه خيز چيز بنجي پئي آهي. هيئت جي مختلف ردوبدل جي علاوه، مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعريءَ جي تخليق جو باعث بنجي ٿي. . . .

آزاد شاعريءَ ۾ نه فقط قافيي ۽ رديف جي پابنديءَ کان انحراف آهي، پر ان سان گڏ پراڻي اسلوب ۽ فرسوده مواد کان بغاوت ئي صحيح نموني ۾ آزاد شاعريءَ جو فن آهي. هرڪنهن زبان جي ادب جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو نازڪ وقت ايندو آهي، جڏهن انهيءَ ادب جو وجود خطري ۾ اچي ويندو آهي. انهيءَ زماني ۾ پراڻا ۽ فرسوده تاثرات گهٽجڻ لڳندا آهن، ۽ جديد تاثرات جي نشوونما لاءِ راهه هموار ٿيندي رهندي آهي؛ ۽ جديد معيار ۽ ترقي پسند قدر، پنهنجي انوکي طرز ۽ نرالي ڍنگ سان ڪا اهم جاءِ والارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، ۽ اهڙو اسلوب پيش ڪندا آهن، جو جاذب صورت ۾ هوندي به پڙهندڙ کي متحير ڪري ڇڏي. ڪنهن به نئينءَ تحريڪ کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ دماغي، روحاني ۽ جذباتي طاقتن جو استعمال ڪرڻ ۾ اچي ٿو. هڪ نئين چيز تخليق ڪرڻ لاءِ اعليٰ صلاحيت جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

مختلف دؤرن جي جائزي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ‎’سنڌي ادب‘ ۾ شاعريءَ جي صنف، برصغير هند – پاڪ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ ڪجهه تيزيءَ سان بدلجندي رهي آهي. سنڌي شاعريءَ جي ابتدا هندي دوهي جي ٽيڪنيڪ سان شروع ٿي آهي. انهيءَ فن جي پيش نظر، سنڌي شاعرن، پنهنجي افتاد طبع جي لحاظ کان ڪيترائي نوان تجربا ڪيا آهن، جي تجربا سنڌي شاعرن جي فهم ۽ شعور جي عظمت جو کُليل دليل آهن.

هندي عروض کان پوءِ، سنڌي شاعريءَ فارسي عروض جو اثر قبول ڪري پنهنجي نقطه نظر جي ترجماني ڪئي آهي. ساڳئي نموني آزاد شاعري به سنڌي ادب ۾ هڪ قسم جي جدت ۽ تغير آهي. روايتي شاعري، ساغر و مينا، گل و بلبل ۽ رند و زاهد جي فرسوده ۽ بي معنيٰ روايتن ۾ اهڙو جڪڙجي ويئي، جو موجوده دؤر جي تعليم يافته طبقي جي دل و دماغ تي ڪو به جمالي ۽ نظرياتي اثر ڪري نه سگهي. وقت جي تقاضا ڪن ٻين صنفن کي سنڌي ادب سان روشناس ڪرايو، جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، ۽ انهن جي ڪري موضوعن ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ نيون چيزون اجاگر ٿيون. آزاد شاعري بحر واري مقرر ترنم کان آزاد آهي. بحر وارو ترنم فطري ترنم کي ختم ڪري ڇڏي ٿو.

. . .  . . . . . .

مقفيٰ شاعريءَ ۾ فطرتي آواز سان گڏ علم عروض جي بحر جو ميڪانيڪي آواز شامل رهي ٿو، جي گڏجي ترنم پيدا ڪن ٿا. پر آزاد شاعري، آواز ۽ ساهه کڄڻ جي فطري ترنم، خيال ۽ احساس جي بيساخته موسيقيءَ سان هڪ بي تڪيف آهنگ جو وهڪرو پيدا ڪري ٿي. هڪڙو فنڪار، انهن سڀني جزن کي ڪٺو ڪري، هڪ اهڙو نغمو پيدا ڪري ٿو، جنهن جي پڙهڻ سان ڪنهن مقرر ۽ معين بحر جو گمان پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ذهني تحريڪ ۾ ڪا لغزش پيدا ٿئي ته اهو نغمو لطف ۽ سرور ڏيڻ جي بجاءِ، بي ڪيف ۽ بي مزي ٿي پوي ٿو. آزاد شاعري هڪ خاص موڊ ۽ هڪ خاص تجربي جي مرهون منت آهي. ڪامياب آزاد شاعريءَ لاءِ آهنگ ۽ نغمگيءَ جو واضح شعور درڪار آهي، جنهن جي جادوگري شاعرانه صلاحيت تي هڪ سخت پابندي ۽ ضابطو عائد ڪري ٿي، ۽ اها بحر واري ترنم کان آزاد رهي ٿي…

آزاد شاعريءَ تي آزادي گهٽ ۽ ذميداري زياده آهي. جيڪڏهن فني ۽ بنيادي پابندين جو خيال نه رکيو وڃي، ته پوءِ فن سان گويا بي انصافي ٿيندي.

آزاد شاعري دراصل آهنگ جي نغمي جو مسئلو آهي. آزاد نظم جي مصرعن جو وزن بحر جي مياڻ ۾ مَيو ويندو آهي، ۽ اهو شعر بحر ۾ هوندو آهي، جنهن ۾ رڪنن جي تعداد ۾ ڪمي – بيشي ۽ تبديلي ڪئي ويندي آهي. رڪنن جي ردوبدل جي باوجود مصرعن کي پنهنجو ”اسپيچ رِدم“ آهي، ۽ هر مصرعي جو پنهنجو آهنگ به شاعرانه ترنم جي خصوصيت بنجي پوي ٿو…

رڪنن جي تعداد جي بدلجڻ ڪري شعر لاءِ ٺهيل ٺڪيل ٽڪرا ملي وڃن ٿا، جن کي مصرعن جي صورت ۾ کُپايو وڃي ٿو، مٿن شعرن جو مواد به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. آزاد شاعريءَ ۾ فقط هيئت جو بدلجڻ ڪا وڏي ڪاميابي ڪانه آهي، پر مواد جي فني ۽ فڪري ترتيب، داخلي ۽ خارجي احساسات جي ترجماني ۽ امتزاج، صحيح معنيٰ ۾ آزاد شاعريءَ جي تخليق جو باعث بنجي ٿو. پراڻي اسلوب ۽ فرسود مواد کان بغاوت صحيح نموني آزاد شاعريءَ جو فن آهي. اهو هڪ تغيّر آهي ۽ اهڙو تغيّر ۽ انقلاب ئي زندگيءَ جو دليل آهي.

آزاد شاعري ڪن خاص حقيقتن ۽ خاص نظريه حيات ۽ فڪر جي ردعمل کان پوءِ ظاهر ٿي آهي، ۽ انهن حالتن کان متاثر ٿي مٿيون اسلوب پنهنجي اظهار خيال جو جاذب، آسان ۽ ماثر ذريعو ڪري تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ انهيءَ خاص مواد پنهنجي اظهار لاءِ مخصوص اسلوب پيدا ڪيو آهي– اها سڀ جديد ادب جي ڪارفرمائي آهي. . . .

آزاد شاعري گهڻو ڪري ترڪيبن، تشبيهن ۽ محاورن کان آزاد هوندي آهي، ۽ منطقي دليلن کان بي نياز آزاد شاعريءَ جي جان آهي. جيڪي ڪجهه جيئن محسوس ڪيو ويو آهي، تيئن پيش ڪرڻ ۾ ايندو آهي. لمحاتي احساسات کي منطقي، معنوي ۽ لفظي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي ويندي آهي. سڌي سنئين خالص شئي ٻڌندڙ جي سامهون پيش ڪئي ويندي آهي، جنهنڪري بعض اوقات اها شاعري مبهم ۽ بي معنيٰ ڏسڻ ۾ ايندي آهي.

ليڪن ٻڌندڙ انهيءَ تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيو پوي، ۽ ڪوشش ڪري ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي وڃي ٿو. انهيءَ مان ظاهر آهي ته نظم جو آزاد تسلسل ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي هڪ مڪمل تاثر ڇڏي ٿو. آزاد تسلسل مان مراد آهي ته شعر جون مختلف ۽ ڇڙوڇڙ تصويرون ٿوري سوچڻ کان پوءِ هڪ واضح نمونو پيش ڪن ٿيون، جنهن مان ڪنهن نقطه نظر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو…

آزاد شاعري، مواد جي لحاظ سان مختلف موضوعن جي شاعري آهي. هر مسئلي جي نفس مضمون ۾ وسعت پيدا ڪئي وڃي ٿي. معاشري جا ڪيترائي مسئلا – جن کي حل ڪرڻ لاءِ دؤر ۾ ڪافي تشويش پيدا ٿي آهي – تن جي ترجماني ڪرڻ آزاد شاعريءَ جو مسڪن بنجي چڪو آهي، جا قوم جي ذهن ۾ هڪ نئون خون پيدا ڪري، سندس تاديبي حيثيت کي بلند بنائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.

اسان جو نئون نسل پنهنجي اجداد جي نقش قدم تي تقليدي طوپر هلڻ جو متمني رهي ٿو. منجهس انفراديت پيدا ڪرڻ جو نه جذبو آهي ۽ نه سليقو، جنهنڪري سندس دل ۽ دماغ تي هڪ خوف ۽ هراس طاري رهي ٿو، ۽ ڪڏهن به انفرادي طور سوچڻ لاءِ تيار نه آهي. آزاد شاعري جيئن روايتي شاعريءَ کان هيئت جي لحاظ سان مختلف آهي، تيئن مضمون جي خيال کان هر اڳينءَ شاعريءَ کان منفرد آهي. هن وٽ پنهنجو نفس مضمون موجود آهي، ۽ ان سان گڏ هڪ انوکو اسلوب بيان.

آزاد شاعريءَ لاءِ جيڪڏهن اهو غور ڪجي ته هن ۾ قافين جي استعمال کان گريز، اصول جي خلاف مصرعن جي سٽا ۽ ترتيب، رڪنن جي تعداد ۾ تبديلي ڪو وڏو ڪارنامو آهي ته اهو بلڪل غلط ٿيندو. هن ۾ نه فقط نئين فڪر ۽ جديد خيال کي اسلوب بيان سان اهڙي نموني ۾ هم آهنگ بنائڻو آهي، جنهن سان شاعر جي انفراديت جي ڪا جهلڪ نظر اچي سگهي. اها شاعري پنهنجي همه گير ۽ بلند نظريات جي باوجود اسان جي شاعريءَ ۾ هڪ تجربو آهي، ليڪن ان جو مستقبل شاعرن جي ڪاوش جو محتاج آهي.

اسان جي قديم شاعري، اسان جي ملڪ جي روايتي موسيقيءَ کان فيضياب ٿي آهي، ليڪن گذريل سوا سؤ سالن جي شاعريءَ جو مزاج علم عروض تي گهڙيو ويو آهي، جنهن جو فن موسيقيءَ سان ڪو به تعلق نه رهيو آهي، ليڪن ان جي شعريت اسان جي دلين تي ڪافي قبضو ڪيو آهي. آزاد شاعري به ساڳئي نموني سنڌي سنگيت جي اثر کان بي نياز آهي، ليڪن منجهس نغمگيءَ جي بجاءِ آهنگ جي لطافت موجود آهي، جنهن جي ذريعي احساسات ۽ جديد تصورات جو اظهار ڪري، ٻڌندڙ جي دل و دماغ تي اثرانداز ٿي سگهجي ٿو.

وزن جي اهميت کي هر ملڪ جي شاعريءَ ۾ تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي عميق خيالات، بلند احساسات ۽ ذاتي مشاهدات کي متوازن زبان جي صورت ۾ پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ ۾ وزن راڳ وانگر دل تي اثر ڪري ٿو، تنهنڪري وزن شعر جو زيور آهي ۽ هر شاعريءَ ۾ موجود آهي. وزن جي طفيل ئي آزاد شاعريءَ ۾ آهنگ موجود آهي. جيڪا شاعري مڪمل طرح جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪري ٿي، اهائي اعليٰ شاعري چئي سگهجي ٿي.

شاعريءَ کي ٻن وڏن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، جن کي ”داخلي“ ۽ ”خارجي“ شاعريءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي وڏن حصن جون به ڪيتريون ئي شاخون آهن: داخلي شاعري، ذاتي تجربات ۽ دلي محسوسات تي مبني آهي، ۽ گهڻو ڪري عشقيه شاعري ليکجڻ ۾ اچي ٿي، جا فڪريه ۽ فلسفيانه شاعري به آهي . . . . ليڪن ٻنهي حصن جو گهڻو ڪري هڪ ٻئي سان ڳوڙهو رشتو آهي، جنهنڪري ٻنهي جون حدون هڪ ٻئي سان ملي وڃن ٿيون. آزاد شاعري، اصولي طرح داخلي ۽ خارجي احساسات ۽ تجربات جو امتزاج آهي، ۽ اها آميزش ئي ان جي ڪاميابي آهي. جديد شاعريءَ جي تقاضا اهائي آهي. . . . .

آزاد شاعري جذبات ۽ تجربات جي اظهار ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري تصنّع ۽ آورد کان پاڪ آهي، ۽ عموماً ان جو دارومدار مواد جي لحاظ کان خلوص تي رهندو آهي. داخلي شاعري گهڻو تڻو ’بيانيه شاعري‘ هوندي آهي، جنهن ۾ مختلف واقعات جو ذڪر ۽ مختلف مناظر جي عڪاسي هوندي آهي. سماجي ۽ سياسي شعور پيدا ٿيڻ کان پوءِ ڪيترن ئي خارجي اثرن اسان جي دل ۽ دماغ تي اثرانداز ٿي، آزاد شاعريءَ لاءِ مختلف موضوع پيدا ڪيا آهن. آزاد شاعريءَ ۾ جيڪڏهن هڪ طرف قدرت جا مناظر پيش ڪيا وڃن ٿا ته ٻئي طرف فلسفيانه خيالات سان گڏ ڪيترن ئي خارجي پهلوئن جي عڪاسي ڪئي وڃي ٿي، تنهنڪري نظم ۾ خارجي ۽ داخلي عناصر شامل ٿي وڃن ٿا . . . .

. . .  . . . . . .

ڪيترن دوستن آزاد شاعريءَ کي فقط لفظن جي راند سمجهي طبع آزمائي ڪئي آهي؛ منجهن شعر چوڻ جي صلاحيت ته خير ڪا آهي، پر هنن شايد آزاد شاعريءَ کي هڪ آسان صنف سمجهي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هر شاعريءَ لاءِ شعر جي لوازمات جي ڄاڻ نهايت ضروري آهي؛ پر آزاد شاعريءَ لاءِ ته وڏي محنت ۽ مشقت درڪار آهي، ۽ شاعر تي هڪ وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي. عروضي شاعرن آزاد شاعريءَ کي صنف شاعريءَ کان خارج سمجهي، ان جي پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کي به ڄڻ ناجائز قرار ڏنو آهي. شايد انهن دوستن موجوده دؤر جي شاعرن – فيض، قيوم نظر، يوسف ظفر، سلام ۽ جعفري وغيره – جي آزاد شاعري ڪانه پڙهي آهي، جن کي اردو شاعريءَ ۾ وڏو مقام حاصل آهي.

[”آزاد شاعري“ – سماهي ”مهراڻ، نمبر 1-1964ع.[

[وٽ: مثال طور ڏنل شعر نه آندل آهن، اهي اصل ”مهراڻ“ ۾ ڏسي سگهجن ٿا. – ادارو.[

”جديد ادب ۾ خيال جي ندرت کي به وڏي اهميت حاصل ٿي چڪي آهي. خيال پراڻو هجي يا نئون، ان کي ڪڏهن جديد اسلوب پهرايو وڃي ٿو ته ڪڏهن کيس هن نئين دؤر جي ڪنهن نئين مسئلي سان ملايو وڃي ٿو، ۽ ان ۾ ندرت ۽ تازگي پيدا ڪئي وڃي ٿي.

سنڌي جديد ادب جي سلسلي ۾ هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ان جي پرک ۽ ڄاڻ لاءِ جي به معيار قائم ڪري سگهجن ٿا، اهي ڪي ڌاريا ۽ اُڌارا نه آهن، انهن جون پاڙون سنڌي ڪلاسيڪل ادب ۾ کُتل آهن. جديد ادب وارن نه فقط انهن سرچشمن سان پنهنجي فن جو ربط ۽ ڳانڍاپو قائم رکيو آهي، بلڪ ان ۾ پنهنجي زماني جي تقاضائن جي ترجماني به ڪئي آهي.“                          – ادارو.

9 – غير قافيه شاعري

1. غير قافيه شاعري           - ”فراق“ گورکپوري

2. بنان قافيه شاعري          - مرزا ياس ”يگانه“ چنگيزي

3. آزاد نظم                   - غلام محمد ”گرامي“

”غير قافيه شاعريءَ ۾ مواد ۽ موضوع، اسلوب ۽ هيئت جي اصلاح ۽ تجديد سان گڏ، ڪن تجربن ۾ ڪجهه ابهام ۽ اجمال، پيچيدگي ۽ يوليدگيءَ جي شڪايت موجود آهي – ان لاءِ جديد فنڪارن کي رمزيت ۽ اشاريت جي مبهم استعمال کان بچڻ ضروري آهي. ساڳيءَ ريت ترائيل ۽ سانيٽ، نظم معريٰ ۽ آزاد نظم – ادب جون ٻاهريون صنفون آهن – انهن جا پڻ اسان وٽ ڪيئي سهڻا مثال پيدا ٿي چڪا آهن. ان فن جي مشق ۽ رياض کي ڏسي اها اميد پيدا ٿي آهي ته ڪو اهڙو مثال پيدا ٿي سگهي، جو فن جي تجديد ڪري ۽ پنهنجي اجتهاد سان هنن صنفن کي ڪمال تائين پهچائي. ان سلسلي ۾ ڪي اهڙا مثال به پيدا ٿيا آهن، جن ۾ فارسي عروضن جا مختلف ارڪان ملائي، ڪي سهڻا مثال قائم ڪيا ويا آهن. ’سنڌي ادب ۾ غير قافيه شاعري‘ هاڻي اجنبيت جي دؤر مان گذري، اصليت جي راه تي اچي چڪي آهي.“                               - ادارو

”فراق“ گورکپوري

بلئنڪ ورس (غير قافيه شاعري)

’ادب‘ متعلق گهڻائي سوال اُٿن ٿا، تن مان هڪڙو هي به سوال آهي ته انگريزي شاعري ۽ انگريزي نثر جون فني خوبيون اسان وٽ ڇو نه پيدا ٿيون آهن، ۽ هر لحاظ سان اسان جو ادبي ذخيرو انگريزي ادب کان ڇو ڪِريل آهي؟ جو ڪجهه ٽينيسن، سون برن ۽ شيلي وٽ آهي، اهو اسان جي اقبال کان وٺي جوش ۽ فيض تائين نظر نٿو اچي، پر ائين کڻي چئجي ته انگريزي ادب جي ٻئي ۽ ٽئين صف وارن شاعرن جي ڪلام ۾ جو ڪجهه معيار ۽ حُسن، رنگ ۽ روح آهي، اهو به اسان وٽ ڪو نه آهي. ڪنگسلي، والٽر سڪاٽ، ڊرائيڊن، ميٿيو آرنلڊ به اسان کان گهڻو مٿي آهن. انهن جي نظم جي حسن تائين ته ڇا رڳو صوتي لحاظ سان به اسان جو نظم انهن کي ڇُهي به نه سگهيو آهي!

گذريل پنجاهه سالن ۾ اسان جي ڪيترن شاعرن انگريزي ادب کي مطالعہ ڪيو آهي، ۽ ان مان فيضياب به ٿيا آهن، ۽ ڪي متاثر به ٿيا آهن. ان هوندي به ايتري گهٽتائي ڇو آهي؟ ان جا ٻه – ٽي سبب آهن.

