سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :8

سنڌ ۾ باقاعده تصوف جي ابتدائي تبليغ سهروردي طريقي کان ٿي، جنهن جو پهريون مبلغ شيخ الشيوخ نوح بکري رحمته الله عليه آهي. هو شيخ شهاب الدين قدس الله سره جي مريدن مان آهي. هو اصل سنڌ جو رهندڙ هو، حضرت شيخ الدين سهرورديءَ جي حڪم سان بکر ۾ اچي رهيو، جنهن کي ان وقت’فرسته‘ سڏيندا هئا. روايت آهي ته شيخ الشيوخ بهاوالدين زڪريا ملتاني، جڏهن حضرت شيخ شهاب الدين سهرورديءَ کان خرقهء خلافت حاصل ڪري، ملتان ڏانهن موٽيو ٿي، تڏهن موٽڻ وقت، شيخ کيس فرمايو ته:

”منهنجو مريد رشيد فرسته(سنڌ) ۾ رهي ٿو.اُن سان ملجو. هو ڏيئو. وَٽِ ۽ تيل ته پاڻ سان کڻي آيو، فقط روشنيءَ جي جاڳائڻ جو محتاج هو.“

مگر افسوس جو شيخ بهاوالدين زڪر يا ملتاني، ان ڏينهن بکر پهتو، جڏهن حضرت موصوف هن جهان کان موڪلائي چڪو هو. رحمته الله عليه.

هيءَ حقيقت آهي ته جن سهروردي بزرگن جو فيض، سنڌ ۾ گهڻو پکڙيو، انهن مان حضرت بهاو الدين زڪريا ملتانيءَ جو سڳورو نالو گهڻو شرف ٿو رکي. هن سنڌ جو گهڻو سير ۽ سفر ڪيو. حديقته الاولياء جي روايت موجب، حضرت شيخ ديبل به ويو هو، جتي هن شيخ پٺي ديوليءَ کي پنهنجن ارادتمندن م داخل ڪيو.’حديقته الاولياء‘ جو مصنف اها روايت هيئن ٿو پيش ڪري:

شيخ پته سرور سلطان دين،        فارس ميدان عرفان و يقين.

واصلِ حق صاحبِ صدق و صفاء،    پيشوائي اولياوُ اذڪياء.

مخزنِ گنجينئه اسرارِ حق،               مظهرِ مجموعه انوار حق.

دربنِ غارِ جبل ماويَ گرفت،      لعل وش در سنگ خارا جا گرفت.

از خلابق دؤر باحق در حضور،  مختفي از چشم چون در ديده نور،

ڪس نبوده مطلع برحال شان، گوهري بوده نهان در جوف ڪان،

شيخ پته از سرِ صدق و يقين،     شد مريد شيخ زڪريا آمين.

بعد زان اَن گوهر_بحر شهود،     از نقاب، اختفا چهره ڪشود.

ساخت عالم روشن از انوار خويش، ڪرد ظاهر در جهان آثار خويش.

پير پٺي کان سواءِ، ملاخليفه سنڌي، جو محمد طور جو رهندڙ هو، شيخ بهاو الدين زڪريا ملتاني جي مريدن ۾ داخل آهي. تاريخ طاهري ۾ ان جو ذڪر هيئن ٿو اچي.

”حضرت شيخ المشائخ غوث العالم مخدوم بهاو الدين زڪريا جا خليفا هن شهر ۾ رهندڙ آهن، ملاخليفه سنڌي، جو هندستان ۾ گهڻو مشهور آهي.“

     سيد جلال الدين مير سُرخ بخاري رحمته الله عليه جو شيخ بهاوالدين زڪريا ملتانيءَ جي خليفن ۾ بلند رتبو رکي ٿو، بکر ۾ گهڻو وقت مقيم رهيو ۽ سيد بدرالدين بکريءَ جي نياڻيءَ سان سندس نڪاح ٿيو ۽ سندس فرزند سيد احمد ڪبير انهيءَ  عصمتاب بيبيءَ مان تولد ٿيو1. سيد احمد ڪبير اهل الله مان آهي، ۽ بکر کي سندس ناناڻي شهر هئڻ جو فخر حاصل آهي.