(1) هڪ اهو ته اسان ”مقفيٰ شاعريءَ“ ۾ ميڪانڪي طريقي سان قديم اصناف سخن جي پابندي ڪندا آيا آهيون، ۽ قافين جي نئين ۽ دلڪش ترڪيبن کي اسان اڃا تائين پنهنجو نه ڪري سگهيا آهيون، انگريزي قافين جي ماهيت ۽ ترڪيب اسان لاءِ اڃا اوپريون آهن. ”تخليق فقره“ جو مادو اسان ۾ نه رهيو آهي. اسان نوان نوان فقرا نٿا بنائي سگهون، ۽ نه ته اسان ۾ اضافت جي تخليق ۽ استعمال جو ڍنگ پيدا ٿيو آهي؛ نه ته بيان جا نوان نوان تعبير اسان وضع ڪري سگهيا آهيون، ۽ نڪو اهڙا اساليب ۽ بيان جا نوان رنگ بنائي سگهيا آهيون، جن سان اسان جي ٻوليءَ ۾ نوان ۽ روشن امڪان پيدا ٿي سگهن – چنانچه اسان يورپ جي شاعرن کان گهڻو پوئتي بيٺا آهيون.

اسان جي شاعريءَ ۾ ڪي اهڙا دائمي ۽ ”قابل ترميم عناصر“ (Constants) پيدا ٿي چڪا آهن، جن کي نه ته اسان ڇڏي ٿا سگهون، ۽ نڪو اسان انهن کي بدلائي ٿا سگهون؛ ۽ نڪو پاڻ ئي هو بدلجڻ لاءِ تيار آهن. بيان جا چند روايتي ۽ رسمي ٽڪرا آهن، جي هر هر ڦري گهري اسان جي شاعريءَ ۾ اچي وڃن ٿا، ۽ اهي گويا اسان جي شاعريءَ لاءِ ضروري ۽ لازمي معمول بنجي چڪا آهن.

(2) ٻيو سبب اهو آهي ته اسان غير مقفيٰ شاعريءَ ۾ اڃا اناڙي آهيون. انگريزي ’بلئنڪ وَرس‘ جي وڏن اڪابر فنڪار شاعرن جي فن تي اسان کي اڃا عبور حاصل نه ٿيو آهي، جنهن مان اسان به اهڙا وڏا ۽ طولاني جملا ائين وڌائي سگهون، جيئن ڪوئي سهڻو ۽ سڊول جسم وڌندو ۽ ويجهندو آهي. اهڙا جملا، جي ڪنهن حد تائين، طول بحر ۾، مسلسل ٻن – چئن مصراعن سان پورا ٿين، اهڙا اسان جي غير مقفيٰ شاعريءَ ۾ اڃا پيدا ئي ڪين ٿيا آهن.

جاندار ’بلئنڪ وَرس‘ وارو رنگ رڳو قافين کي ڇڏڻ سان نٿو پيدا ٿئي، بلڪ ان جو داخلي عمل ان پرايانام (Control Breath) جي صفت رکندڙ ان رنگ مان پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاعر جو خيال مصرعن جي گهٽ وڌائيءَ ۾ بَکندو رهي ٿو، ۽ تمام نازڪ ۽ لطيف انداز ۾ ڄڻ ته ٻُڌڻ ۾ به اچي ٿو.

اڃا ته اسان جي ’غير مقفيٰ شاعريءَ‘ ۾ جملن جا مختلف پيمانا ۽ ماپا ئي ڪونه ٺهيا آهن، جي سمنڊ جي لهرن وانگر ۽ وِير جي لهڻ ۽ چڙهڻ وارو وزن ۽ رنگ پيدا ڪري سگهن. اسان کي ته اڃا وڏن ۽ ڊگهن جملن بنائڻ جو فن سکڻو آهي ۽ اهو فن مرتب ڪرڻو آهي ۽ ان جا شرائط ۽ اصول تخليق ڪرڻا آهن. گويا نئون ’علم بيان‘ ٺاهڻو آهي، فقرن ۽ جملن مان زنجير بنائڻ جو هنر نئين سر وضع ڪرڻو آهي. شاندار پاره هاي نظم (Vere Paras) بنائڻ وارو فن اسان کي اصل ڪونه آيو آهي.

(3) ٽيون سبب، مٿئين ٻئي سبب سان گهَرو ۽ گهاٽو واسطو رکي ٿو. اسان جي قافيه دار يا بنان قافيه واري نظم گوئي ’غزل‘ جي رنگ ۾ آهي. ان ۾ خيال جو تدريجي اڀرڻ ۽ ترقي (Development of Idea) يا خيال جي مڪمل ڪائنات اصل ڪانه ٿي پيدا ٿئي.

اسان جي ان شاعريءَ ۾ ڦيرا ته آهن، پر اڳتي وڌڻ ڪٿي آهي. اسان حلقن يا گول دائرن ۾ لکون ٿا. (Writing in Circle) يا (Arguing in a Circle).

اسان مختلف تشبيهن سان رڳو هڪ خيال پيدا ڪريون ٿا، پر مختلف خيالن کي سهيڙي ۽ سموهي وحدتِ خيال نٿا بنائي سگهون، جنهن کي تعميري صلاحيت يا (Architec Tonics) چيو ويو آهي.

انهن سڀني صلاحيتن کي حاصل ڪرڻ ڏانهن اسان جي شاعرن جو توجهه گهڻو گهٽ آهي. اسان کي ”انگريزي شاعريءَ“ جي تنقيدي مطالعہ ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرجي. ’بلئنڪ ورس’ يا نئين ’قافيه بنان شاعري‘ اسان سکيا ته آهيون، پر اها بلند تر سنجيدگي (Higher Seriousness) اسان جي نئين تخليقي ادب ۾ ڪٿي ڪٿي مس نظر اچي ٿي، جنهن کان سواءِ اسان جي شاعري مغربي شاعريءَ جي هم مرتبه ٿي نٿي سگهي.

]رسالو ”شاعر“ آگسٽ – سيپٽمبر 1956ع، حيدرآباد سنڌ.[

 

مرزا ياس يگانه چنگيزي

بلئنڪ ورس يا بنان قافيه شاعري

غزل شاعريءَ جي اها جامع ۽ معياري صنف آهي، جنهن ۾ هر فڪر ۽ خيال کي بيان ڪري سگهجي ٿو. ’وزن ۽ قافيو‘ غزل لاءِ روح جي حيثيت رکن ٿا ۽ اُن ۾ ترنم، اثر، دلاويزي ۽ ڪشش پيدا ڪن ٿا، ۽ ٻڌڻ سان روح ۾ رقص جي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي. انسان ۾ وجد ۽ مستي جا آثارڏسڻ ۾ اچن ٿا، ۽ انسان نهايت محظوظ ۽ متاثر ٿئي ٿو، ۽ اهي سڀ گڏجي افاديت پيدا ڪن ٿا. انسان ان ڪلام کان متاثر ٿئي ٿو جنهن ۾ زور ۽ جوش به هجي، ترنم ۽ راڳ به هجي، فڪر ۽ فهم به هجي، وزن ۽ تار به هجي؛ خشڪ وعظ ۽ ٿڪائيندڙ ۽ بي ربط نثر وانگر ڊگهن ۽ بيڊولن جملن کان نه ته اثر ٿو ٿئي، ۽ نه ته اهي ڪنن کي ٿا وڻن، ۽ نه ته دل ۽ دماغ انهن کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. غزل اگرچه صدين کان وٺي تجرباتي دؤر مان گذرندو آيو آهي، تاهم اڃا به ان ۾ اصلاح جي ضرورت آهي؛ پر اها اصلاح ترقيءَ ڏانهن هئڻ گهرجي، پر ترقي معڪوس ته سراسر زوال آهي. غزل جي ڍانچي ۽ بدن ۾ روح وجهڻ ڌاران، اهو بدن ئي ڀڄي ڇڏڻ گويا روح کي بي گهر ۽ دربدر ڪرڻو آهي.

مرزا يگانه چنگيزي لکي ٿو ته:

”گذريل پنجويهن سالن کان ادب جميل، ادب لطيف ۽ ادب جديد جي نالي ۽ آڙ ۾ ’ادب خبيث‘ رنگ بدلائي رهيو آهي، جنهن کي غزل جي مقابلي ۾ آڻڻ جي ڪوشش جاري آهي. جڏهن ته غزل نهايت اهم ۽ مشڪل فن آهي، تنهنڪري سهل پسند شاعرن ان جي مقابلي ۾ بندش ۽ شرطن کي ڀڄي، آزاد نظم جي آڙ ورتي آهي. تمام ٿوري علم ۽ شعور وارن بي هنر ۽ غير فني شاعرن جي اهڙي ڪلام کي رسالن ۽ اخبارن شايع ڪري پنهنجي ڪور ذوقيءَ ۽ غزل دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو آهي. پريس وارن پنهنجي شڪ پُري خاطر اهڙي نڪمي ۽ سستي ادب کي فروغ ڏنو آهي، ۽ اهو ادب آخرڪار اوباشي، فحاشي ۽ تخريبي بنجي چڪو آهي.

”نوان نوان ’شاعر‘ ذهني عياشيءَ جي شوق ۾ هن رنگ کي اختيار ڪري چڪا آهن. ان سان گڏ پريس وارن جي ٻي بدديانتي اها رهي آهي جو جيڪي به معياري ۽ تنقيدي مضمون، جي فن ۽ زبان متعلق لکيا ويندا هئا، يا ادبي معرڪا، ۽ مباحثا ٿيندا هئا، تن کي نظرانداز ڪندا آيا ۽ اُهي نه ڇاپيندا رهيا، جي دراصل نوآموز شاعرن لاءِ زبانداني ۽ اڪتساب فن لاءِ ضروري هئا. انهن جي مقابلي ۾ نئين فيشن جا بي وزن ۽ بلاقافيه شاعر ڇاپيندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو معتبر، اهل سخن ۽ اهل فن گمنام ۽ خاموش ٿي ويا، پر ‎’ادب خبيث‘ جي غير سنجيده تحرير زور وٺندي رهي. انهن ادبي غدارن جي بدنيتيءَ جو روشن ثبوت اهو آهي، هو هڪ غير فطري، غير طبعي باوه گوئي (بلئنڪ ورس) کي خواه مخواه شاعري ءَجو نالو ڏئي، ملڪ کي گمراهه ڪري رهيا آهن. ظاهر آهي ته اهي سڀ تخريبي حرڪتون آهن. تخريب جي رفتار جيتري تيز هجي، ته ان تي ڪو به تعجب نه هئڻ گهرجي. ترقي ۽ تعمبير ۾ نه ته انسان ايتري دلچسپي وٺي ٿو، ۽ نه ته اصلاح کي جلد قبول ڪرڻ لاءِ انسان تيار آهي. ان جي مقابلي ۾ ’ادب خبيث‘ کي ايترو جلد قبول ڪرڻ صاف ٻڌائي ٿو ته انسان لاءِ اها تخريبي ۽ هنگامي چيز آهي.“

اها شاعري دراصل مغرب کان اُڌاري ورتل آهي. ڊاڪٽر جانسن ان متعلق لکيو آهي:

”ڪنهن نه وڻندڙ مضمون تي بلئنڪ ورس مزيد نفرت جو اضافو ٿي ڪري. پڙهندڙ پڙهڻ لاءِ تيار به ٿين ٿا، پر بلئنڪ ورس کي ڏسي، سندن دل ڀڄي پوي ٿي.“

اڳتي هلي لکي ٿو ته ”بيڍنگي، بيقاعدي تڪبنديءَ، خالي دماغ وارن جي بي هنري ۽ عيبن کي لڪائي ڇڏيو آهي. محنت کان ڀڄندڙ ڪاهل، سست، بيدماغ ماڻهن کي ان شاعريءَ اهڙو ته برغلايو آهي، جو جتي به ڏسو ته اتي ان بي تڪي تڪبنديءَ جي ڪتابن جا ڍير لڳا پيا آهن. جن کي ڪجهه به نٿي آيو، اهي به چورن وانگر چورائي، ڪجهه نه ڪجهه لکي وٺندا هئا. انهن اصل ۾ اڳين شاعرن جي حقن تي حملا ڪيا آهن، ۽ قائم ٿيل نظم کي ڊاٺو آهي. اها حالت پنجاهه سالن کان لاڳيتي هلندي رهي. آخرڪار آهستي آهستي اهو فن مري چڪو آهي!“

ٻئي هنڌ ڊاڪٽر جانسن لکي ٿو:

”انهن ماڻهن جي خيالن ۾ جدت ۽ تازگي به آهي، پر زبان کان ناآشنائي ۽ بيپرواهيءَ ته انهن جي اعليٰ تخيل ۽ فن کي اهڙو گهٽايو آهي، جهڙو گهٽ درجي جو ڪپڙو، پر ڏسڻ ۾ ڀڀڪيدار ۽ شاندار.“

ٽئين هنڌ لکي ٿو:

”سچي موسيقي ۽ سچي شاعريءَ سان روح ۾ تازگي پيدا ٿئي ٿي، ۽ ڪوڙي شاعريءَ کان نفرت. ڪنهن بي سُري عورت جو هڻڪڻ ۽ ڪنهن بي گُري، بي تڪي شاعر جو بَڙبڙائڻ مڙيئي هڪڙي ڳالهه آهي!“

ڊاڪٽر جانسن ۽ يگانه مرزا جي مٿين تحقيق کي سمجهڻ لاءِ اردو ۽ سنڌيءَ جو ڪو به آزاد نظم ڏسڻ گهرجي. اردوءَ جي مشهور شاعر ”فيض“ جو رنگ هي آهي:

بول ڪه لب آزاد هين تيري،

بول زبان اب تڪ تيري هي،

بول يه ٿوڙا وقت بهت هي

بول ڪه سچ زنده هي اب تڪ

بول جو ڪڇ ڪهنا هي ڪهه دي.

هتي ’بول بول‘ ۽ ان جي زبان، رواني، جدت، بندش، وزن، ذوق سليم لاءِ ڪهڙو اثر پيدا ڪن ٿا، ان جو فيصلو پڙهندڙ پاڻ ڪري سگهن ٿا. جنهن کان سواءِ ٻين اردو ۽ سنڌي شاعرن جي آزاد نظم پڙهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر جانسن جو هي قول پڙهو:

”ملٽن جي بلئنڪ ورس ۽ آزاد نظم کي صحيح ۽ موزون پڙهڻ وارا انگريز تمام ٿورا آهن، جي صفائيءَ سان موزون پڙهي سگهن، ۽ ٻڌندڙ انگريز اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هڪڙي مصرع ڪٿي پوري ٿي ۽ ٻي ڪٿان کان شروع ٿي.“

سنڌي ۽ اردوءَ جي ڪنهن به آزاد نظم کي پڙهڻ کان پوءِ ڊاڪٽر جانسن جي مٿين قول جي تصديق ٿي سگهي ٿي.

ڊاڪٽر جانسن، هڪ نقاد جا هي جملا نقل ڪيا آهن:

”بلئنڪ ورس جا مصرعا فقط اکين کي مصرعن وانگر نظر اچن ٿا، باقي حقيقي طور مصرعا آهن ئي ڪين. ٻيو ته بلئنڪ ورس ۾ نه ته نثر واري رواني ٿئي ٿي ۽ نه موزون مصرع وارو ترنم ٿئي ٿو. اهو سبب آهي جو بلئنڪ ورس شاعريءَ کي پڙهڻ سان دل تي گهٻراهٽ پيدا ٿئي ٿي.“

هاڻي ٿورو ان نڪتي تي غور ڪرڻ گهرجي ته هندي، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ سنڌي، پشتو، گجراتي، تامل، دکني، ملتاني، بلوچي، مڪراني ۽ ٻين مشرقي زبانن ۾ وزن، عروضي پابندي ۽ قافيه کان سواءِ شعر جو ڪو تصور آهي؟ هرگز نه. هر زبان ۾ قافيه پيمائي آهي ۽ وزن آهي، ۽ موزون ڪلام لاءِ ڪي نه ڪي عروضي قاعدا ۽ شرط موجود آهن. عربي، فارسي، سنڌي ۽ هندي زبان ۾ قافين جي ايتري گهڻائي آهي، جو بنان قافيه جي هنن جو نثر به نٿو لکي سگهجي. هنن زبانن جو وزن به مقفيٰ ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌي زبان عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت زبان کان متاثر ۽ مستفيض آهي، تڏهن لازمي طور منجهس قافين جي گهڻائي آهي. عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت زبان جا هزارها قافيا سنڌي الاصل ٿي ويا آهن. سنڌي زبان جو سارو پراڻو ادب قافيي واري شاعريءَ ۾ آيو. ٺٽوي عالمن جا ڪتاب، صوفي بزرگن جا بيت، شاهه ۽ سچل جو ڪلام، مڙيئي شعر ۾ آهن، ۽ قافيه دار ڪلام آهي. ان طرح اردو ۾ به عربي، فارسي ۽ هندي جا قافيه هزارن جي انداز ۾ موجود آهن. پر انگريزي زبان ۾ وزن ۽ عروض ۽ قافين جي گهٽتائي آهي، تنهنڪري ان ۾ بلئنڪ ورس شاعريءَ جي گنجائش پيدا ٿي. ان ڪري مشرقي زبانن جي مقابلي ۾ ان کي موزون سمجهڻ گهرجي. خود ڊاڪٽر جانسن جهڙي اديب به انگريزي زبان ۾ عروض ۽ قافيه جي خاميءَ ۽ تهي دستيءَ جو اعتراف ڪيو آهي پر افسوس اهو آهي ته اردو ۽ سنڌي زبان جي ادبين بلاقافيه شعر چئي، پنهنجي غلطيءَ جو ڇو ثبوت پيش ڪيو آهي؟ هنن زبانن ۾ عروضي بحرن ۽ وزنن جو اهو تنوع ۽ قافين جا ايترا ته گهڻا قسم ۽ نمونا آهن، جو بلئنڪ ورس جي ضرورت ئي ڪانه آهي. حقيقي شاعر ۽ زباندان ته ٺهيو، پر جاهل ۽ ڳوٺاڻا به قافيه دار پهاڪا، ڳجهارتون ۽ ڏور جا بيت ڏيئي، قافيه جي موزون ۽ موثر هجڻ تي مهر هڻن ٿا. اهڙيءَ صورت ۾ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن جي قلم ۽ زبان مان اهڙي بلاقافيه ڪلام جو لکجڻ نهايت ڏک پهچائي ٿو.

مرزا يگانه لکي ٿو ته:

”ڄاڻي ٻجهي، قافين هوندي، شاعريءَ ۾ قافيا نه آڻڻ شرمناڪ عمل آهي، نااهلي آهي ۽ ڏٺي وائٺي شرارت آهي. جڏهن هو زبان جي ساخت، هيئت ۽ اقتضا جداگانه آهي، ته پوءِ خواه مخواه غير زبان جي فيشن کي بنا ضرورت جي اختيارڪرڻ پرائي شگون لاءِ نڪ ڪپائڻ وانگر آهي.“

يا اها ذهني غلامي آهي يا عملن جي شامت آهي، جڏهن انگريز ويچارا قافين کان تهي دست آهن، تڏهن انهن کي مجبور ۽ معذور سمجهڻ گهرجي. باوجود معقول عذر جي به ڊاڪٽر جانسن صاف صاف لکي ٿو ته:

”بلئنڪ ورس ۾ نه ته نثر جهڙي رواني آهي ۽ نه موزون مصرع جهڙو ترنم آهي. اهوئي سبب آهي جو بلئنڪ ورس جي پڙهڻ سان طبيعت ۾ گهٻراهٽ پيدا ٿئي ٿي. انگريز خود بيزار آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ نوان انگريز آهن، جي پنهنجي سرمايدار زبان جي اوزارن کان سواءِ، پ، ڦ، چ، ڇ، ڏ، ڍ، ڙ، ڳ، ک، ڪ، جا حرف آهن، جن مان هزارها قافيه سولائيءَ سان ٺهي سگهبا آهن، جن کي شاهه، سچل، ۽ ساميءَ ۽ ٻين پراڻن ۽ نون شاعرن استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري ئي چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ شعر لاءِ قافيو هڪ طبعي ضرورت وانگر آهي. قافيه کان سواءِ شعر جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي.

مرزا يگانه لکي ٿو ته:

”شعر جي ان طبعي ضرورت کان انڪار ڪندڙ ڪوڙو ۽ فريبي آهي، يا ان جي دماغ ۾ ڪا خرابي آهي، يا منجهس پيدائشي طور فتور آهي، جو قافيه جي اهميت کي سمجهي نٿو سگهي – شعر ته شعر آهي، پر پهاڪا به قافين کان سواءِ نه ٺهي سگهيا آهن.“

ٻئي هنڌ مرزا صاحب لکي ٿو ته:

”ڪوڙا ترقي پسنديءَ جا دعويدار، جي عروض ۽ قافيه کي ’بيڪار قيد‘ چئي شعر جي قافيه کان آزاد ڪرڻ گهرن ٿا ۽ بلئنڪ ورس کي رواج ڏيڻ گهرجن ٿا، اهي دراصل انساني فطرت ۽ پنهنجي مادري زبان جي طبعي تقاضائن سان بغاوت ٿا ڪن، ۽ اهي ئي نڪما بي بهره، محروم القسمت ماڻهو آهن، جي سچن ۽ حقيقي شاعرن جي ڪمال اڳيان پنهنجي بي هنري، بي بضاعتي، نارسائي ۽ محرومي جو احساس ڪري، شرم ۽ حسد وچان نظام شعر و سخن کي ئي تباهه ڪرڻ گهرن ٿا، جو صدين کان وٺي تدريجي نشوونما کان پوءِ ڪمال جي درجي تي پهتو آهي.“

مرزا صاحب نهايت سخت ڪلاميءَ کان ڪم ورتو آهي، تاهم ايترو چئي سگهجي ٿو ته عروض يا قافيو يا علم معاني ۽ علم بيان، اهو سڀ سوَن سالن جي ارتقا ۽ نشوونما کان پوءِ پيدا ٿيا آهن. ڪنهن هڪ وقت تي ويهي، ڪنهن هڪ جماعت ڪونه گهڙيا آهن. ڪنهن خاص ماڻهوءَ ويهي قافيا ڪونه ٺاهيا آهن. هر زبان ۾ پنهنجي پنهنجي نموني لکها قافيا ٺهي پيا آهن، ۽ پوءِ قدرتي طور رائج ٿيندا ويا آهن، تان جو جاهلن کان وٺي عالمن تائين سڀني اهي قافيا وقت بوقت پئي استعمال ڪيا آهن.

قافين جي ايتري تواتر، تسلسل، تاريخ، حفاظت ۽ ارتقا کي هڪ ڌڪ سان ختم ڪرڻ عجيب منطق آهي. جيئن زبان ۽ ان سان تعلق رکندڙ قاعدا بتدريج پيدا ٿيا آهن، تيئن عروض، اوزان ۽ قافيا به وقت بوقت ٺهيا آهن، رائج ٿيا آهن ۽ زبان ۾ پختا رهيا آهن. شعر ته وڏو فن آهي، پر ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ ۽ کيڏڻ جا به جيترا اصول آهن، سي ڪنهن خاص جماعت يا گروهه، ڪنهن خاص زماني ۾ ڪونه ٺاهيا آهن، بلڪ قدرت جي عمل ۽ ارتقا سان مختلف وقتن تي ٺهندا آيا آهن.

چنانچه فطرت جي خلاف قدم کڻڻ حماقت آهي. هر نظام ۽ تغير لازم آهي، پر نفع بخش انقلاب اهو آهي جو بتدريج ٿئي ۽ فطري ضرورتن جي ماتحت ٿئي. سچي ترقي ۽ سچي منزل به اها آهي جو تدريجي طور پيدا ٿئي. قدرت جو قانون به رفته رفته عمل ڪري ٿو، پر هڪ ڌڪ سان قلابازي ڪونه ٿو کائي – چنانچه قافيه دار شاعريءَ کي ڇڏڻ خلاف فطرت عمل آهي ۽ حاسدانه ۽ مفسدانه آهي، جنهن جو مستقبل اونداهو آهي.

]ترجمو ۽ اقتباس از: رساله ”شاعر“: اپريل، مئي، جون، 57ع ص 24-27.[

غلام محمد ”گرامي“

آزاد نظم

آزاد نظم هڪ معرڪه آرا، اختلافي ۽ فني مسئلو رهندو آيو آهي. آزاد نظم متعلق جي به فني ۽ نظرياتي تعريفون ۽ موشگافيون هن دؤر جي ناقدن ڪيون آهن انهن جي مطالعہ کان پوءِ ڪجهه به معلوم نٿو ٿئي ته هو آخر چون ڇا ٿا؟ آزاد نظم جي موافقن توڙي مخالفن ۾ اڃا اهو مسئلو ئي حل نه ٿيو آهي ته آيا آزاد نظم کي نظم معريٰ سڏجي يا آزاد شاعري سڏجي، نثر مرصعّ سڏجي يا بلئنڪ ورس سڏجي، فري ورس سڏجي يا ’ادب لطيف‘ چئجي يا نثر غير مرتب.

ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آزاد نظم جو تعلق فن شعر و شاعري سان آهي، ۽ نظم هڪ معروف صنف آهي. ‎’نظم‘ لاءِ ڪي فني شرط ۽ فني حدبنديون آهن. ڪي اصول ۽ ضوابط آهن، جي صدين کان هلندا ٿا اچن. ’آزاد نظم‘ جي قائل شاعرن به ’نظم‘ ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، ۽ انهن اصولن ۽ قاعدن، بندشن ۽ حدن کي نباهڻ کان سواءِ ‎’نظم‘ جو ٻيو ڪو به فارم ۽ ٻي ڪا به هيئت نه استعمال ڪئي آهي.

اسان جي ملڪ جي شاعري، رديف ۽ قافيه سان وابسته شاعري آهي. چنانچه ٿورن لفظن ۾ اگر مشرقي فن شاعري جي تعريف ڪجي ته هوند ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته شعر جي تعريف هيءَ آهي ته اهو باوزن هجي، مقفيٰ هجي، مردّف هجي، بالقصد چيو وڃي ۽ وزن ۽ بحر ۾ ملبوس هجي، ان جي مقابلي ۾ باقي سڀ نثر آهي.

شاعريءَ جي مٿين تعريف عربي، فارسي، هندي، اردو، پشتو ۽ بلوچي غرض ايشيائي شاعريءَ جي هر فني پهلوءَ تي غالب آهي. ان تعريف سان ئي غزل، قصيدو، مرثيه، رباعي، قطعات ۽ نظم وغيره جنم ورتو آهي.

اسان جي ملڪ ۾ سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جون سڀ صنفون عربي ۽ فارسي زبان مان آيون، ان کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي؛ ايتريقدر جو خود بيت ۽ دوهو به سنڌي الاصل نه آهن، پر هنديءَ تان مستعار ورتل آهن. اهو معاملو صدين کان هلندو اچي ٿو ۽ اڄ تائين موجود آهي.

اسان جي شاعريءَ جي مقابلي ۾، انگريزي شاعريءَ ۾ به اهڙيون صنفون موجود آهن، جن ۾ هڪ صنف ۾ قافيو غير ضروري آهي ته ٻيءَ ۾ قافيه ۽ وزن ٻنهي جي ضرورت آهي. پهرين صنف کي بلئنڪ ورس سڏيو ويو ۽ ٻيءَ کي فري ورس.

انهن صنفن کي جڏهن اسان جي ادب ۾ روشناس ڪرايو ويو، تڏهن بلئنڪ ورس کي علم معريٰ ۽ فري ورس کي آزاد نظم سڏيو ويو.

ڏسڻو هي آهي ته اسان جي ترجمان فنڪارن آيا انهن صنفن جي نالن جو صحيح ترجمو به ڪيو آهي يا نه؟ هڪ صنف کي نظم معريٰ سڏجي ٿو ته پوءِ معريٰ کان سواءِ خود ‎’نظم‘ کي ڇا سڏجي؟ آخر ’نظم‘ کان ’معريٰ‘ ڪهڙيون فني چيزون ڪيون ويون؟ انهن جي صفائيءَ جو قرينو نظم معريٰ ۾ آهي يا نه؟ ان طرح ٻيءَ کي نظم آزاد چيو ويو، اهو ته چڱو، پر نظم غلام به آهي ڇا؟ منهنجي خيال ۾ ٻئي ترجما غلط آهن – نڪو نظم معريٰ ۾ فني ۽ معنوي صحت آهي، ۽ نڪو آزاد نظم کي فني صحت حاصل آهي. نظم خود وسيع الاطراف جامعيت تي حاوي آهي. ان کي معريٰ ۽ آزاد سڏڻ ائين آهي جيئن لباس پهريل کي اگهاڙو سڏجي. اول تي اهو مسئلو حل ڪرڻ گهرجي: آيا نظم جا اهي قسم ڪيتريقدر صحيح طور تقسيم ڪيا ويا آهن؟ البت جئين انڌي ۽ ٺوٺي ۽ ڪاڻي کي به ماڻهو سڏجي ٿو، تيئن نظم کي به معريٰ ۽ آزاد سڏيو وڃي ته پوءِ ٺهيو.

آزاد نظم ۽ نظم معريٰ جي لفظي ۽ ظاهري موشگافين کي ڇڏي ڏسڻو آهي ته بلئنڪ ورس ۽ فري ورس جي پيدائش جا اسباب ڪهڙا آهن؟

ان سلسلي ۾ اها حقيقت مدنظر رکڻ گهرجي ته آزاد شاعري، جا نظم معريٰ جو ئي منطقي نتيجو آهي، پر ان کي خود انگريزي ادب ۾ هڪ فتنو ۽ بدعت ضاله قرار ڏنو ويو ۽ نه کيس تعميري ۽ افادي حيثيت سان تسليم ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ غير مقفيٰ شاعريءَ کي البت انگري ادب ۾ پسند به ڪيو ويو ۽ تسليم به ڪيو ويو. مگر جن شعري ۽ فني، فڪري ۽ نظرياتي، لساني ۽ لغوي، طبعي ۽ اخلاقي، سماجي ۽ ادبي ضرورتن کي مدنظر رکي غير مقفيٰ شاعريءَ کي رواج ڏنو ويو، انهن کي مطالعہ ڪرڻ ضروري آهي.

انهن جي مقابلي ۾، اسان جي فن جو شعري ۽ فني، فڪري ۽ نظرياتي، لساني ۽ لغوي، طبعي ۽ اخلاقي، سماجي ۽ ادبي ماحول ۽ تاريخي پس منظر بلڪل جداگانه حيثيت رکي ٿو.

انگلنڊ جغرافي، تمدني ۽ لساني اعتبار سان اسان جي تمدن ۽ لساني مقام کان بلڪل جدا آهي. انگريزي زبان تي قديم يوناني ۽ لاطيني ۽ جديد يورپين زبانن ۽ انهن جي لساني ۽ لغوي، ادبي ۽ شعري هيئت ۽ مواد، انڪار ۽ خيالات، محاورات ۽ مصطلحات جو اثر پيو آهي؛ پر ان جي مقابلي ۾ اسان جي ادبي ۽ علمي، لساني ۽ لغوي، شعري ۽ نظرياتي تشڪيل ۽ تعمير تي عربي، فارسي، هندي ۽ سنسڪرت زبانن جو اثر پيو آهي. اهوئي سبب آهي جو اسان جو نه فقط شاعرانه اسلوب هڪجهڙو آهي، پر ان سان گڏ هيئت ۽ مواد، خيالات ۽ احساسات شعريه به قريب قريب ساڳيا آهن. اگر ائين چئجي ته عربي ۽ فارسي، هندي ۽ سنسڪرت، پشتو ۽ بلوچي، اردو ۽ بنگله زبانن جو مرڪز فقط شعر ۽ شاعري ئي آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه سمجهڻ گهرجي – فقط لساني فرق آهي، پر موضوع ۽ خيالات ۾ ڪو به اختلاف نظر نه ايندو، چند تهذيبي مستثنيات کان سواءِ.

ان طرح اسان جي موسيقي به اسان جي لساني ۽ طبعي قدرن جي پيداوار آهي، ۽ ان جي مقابلي ۾ يورپ جي موسيقي هڪ جدا چيز آهي. اسان جي سنگيت ۾ بيساختگي ۽ استادانه مهارت ۽ اجتهاد جو دخل آهي، پر يورپي موسيقي محض مشيني ۽ جامد آهي، جا هڪ ڪمپوزيشن جي قانونن ۾ جڪڙيل آهي.

اهوئي سبب آهي جو هن ملڪ جي ’سنگيت‘ ۽ ان جا آثار ۽ اصول، قانون ۽ قاعدا به ساڳيا آهن. بالخصوص ’پاڪ ۽ هند‘ جي سنگيت بلڪل ساڳي آهي ۽ شاعري به ساڳي.

تاريخي پسمنظر

اوهان مهرباني ڪري انگريزي شاعريءَ جي فني ارتقاء کي ملاحظه ڪريو، ۽ ڏسو ته نظم معريٰ جي ابتدا ان زبان ۾ ڪيئن ٿي؟ تاريخ شاهد آهي ته انگلستان جي فاتح وليم جي حملي کان گهڻو اڳ ۽ سندس فتح کان صديون پوءِ تائين اينگلوسيڪسين شاعريءَ جو بنياد هو صنعتِ تجنيس. ان ۾ نڪو قافيو هو ۽ نڪو وزن، البت ايترو هو جو تجنيس حرفي جي معڪوس شڪل قافيه سان ڪجهه مشابهت رکندڙ ضرور هئي.

چاسر ۽ ان جي معاصرين ۽ شاگردن، ان کان پوءِ، فرانسيسي شاعريءَ جي زير اثر باوزن ۽ مقفيٰ شاعريءَ جي بدعت حسنه جو آغاز ڪيو. وقت جو فيصلو چاسر جي حق ۾ آيو، ۽ پراڻي اينگلو سيڪسين يعني تجنيس حرفي واري شاعري پنهنجي موت پاڻ مري ويئي. قافيه دار شاعري انگريزي زبان لاءِ فطري شاعري قرار ڏني ويئي.

چاسر جو دؤر افساني جو دؤر هو، تنهنڪري سندس معاصرين توڙي مقلدين پنهنجو ڪلام مقفيٰ طور مثنويءَ ۾ چيو. جڏهن ته مثنوي افسانه طرازيءَ لاءِ وسيع صنف آهي، تاهم فرانسيسي ۽ لاطيني فن مان ’هفت شعري ۽ نہ شعري‘ بند به مستعار ورتا ويا، جن ۾ ’قافيه‘ جي حيثيت ڪجهه مثنويءَ کان الڳ پر الجهيل استعمال ڪئي ويئي.

ان سلسلي ۾ هينري اٺين جو دؤر توجهه طلب آهي، جنهن ۾ انگلستان به يورپ سان گڏ نشاة ثانيه جي نعمتن کان بهره اندوز ٿيو، ۽ انگلستان فنون لطيفه ڏانهن مائل ٿيو. ان دؤر ۾ سانيٽ جو رواج پيو، ۽ ان ئي دؤر ۾ آرل آف سِري، ورجل جي لاطيني رزميه داستان جي ٻن فقرن جو ترجمو نظم معريٰ ۾ ڪيو.

اتي اچي اهو امر به خيال ۾ رکڻ جهڙو آهي ته ’نظم معريٰ‘ هڪ اطالوي الاصل صنف شاعري آهي – انگريزي ادب ۾ ان کي متعارف ڪرائڻ جو سهرو ’ارل آف سري‘ جي سر تي آهي.

اهو ترجمو ان ترجمه نگار پنهنجي طبعي تفريح لاءِ ڪيو، ۽ قيد جو وقت غير مقفيٰ ۽ معياري شاعريءَ ۾ پورو ڪيائين.

ان کان پوءِ ڏسڻو آهي ته غير مقفيٰ شاعريءَ جي گهڻي استعمال جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ ان لاءِ عالمن جي به اسباب بيان ڪيا آهن، تن ۾ ڊرامي کي وڏي اهميت حاصل آهي. ڊرامه نگاري ملڪه ايليزبيٿ جي دؤر ۾ مقبول عام صنف هئي. پر اوهان کي ٻڌي عجب لڳندو ته ڊرامه جي زبان ان دؤر ۾ ’نثر‘ نه هئي، پر نظم ۾ هئي، ۽ نظم به قافيه دار! اهو ته ظاهر آهي ته مقفيٰ مڪالما نهايت غير طبعي چيز هوندا، پر ان دؤر جي مقتضيات ۾ ڪو به مصنف ائين سوچي ئي نٿو سگهيو ته ڪو ڊراما کي به نثر ۾ لکي سگهجي ٿو، ۽ پبلڪ به نثري ڊرامي کي پسند ڪري سگهي ٿي؟ ڇالاءِ ته يونانين جي دؤر کان وٺي اها روش قائم ڪئي ويئي هئي ته ڊراما به شاعريءَ جو هڪ شعبو آهي، انهن حالتن ۾ نظمِ معريٰ کي مقفيٰ شاعريءَ ۽ روزمره جي نثري ادب جي درماني ڪڙي ڪري رواج ڏنو ويو. ان کان پوءِ رفته رفته بتدريج ڊراما کي نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو، اڳتي هلي ڪاميڊيءَ لاءِ نثر ۽ ٽريجڊيءَ لاءِ غير مقفيٰ نظم کي گويا خاص طور مقرر ڪيو ويو. اڄڪلهه چند مستثنيات کان سواءِ ڊرامي کي نثر ۾ لکيو وڃي ٿو.

انگريزي ادب جي وڏي شاعر، ملٽن، پنهنجي رزميه نظم ’فردوس گم گشته‘ به نظم معريٰ ۾ لکي. جڏهن ته ملٽن جو تخيل بلند هو، سندس زبان شاعرانه هئي، سندس ڪردار آسماني، ملڪوتي ۽ لاهوتي، مابعدالطبيعياتي ۽ ماورائي هئا، تنهنڪري مقفيٰ نظم ۾ اداي مطالب لاءِ ان دؤر جي انگريزي زبان سندس ساٿ نه ڏنو. ٻيو ته ان دؤر جو ’اثر‘ به ادنيٰ درجي جو نثر، سادو ۽ بي مغز هو، تنهنڪري ملٽن ان کي هٿ نه لاتو.

هونءَ به رزميه شاعري انساني تاريخ جي ابتدائي دؤر جي پيداوار آهي، ۽ تڪلفات شعري کان بلڪل بي نياز آهي. ان ۾ ٺوس ۽ خشڪ، تاريخي ۽ روايتي پلاٽ، طويل القامت مڪالما، قصا ۽ ڊرامائي ڪردار ٿين ٿا. انهن ۾ شاعري ۽ خيال آفرينيءَ جي ايتري گنجائش به نٿي رهي، تنهنڪري ‎’نظم معريٰ‘ کي انگريزي ادب ۾ رزميه ڊراما لاءِ مخصوص زبان ڪري هلايو ويو. ان جي ديکا ديکي شيڪسپيئر ۽ ملٽن جي تقليد ۾ ڪيتريون غير ڊرامائي ۽ محض بزميه قسم جون غير مقفيٰ نظم پڻ چيا ويا.