سيد احمد ڪبير جو فرزند مخدوم جلال جهانيان بخاري آهي، جنهن جا تعلقات سنڌ سان خصوصيت سان هئا، جيئن ته سندن وطن اُچ جو شهرهو، جو ان وقت سنڌ جو هڪ حصو هو ۽ مٿس سومرن جو تسلط هو، سندس مريدن مان شيخ محمود قطب شڪر گنج وڏي مرتبي جو بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس مزار اروڙ(الور) جي قلعي جي ٻاهران آهي. روهڙيءَ جو مشهور صوفي شاعر قادر بخش’بيدل‘ سندس تعريف ۾ هيئن ٿو لکي:

هرڪ آمد بجناب شه غوث الثقلين،

گشت اورابيقين حاصل مطلب ڪونين،

شاهه محمود شڪر گنج محقق حسيني،

نسل خيبر شڪن ونور شهي بدرو حنين،

من بيڪس بدر چون تو ڪريم الاخلاق،

ملتجي آمده ام فامددني في الدارين،

جلوهُ روئي تو دل تيره مرا نور دهد،

خاڪ ڪوئي تو بود لاشڪ قرته عيين،

’بيدل‘ افتاده زپا، المدد اي غوث ڪريم،

دست گير و برسانش ازره ايمان بعين.

سهروردي بزگن مان سيد محمد مڪي جو نالو امتياز رکي ٿو. سندس والد بزرگوار جو اسم گرامي سيد محمد شجاع آهي. سيد موصوف جو اصلي وطن’مشهد‘ هو. هو پنهنجي وطن مان شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي ڏسڻ لاءِ بغداد پهتو، شيخ مو صوف پنهنجي صبيه سندس نڪاح ۾ ڏني، جنهن مان سيد محمد پيدا ٿيو. جيئن ته سندس تولد مڪي شريف ۾ ٿيو،

ان ڪري”مڪي“ جي لقب سان مشهور ٿيو، والد جي وفات کان پوءِ هو سنڌ ۾ آيو ۽ بکر ۾ اچي مقيم ٿيو. روايت آهي ته بکر تي نالو به سندن اشاري سان پيو. سيد محمد مڪي بکر ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس تربت ڪليڪٽر سکر جي آفيس ڀرسان آهي. سندس اولاد مان وڏا وڏا جليل القدر بزرگ ٿي گذريا آهن.

چشتي طريقي جي بزرگن جو پرتو به سنڌ تي گهڻو پيو. حضرت شيخ فريدالدين شڪر گنج سنڌ ۾ گهڻائي ڀيرا تشريف وٺي آيو، سندس ڪلام تي جنهن کي اڪثر بزرگن نقل ڪيو آهي، سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو گهڻو اثر آهي. منهنجي نظر ۾ سنڌي شاعري جي ابتدائي نقش ۾ هن ڪلام جو مقام انفرادي آهي. مثال طور هن هيٺ هڪ_ ٻه بيت ڏيان ٿو.

(1)

       ”فريدا“، جي توعقل لطيف، ته خالي لِکُ نه ليک،

       اپنڙي گريبان ۾، سر نواءِ ڪر ڏيک.

(2)

    ”فريدا“، خالي ميڏي ڪپڙي، خالي ميڏي ويس.

    گناهين ڀريا مئن ڦران، لوڪ آکي درويش.

(3)

   اُٺ ”فريدا“، وضو ساج، صبح نماز گذار،

   جو سرسائين نانوي، سو سر ڪَٽِ اُتار.