ايتري بحث کان پوءِ اهو واضح ٿئي ٿو ته غير مقفيٰ شاعريءَ جي حيثيت، ’نيم نثر ۽ نيم نظم‘ جي حيثيت کان الڳ نٿي تصور ڪري سگهجي. يا ائين کڻي چئجي ته انگريزي نثر نگاري خود غير مقفيٰ شاعريءَ جي ممنونِ احسان آهي، ۽ نظم معريٰ، نظم ۽ نثر جي درمياني ڪڙي آهي ته پوءِ ان ۾ ڪا به غلطي نٿا ڪريون.

ان سلسلي ۾ هاڻي اهو ٿو سوال پيدا ٿئي ته آخر اسان وٽ نظم معريٰ جي حيثيت ڇا؟ ۽ حقيقت ڇا؟ ضرورت ڪهڙي ۽ گنجائش ڇو؟ جڏهن ڊرامي جي زبان به نثر ٿي ويئي آهي، ۽ ’نظم‘ پوءِ اهو مقفيٰ هجي، توڙي غير مقفيٰ، تمثيل نگاريءَ جي حدن کان ٻاهر رکيو ويو آهي. خود جديد ادب جي دائري ۾ به منظوم ڊرامو مفقود ٿي چڪو آهي. رزميه شاعريءَ جي زماني کي صديون ٿي چڪيون آهن. اسان جي شاعريءَ جي تاريخ کان گهڻو اڳ رزميه داستان لکيا ويا ۽ ختم به ٿي ويا! لاڙد بائرن جي نيم مزاحيه نظم، جا به مقفيٰ هئي، سا به غير مڪمل رهجي ويئي – ان کان پوءِ خود انگلنڊ ۾ وري ان قسم جي ڪوشش به ڪانه ڪئي ويئي ته پوءِ هن اسان جي ادب ۾ نظم معريٰ جي حيثيت ڪهڙي! هي اهو سوال آهي، جنهن اسان جي هن دؤر جي وڏن وڏن نقادن ۽ عالمن – خود نياز فتحپوري ۽ فراق گورکپوري پارن کي به منجهائي ڇڏيو آهي.

اسان جا ’نقاد‘ آزاد نظم جي تاريخي پس منظر کي مطالعہ ڪرڻ کان پوءِ فرمائن ٿا ته ”آزاد نظم، مغريب جي انڌي تقليد آهي.“

ائين چوڻ وارن تي افسوس اهو آهي ته پنهنجي عروضي شاعريءَ – غزل، نظم، قصيدي ۽ مرثيه، قطعي ۽ رباعي بيت ۽ دوهي – متعلق شايد سَهوا ٿي وڃي ٿي، جي به تقليدي آهن، ۽ عربي ۽ فارسي ۽ هندي ادب مان آيل آهن، ۽ اسان جي مشرقي زبان، باالخصوص اسان جي ملڪي زبانن ۾ موجود به آهن ۽ رائج به آهن!

تنقيد نگارن ائين به چئي ڇڏيو آهي ته

”آزاد نظم لکندڙ شاعرن وٽ عنوانات ۽ مباحث سڀ غير شاعرانه آهن. اهي رڳو ماديات، معاشيات ۽ واقعيت جا غير دلچسپ پهلو ئي پيدا ڪندا رهن ٿا، ۽ سڀ جا سڀ جنسي بُک ۾ مبتلا آهن، ۽ مجسمه تجنيس حرفي آهن! سڀني جو قافيو تنگ آهي، سندن خيال رنگينيءَ ۽ تندرستيءَ کان معريٰ آهي. غور سان ڏسبو ته انهن جا بحث، جي نثر ۾ موجود آهن، اهي ڦڪا ۽ ڪچا آهن. ڇالاءِ ته انهن ۾ گهَرائي ۽ وسعت ڪانه آهي، تاهم انهن جو صحيح ذريعهء اظهار نثر آهي ۽ نه نظم!

آزاد شاعري اڃا انگريزي ادب ۾ به طفلانه تجربي جي حيثيت ۽ تجزياتي زندگي رکي ٿي. اها به چئن پيڙهين تائين ته مستند نٿي سڏائي سگهي، بشرطيڪ اوستائين زنده رهي سگهي!“

هڪ نقاد لکي ٿو:

”جديد آزاد نظم ته هڪ اجنبي چيز آهي. اسان جا آزاد شاعر پنهنجي پوري فنڪارانه قابليت ان ۾ صرف ڪن ٿا ته سندن طبعزاد آزاد نظم تي ترجمي ۽ سرقي جو ته گمان نٿو ڪيو وڃي؟ چنانچه، خيال ۽ الفاظ جي نشست مغربي وضع تي قائم رکن ٿا. ٻيو اهو التزام رکيو ٿو وڃي ته مختلف ڊيگهه جا ٽڪرا اهڙيءَ طرح ڄمايا وڃن، جئن پڙهندڙن کي خيال رهي ته هو ’نظم‘ پڙهي رهيا آهن، نه ڪِ نثر! حالانڪ انهن ٽڪرن ۾ نڪو آهي بحر، نڪو آهي وزن، ۽ نڪا آهي معنيٰ!“

ساڳيو نقاد لکي ٿو:

”اصل ۾ آزاد ۽ معريٰ نظم، انهن شاعرن جي هجز جو اظهار آهي، اهي شاعرانه پابندي سان شعر نٿا چئي سگهن. تنهنڪري غير موزون ۽ ناموزون اصنافِ سخن کي ذريعهء اظهار بنائن ٿا. ان ۾ آساني به آهي، ۽ ٻئي طرف سندن جذبهء فريب ۽ خود فريبي کي به تسڪين ملي ٿي، جنهن ۾ پاڻ ۽ سندن پوئلڳ مبتلا آهن، ۽ پاڻ کي ان فن جو مجتهد سڏائيندي به ويرم نٿا ڪن. شاعرانه خيالات تي غير شاعرانه موضوعات کي ترجيح ڏين ٿا. ڇالاءِ ته حسن و عشق تي پخته گو شاعرن جي شاعريءَ گويا مُهر هڻي ڇڏي آهي، تنهنڪري ‎’ماديات ۽ معاشيات‘ تي خيال آرائي ڪرڻ، جديد شاعرن جو مذهب بنجي چڪو آهي. سندن زبان غير فصيح ۽ غلط ٿئي ٿي. هو خيال کي بچائڻ لاءِ روزمره ۽ محاورات جي خون ڪندي ڪا ويرم نٿا ڪن!“

”نياز“ فتحپوري جي تنقيد:

اسان ٻين عالمن ۽ ناقدن لاءِ ڇا عرض ڪريون، هن دؤر جو وڏو اهل قلم ۽ پدماڀوش، علامه نياز فتحپوري مرحوم به هن مبحث ۾، جامعيت سان فني طور بحث ڪرڻ کان قاصر رهجي ويو آهي، لکي ٿو:

”مطالبو ڪيو ٿو وڃي ته شاعريءَ جي بندشن کي ٽوڙيو وڃي. ان جو سبب پڻ اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته رديف ۽ قافيه، وزن ۽ بحر جي پابنديءَ جي ڪري جذبات ۽ خيالات کي ڪماحقہ ظاهر نٿو ڪري سگهجي. پر ڇا، اها ڳالهه خود انهن آزاد نظم گو شاعرن جي شاعرانه اهليت جي ڪمزوريءَ جو دليل نه آهي؟ ڇا اسان ائين چوڻ ۾ حق بجانب نه آهيون ته نظم معريٰ يا آزاد نظم جو مطالبو اهي ئي ماڻهو ڪن ٿا، جي شاعريءَ جي بندشن سان ساٿ ڏيڻ جي صلاحيت نٿا رکن ۽ جن وٽ لفظن ۽ اساليب جو ذخيرو ختم ٿي چڪو آهي!“

اڳتي هلي، خيال ۽ جذبي ۽ موضوع متعلق لکي ٿو:

”هن وقت تائين رديف و قافيه جي پابنديءَ سان گڏ جيترو ڪجهه چيو ويو آهي، اگر اسان ان کي سامهون رکون ته پوءِ آزاد نظم نگاريءَ ۾ اهو ڪهڙو خيال ۽ جذبو آهي، جو اسان کي منجهس ملي نٿو سگهي؟ ڳالهه رڳو اها آهي ته هن وقت اسان جي نوجوانن جو مطالعہ نهايت تنگ آهي، انهن کي ان جي بلڪل خبر نه آهي ته سندن ڪو به خيال نئون نه آهي، ۽ اها ڳالهه جا هو رديف ۽ قافيه جي پابنديءَ کان علحده ٿيڻ کان پوءِ چون ٿا، سا بارها شاعريءَ جي سڀني قيدن ۽ بندشن هوندي به چئي ويئي آهي!“

ان کان پوءِ نغمه ۽ ترنم متعلق نياز صاحب لکي ٿو:

”آزاد نظم گو شاعر ان کان ته انڪار نه ڪري سگهندا ته رديف ۽ قافيه جي پابندي هٽائڻ کانپوءِ شعر جو ترنم ۽ آهنگ مفقود ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري ترنم ۽ آهنگ جي لطف کي دور ڪري، اگر ڪا چيز ان کان به بهتر پيدا ٿي سگهي ٿي ته پوءِ ان ۾ ڪو حرج نه آهي. اسان ان کي گوارا ڪنداسون، پر جيڪڏهن اهو به حاصل نه ٿئي ته پوءِ ڇو گوارا ڪجي؟“

نياز صاحب جي تنقيد پنهنجي جاءِ تي: سندس فني معلومات اجهو هن طرح آهي، لکي ٿو:

”مان ڏسي رهيو آهيان ته ڪجهه ڏينهن کان نظمِ معريٰ سان گڏ آزاد شاعريءَ جو ذڪر پڻ ڪيو وڃي ٿو. اول اول مون سمجهيو ته اهي ٻيئي چيزون هڪ آهن، پر هاڻي معلوم ٿيو آهي ته آزادي شاعري نظم معريٰ جي مقابلي ۾ ايتري ئي آزاد آهي، جيتري رديف ۽ قافيه واري شاعري نظم معريٰ جي مقابلي ۾. نظم معريٰ ۾ اگرچه رديف ۽ قافيه نٿا اچن، پر وزن ته ٿئي ٿو، ان ۾ ڪو مخصوص ’بحر‘ نه ٿئي ٿو؛ ليڪن آزاد شاعري، رديف ۽ قافيه سان گڏ وزن کان به بي نياز آهي. يعني اصل ۾ اها آهي ته نثر، ليڪن ان جو لکندڙ اسان کي مجبور ٿو ڪري ته ان کي شعر سمجهيو وڃي. ان لاءِ جو ان جا فقرا مسلسل نه لکيا ويا آهن، بلڪ انهن کي ٽوڙي جدا جدا سِٽن ۾ رکيو ويو آهي!“

اڳتي فرمائي ٿو:

”نظم معريٰ کي نظم مقفيٰ تي ترجيح ڏيڻ، يقيناً عجز جو دليل آهي. آزاد شاعري ته خير اهڙي طفلانه حرڪت آهي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ ئي فضول آهي. . . . هيءَ شاعريءَ مان نٿو چئي سگهان ته ترقي پسندن جي آهي، يا انهن ماڻهن جي آهي جي ترقي پسنديءَ جي پردي ۾ پنهنجي نااهليت کي لڪائڻ گهرن ٿا – بهرحال ان جو باني ڪير به هجي، اسان جي لٽريچر جو دشمن آهي. اسان جي ملڪ جي نوجوانن کي سوچي سمجهي اهو رنگ اختيار ڪرڻ گهرجي.“

(”نگار“: سيپٽمبر 43ع، ص 33-35.)

آءٌ ڀانيان ٿو ته ’آزاد نظم‘ تي معترضين جي سڀني خدشن ۽ دليلن جي ترجماني ”نياز“ فتحپوري مرحوم ڪري چڪو آهي. ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن به اقتباس کي پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.

مرحوم ”نياز“ جي جواب ۾ آءٌ فقط ائين ئي چئي سگهان ٿو ته ’آزاد نظم‘ ۽ نظم معريٰ جي لفظي ۽ ترڪيبي عدم مطابقت کي نظرانداز ڪري اگر معترضين جي اعتراضن جو جائزو ورتو ويندو ته پوءِ فقط اهو نظر ايندو ته اهي حضرات ’تاريخي جبر‘ جي پيداوار آهن. انساني فڪر ۽ ان جي ارتقاء، انسان جي اظهار خيال جي ذريعن ۽ وسيلن ۽ انهن جي جدت ۽ ندرت، نڪته سنجيءَ ۽ انشاء پردازيءَ جي ممڪن الحصول صلاحيتن کان ناآشنا آهن. هو انسان ۽ ان جي فڪري ۽ وجداني تاثرات کي به مشيني ۽ جامد ماپن ۽ تورارن ۾ تورڻ جا عادي آهن. هو انسان جي ان دؤر جي عڪاسي ۽ ترجماني ڪن ٿا، جنهن دؤر ۾ انسان اڃا مصنوعي تصنعات ۽ سماجي تڪلفات ۾ مبتلا هو، جنهن دؤر ۾ افهام و تفهيم جا ذريعا ۽ تبادله خيالات جا وسيلا چند مخصوص اشارات ۽ ڪنايات تائين محدود هئا، ۽ اهي اشارات ۽ ڪنايات به محض شاعرانه تلميحات ۾ بيان ٿِي ٿي سگهيا. وقت جي حاڪمانه جبر سندن ذهن ۽ فڪر تي مهرون هڻي ڇڏيون هيون، سندن اندازِ فڪر ۽ اسلوب بيان کي ريل جي ٻن پَٽَن وانگر سمجهڻ گهرجي، جنهن تي ان دؤر جي شاعرن جي ريل، موضوعات جو بار لڏي، موزون ۽ مناسب، مترنم ۽ نغمه ريز آوازن ۾ هلندي هئي. فڪر و نظم جي ارتقا جا وسيلا محدود، اظهار بيان جا ذريعا مخصوص! اهڙي دؤر ۾ ئي شاعرن مخصوص شاعرانه هيئت اختيار ڪئي، ۽ رديف ۽ قافيه جي بندش ۾ دلي جذبات جو اظهار ڪيو.

ٻيو اهم نڪتو، جو هت ظاهر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته عربي ۽ فارسي زبانن ۾ قافين جي فراواني آهي. مُقفيٰ ۽ مردّف، متحدالمعاني ۽ متحدالاصوات ۽ متحدالخارج لفظن جي ڪثرت آهي. اِنهن جا صرفي ۽ نحوي گردان ۽ مصدري مشتقات سڀ وزن ۽ تناسب تي مبني آهن.

ان طرح عربيءَ ۾ مجرد ثلاثي جي قانون کي ڏسو: عشق، عاشق ۽ معشوق ته ان سان گڏ عقل، عاقل، معقول، ۽ ان طرح تفعل جي وزن تي تعشق ۽ تعقل. حرف به هڪجيترا ۽ آواز به هڪجهڙا. ظاهر آهي ته اهڙن قافيه دار ۽ مُردّف زبانن جي شاعري يقيناً مقفيٰ ۽ مردف رهندي. انهن جي مقابلي ۾ لاطيني ۽ قديم انگريزي زبانون نه قافيه دار آهن ۽ مردف، ان ڪري، انهن جي شاعري تجنيس حرفي تائين محدود رهيٰ ان طرح انهن ۾ رزميه ۽ بزميه مثنويون، جي ملٽن پارن لکيون، سي به نظم معريٰ ۾، ڇالاءِ ته انهن جي قافين ۽ رديفن ۾ نه ڪا لفظي مناسبت آهي، نه ڪا معنوي خصوصيت. ان ڪري، انهن زبانن جي شاعري انساني دؤر جي ابتدائي ۽ ناقص زندگي وانگر غير مقفيٰ رهي.

لهٰذا اسان جي جامع ڪمالات زبان ”سنڌي“، جنهن سڀني زبانن جي الفاظ و مخارج تي غلبو حاصل ڪيو آهي، تنهن عربي ۽ فارسي ۽ هنديءَ جي اصناف شعريه کي به هضم ڪيو آهي.

اسان جي زبان جا ٻاونجاهه حرف، جي ڪي مفرد آهن ۽ ڪي مرڪّب، ڪي ته بنهه غلط آهن، اهي، علم الخارج جي حيثيت سان قرات ۽ تجويد جي فن موجب اهڙا ته جامع ۽ ڪامل آهن، جو دنيا جي هر زبان جا لفظ اسان سولائيءَ سان ادا ڪري سگهون ٿا، ۽ هوبهو ادا ڪري سگهون ٿا.

اسان جي مقابلي ۾ ڪو به عرب، اسرائيلي، بلوچ، انگريز ۽ فرينچ وغيره اسان جي زبان کي اهڙي ڪمال ۽ صحت سان ادا ڪري نٿو سگهي.

ان طرح اسان جي زبان جي جامعيت، جزالت، وسعت، رنگيني ۽ دلپذيريءَ، عرب، ايران ۽ هندستان جي مخصوص زبانن ۽ لفظن ۽ مخرجن ۽ صوتي اندازن کي ته ڇا، ان سان گڏ انهن جي شعري اصناف، دوهي، بيت، غزل، قصيدي، مرثيه، قطعي، رباعيءَ ۽ نظم کي به پنهنجو ڪيو آهي. اڄ اسان جي شاهه جي بيت سان ته ڪو مقابلو نه ڪندو، پر اسان جو غزل ۽ نظم به فارسي ۽ اردوءَ کان گهٽ نه آهي.

آزاد نظم کان اهي زبانون ڊڄن، جي سُڃيون سکڻيون آهن، ترنم ۽ نغمه کان تهي دست! اسان جي موجوده مرڪب زبان ۾ هنديءَ جي نسوانيت، عربيءَ جي مرغوب ڪُن مردانگي، ايران جي نازڪ مزاجي، ۽ اردوءَ جي مرڪّب هيئت، سڀ سرايت ڪري چڪيون آهن، تنهنڪري ائين چوڻ ته آزاد نظم سان نغمه ۽ آهنگ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اصطلاحات ۽ محاورات بگڙجن ٿا، فضول قسم جا اعتراض آهن.

اسان جي ادب ۾ بيت ۽ دوهي،ڪافي ۽ وائي، مولود ۽ مداح، معجزي ۽ مذهبي ڪبت جي حيثيت قريب قريب آزاد نظم وانگر آهن. غزل ۽ نظم جون سڀ عروضي ۽ فني بندشون اسان جي فن ۾ ڪين آهن. هان! غزل ۽ نظم ۾ اسان اوترائي فني آهيون، جهڙا ايراني غزلگو ۽ اردو غزلخوان.

منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته اسان وٽ آزاد نظم اڃا تجربه جي دؤر ۾ آهي. ان جي فني تراش خراش جاري آهي، ان جو فني رچاء ۽ سٽاء اڃا هلي پيو. ابتدائي تجربي ۾ ڪي سهوون به ممڪن آهن ته ٿين ٿيون، پر ان صِنف کي ’ڪفر سڏڻ‘ ۽ ان کي ادب لاءِ هاڃيڪار سڏڻ لاءِ ته ڪو به جواز پيدا ٿي نٿو سگهي.

ٻيو ته معترضين جي نظر محض ’لباس‘ ۽ ’مجاز‘، ‎’ظاهر‘ ۽ ’جسد‘ تي رهي ٿي، انهن جي نظر ’باطن‘ ۽ ’روح‘، يعني موضوع، اسلوب بيان، هيئت ۽ انداز پيشڪش تي نه آهي.

انسان فطري طور تبادله خيالات لاءِ زياده تر ’نثر‘ کي استعمال ڪري ٿو. ’نظم‘ ته محض نازڪ خياليءَ ۽ طبعي تفريح لاءِ گهڙيو ويو، ۽ ان ۾ مختلف اصناف کي پيدا ڪيو ويو.