   ’اخبار الاخيار‘ جي مصنف شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ لکيو آهي ته: ”خواجه فريدالدين گنج شڪر پنهنجي هڪ ارادتمند ’شيخ عارف‘ کي چشتي طريقي جي ترويج لاءِ سيوهڻ موڪلي ڏنو هو،“ بهر حال هي ابتدائي، اسلامي تصوف جا سنڌ ۾ نقوش آهن، جن کي مون نهايت اختصارسان پيش ڪيو آهي. هن موضوع تي آءُ ٽي ضخيم جلد سنڌ يونيورسٽيءَ کي پيش ڪري چڪو آهيان، خبر نه آهي ته اهي ڪڏهن طباعت جي روشني ڏسن ! تصوف جي هن ابتدائي سلسلي ۾، جناب شهباز قلندر جو اسم گرامي به اچي ٿو، پر ان لاءِ هڪ علحدي مضمون جي ضرورت آهي.

مخدوم امير احمد

سنڌي علماء ۽ سندن عربي تصنيفات

هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته93 هجريءَ ۾ عربن، سنڌ کي فتح ڪيو، ۽ حسب معمول سنڌ ۾ عرب، عربي زبان ۽ تهذيب کنيو آيا. جيئن مصر، آفريڪا ۽ ٻين قريبي ملڪن کي عربي تهذيب سان رڱي، عرب جو جزو بنائي ڇڏيائون، تيئن سنڌ ۾ به ويهن_ پنهنجويهن سالن جي ٿوري عرصي ۾ ايترو عربي زبان جو چرچو ٿيڻ لڳو، بقول ابن بطوطه:”ڳنوار به، ’عربي‘ ڳالهائيندا رهيا،“ سنڌي اديب، عربي  ادب ۾ ايتري لياقت پيداڪري سگهيا، جو خالص عرب اديبن ۽ شاعرن سان مقابلو ڪري سگهيا، ايتريقدر جو سندن نالا، عربن جي اول درجي جي شاعرن ۽ اديبن ۾ داخل ڪياويا. جهڙوڪ ’ابوالعطا سنڌي‘ جنهن جا ڪيئي شعر، ’ابن اثير‘ پنهنجي تاريخ ۾ نقل ڪيا آهن، ۽ ’ابوتمام طائيءَ‘ ديوان حماسه‘۾ درج ڪيا آهن. ’ابوالعطا سنڌي‘ هڪ پُرگو شاعر هو، سندس ديوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جمع ڪيو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ ان کي شايع ڪيو آهي. ’ابن حوقل،‘367هجريءَ ۾ پنهنجو سفرنامو مرتب ڪيو، جنهن ۾ سنڌي ۽ ان سان متصل ملڪن جو خاص بيان ڪيو اٿس. لکي ٿو ته؛”منصوره ۽ ملتان وارن جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي“. ’بشاري مقدسي،‘جو 375هجريءَ ۾ سنڌ ۾ آيو هو، تنهن جي پڻ ساڳي تحقيق آهي ۽’مورج الذهب‘ ۾ پڻ ان حقيقت جي تائيد ڪيل آهي. محمود غزنويءَ جي سنڌ فتح ڪرڻ تائين، سنڌ ۾ عربي زبان جو اوج هو ۽ ملڪي زبان سان ڪلهو ڪلهي ۾ هنيو بيٺي هئي.

Text Box: 91

سنڌي، عربي اديبن جا ٻه قسم

سنڌي، عربي اديبن کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا اهي، جي پيدائشي سنڌي هئا، پر عرب ۾ وڃي وارو وڄايائون، ٻيا آهي، جي پيدائشي عرب هئا، پر هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي سڏجڻ لڳا، ٻئي قسم مان هي مشهور آهن،

قاضي موسيٰ بن يعقوب ثقفي

قاضي موسيٰ عرب کان سنڌ ۾ آيو، ۽ 613 هجري تائين سندس خاندان، ارڙو ۾  قضا جي عهدي تي فائز رهندو آيو. ’چچنامو‘ هن بزرگ جي خاندان مان هڪ بزرگ جو عربيءَ ۾ شاهڪار آهي، جنهن کي ابن علي ڪوفيءَ، فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.