هن دؤر جو ’انسان‘ زندگيءَ جي هزارن قدرن، منزلن ۽ مرحلن کي ڇڏي آيو آهي. فڪر و نظر جا هزارين لات ۽ منات ٽوڙي چڪو آهي. اڄ جو ’انسان‘ فطرت کي قريب پهچي چڪو آهي. سندس تبادله خيالات لاءِ اڄ نه ڪو مصنوعي قافيه بندي ڪارگر آهي ۽ نه ڪو مصنوعي ترنم ريزي! اڄ هڪ بين الاقوامي انداز بيان جي تخليق جو عمل جاري آهي. اڄ جي ’انسان‘ جو ضمير ڪنهن به خارجي تڪلفات کان سواءِ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ قافين جي لانڍ ۽ گل و بلبل جي شاعريءَ وارا اساليب ڪو به ڪم نٿا ڏيئي سگهن.

موجوده دؤر جي آزاد نظم کي بدنام ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪجهه ’نظرياتي‘ مسئلا به آهن، جي لاشعوري طور دود دکائي رهيا آهن.

جڏهن ته هن جديد صنف ۾ اڃا تائين ڪنهن ڪا مدح نه چئي آهي، تنهنڪري سمجهيو ائين ٿو وڃي ته هيءَ صنف رڳو ماديات ۽ معاشيات جي مسئلن لاءِ مخصوص آهي، ۽ بس!

جئن ٻيا ته ٺهيو، خود نياز فتحپوري به اهي ئي ڳالهيون پيو دهرائي. هن علمي ۽ فڪري دؤر جي ارتقاء ۽ ان جي مختلف النوع، همه گير، جامع ۽ انقلاب پرور ڪاوشن کي نه سمجهي سگهڻ وڏي ٽريجڊي آهي. ڪاش! مون کي ڪا اهڙي دوربيني هجي ها، جنهن سان کين هن دؤر جي انساني ارتقا ۽ فڪري ۽ علمي ارتفاع جو اهو نظارو انهن کي ڏيکاري سگهان ٿا، جي اڃا تائين اتر قطب جي برفاني دؤر ۾ رهن ٿا! جي اڃا تائين حجري زماني ۾ رهن ٿا، جي اڃا تائين ‎’چقمق‘ جي زماني ۾ اکيون ٻوٽيو ويٺا آهن!

سچ ته اهو آهي ته آزاد نظم مغربي آهي يا مشرقي، پر آهي هڪ بين الاقوامي زبان! اشاريت ۽ سريّت سان ڀرپور زبان، اصطلاحات ۽ محاورات سان سرشار زبان، ترقي يافته انسان جي لساني ۽ لغوي ترجمان، اسلوب ۽ ذريعه اظهار؛ جنهن ۾ غزل به آهي، نظم به آهي، زبان به آهي، لغت به آهي، جدت ۽ ندت به آهي، خيال آفريني ۽ فڪر انگيزي به آهي، افاديت ۽ انقلاب پروري به آهي، فڪر و نظر جي وسعت به آهي ۽ جلال ۽ جمال جي آئينه داري به آهي. پر ڇا ڪجي:

کس زبان مرا نه مي فهمد

به عزيزان چه التماس کنم

[ڪو منهنجي زبان نٿو سمجهي ته پوءِ مان ڇا ڪريان!]

وڌ ۾ وڌ ائين عرض ڪري سگهان ٿو:

”ٻي عالمگير جنگ جي خاتمي کان پوءِ، ’جنگ‘ جي افسرده تنور مان جي هلاڪت خيز ۽ تباهه ڪُن هٿيار نڪتا آهن، تن کان بچاءَ لاءِ بني نوع انسان لاءِ هاڻي نوح جي ڪشتي به شايد ناڪافي ثابت ٿئي. موجوده وقت جو عالمي اقتدار، پنهنجي سياسي تدبيرن سان، انهن انسان دشمن قوتن ۽ طاقتن کي پنهنجي تصرف ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ۽ انهن کي ڪنهن هنڌ استعمال ڪرڻ لاءِ بهانا پيو ٺاهي. ان سان گڏ، انسان ۽ ان جي خيال، احساس، جذبي ۽ علم تي به مُهرون هنيون ٿيون وڃن؛ يا معاشري جي ذهين ۽ باشعور طبقي کي پنهنجي اثر ۾ آڻي، انهن جي ڪايا پلٽ ڪري رهيو آهي. اتي اچي فرد ۽ سماج جي باهمي تعلق ۽ ربط کي قائم رکڻ، سمجهڻ ۽ سلجهائڻ جون دشواريون جنم وٺن ٿيون. انسان جو ذهن، ڪردار، ضمير ۽ شعور انهن خارجي بندشن کان چيچلائي رهيو آهي. ان ۾ بغاوت جا آثار به پيدا ٿي چڪا آهن. ان باشعور گروهه مان به خاص طور تي اديب ۽ شاعر، فنڪار ۽ سائنسدان هڪ ذهني ۽ اعصابي عذاب ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن. سوال اهو پيدا ٿيو آهي ته باشعور طبقو ڇا لکي ۽ ڇا پيش ڪري؟ شاعر کي اهو سوچڻو ٿو پوي ته سندس فڪر جو دائرو، تجربي ۽ احساس جي وسيع دنيا تائين پهچي چڪو آهي، تنهنڪري، سندس فن توڙي زبان ۾ ڪو تغير اچڻ گهرجي يا نه؟ اڳين تشبيهات ۽ محاورات، استعارات ۽ ڪنايات کي موجوده زندگي ۽ ان جا قدر جيئن پوءِ تيئن بدلجي رهيا آهن. اڄ ڪو به اهڙو ماڻهو نظر نٿو اچي، جو باشعور به هجي، ۽ زندگيءَ جي ثقافتي ۽ ترقي يافته موڙ کي نه سمجهي سگهيو هجي. ان کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگهي ته نئون سماج، مشرق توڙي مغرب ۾، پنهنجين پراڻين حدن کي ٽوڙي چڪو آهي. هڪ نئين سماجي ۽ عمراني نظام جي تعمير لاءِ هر انسان جدوجهد ۾ مشغول آهي. ان نئين دؤر جو جنم اگر خارجي حادثي جي پيداوار هجي ها ته پوءِ تاريخ کيس ڪارپوريشن جي دفتر ۾ لکي خاموش ٿي وڃي ها! مگر هي ته انساني فڪر جو هڪ ’نئون موڙ‘ آهي. ان ۾ سياست ۽ ثقافت، اخلاق ۽ مذهب جي سڀني رشتن ۽ تعبيرن کي نئين دؤر سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ دنيا جا دانشمند جدوجهد ڪري رهيا آهن. هڪ عالمگير سياسي ۽ سماجي بيداريءَ جو دؤر اچي رهيو آهي. ته ڇا، اهڙي معاشري ۾ اڄ جو شاعر ۽ ادب پنهنجي احساس ۽ وجدان جو رشتو نئن دؤر سان ڳنڍيندو يا نه؟ يا اڃا تائين فرسوده ۽ مُرده دؤر ۾ رهندو، ۽ ان دؤر لاءِ سوچيندو ۽ لکندو، جو صدين کان مَري چڪو آهي!“

(اقتباس: ”آزاد نظم جو فني تجزيو“ – غ . م . گ)

ان کان پوءِ اهي اسباب ٻڌائيندس، جي ناتجربه ڪار آزاد نظم گو لاءِ مفيد ٿيندا. مون عرض ڪيو آهي ته آزاد نظم اسان وٽ اڃا تجرباتي دؤر ۾ آهي، ان جي تڪميل لاءِ جدوجهد ۽ رياض، مشق ۽ مطالعہ جي ضرورت آهي. نوجوان طبقي کي ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ گهرجي، ۽ نه ڪو ڪيٻائڻ گهرجي.

تاريخ جي هر دؤر ۾ ان قسم جي مداهنت ۽ ممانعت ٿيندي آئي آهي. اسان اڄ ان دؤر ۾ آهيون،جنهن ۾ فڪري ۽ نظري طور اسان وڌڻ گهرون ٿا، پر فڪر جامد يا ان جامد اسان لاءِ سدراه بنجي رهيو آهي.

اڄ جو انسان پنهنجي وجداني شدت ۽ فڪري تاثر کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪن به خارجي بندشن جو قائل نه رهيو آهي. اڄ جو انسان رڳو ترنم ۽ نغمه، سُرَ ۽ تار تي ڪنڌ نه هڻي رهيو آهي.

مون کي اهو به ٻڌائڻو آهي ته آزاد نظم ۾ ترنم به آهي، نغمه ريزي به آهي، رِدم به آهي ۽ لئي به آهي – تصور پيشڪش جو آهي.

آزاد نظم گو شاعر اگر ردم ۽ سُر کان نابلد آهن ته پوءِ سندن آزاد نظم واقعي منتشر نثري ٽڪرن جون مجموعو بنجي ٿي وڃي، حالانڪ انهن ۾ وقف لازم، وقف غير لازم، وقف انصال، ۽ وقف غير متصله آهن. نظم پڙهندڙ انهن جي رعايتن کان ناآشنا آهن، تنهنڪري يڪي ساهيءَ پڙهن ٿا، جن مان واقعي ’آزاد نظم‘ نه پر ’آزار نظم‘ ٿيو پوي.

ٻيو ته ناظرين ۽ سامعين جو شوق هن جديد اسلوب سان اڃا مانوس نه ٿيو آهي. مانوس ٿيڻ کان پوءِ اهي احباب هن کي ائين پسند ڪندا، جيئن اڄ غزل ۽ ڪافيءَ کي پسند ڪن ٿا.

معترضين کي اهو به ياد رکي گهرجي ته هر زبان ۽ هر ادب جو هڪ مخصوص ۽ انفرادي مزاج ٿئي ٿو؛ ان جي تخليق ۾ مختلف قومي، سماجي، سياسي ۽ ادبي ميلانات ۽ روايات جو دخل رهي ٿو؛ ان جي اظهار لاءِ مختلف النوع اساليب ٿين ٿا، پر اهي اساليب جامد نٿا ٿين، پر ارتقاء پذير ٿين ٿا، بدلجن ٿا، وڌن ٿا ۽ نوان نوان لباس پهرين ٿا، نيون نيون هيئتون وضع ڪندا اڳتي وڌندا رهن ٿا.

اسان جي زبان جي شاعري، ڪَبَت، بيت، دوهي، ڪافي، وائيءَ کان بتدريج وڌي، اچي غزل ۽ نظم جي ڪمال تي پهتي آهي.

شاعرن هرهڪ صنف ۾ ڪجهه چيو آهي ۽ ٻين لاءِ راهه هموار ڪئي آهي. بتدريج مرحله بمرحله منزل بمزل هيئت ۽ اسلوب جو نظام هلندو ۽ بدلجندو رهيو آهي. انهن سڀني صنفن ۾ رديف ۽ قافيه جي بندش آهي. اها اڄ جو ذهن، فڪري مزاج ۽ طبعي افتاد قبول نٿي ڪري. اڄ ڪنهن به خارجي ۽ مصنوعي خول ۽ ملمعسازيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ فطرت به تيار نه آهي. تنهنڪري سنڌي زبان ۾ آزاد نظم جي آمد نه ڪو بدعت آهي ۽ نه ڪو ڪفر، نه ڪو ضلالت آهي ۽ نه ڪو گمراهي. هي هڪ تاريخي تبدل ۽ تاريخي ارتقاء آهي، جو اسان جي ادب ۾ اچي چڪو آهي. ان سان هم آهنگ رهڻ فطرت خداوندي جي تقاضا آهي، فطرت انساني جي تقاضا آهي ۽ فطرتِ زبان جي تقاضا آهي. ان کان منهن موڙڻ نهايت غلط ۽ لغو رجعت پسندي ۽ قدامت پرستي ٿيندي. ان قدامت ۽ رجعت کان بچڻ گهرجي.

آزاد نظم رڳو هيئت ۽ فارم جي تبديليءَ جو نالو نه آحي، پر ان ۾ خارجي بندشن کان پالهو ٿي ڪري فڪر جو درياءَ موجزن ٿو ٿئي، ۽ شاعر جي حسب حال موجون ٿو هڻي ۽ خيال جا بي بها معنوي گوهر ٿو پيش ڪري.

آزاد نظم ۾ بيساختگي ۽ رواني آهي. ان بيساختگيءَ ۾ قافيه جو اچڻ به درست آهي، پر شعوري طور قافين جي ٽنب ٽاڻ معيوب آهي. قافين جي لام بندي ڪرڻ ۽ خيالات کي ضربخانه ۾ سَٽي، سِڪن وانگر ٺپا هڻي توري تَڪي، اڇلائڻ جو زمانو ويو! اهو دؤر وڃي چڪو، جنهن ۾ رڳو ’فاعلات فاعلات‘ تي مغز ماري ٿيندي هئي.

افسوس اهو آهي ته طفلانه دؤر ۾ انگن جي پٽي ۽ کوڙن جي بندي ياد ڪبي آهي، پر جوانيءَ ۽ بلوغ ۾ ته نڪو انگن جي پٽي ڦيرائي آهي ۽ نڪو کوڙا پڙهبا آهن؛ انگ ۽ کوڙا، طبيعت ۾ جذب ٿي وڃن ٿا. بلڪل ان طرح وزن ۽ بحر قافيه ۽ رديف وارا راضي انگ اکر آزاد نظم ۾ سرايت ڪري چڪا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڃا تجربي جو دؤر آهي، ۽ تڪميل فن لاءِ ابتدائي بنياد پئجي چڪو آهي.

آزاد نظم ۾ وزن به آهي ۽ عروض جا مختلف القامت رڪن به آهن. فرق هي آهي ته اهي عروضي ارڪان متبدل ۽ مغير ٿين ٿا. جيئن نظم ۽ غزل ۾ مطلع کان پوءِ فوراً بحر جو تعين ٿي وڃي ٿو، تيئن آزاد نظم ۾ ڪين آهي. ان ۾ مختلف الازان ارڪان اچن ٿا، انهن کي نهايت جامعيت ۽ معنوي روابط سان نقشبندي ڪجي ٿي. ڪنهن سٽ ۾ ته ٻه – ٻه بحر به اچي وڃن ٿا ۽ ڪن سٽن ۾ هڪ رڪن ته ڪنهن ۾ ساڳيو رڪن ٻه ڀيرا ڪٿي ته ٽي – ٽي ڀيرا به اچي ٿو، ڪٿي ته اڌ رڪن بلڪ پاءُ رڪن به اچي ٿو، ڪٿي ته محض هڪ لفظ به اچي ٿو، جو هڪ رڪن جي اٺين پتيءَ جيترو ٿئي ٿو.

عروضي بزرگن کي اهو به ياد آهي ته فاعلات اگر چار ڀيرا بيڪ وقت يڪي ساهيءَ چئجي ته بيشڪ جائز، پر جي ٻه ڀيرا نه، پر هڪ ڀيرو ئجي ته ناجائز!

آزاد نظم گو شاعرن ڏانهن

ان سلسلي ۾ آزاد نظم گو شاعرن کي عرض آهي ته اول ته کين اهو احساس ڪرڻ گهرجي ته سندن نظم هڪ ابتدائي تجربو آهي. اهو مشق، جهد، رياض ۽ مطالعہ سان تڪميل تي پهچندو. کين، جتي اچي بيٺا آهن، ان تي اڪتفا نه ڪرڻ گهرجي، ايجاد ۽ اختراع لاءِ وڌيڪ تجربا ڪرڻ گهرجن. ارادي سان عروض کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، ۽ نڪو ارادي سان قافين جي ڀرمار ڪرڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان تڪلف ۽ تصنع پيدا ٿيندو ۽ رس نه رهندو.

کين سنگيت ۽ نغمه سان وابستگي پيدا ڪرڻ گهرجي، جيئن لفظن جي تراش خراش، وڍ ٽُڪ، جوڙ – جڪ، دروبست، ڇندن ۽ ماترائن جي حساب سان پوريءَ طرح نباهي سگهجي. شعر بيساخته هروڀرو نه آڻڻ گهرجن. انسان جي فڪري ۽ ذهني صلاحيتن جي تطهير ۽ پاڪيزگيءَ لاءِ لکڻ گهرجي. روايتي بوالهوسيءَ ۽ حسن پرستيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هجر و وصال جي شڪايت ۽ حڪايت کي عروض وارن انتها تي پهچايو آهي، بلڪ انهن کي بيان ڪري هاڻي زبان ۾ لڦون پئجي ويون آهن. گهرجي ته ان روايتي چيز کان پاسو ڪجي.

نظم جي مختلف سٽن ۾ عمداً ۽ ارادتاً نڪو عروض جي پابندي ڪرڻ گهرجي، نڪو انحراف، جذبات جي طغياني ۽ خيالات جي روانيءَ کي سمنڊ جي وير وانگر آزاد ڇڏجي ته اها پاڻيهي لهرون پيدا ڪري، پاڻيهي رڪن گهڙي، پاڻيهي ترنم پيدا ڪري ۽ پاڻي ترجماني ڪري. اعتدال پسند ٿيڻ گهرجي، رڳو فن ۽ هيئت جي رعايت ڪندي، موضوع ۽ مواد جو غلط انتخاب نه ڪرڻ گهرجي. سهڻن لفطن، بامعنيٰ ترڪيبن، دلنشين جملن ۽ روح افروز ۽ مترنم بندشن سان آزاد نظم کي آراسته ڪرڻ گهرجي. بي هنگام، بي معنيٰ، غير مربوط نثري ٽڪرن ۽ غير مسلسل ۽ منتشر خام خياليءَ کي نظم نه سمجهڻ گهرجي.

آزاد نظم گو شاعرن کي خبردار رهڻ گهرجي ته سندن غير مرتب نثري ٽڪرا مغربي صنف ۽ حسن تائين ته ڇا، رڳو صوتي انداز تائين به اڃا ڪونه پهتا آهن؛ انهن ۾ ڪرختگي ۽ ثقافت، بدمزگي ۽ خفگي نه هئڻ گهرجي. فقط ملائم ۽ نرم، دلنشين ۽ لذيذ جوش بيانيءَ سان گڏ مفيد مواد تي مشتمل هئڻ گهرجي. بي معنيٰ، خشڪ، رکا، ڪجما، ڪَچا پڪا خيال، غير مسلسل ۽ بي اثر، بي وزن ۽ غلط ٽڪرن جي جوڙڻ سان ڪو به ڪم نه ڏيندا؛ انهن ۾ رنگيني ۽ رعنائي، شعريت ۽ نزاڪت پيدا ڪرڻگهرجي. آزاد نظم لاءِ تمام چست ۽ مائيدار، موزون ۽ اثرائتا مرڪب ٽڪرا اڃا نه ٺهي سگهيا آهن، ۽ نڪو انهن لاءِ انداز بيان جي شيريني، نرمي، لوچ ۽ رنگينيءَ کي هٿ ڪيو ويو آهي.

مشڪلاتون

آزاد نظم لکندڙ شاعرن لاءِ ڪيتريون مشڪلاتون به موجود آهن، جن کان کين واقف رهڻ گهرجي.

آزاد نظم کي هڪ ڪيفياتي ۽ نفسياتي، شوقي ۽ وجداني حسن  آرائش سان تخليق ڪرڻ اهم مسئلو آهي. ان لاءِ رياض ۽ مطالعہ گهرجي، ۽ ان سان گڏ سوز ۽ ساز، گداز ۽ درد! هيئت جي نوان تجربن ۾ ’اقبال‘ جا چند تجربا قابل قدر آهن ۽ ان کان پوءِ ’فيض‘ جا ڪي تجربا تحسين جي لائق؛ باقي ميران جو ۽ ’ن. م. راشد‘ وارن جو آزاد نظم نه فن سان وابسته آهي ۽ نه معنيٰ سان – محض زوليده، بي ربط، مبهم ۽ ثقيل ٽڪرن جي ميڙ کي انهن آزاد نظم سڏيو آهي، جو غلط آهي. انهن جي تقليد کان بچڻ گهرجي.

هيءَ صنف جڏهن ته انگريزي ادب سان آئي آهي، تنهنڪري ان جو مطالعہ ڪرڻ گهرجي. اردو وارن جي نقالي کان پري رهڻ گهرجي، انهن ۾ فني غلطيون آهن.

وڏي مشڪلات، جا هن فن لاءِ سدراه آهي، سا آهي عروضي ۽ مقفيٰ شاعري. اسان جي ابتدائي شاعري، علم ۽ فن، مطالعہ ۽ پيشڪش جي لحاظ سان مقفيٰ شاعريءَ جي مرهون منت آهي. اسان گهڻي ۾ گهڻي شاعري عروضي ڪئي آهي، ۽ گهڻي ۾ گهڻي به عروضي شاعري ئي مطالعہ ڪئي آهي. گويا اسان مقفيٰ شاعريءَ ۾ مشيني طريقي سان قديم اصناف سخن جي پابنديءَ جا عادي ٿي چڪا آهيون. پراڻن خيالن، پراڻن طريقن، پراڻن اصطلاحن ۽ پراڻن ڪتابن اسان ۾ گهر ڪري ڇڏيو آهي. نڪو اسان نوان قافيا ٺاهي سگهيا آهيون، ۽ نڪو نيون ۽ حسين ترڪيبون وضع ڪري سگهيا آهيون. اسان جي لساني وسعت به مسلم، پر ان مان حسين لفظن جي انتخاب ۽ انهن کي مربوط ڪرڻ واري فنڪارانه چابڪدستي اڃا پيدا نه ٿي آهي. حسين ۽ دلڪش قافين جي ڄاڻ ته ڇا، ڪنهن جديد ۽ حسين فقري کي تخليق ڪرڻ جو سليقو به اڃا پيدا نه ٿيو آهي. نڪو انهن کي صحيح مقام تي استعمال ڪرڻ جو طريقو ئي هٿ آيو آهي. نڪو اسان کي جملن جي بيهڪ ۽ واڌ يا گهٽتائيءَ جو ڪو صحيح مايو ئي هٿ آيو آهي. بنان ڪنهن سوچ ۽ ماپ جي بيجوڙ ۽ بي آهنگ، بيروح ۽ بيرنگ لفظن جي ٽنب ٽاڻ ڪرڻ کان اڃا آزاد نه ٿيا آهيون. ثقيل ۽ غير سوادي، غلط ۽ مهمل، لغو ۽ گندن لفظن کان احتراز ڪرڻ به اڃا نه آيو آهي. اسان جا آزاد نظم گو شاعر اهڙا ته اگهاڙا، غلط ۽ مخرَب الاخلاق لفظ استعمال ڪن ٿا، جي هوند نثر ۾ نه آڻي سگهجن.

ان طرح نه ڪو خيال ۽ فڪر جا ڪي نوان نوان تعبير پيدا ڪيا ويا آهن، جي فڪر و نظر لاءِ هدت ۽ حرارت سان گڏ نُور ۽ سُرور پيدا ڪن. البت دل و دماغ ي بار پيدا ڪندڙ، ذوق سليم جي خلاف، ڪيئي لفظ ۽ ترڪيبون استعمال ٿي رهيا آهن، انهن کان بچڻ گهرجي.

ٻيو ته موجوده شاعريءَ ۾ ڪي اهڙا ته مستقل ۽ دائمي، بلڪ ناقابل ترميم عناصر پيدا ٿي چڪا آهن، جن کي نڪو اسان ڇڏي ٿا سگهون، ۽ نڪو هوئي اسان کي ڇڏي ٿا سگهن. اسان جو تهذيبي ورثو ۽ جمالياتي ذوق پنهنجي ماحول جي پيداوار آهي، چنانچه پراون دهلن تي احمق جي نچڻ وانگر، انهن کي يڪلخت ڇڏي، جنهن ڌاريءَ وضع کي اختيار ڪري نٿا سگهون. نڪو اسان انهن کي هروڀرو ترڪ ڪري ٿا سگهون، ۽ نڪو بدلائي ٿا سگهون.

اسان کي پنهنجي زبان ۽ ادب، تهذيب ۽ معاشري مان اهڙا چند روايتي ۽ پيدائشي، رسمي ۽ رواجي ٽڪرا چهٽي ويا آهن، جي اسان جي دل و دماغ، زبان ۽ فڪر تي ديرو دمايو ويٺا آهن. مشق سخن ڪندي، ڦري گهري، اچيو ٿا منهن ڪڍن، ۽ لاشعوري طور اسان جي شاعريءَ ۾ دخل ڏين. گويا اهي معمول بنجي ويا آهن. انهن متعلق به سوچي سمجهي قدم کڻڻو آهي – نڪو انهن کي صفا رڌ ڪرڻو آهي، ۽ نڪو انهن کي انڌن وانگر چهٽي پوڻو آهي، ’خذما صفا ودع ماڪدر‘ تي عمل ڪرڻو آهي.

’فن ۽ افاديت‘ کي ته هر حال ۾ مدنظر رکڻ گهرجي. اگر فني حيثيت سان ڪو شهپارو تيار به ٿي ويو ته پوءِ ان تي اڪتفا نه ڪرڻ گهرجي. ڏسڻ گهرجي ته ان جي ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ سان ڪنهن کي ڪو فائدو پهچندو يا نه؟ يا رڳو ڍنگرن تي آڻي هارڻ وانگر معاملو ٿيندو. اهڙي اجائي ۽ غير مفيد مغز ماري کان بچڻ گهرجي.

ابهام ۽ اغلاق، جو اڄڪلهه جي نظم ۾ جام آهي، ان کي ختم ڪرڻ گهرجي، ’سلاست‘ کي مدنظر رکڻ گهرجي.

غير مقفيٰ شاعريءَ جي معاملي ۾ اسان جو حال ۽ عمل اڃا مبادي طور آهي، طفلانه ۽ تجربي وارو دؤر آهي. اڃا تائين آزاد نظم جي فني لطافتن ۽ ان جي مختلف النوع ٽڪرن، انهن جي ساخت، انهن جي درويست تي عبور حاصل نه ٿيو آهي. اسان جي آزاد نظم ۾ طولاني جملا به اچي ٿا وڃن، پر آهن بيروح، بيرنگ، بي مطلب ۽ اجايا! انهن ۾ نه فن آهي ۽ نه معنيٰ، انهن جملن جي اجائي واڌ ۽ ٽنب ٽاڻ کان بچڻ جڳائي، جيستائين پختگي پيدا ٿئي، سهڻا ۽ برجستا طويل جملا گهڙي  تراشي سگهجن، ۽ صحيح مقام تي بيهاري سگهجن.

طول طويل جملن جو آڻڻ ۽ طول بحر ۾ طبع آزمائي ڪرڻ جو مثال اڃا تائين آزاد نظم ۾ پيدا نه ٿيو آهي.

چوٿون ته قافين ۽ رديف کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪو آزاد نظم پيدا نٿو ٿئي، بلڪ ان جو داخلي عمل ان ۾ ’پرايا تام‘ جي صفت رکندڙ ان رنگ ۽ مراقبي سان پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاعر جو ’توبهه ۽ خيال‘ مصرعن جي گهٽ وڌائيءَ ۾ بکندو به رهي ٿو، ۽ وڄندو به رهي ٿو، ڄڻ ته تمام نازڪ ۽ نفيس تند ۽ تار تي اهو ٻڌڻ ۾ به اچي ٿو. اگرچه نڪو اٿس اڃا آواز، ۽ نڪو اٿس صوتي لباس! پر جيئن گهنڊڻيءَ ۾ آواز موجود آهي، جو ارتعاش کان پوءِ ٿو پيدا ٿئي، بلڪل ان طرح ‎’شاعر‘ جي دل و دماغ ۾ گهنڊ وانگر مصرعا پيا وڄن، ان طرح ئي صحيح قسم جو شعر پيدا ٿيندو آهي.

وڏي مشڪل چيز اها آهي ته اسان وٽ مختلف النوع، ننڍن توڙي وڏن جملن جا ماپا ۽ پيمانا به ڪونه ٺهيا آهن، جيڪي مقفيٰ شاعريءَ ۾ فراوانيءَ سان موجود آهن، جي سمنڊ جي لهرن وانگر يا وير جي چڙهڻ ۽ لهڻ وارن وزنن ۽ رنگن ۾ پيدا ٿين.

اسان کي ته اڃا جملن جي جوڙجڪ تي توجهه ڏيڻو آهي. ننڍن ۽ وڏن، بامعنيٰ ۽ قابل شنيد جملن جي تخليق ۽ تراش ڪرڻي آهي، ۽ اهو فن سکڻو آهي، جنهن سان هيري کي چيري، ان جا مختلف حصا جرڪائڻا آهن. ان لاءِ ڪي تخليقي اصول ٺاهڻا آهن. گويا ان طرح آزاد نظم لاءِ نئين علم ڪلام ۽ نئين علم بديع جو بنياد رکڻو آهي. ان سان گڏ انهن ننڍن وڏن فقيرن کي مختلف ترتيبن سان مربوط ۽ مسلسل ڪرڻ جو معنوي فن به وضع ڪرڻو آهي. ان کان سواءِ ساري محنت اڪارت ويندي – آزاد نظم نه بڻبو، ادب لطيف يا منتشر نثري ٽڪرا ضرور بڻبا. ان سلسلي ۾ اسان کي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته جنهن کي ’شاندار پاره هاي نظم‘ چئجي، ان فن جي هوا به اسان کي ڪانه لڳي آهي.

پنجون عذاب ده مسئلو اهو آهي ته اسان جي آزاد نظم توڙي معريٰ ۾ ’حضرت غزل‘ نانگ وانگر کُپُ کوڙيون ويٺو آهي. اهي ئي عشقيه خيالات ور ور ڪيو پيا دهرائجن. مقفيٰ شاعريءَ ۾ قافيي ۽ رديف جي پابنديءَ سان ۽ آزاد نظم ۾ بلڪل ڇڙواڳ ۽ بيباڪ! اها ترقي معڪوس چئجي ۽ هڪ عربي قول ”مينهن جو ڀڳو وڄي نيساري هيٺ لڪو“ وانگر غزل کان ته ڀڳا، پر وڃي آزاد نظم ۾ ڦاٿا ته سهي، پر رنگ اهوئي غزل جو!

اصل ڳالهه اها آهي ته ’غزل‘ نهايت شاندار ۽ جاندار صنف آهي. ان جي فني اشاريت ۽ سرّيت جو جواب ئي ڪونه آهي. پر نظم جي حيثِت ۾ ’خيال‘ جي جيڪا مڪمل ڪائنات آهي، اها غزل ۾ ڪانه آهي. غزل ۾ خيال جو تدريجي اڀرڻ يا خيال جو مڪمل محلات آهي ئي ڪونه!

اسان جي آزاد نظم واري نو تجرباتي دؤر ۾ دؤرا ۽ ڦيرا، گردشون ۽ گهمريون ته آهن، پر اهي سڀ آهن بيضوي ۽ گول دائرن ۾؛ گهاڻي جي ڍڳي وانگر پنڌ ۽ حرڪت موجوده، پر نڪا منزل نڪو مقصد – اتي جو اتي، يعني اڳتي وڌڻ ڪين آهي. اسان اڃا مختلف الخيال حلقن ۽ دائرن ۾ پيا هلون، اسان جو لکڻ ۽ سوچڻ ارتقائي ۽ عمودي نه آهي، پر گهاڻي وانگر آهي.

اسان جي هيتري ساري رياض ۽ مشق کان پوءِ رڳو ايتري ترقي ٿي آهي، جو اسان مختلف تشبيهن مان هڪ خيال ته پيدا ڪريون ٿا، پر مختلف خيالن کي سهيڙي ۽ سموهي، وحدت خيال نٿا بنائي سهون. خيال جي دنيا اها ئي منتشر ۽ سرگردان، يعني جنهن کي تعميري صلاحيت چئجي، سا اڃا تائين پيدا نه ٿي آهي.

اسان مغربي شاعريءَ جي ريس ۽ نقاليءَ ۾ بلئنڪ ورس ۽ فري ورس ته سکيا آهيون، پر اها بلند تر سنجيدگي اڃا جديد ادب ۾ تخليق نه ٿي آهي. رڳو مرعوب ڪُن دعوائون، شوخ ۽ شنگ دانهون ۽ فريادون پيدا ٿيون آهن، جن سان عروضي شاعري ڀري پئي آهي.

اسان جي آزاد نظم گو شاعرن لاءِ مناسب آهي ته هو انهن مشڪلاتن تي غور ڪن ۽ سوچين، ۽ پنهنجي ‎’زبان‘ تي تجربا ڪن، جيئن اها صنف به سنڌي ادب ۾ ائين ئي رَچي ۽ پَچي وڃي، جيئن بيت،ڪافي ۽ غزل اسان وٽ رَسَ جي انتها تي پهتا آهن.

تجزيه

هن وقت تائين جي به اردو، سنڌي ۽ فارسي آزاد نظم منهنجي مطالعہ هيٺ آيا آهن، انهن کي غور سان جاچڻ کان پوءِ انهن جي تنقيدي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿيو آهي ته انهن ۾ بيترتيب ۽ منتشر خيالات ته آهن، پر لفظن جي رعنائي، زيرو بم جي شدّت، احساس ۽ تاثر جي فراواني، نغمگيءَ وارو اُتار ۽ چڙهاءُ ڪين آهي. سارو نظم هڪ آهنگ ۾ نظر ايندو، ڄڻ ته انتره کان سواءِ رڳو اسٿائي هجي.

آزاد نظم لاءِ عِلائم ۽ تمثيلات جو هجڻ ضروري آهي، جن ۾ وسيع اشاراتي فن موجزن رهي ٿو، پر اڄڪلهه علام ۽ تمثيلات جو استعمال نهايت غلط ڪيو وڃي ٿو. آزاد نظم ۾ جي به ’علائم‘ موجود آهن، انهن جي مفهوم ۽ دلالت کي هڪ هنڌ معيّن ڪري سگهجي ٿو، پر ان سان گڏ انهن ۾ قطعيت جي بدران هڪ غير معيّن، غير افادي، غير فني ۽ غير ضروري ڦهلاءُ ۽ ورجاءُ ٿئي ٿو. حالانڪ آزاد نظم ته ڇا، هر اعليٰ شاعريءَ لاءِ علامات جو استعمال محدود نه پر وسيع المعاني ٿئي ٿو. افسوس جو ان نقطه نظر کي اڳيان رکي اسان جي آزاد نظم گو شاعر ڪجهه به نٿا لکن. سندن ‎’علامات‘ جو عالم ڦهليل ته گهڻو هوندو، پر انهن ۾ ‎’قطعيت’ نه هوندي. هي هڪ اهڙو ستم آهي، جنهن کان شاز و نادر ڪو شاعر بچي سگهيو هجي.

’علامات‘ جي فني حيثيت اها آهي ته شين کي اسان جي سامهون بلڪل ان صورت ۾ پيش ڪرڻو آهي، جنهن صورت ۾ اهي موجود آهن. ان رمز ۽ راز کي نه سمجهڻ ڪري آزاد نظم گو شاعرن وٽ ’اسرار ۽ اشاريت‘ جو فقدان رهي ٿو. هو ظاهر ظهور نالا کڻي تخليقي لطف کي پڙهندڙن جي ذهن ۽ حافظي کان تمام گهڻو پري اڇلائي ڇڏين ٿا. ’آزاد نظم‘ ۾ ڪنهن به اسم ۽ ان جي علامت جو غلط طور استعمال ڪرڻ معنيٰ آزاد نظم جي ٽي ڀاڱي چار حصي جي لطف ۽ فن کي ختم ڪرڻو آهي. اهو لطيف چيز جي بتدريج سمجهڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو. اها ’اشاريت‘ ئي آهي، جنهن سان انساني تصوّر لطف اندوز به ٿئي ٿو ۽ فن به تڪميل تي پهچي ٿو.

علامات ۽ اشاريت جي ان باريڪ ۽ لطيف استعمال کان آزاد نظم اگر خالي آهي ته پوءِ ان کي آزاد نظم نه سڏڻ گهرجي.

آزاد نظم جي معترضين کي هڪ فاش غلطي اها به ٿئي ٿي، جو هر آزاد نظم گو شاعر جو ذاتي ۽ نفسياتي تجزيو نٿا ڪري سگهن. هر ڪنهن شاعر جي افتاد طبع جدا آهي. ان جي وضع فطرت ۾ فرق آهي، ڇالاءِ ته هر ڪنهن جي طبيعت، ماحول ۽ معاشري جي هڪ خاص تربيتگاه مان پيدا ٿئي ٿي. منجهس فڪر و نظر توڙي دل و دماغ جي حيثِت سان هڪ خاص مزاج ۽ مخصوص وضع پيدا ٿين ٿا. انهن سڀني درجن ۽ مرتبن جي فرق کي مدنظر رکي، آزاد نظم گو شاعرن جي ذات ۽ نفسيات کي متعيّن ڪرڻ ضروري آهي.

ڪو آزاد نظم گو شاعر ميانه رو ۽ معتدل مزاج ٿئي ٿو ته پوءِ ان جو ڪلام به ان ئي وضح تي پيدا ٿئي ٿو. ڪو حڪيمانه ۽ فلسفيانه دل و دماغ وارو شاعر ٿئي ٿو ته پوءِ ان جي ڪلام ۾ زندگيءَ جي حقائق ۽ بصائر کي تلاش ڪرڻ گهرجي. ڪو شيلي وانگر تيز ۽ تند مزاج ٿئي ٿو ته ان جي ڪلام ۾ شعله افشاني ۽ برق لمعاني موجود آهي. ڪو سرد طبع، متواضع، مسڪين ۽ ڪمترين طبع وارو مهاتما ٻڌ وانگر ٿئي ٿو، ان جي خيالات توڙي زبان ۾ نرمي ۽ لوچ کان پوءِ ولوله انگيز ۽ انقلاب پرور خيالات جو فقدان ٿئي ٿو. ان وٽ ’اقبال‘ ۽ ’غالب‘ وارو نڪو طمطراق ٿو رهي ۽ نڪو مرعوب ڪُن شڪوه! ڪو شاعر طبعاً شوخ ۽ شنگ، باغي ۽ انتها پسند ۽ تلخ گو ٿئي ٿو ته پوءِ لازمي طور ان ۾ به بغاوت ۽ انتهاپسندي ئي رهي ٿي. سندس ڪلام ۾ ’سچل‘ ۽ ‎’عطار‘ واري نعره بازي هوندي ۽ ولولو ۽ جلال هوندو. ڪو شاعر وري شعريت ۽ ان جي رنگينين کان محروم ٿئي ٿو، تنهنڪري ان جي ڪلام ۾ شاعري گهٽ پر بغاوت ۽ شدّت زياده رهي ٿي. وٽس ماديات ۽ معاشيات جا مسئلا ئي ملندا. سندس نظر ’نظريات‘ تي رهندي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ئي شاعري ڪندو رهندو. ڪو شاعر ڪنهن هڪ پهلوءِ حيات سان معلق ٿورهي، اهو هڪ ئي نظريي کي چهٽيو ٿو اچي، ان ۾ جامعيت ۽ ڪليّت جو فقدان ٿو رهي. ڇالاءِ ته سندس نظر زندگيءَ جي تمام و ڪمال مسائل کي ڏسڻ کان عاجز ۽ قاصر آهي. هو ’وحدت‘ تي مرڪوز نٿو رهي، پر ڪثرت جي مختلف النوع حصن مان ڪنهن هڪ اڌ حصي تي بيهي ٿو رهي. ان جي شاعري هڪ ئي نظريي ۽ هڪ ئي پهلوءِ حيات سان وابسته رهندي ايندي.