سنڌي پهريون نظم.

270هجريءَ ۾ هڪ ٻئي عراقي عالم جو ذڪر اچي ٿو، جنهن کي منصوره جي امير، ’الور‘ جي راجا جي طلب تي انتخاب ڪيو، جنهن پهريائين اسلام جا عقائد سنڌيءَ ۾ نظم ڪري موڪليا، جنهن جو اهو اثر ٿيو جو راجا کيس روبرو گهرايو. سنڌي عالم کيس قرآن جو تفسير ۽ مطلب سمجهايو ۽ قرآن جو ترجمو به لکيائين، جو پوريءَ سنڌ ۾ تاريخي نقطهء نظر سان پهريون ترجمو هو، ۽ غالبا سنڌي ادبيات ۾ اهو پهريون شعر آهي، جو تاريخن ۾ اچي ٿو، هيءُ شعر ۽ تفسير 270 هجريءَ جي پيدائش آهي.

هارون بن عبدالله ملتاني

ملتان ۾ هڪ ٻيو شاعر هارون بن عبدالله ملتاني هو. سندس ڪلام موجود آهي. پنهنجي بهادريءَ جي بيان  ۾ قصيدو چيو اٿس، جنهن جو مطلع آهي:

        مشيت اليه را دعا متھملا،

                وقد وصلوا خرطوم بحسام.

375 ھجريءَ ۾، قاضي ابومحمد منصوري جو خاندان منصوره ۾ ملي ٿو. ھو پاڻ ’ظاھري مذھب‘ جو وڏو عالم ھو. ڪيترا ڪتاب تصنيف ڪيائين، مگرافسوس جو تاريخن مان، سندس زياده احوال نٿو ملي.

خالص سنڌي علماء

ابو معشر سنڌي: مٿي لکيل موجب، ھاڻي انھن عالمن جو ذڪر ايندو،جي سنڌي ھئا، پر عرب ۾ وڃي شھره آفاق ٿيا. ’ابو معشرسنڌي‘، سنڌ مان جنگي قيديءَ جي حيثيت ۾ حجاز مقدس ۾ آندو ويو. ڪيترن خاندانن ۾ غلام رھيو، مگر ھر ھنڌ علمي چشمن مان سيراب ٿيندو رھيو. آخر، علم حديث، مغاري ۽ سِيَر ۽ فقه ۾ صاحب ڪمال ٿيو. حديث ۽ فقه جا وڏا وڏا امام سندس شاگرد بنيا، جيئن ته امام ’سفيان ثوري‘، ’محمد بن عمر واقدي‘، ’وڪيع‘، ’محمد بن ابي معشر‘، ۽ ’ابو نعيم‘ وغيره. خود ”صحاح سته“ ۾ سندس روايتون موجود آھن. سنڌي ھجڻ ڪري قعب کي ڪعب چوندو ھو.خليفو مھدي عباسي ھن جو وڏو قدردان ھو. مديني شريف مان 161 ھجريءَ ۾ کيس بغداد آندو ويو، اتي حديث جو درس ڏيندو ھو. 170 ھجريءَ ۾ وفات ڪيائين.