هيئت ۾ تغيّر ۽ ترقي، لچڪ ۽ اجتهاد مان پيدا ٿيندي آهي يا پرجوش جذبات مان نڪتل خيالات، هيئت جي ديوارن کي لوڏي رکندا آهن، جيئن جامي ۽ روميءَ وٽ شعور ۽ يقين، جذب ۽ البساط، جلال ۽ جمال جي جامعيت آهي، جا سندن هيئت سان گڏ مواد جي لچڪ لاءِ ذميدار پڻ آهي. يا جيئن غالب ۽ اقبال ۽ سچل وٽ زبردست قوت محرڪ آهي، جا خيالات جي عالم ۾ زلزله افگن ٿي ٿئي. يا جيئن ’لطيف‘ وٽ سوز ۽ ساز، گداز ۽ نياز جو هڪ آهنگ رنگ موجود آهي. يا جيئن ساميءَ ۽ ميران وٽ ميٺاج ۽ سلاست، نرمي ۽ ملائمت آهي. بهرحال آزاد نظم گو شاعرن ۾ اهڙا باڪمال شاعر تمام ٿورا ملندا، جن جي ڪلام ۾ انهن مٿين شاعرن جي فن جي جهلڪ ۽ اثر نظر ايندا. انهن جي فرق مراتب کي انهن جي افتاد طبع آهر سمجهڻ گهرجي. ڪو رومي ۽ اقبال، غالب ۽ سچل وانگر هوندو ته ڪو ميران ٻائي ۽ ساميءَ وانگر هوندو. بهرحال انهن جي فرق مراتب کي نه سمجهڻ ڪري ئي آزاد نظم گو شاعرن متعلق معترضين جي ڪا به راءِ صحيح نٿي نظر اچي.

اسان جي آزاد نظم گو شاعرن ۾ جڏهن لاشعور جي جاءِ تي شعور غالب ٿو رهي، تڏهن سندن فن ۾ نڪو فن ٿو رهي، نڪا جزالت، نڪا افاديت ۽ نڪا حقيقت، نڪا اشاريت، نڪا رمزيت. سندن احساس تمام خفيف ۽ نرم رو رهي ٿو ۽ شعور نيم تاب. لهٰذا سندن شعر و شاعريءَ جو تير به هر حال ۾ نيم ڪش ئي رهي ٿو. انهن صورتن ۾، فطري طور تي، اختيار جون واڳون شاعر جي هَٿَ ۾ گهٽ پر ڪاوشِ بيان ۽ فني تراش خراش جي هٿن ۾ زياده رهن ٿيون، ۽ انهن جو ڪلام آمد بنجي ٿو وڃي. انهن جي ڪلام جا مصرعا خودبخود احساس ۽ وجدان جي سانچي ۾ نٿا اچن، پر انهن کي طبع ۽ فن جي زور تي، لفظن جي ضربخاني مان سڪه بند ڪري ڪڍيو وڃي ٿو. ان ڪري انهن ۾ ڇڪتاڻ، وٺ – پڪڙ، ڪشاڪش ۽ تصنّع به زياده ٿو رهي. مصرعن ۾ رواني ۽ برجستگي گهٽ ٿي پيدا ٿئي، پر خڪشي ۽ سطحت زياده ٿي رهي. ان ڪري ڪي مصرعا ننڍا ته ڪي وڏا ٿي ٿا وڃن. ڪنهن به جدت يا اصول موجب نه ۽ نڪو ڪنهن معقول ۽ اجتهادي صورت پٽاندر، پر تصنع ۽ تڪلّف جي ڪري مصرعا نڪرن ٿا، جن ۾ نڪو تخليقي ۽ معنوي، فني ۽ ادبي ربط ٿو رهي ۽ نڪو منجهن خيال آفرين قوتِ محرڪ ٿي نظر اچي – نتيجو اهو ٿو نڪري، جو اها پوري شاعري ضايع ٿي وڃي ٿي.

ان طرح آزاد نظم جي بيپناهه روانيءَ ۾ روڪ پيدا ٿئي ٿي، ۽ اها شاعري، شاعري نٿي رهي، پر تڪلّف سان پيدا ڪيل منتشر نثري ٽڪرا ٿا بنجن. اهڙي شاعريءَ تي تمسخر ڪندي، ناقد ڊرافٽنگ، باشعور، ميڪانيڪي، مشيني، رياضي، اقليدس، غرض مختلف قسم جا فقرا چُست ڪيا وڃن ٿا.

ڪن آزاد نظم گو شاعرن جي ڪلام ۾ صاف نظر ٿو اچي ته هنن مصرعا ڄڻ ته ڪينچيءَ سان ڪَتري، کؤنر سان ٿڦيا آهن، ۽ ڪن خاص بحرن تي ماپي، ڪڇي، ڪوري ۽ تراشي استعمال ڪيا آهن. اهي ڪٿي خودبخود طويل ٿي وڃن ٿا ته ڪٿي خودبخود ننڍا ٿي وڃن ٿا. اتي اچي سندن ڪلام ۾ شتر گربي جو عيب پيدا ٿئي ٿو.

ڪن شاعرن وٽ آهنگ جي وحدت، لهجي جي پختگي ۽ يڪسانيت ۽ بالالتزام متفرق باقافيه مصرعا به ملن ٿا، جي ‎’غزل‘ مان اقتباس ڪيا وڃن ٿا، ۽ اهي مصرعا ڪڏهن ڪڏهن مصنوعي قافيي طرازي وانگر سڪه بند صورت به اختيار ڪن ٿا. اهو به هڪ وڏو عيب آهي، جنهن کان تمام ٿورا آزاد نظم گو شاعر بچي سگهيا آهن.

اهو به ياد رهي ته شاعري محض بيان ۽ حسن بيان تائين محدود نه آهي، پر ان سان گڏ شدتِ بيان ۽ معراجِ بيان به هئڻ گهرجي. شاعريءَ جي بنيادي صورت، ۽ ان جا عناصر آهن: احساس، معنيٰ، تخيّل، استعارات، تمثيلات ۽ انهن جي منظم ترتيب؛ ۽ ان سان گڏ شدتِ جذبات ۽ شدت تاثر جو اهو جذب ۽ معيار جنهن سان اهي عناصر هڪ ٻئي ۾ مربوط ۽ مدغم ٿين ٿا. ان طرح ئي منجهن رس ۽ رهاڻ، رچاءُ ۽ خوبي، جلال ۽ جمال، هيئت تعميري ۽ انداز مقصد پيدا ٿين ٿا. ٻين لفظن ۾ اهو فن تخليقي فن چئبو، ۽ باقي تقليدي ۽ مصنوعي.

ايليٽ خوب چيو آهي:

”ڪي اڻڄاڻ اڃا به شاعريءَ کي رڳو خوش بيانيءَ جي مترادف سمجهن ٿا: حالانڪ خوش بيانيءَ جا تمام عناصر– خوبصورت الفاظ، عميق افڪار، حسين ترڪيبون، جدت پذير استعارات، بوقلمون تمثيلات، بيمشار علامات، گوناگون مضامين ۽ رنگارنگ معلومات، وغيره – گڏجي به شاعرانه امتياز حاصل ڪري نٿا سگهن.“

ايليٽ جي تنقيد اصل ۾ شاعريءَ لاءِ نهايت اهم مسئلن جي عقده ڪشائي ڪئي آهي. ان کي نه فقط جديد آزاد آزاد نظم گو شاعر مدنظر رکن، پر عروضي شاعر به سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ته بهتر آهي.

آزاد نظم گو شاعرن مان ڪن جي ڪلام ۾ ربط ۽ رواني ڪين آهي. ڪنهن به آزاد نظم کي اڳيان رکي ان جي مصرعن جي گهٽ – وڌائيءَ کي ڏسو، ۽ اهو به ڏسو ته ڪيتري حد تائين شاعرانه خيال کي نباهيو ويو آهي، ۽ ڪيتريقدر قافيه ۽ رديف جي ڪميءَ کان پيدا ٿيل عدم آهنگي ۽ تشنگي جي تلافي ڪيل آهي. اهو به ڏسڻو آهي ته ڊگهي مصرع کان پوءِ يڪ لخت ننڍي ٽڪريءَ جي آڻڻ کان پوءِ وري طويل فقري کي آڻي، ڪيتريقدر ربط ۽ واني پيدا ڪيل آهي. آيا ائين ته نه ٿيو آهي ته هڪ مصرع کي ورجائڻ کان پوءِ ننڍي فقري جي ادائگيءَ ۾ لڪنت آميز بدن ٿو پيدا ٿئي، طبع روڪجي ٿي وڃي، زبان ادائگيءَ کان عاجز ٿي ٿي وڃي. آيا اهڙي مصرع، جنهن ۾ فقط ’ٻه خفيف سبب‘ ٿين ٿا، انهن جي ادائگيءَ ۾ نه ڪا رواني ٿي پيدا ٿئي ۽ نڪو آهنگ، هروڀرو پڙهندڙ روڪجي ٿو وڃي اگر مصرعن جو درويست ۽ نشست ائين آهي ته پوءِ اهو حال آزاد شاعريءَ جي روح جي خلاف آهي. عمدي نظم ۾ مصرعن جي طوالت يا اختصار هوندي به سمنڊ جي وير وانگر بيپناه مدوجز رهي ٿو. مصرعن جي نشست ۽ ترتيب، ماپ ۽ ڪڇ ۾ ربط ۽ تسلسل رهي ٿو. ان کان سواءِ معنوي تسلسل سان گڏ بديع تر هيئت، آهنگ جو مختلف النوع زيرو بم، ڊرامائي حرڪات، لب و لهجي جي دلاويز ۽ وسيع الاطراف شيريني ۽ اثر انگيزي، اهي سڀ چيزون ملي ڪري نظم کي ’آزاد نظم‘ بنائن ٿيون.

اهو به برابر آهي ته آزاد نظم سهل پسندي طبيعتن لاءِ آسان صنف نه آهي بلڪ نهايت سخت گير ۽ هوشربا صنف آهي، مرد افگن۽ جگر سوز صنف آهي. ان جي هر هڪ مصرع ته ڇا هر هڪ لفظ لاءِ وجهه جواز پيدا ڪرڻو پوي ٿو. ڪا به چيز اجائي نٿي آڻي سگهجي.

ان سلسلي ۾ ’ميراجي‘ جو هڪ نظم مطالعہ ڪرڻ گهرجي:

تمهين معلوم هي، تيمور ڪي فوجين جس وقت،

اپني دشمن په چڙها ڪرتي ٿين

عورتين پيڇي رهي ڪرتي ٿي

او جو عالم ٿي جو فاضل ٿي، انسانون ڪا جو ڪه سب ڪي،

پيڇي پيڇي هي چلا ڪرتا ٿا –

ڪس لئي سب ڪو وه زيست په هر گام بڙهاني والي

سب سي پيڇي هي ڇلا ڪرتي هين.

هن کي آزاد نظم نه پر واقعاتي نثر نويسي چئي سگهجي ٿو. اهو بلڪل نثر آهي ۽ نه نظم! منجهس شاعريءَ جي بوءِ به ڪانهي، نه شدت تاثر ۽ نه بديع خيالات جي موجودگي. اهو ٽڪرو نثر ۾ تاريخي واقعو ڪري لکي سگهجي ها!

ڪامياب آزاد نظم ته اهوئي آهي، جنهن ۾ شاعريءَ جو ڀرپور ۽ مائيدار رچاءُ هجي، ان ۾ شان تعمير جي طرح به هجي.

ٻيو ته فن ۽ موضوع، هيئت ۽ مواد کان پوءِ اڃا به هڪ مرحلو آهي، اهو آهي پيشڪش جو طريقو، رديف ۽ قافيه، بحر ۽ وزن کان پوءِ اها پيشڪش جي عمدگي ئي آهي، جا نظم کي دلنشين بنائي ٿي.

“جديد ادب ۾ ترنم ۽ موسيقيت کي به وڏي حيثيت حاصل آهي. غير قافيه شاعري پڻ ترنم جو شاهڪار بنجي سگهي آهي. اسان وٽ جو راڳ آهي، اهو ساڳيو ڪلاسيڪي هندي فن آهي، جنهن کان اسان جا نوان اديب بيخبر ڪين آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ادائگيءَ جي سلسلي ۾ البت اسان جا نوان شاعر قاصر رهجي ويا آهن. هڪ ته اڪثر اهي پنهنجي فن کي ڪنهن سنڌي راڳڻيءَ تي ڳائي نٿا سگهن، ۽ نڪو وري وٽن پنهنجي ڪلام کي اهڙيءَ طرح ڳارائڻ جا ڪي ذريعا ئي موجود آهن. کين ٻيو نه ته جهونگاري سگهڻ جي حد تائين ئي مشق ڪرڻ گهرجي.

”افسوس اهو آهي جو غير قافيه شاعريءَ کي، منتشر نثر وانگر، هٻڪي هٻڪي پيش ڪيو وڃي ٿو، جنهن ۾ نه ڪا شاعري ٿي باقي رهي ۽ نڪو ترنم ٿو موجود رهي – اصل ۾ ساهه ۽ پساهه جي زيرو بم سان ترنم ۽ رِدم پيدا ڪرڻو آهي. ورنه اها شاعري شاعري نه چئبي، البت نثر جا بي جوڙ رڪن چئي سگهبا.“                  - ادارو

ادبي خط

محترم گرامي صاحب –

اوهان کي ياد هوندو ته اوهين مهراڻ جي ”شاعر نمبر“ لاءِ مقدمو لکي رهيا هئا ته مان اوهان جي آفيس ۾ حاضر ٿيو هوس. انهيءَ ڏينهن بيت ۽ وائي بابت ڳالهه ڪندي اوهان منهنجي هڪ مضمون جو حوالو ڏنو هو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ وائي ۽ بيت جي اوسر ۽ ارتقا بابت وڌيڪ ويچار ڪيم. بيت بابت ڪجهه اهڙو مواد به اتفاق سان ملي ويو آهي، جو شايد اڳ ۾ ڪنهن کي نه مليو هجي. ممتاز مرزا مون کي ٻڌايو ته سنڌي اصناف سخن بابت اوهين پنهنجي ”مهراڻ“ کي مڪمل ڪري چڪا آهيو. ان ۾ منهنجي مضمون مان به ٽڪرا ورتل آهن ۽ اهم مضمون مهراڻ جي ايندڙ نمبر ۾ شايع ٿي رهيو آهي. مون کي خيال ٿيو ته نئون مواد گڏ ڪري اوهان ڏانهن هڪ خط ۾ لکي موڪليان. مهراڻ جي خطن واري ڀاڱي ۾ جاءِ هجي ته منهنجو خط به شامل ڪري ڇڏجو، محفوظ ٿي ويندو.

بيت: سنڌي بيت فارسي ابيات ۽ هندي دوهي ۽ سورٺي مان نڪتل ڏسجي ٿو. هندي دوهو ٻن سٽن جو ڇند هوندو آهي، جنهن ۾ قافيو عام شعرن وانگر سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ آڻيندا آهن. جيئن ته

امي، هلا هل، مد ڀري، سويت، شام، رتنار

جِئت، مرت جهڪ جهڪ برت جيهي چتوت اڪبار

رحيم خانِ خانان جو هيءُ دوهو اکين بابت هندي شاعريءَ ۾ دوهي جي فن جي لحاظ کان لاجواب ۽ چونڊ دوهو سمجهيو ٿو وڃي.

دوهي وانگر ٻي مقبول صنف سورٺو آهي. فني لحاظ سان دوهي کي ابتي ڪرڻ سان سورٺو ٺهي وڃي ٿو. هڪ هندي شاعر انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي هڪ سورٺي ۾ سمجهاڻي ڏني آهي:

دوها الٽا جان، اور بات دوجي نهين،

بِنگل ڪرت بکان، ڇند سورٺا هوت هين.

رحيم جي مٿين ڏنل بيت مان انهيءَ قاعدي موجب سورٺو ٺاهي سگهبو.

سويت، شام، رتنار، امي هلاهل مد ڀري،

جيهي چتوت اڪبار، جِئت مرت جهڪ جهڪ برت

پر اهڙيءَ طرح ٺاهيل سورٺي ۾ اها رواني، سونهن ۽ فني پختگي پيدا نه ٿي سگهندي، جيڪا اصل سورٺي ۾ هوندي آهي. ساڳئي شاعر جو هڪ سورٺو ڏسو:

پلٽ چلي مُسڪاءِ، روتي رحيم اُجياءِ اتي،

باتي سي اُڪساءِ، مالو ديني ديپ ڪي.

سورٺي کي اُبتو ڪرڻ سان دوهو ٺهي پوندو آهي، پر فني طور ان ۾ اهو حسن ۽ رواني باقي نه رهندي، جيڪا اصل دوهي ۾ اثر پيدا ڪري ٿي – هيٺئين مثال مان پتو پوندو ته فني لحاظ سان دوهي ۽ سورٺي جي سٽاء ۾ وڏو فرق آهي – ڏسو سورٺي مان ٺهيل دوهو ڪيئن ٿو لڳي.

روتي رحيم اُجياءَ اتي، پلٽ چلي مُسڪاءِ،

مالو ديني ديپ ڪي، باتي سي اُڪساءِ.

دوهي جو وزن: دوهي جي هر سٽ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 13 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 11 ماترائون هونديون آهن. مطلب ته دوهي جي هڪ سٽ 24 ۽ ٻه سٽون 48 ماترائن جون هونديون آهن. پنگل جي فن مطابق ڳالهه ايتري سولي ڪانهي، پر اسان کي فن مشڪلات سان واسطو ڪونهي. سورٺي ۾ به ماترائن جو تعداد ساڳيو هوندو آهي – ابتو ڪرڻ سان سورٺي جي سٽن جي تقسيم بدلجي ٿي. سورٺي جي هر سٽ جي پهرئين ڀاڱي ۾ 11 ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ 13 ماترائون هونديون آهن.

بيتن کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ دوهن جو رواج هوندو هو. قاضي قاضن ۽ بلڙيءَ واري شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۾ گهڻو ڪري دوها ملن ٿا. ڪجهه ٽن سٽن جا بيت به آهن، پر تمام گهٽ – ان مان پتو ٿو پوي ته بيت دوهي کان پوءِ اُسريو آهي.

ٽن سٽن جي بيتن کان پوءِ رفته رفته سنڌي بيتن ۾ سٽن جو تعداد وڌندو ويو ۽ وقت گذرڻ بعد تعداد مقرر نه رهي سگهيو. ڀٽائي صاحب ۽ ٻين سنڌي شاعرن جي ڪلام ۾ 11 ۽ 12 سٽن جا بيت به ملن ٿا – سانوڻ جهڙن شاعرن ۽ ڳاهن سان ڳالهين چوندڙ سگهڙن جي ڪلام ۾ سٽن جو تعداد ڪڏهن ڪڏهن 24 ۽ 25 کان وڌي ويو آهي. خاص ڪري دودي – چنيسر جي داستان ۾ اهڙن وڏن بيتن جو رواج تمام گهڻو آهي.

فارسي شاعريءَ ۾ داستان جي بيان، ڪنهن نڪتي جي تشريح، تفصيل يا تمثيل لاءِ بيت موزون سمجهيا ويا آهن. رومي، جامي ۽ سعدي جا بيت ان لحاظ کان دنيا ۾ مثالي بيت آهن. سعدي جي گلستان ۽ بوستان جا بيت فن ۽ مقصد جي لحاظ کان بيمثال آهن. اسان جي سنڌي شاعرن به پنهنجن بيتن ذريعي فني لحاظ سان ساڳيو ڪم ورتو آهي. هندي دوهي ۽ سورٺي جي خصوصيت به ساڳي آهي، فرق رڳو هيئت جو آهي. مقصد سڀني جو هڪڙو آهي. فارسي بيت سنڌي بيت کان ۽ سنڌي بيت دوهي کان نئين سٽاءُ ۾ جدا آهي.

بظاهر بيتن ۾ سٽن جي وچ ۾ قافيي آڻڻ جو فن سورٺي مان ورتل ڏسجي ٿو، پر ٿي سگهي ٿو ته بيت جو فني سٽاءُ عربي شاعريءَ جي اثر هيٺ ٿيو هجي.

هسپانيه جي عربي شاعريءَ جو بيان ڪندي هڪڙي هنڌ ابن خلدون لکيو آهي ته فني لحاظ سان هسپانيه جي شاعرن عربي شاعريءَ کي اوج تي رسايو هو. هن مثال ڏيندي، عربي بيت جي هڪ قسم ”موشحات“ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ قافيو، بيت جي سٽن جي پڇاڙيءَ واري ڀاڱي کان سواءِ ٽن جي وچ ۾ به آندل آهي. ”موشح“ جو هڪڙو مثال مون کي پنهنجي هڪ ڊائري ۾ ملي ويو، جيڪو اوهان جي ملاحظي لاءِ لکان ٿو – (بيت مرصع آهي)

بدتهه شمس ضحيٰ، غصن لقا مسڪ شم،

سا اتم ما اوضحا، ما اورتا ما الم،

لا جرم من لمحا، قہ عشاق قدم حرم.

مٿيون بيت مصرع آهي ۽ ان ۾ سٽن جي پڇاڙيءَ ۽ وچ ٻنهي هنڌن تي قافيو استعمال ٿيل آهي؛ سنڌي بيتن ۾ به ائين ٿئي ٿو. هنديءَ ۾ ڪو اهڙو مثال ڪونهي. دوهي ۽ سورٺي ۾ جدا جدا قافيا آندل آهن، پر هڪڙي صنف اهڙي ڪانهي، جنهن ۾ ٻئي نموني جا قافيا گڏ هجن.

هڪڙي ٻي ڳالهه، جيڪا منهنجي لاءِ تمام وڏي اهميت رکي ٿي، سا هيءَ آهي ته سنڌي بيتن ۾ طاق مصراعن جو تعداد هوندو آهي، جنهن جو مثال نه فارسي شاعريءَ ۾ ملي ٿو نه هندي شاعريءَ ۾. ”موشحات“ جي بيتن ۾ مصراعن جو تعداد طاق به ٿيندو آهي، جيئن مٿي ڏنل مثال مان ظاهر آهي.

سنڌي شاعرن پنهنجن بيتن ۾ قافيي جي استعمال جو ڪمال ڏيکاريو آهي. پڇاڙيءَ ۽ وچ ۾ ٻنهي هنڌن تي قافيو آڻي پنهنجن بيتن کي ماڻڪن ۽ موتين تي مصرعڪاري کان به وڌيڪ فنڪاريءَ جو اعليٰ نمونو بنائي ڇڏيو آهي. ٻن سٽن کان به وڌيڪ سٽن وارن بيتن ۾ ته قافين جي استعمال جا مثال گڏ ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. اوهان جي اندازي لاءِ رڳو ٻن سٽن وارن بيتن جا ڪجهه نمونا پيش ڪن ٿا. بيت جي دوهي واري نمونوي جو مثال:

هيءَ جي اچن ٻه ڄڻا، اونڃا الهي،

سا پار لنگهايئين سائين، اونهي جا اوتر گهڙي.

سورٺي وارو نمونو:

ڪنارو ۽ ڪوس، اڱن آريءَ ڄام جي،

ريت آهي دوس، مارڳ ۾ مَتين جي.

هاڻي ”موشحات“ جي نموني جو بيت ڏسندا، ان ۾ ٻنهي هنڌن تي به قافيا آندا ويا آهن:

ڏمريا سؤ ڏک سين، کاند کٿوريءَ هوءِ،

والله مع الصابرين، اڳو ايهين چوءِ.

”موشحات“ جا ٻيا نمونا مون کي نه مليا، تنهنڪري چئي نٿو سگهان ته هن صنف ۾ فني لحاظ سان قافين جي استعمال جا ڪهڙا ڪهڙا نمونا ملن ٿا. سنڌي بيتن ۾ ته تمام گهڻا نمونا آهن، ٻن سٽن وارن بيتن جا وڌيڪ مثال هيٺ ڏجن ٿا:

ڪڏهن ٿيجي وات، ڪڏهن ٿيجي ڪن،

ڪڏهن ٿيجي ٻڪرو، ڪڏهن ٿيجي ڪات.

 

جي پاريل پنهونءَ ڄام جا، سسئي پڇن سي،

وڍيو ويٺي ڏي، ڪايا ڪيچ ڪنن کي.

 

چڪي کي چئي، ڪا جاڳائي جيڏيون،

ويڙن ساٿ وهي، تو ننڊ ئي نه لهي.

 

اگهائي سگها ٿيا، جي ويٺا وٽ ويڄن،

ترسي طبيبن، چيٺي هوند چڱا ڪيا.

 

لڳندي لڪن سين، آءٌ جي مران ائين،

ماءُ منهنجي نينهن، ته ڪر لائون لڌيون.

 

جيڪڏهن ڳولا ڪجي ته ٻن سٽن وارن بيتن ۾ اڃا به وڌيڪ نمونا ملي سگهن ٿا. مٿي ڏنل سڀ مثال شاهه جي رسالي مان ورتل آهن.

سنڌي بيتن جو اصل وزن: سنڌي بيتن جي اصل وزن جي جاچ ڪرڻ کان اڳ هڪڙي ڳالهه چٽيءَ طرح سمجهڻ ضروري آهي. هندي پنگل ۽ ڪلاسيڪي موسيقي ٻنهي جو بنياد ماترائن جي فن تي قائم آهي. ٻيئي آواز جا فن آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته شاعري ماترائن جي حساب کان آواز جي اختصار جو فن آهي، ۽ موسيقي ان جي وڌاءُ جو. ٻنهي ۾ تمام ويجهو تعلق آهي. انهيءَ ڪري شاعريءَ کي موسيقيءَ جي وزن ۾ ڳائي سگهجي ٿو، پر موسيقي واري وزن جو شاعريءَ جي وزن ۾ پورو اچڻ ضروري نه آهي، ڇو جو اهو آواز جي وڌاءُ جو فن آهي. جيڪڏهن اها ڳالهه نظر ۾ هجي ها ته اسانجن ڪيترن دوستن جون ڪوششون اجايون نه وڃن ها، جن شاهه جي ڪلام کي پنگل يا عروض جي وزن ۾ آڻڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي.

شاهه صاحب (يا ٻين سنڌي شاعرن) جا بيت گهڻو ڪري وزن ۾ هوندا آهن. پر ڪٿي ڪٿي سٽون گهٽجي يا وڌ ٿي ويون آهن. اهڙين سٽن جو وزن موسيقيءَ جي فن ۾ ماترائن جي حساب کان ٺيڪ هوندو آهي. سبب اهو آهي ته سنڌي وائي ۽ بيت، ٻيئي سنڌي موسيقيءَ جون به صنفون آهن ۽ انهن جون وزن ٻنهي فنن (موسيقي ۽ شاعري) جي ماترائن جي حساب کان مقرر ٿيل آهي. اهو اسانجن شاعرن ۽ فنڪارن جي جدت جو فني ثبوت آهي.

وائي: وزن جي لحاظ کان وائي ۽ بيت ۾ ڪو به فرق ڪونهي. وائي هڪڙي قسم جو ”گيت“ آهي. جيئن ته بيت موسيقيءَ جي مقابلي ۾ شاعريءَ جي تمام ويجهو آهي. ساڳيءَ طرح وائي شاعريءَ جي مقابلي ۾ موسيقيءَ جي ويجهي آهي. ڇو جو وائي، راڳ جي مڪمل صنف آهي، انهيءَ ۾ ٿل (اسٿائي) ۽ انترا موجودهوندا آهن، ۽ رڳو بيت وچ ۾ ڏيئي وائي کي سينگاريندا آهن. وائي پنگل جي وزن کان سواءِ نٿي ٺهي، خصوصاً جهونن شاعرن جي وائي. اڄڪلهه وائي جديد نظم ۾ شمار ڪئي ٿي وڃي.

وائي جي هيئت پارسي غزل سان ملي ٿي، پر اڪثر ان ۾ مطلع کان وٺي مقطع تائين مطلعا ئي هوندا آهن. پهريون مطلعو اسٿائي هوندو آهي ۽ مقطع تائين ٻيا سڀ شعر انترا. ڪڏهن ڪڏهن وائيءَ جي مصراعن جي پڇاڙيءَ ۾ مستزاد ٽڪرا به هوندا آهن. واين ۾ مثلث جو نمونو به ملي ٿو، پر تمام گهٽ.

مٿي چئي آيا آهيون ته وائي ”گيت“ جو هڪڙو قسم آهي. انهيءَ جو انداز ڀڳتي واري دؤر جي هندي صوفي شاعرن جي ڀڄنن ۽ ساکين مان به ملي ٿو، ۽ ڀڄنن ۽ ساکين وانگر وائي به راڳ ۾ لکي ويندي آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته هندي صنفون ڪلاسيڪي راڳن ۾ ۽ وائي نج سنڌي راڳن ۾ ٺاهي ٿي وڃي.

ڪافي: ڪافي اصل ملتان ۽ پنجاب جي سوکڙي آهي، جيڪا سرائڪي شاعرن ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿي. اها صنف عربي عروض واري دؤر جي پيداوار آهي، انهيءَ ڪري ان جو تصور عربي عروض کان سواءِ نٿو ڪري سگهجي. ڪافيءَ جي هيئت به مقرر نه آهي. غزل جي هيئت کان وٺي مثلث، مربع ۽ مسدس تائين بلڪ ان کان سواءِ ٻين هيئتن ۾ به ڪافي چئي ويئي آهي. سنڌي شاعريءَ جي اثر هيٺ اسان جي علائقي ۾ لفظي طور تجنيس حرفي ۽ ٻين لفظي صنعتن سان ڪافي سينگاري ويئي آهي، ۽ فني لحاظ سان پنجابي ڪافي، سنڌي ڪافيءَ جي مقابلي ۾ گهڻو ابتدائي حالت ۾ نظر ٿي اچي. هينئر سنڌ ۾ ڪافي موسيقيءَ جي اعتبار سان سنڌي راڳين تائين محدود آهي، بلڪ سرائڪي شاعرن جي ڪلامن وانگر بلهي شاهه ۽ خواجه فريد جون ڪافيون به اسان جا ڳائڻا سنڌي راڳن ۾ ڳائيندا آهن.

ڪافيءَ جو نالو: ڪافيءَ جي نالي تي وڏو بحث هلي چڪو آهي. خلاصو هيٺ ڏجي ٿو.

(1) ڪن محققن جو خيال آهي ته جيئن ڪافي گهڻو ڪري ڪلاسيڪي راڳن ۾ ڳائي ويئي هئي، ان ڪري ان ۾ راڳن جو لطف به هو ۽ شاعريءَ جو به. ان ڪري هن نئينءَ صنف کي ابتدا کان وٺي موسيقيءَ جي ذوق لاءِ ڪافي سمجهيو ويندو هو. انهيءَ خيال کان ان جو نالو ڪافي پيو.

(2) ٻيا محقق چون ٿا ته قافيي جي استعمال جي ڪري ان جو نالو قافي (يعني قافيي واري صنف) ٿيو ۽ رفته رفته لفظ قافي، ڪافي ۾ بدلجي ويو. سنڌي ٻوليءَ جي مشهور محقق جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب انهيءَ خيال جو آهي، ۽ پاڻ پنهنجي تاليف ”سڀ رنگ“ ۾ ڪافيءَ کي ‎”قافي“ لکي ٿو. ”سڀ رنگ“ سنڌي شعر و ادب جو انتخاب آهي، جو ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل“ پاران شايع ٿيو آهي. اهو ڪتاب اوهان جي نظر مان به گذريو هوندو.

(3) ڪن ٻين محققن جو خيال آهي ته ”ڪافي“ نالو راڳ ڪافي جي ڪري پيو هوندو. مون کي ان ٽن راين ۾ آخري رايو قرينِ قياس ٿو لڳي. ٿي سگهي ٿو ته اوائلي دؤر ۾ ”ڪافي“ راڳ ڪافي ۾ ڳائي ويندي هجي، ان کان پوءِ وڌيڪ مقبول ٿيڻ سبب ڪافي ٺاٺ جي راڳن ۾ ڳائي ۽ لکي ويندي هجي ۽ پوئين دؤر ۾ راڳن ۾ محدود نه رهي هجي. پر اسان جي دؤر ۾ ڪافي ڳائڻ جو انداز نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ٻين اصناف وانگر مقرر ٿي ويو آهي. هاڻي ڪافي رڳو انهن راڳن تائين محدود وڃي رهي آهي، جيڪي ان جي مزاج سان مطابقت رکن ٿا.

ڏوهيڙو: ڪافيءَ سان گڏ ڏوهيڙو مقبول ٿيو، ڇو جو وائيءَ جي انداز ۾ ڪافي کي سينگارڻ لاءِ ڪنهن صنف جي ضرورت هئي. اهڙي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ پنجابي ‎”دوهري“جي انداز ۾ ڏوهيڙا چيا ويا. پنجابيءَ ۾ ”دوهرا“ ‎هندي دوهي جي انداز ۾ لکيا ويا هئا. جيئن جيئن زمانو گذرندو ويو، ”ڏوهيڙي“ تي سنڌي بيت جو اثر وڌيڪ ٿيندو ويو، ۽ اڄڪلهه ڏوهيڙن ۽ بيتن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو اچي.

سنڌي رسالن جي ترتيب: سنڌي رسالن جي ترتيب به مخصوص انداز ۾ رهي آهي، جنهن جو ڪو مثال عربي ۽ فارسي شاعرن جي ديوانن ۾ نٿو ملي. هن سلسلي ۾ به سنڌي شاعرن هندي روايت ۾ ترميم ڪري اختيار ڪيو آهي.

ڀڳتي دؤر جا هندي شاعر پنهنجا ڀڄن ۽ ساکيون راڳن ۾ لڳندا هئا، ۽ هر بيت ۽ ساکي جي شروعات ۾ راڳ جو نالو لکندا هئا، جنهن جي ڌن ۾ ڀڄن يا ساکي کي ڳائيندا هئا، انهن جي ڪلام جي ترتيب به اهڙي ئي نموني ۾ هوندي هئي. انهيءَ روايت کي قائم رکندي، پنجاب جي مشهور صوفي ۽ ڪافي گو شاعر ماڌو لال حسين پنهنجو ڪلام ترتيب ڏنو هو. ماڌو لال حسين جو ڪلام پنجابي اڪيڊمي لاهور شايع ڪري چڪي آهي.

آخري ڳالهه: ڀڳتي دؤر هندي شاعريءَ ۾ تصوف جي اوج ۽ تبليغ جي مقبوليت جو دؤر هو. انهيءَ تحريڪ جي اثر هيٺ رام وادي، ڪرشن وادي، ڪبير پنٿي، نانڪ پنٿي ۽ دادو پنٿي فرقن ۽ مذهبن ترقي ڪئي، ۽ ڪيترائي مسلمان به انهن مذهبن ۽ پنتن ۾ شامل ٿيڻ لڳا. مسلمان صوفين جي شاعريءَ ۾ انهن سڀني تحريڪن جو ردعمل موجود هو، پر نفرت صوفين جي مذهب ۾ حرام آهي، تنهنڪري اسلامي اخلاق تي زور ڏنو ويو.

سنڌ سدائين تصوف جو مرڪز رهي آهي، ۽ هندو جوڳي، سامي، لاهوتي ۽ کاهوڙي فقير هنگلاج ۽ لاهور لامڪان ڏانهن ويندي سنڌ مان گذرندا هئا. انهن جو ڏاڍو اثر هوندو هو. ايتريقدر جو شاهه صاحب جهڙو بزرگ پڻ انهن کان متاثر ٿيو. اهوئي سبب هو جو سنڌ جي شاعرن هندي شاعريءَ جي روايتن مان پنهنجي نئين روايت قائم ڪري، اهڙي انداز جي صوفيانه شاعري ڪئي، جنهن جو اثر مسلمان توڙي هندن تي يڪسان ٿيو.

شاهه صاحب ٽن يا چئن سُرن ۾ جوڳين، سامين ۽ هندو فقيرن جو بيان ڪيو آهي. هندن جي ڪردار وارين آکاڻين جي ڪردارن کي به پنهنجي زوردار انداز ۾ نباهيو آهي، پر اوهان ڏٺو هوندو ته اهڙن سڀني داستانن ۽ سُرن ۾ قرآن جون آيتون وڌيڪ استعمال ڪيل آهن.

    اوهان جو

حيدرآباد – 30 جنوري،1970ع      الياس عشقي

”مهراڻ“ – ”شاعر نمبر“

[تبصرو]

بورڊ جو سماهي رسالو ”مهراڻ“ پنهنجي ادبي حيثيت جي لحاظ کان هڪ منفرد جريدو آهي. پنهنجي نئين دؤر ۾، 1955ع کان وٺي، جنهن ريت سماهي ”مهراڻ“ علم ادب جي جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي، سا ڪنهن کان به لڪل ڪانهي.

هن رسالي جا ٻه خاص نمبر اڃا علمي حلقن کي وسريا ئي نه هئا ته هي ٽيون خاص نمبر شايع ٿيو آهي. 1957ع ۾ ‎”سوانح نمبر“ ۽ 1965ع ۾ ”ڏهساله نمبر“، شايع ٿيا. اهي ٻيئي خاص نمبر سنڌي ادب جا اهم ادبي دستاويز ليکجن ٿا.

زيرِ تبصره ”شاعر نمبر“ به ”مهراڻ“ جي روايتي معيار جو هڪ اعليٰ نمونو آهي. ”شاعر نمبر“ ۾ 131 زنده شاعرن جي سوانح حياتي [تصويرن سان گڏ] ۽ ڪلام جو انتخاب ڏنو ويو. 800 صفحن جو هي ضخيم ”شاعر نمبر“ تاريخي افاديت جو حامل آهي. شاعرن جي ڪلام جو فني تجزيو به پيش ڪيو ويو، جنهن مان پڙهندڙ ڪنهن به خاص شاعر بابت پنهنجي راءِ آسانيءَ سان قائم ڪري سگهن ٿا. هر مڪتبِ فڪر جي ڪُهنه مَشق ۽ نَؤ مَشق شاعرن جو ڪلام شامل ڪيل آهي. ڪيترن ئي شاعرن جي خود نوشت سوانح حيات به آندل آهي. هن ‎”شاعر نمبر“ جي مطالعہ کان پوءِ، سنڌي شاعريءَ جي گذريل پنجاهه سالن جي تاريخ هڪ طرف سامهون اچي ٿي، ۽ سنڌي شاعريءَ جا قدر ۽ رُجحان ٻئي طرف ظاهر ٿين ٿا.

هن دؤر جي شاعرن قديم شاعريءَ جي رنگ ۾ جيڪي چيو آهي، يا عروضي شاعريءَ جي روپ ۾ جيڪي چيو اَٿن، تنهن جي هڪڙي تاريخ نه آهي، پر شاعرن جو هڪ تذڪرو آهي، جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جي شاگردن لاءِ مفيد آهي. نوجوان سنڌي شاعرن خاص طور عالمگير ادب کان متاثر ٿي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هنن عالمي شاعريءَ جي ٻوٽي تي آبياري ڪئي آهي. اُن ڳالهه جا واضح ثبوت هن ”شاعر نمبر“ ۾ به جابجا موجود آهن. انهيءَ لحاظ کان هن نمبر ۾ زنده شاعرن جي سڀني طبقن جي نمائندگي ڪئي ويئي آهي.

”شاعر نمبر“جو مرتب جناب غلام محمد ”گرامي“ آهي. جنهن محنت ۽ محبت سان هُن صاحب هي نمبر مرتب ڪيو آهي، سا قابل داد آهي.

- جوڻيجو عبدالجبار ”شام“

[ريڊيي پاڪستان حيدرآباد جي مهربانيءَ سان.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com