محمد بن ابي معشر: سندس پٽ جو وڏو حديث جو بلندپايه بزرگ ٿيو. ابو يعلي موصليءَ، ھن کان روايت ڪئي آھي، 244ھ ۾ وفات ڪيائين. ابو حنيفه فقه حنفيءَ جو امام اعظم ۽ امام اوزاعي به اگرچ عراق ۽ عرب ۾ پيدا ٿيا، مگر آھن دراصل سنڌي الاصل. مولانا سيد سلمان ندويءَ جي اھا تحقيق آھي. ”حافظ ابو محمد بن خلف بن سلام“ به غلامن مان ھو ۽ سنڌ مان عراق ۾ آيو. اتي علم حديث حاصل ڪري، حديث جو امام بنيو. حاتم ابوالقاسم بغويءَ ۽ عثمان دارميءَ جھڙا بلند پايي جا محدث به سندس شاگرد آھن. سندس روايتون ’صحاح سته‘ جي ڪن ڪتابن ۾ آيل آھن.

ابوالعطاءَ سنڌي: ھن جو نالو افلح يا مرزوق بن يسار ھو. ھي ٻئي پيءُ ۽ پٽ. بنو اسد جي غلامن جي سلسلي ۾ عربستان ۾ آيا. افلح کي ادب ۽ شعر و شاعريءَ سان گهڻو شوق ھو، نيٺ ان ۾ ڪمال حاصل ڪيائين. سندس آقا عشره بن سماڪ، ھن کي آزاد ڪيو ۽ چار ھزار درم حاصل ڪيا. ابوالعطاء کي وڏن وڏن اميرن ۽ بادشاھن وڏا وڏا انعام ڏنا، تنھنڪري سندس شھرت عام رھندي آئي. عجمي ھجڻ جي ڪري سندس تلفظ ۽ اچار البت درست نه ھئا. ھو ’ھجرت‘ کي ’ھزرت‘ چوندو ھو. تنھنڪري سلمان بن سليم کان ھڪ غلام وٺي، ان جو نالو’عطاء‘ رکي پنھنجو پٽيلو بنائي، پاڻ کي ’ابوالعطاء‘ سڏايائين. ابو العطاء جا اشعار، اھو’عطاء‘ ئي پڙھندو ھو.

ابو ضلع: ڪتاب  الفهرست‘۾ ھڪ ٻئي شاعر ابو ضلع سنڌيءَ جو ذڪر آھي، جو پڻ غلام ھو. سندس ٽيھن ورقن جي تصنيف ان وقت تائين موجود ھئي. ان ابو ضلع سنڌيءَ برصغير ھنڌ _ پاڪ جي مدح ۾ ھڪ قصيدو به لکيو آھي. ان طرح سنڌي غلامن ۾ ھڪ منصور ھندي به ھو، جنھن جي ادبي ڪتاب جو ذڪر، ڪتاب الفھرست ۾ موجود آھي.

ڪشاجم سنڌي بن شاھڪ: ٽين صديءَ کان پوءِ ھي بزرگ ٿي گذريو آھي. سندس ھڪ سؤ ورقن ۾ ھڪ شاعرانه ڪتاب لکيل آھي.

چوٿين ھجري: عرب تسلط جو خاتمو.

چوٿين صدي ھجريءَ جي آخر ۾ عربن جو تسلط ختم ٿيو ۽ سنڌ غير عربن جي حڪومت ۾ آئي. ان ڪري لازمي طرح سان عربيءَ جو رواج گهٽجڻ شروع ٿيو. تاھم علما ڪرام جو مخصوص طبقو موجود رھيو، جو عربي ۽ ديني علمن جي خدمت ڪندو آيو.

     سندن علمي پايو نھايت بلند ھو. چنانچ عرب جا معاصر عالم سندن علمي تبحر جا معترف رھندا آيا، بلڪ سندن شاگردي به قبول ڪيائون. جھڙوڪ ڏھين صدي ھجريءَ جي آخر ۾ مخدوم رحمت الله سنڌي ھو، جنھن حجاز ۾ ”شيخ الحرمين الشريفين“(مڪي مديني جي عالمن جو استاد) جو لقب حاصل ڪيو.


1  هڪ روايت موجب، حضرت مير سُرخ بخاري سيد بدرالدين بکريءَ جي ٻن نياڻين سان نڪاح ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com