سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3.4/ 1966ع

مضمون:

صفحو :11

بلوچن جي مذهبي حالت متعلق جو ڪجهه به محقق لکي چڪا آهن، اهو به نهايت دلخراش آهي، لکن ٿا:

”بلوچن ۾ پير پرستي ۽ توهم پرستي عام جام آهي. قبرن کي چمندا، گهنڊ گهڙ يال وڄائيندا، قبر جي پيرانديءَ جي  خاڪ کي ’شفا‘ سڏي، دوا ڪري کائيندا. قبرجي مٽي منهن تي مليندي ويرم نه ڪندا. قبر کي ڀاڪر ۾ جهلي او ڇنگارون ڏيئي روئيندا رهندا. قبر تي ڪو حلال جانور ڪُهي قرباني ڪندا، ٻارن جون جهنڊيون وڏي اهتمام سان لهرائيندا. بيماريءَ جي علاج جي بدران، ڀوپن ۽ سُرندائي فقيرن کان جهاڙون ۽ ڦيڻا رکائيندا، ’غيب‘ جي ڄاڻن وٽ هڙون ڦرائيندا، ڪوساکاڻي سيد بنجي، سرود ڳچيءَ ۾ وجھي، ڪاري کٿي پھري، مڻڪن ۽ ڍارن سان اچي پڌاريو، ته پوءِ ٻرو چن جي ساري ڳوٺ کي ’تقدير‘ ٻڌائي، ڦري، هڙ ڪوسي ڪري  موٽندو، نماز ۽ روزي کان ائين ڀڄندا، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان ! دين ۽ علم کان ونءُ ويندا. اولاد حاصل ڪرڻ لاءِ سوين ميل سفر ڪري، وڃي اوليائن جون زيارتون ڪندا. رسمي طور ڪا ڀڳل سڳل مسجد هوندي ته ان ۾ ڏيئو به مس ٻرندي نظر ايندو. بهرحال، هيءَ قوم وهم ۽ بدعت ۾ اهڙي ته قابو آهي، جو ڪو پيغمبر هجي جو کين ڇڏائي سگهي. باقي هن دؤر جي عالمن جي تبليغ منجهن ڪو به اثر پيدا ڪري نٿي سگهي.“

     هيءَ راءِ به آهي ته نهايت تلخ ۽ مبالغي سان وابسته، پر آهي سورهن آنا سچي. چند  پڙهيل خاندانن کان سواءِ، باقي عام بلوچ قبيلن جي ساده دل ۽ اڻپڙهيلن جو اهو حال آهي.

    ساڳين محققن، بلوچ آرٽ، عمارتسازي، مصوريءَ ۽ سنگتراشيءَ جي ڳولا به ڪئي آهي. سندن تحقيق جو نتيجو اجهو هي آهي. لکن ٿا:

”بلوچن ۾ پنهنجن بزرگن ۽ سالارن جي يادگار قائم ڪرڻ، عمارت بنائڻ، سنگتراشي ۽ مصوري جو به ڪو پتو نه پيو آهي. اهو ڄڻ ته ازل کان وٺي منجهن جذبوئي پيدا نه ٿيو آهي. اوهان ٻن هزارن ميلن جي طول طويل همچورس علائقن کي گهمي ڏسو، اوهان کي ڪٿي به ڪنهن خان يا سردار تي اڏيل ياد گار عمارت نه ملندي. ڪو شجاعت جو يادگار نشان نه ملندو. ڪا عاليشان مسجد نه ملندي ڪنهن بلوچ درويش ۽ عالم تي، ڪو يادگار مقبرو نه ملندو. وڌ ۾ وڌ مير چاڪرخان ۽ مير نصير محمد خان جا يادگار، ڀڳل ٽٽل مسجدون ۽ قبرستان چيا وڃن ٿا، پر اهي به اڄ کنڊرات ۾ شمار ٿي رهيا آهن. انهن جا قبا، مقبرا، مسجدون ۽ ڪوٽ سڀ مسمار ٿي چڪا آهن. ديري غازي خان جي بلوچ سردارن ۾ لغاري ۽ مزاري ٻه قومون آهن، جن وٽ علم ۽ حڪومت سان گڏ، هن دؤر ۾ عمارتسازيءَ جو شوق وڌيو آهي، باقي ماضيءَ ۾ سو ڪجهه به ڪين آهي.“

        ٻين علائقن کي ڇڏي، رڳو سنڌ جي سرزمين کي ڏسجي ٿوته هت به صدين کان وٺي، مختلف بلوچ قومون آباد رهيون آهن، هت ميرن جي حڪومت ۽ سرداري به ٻه صديون کن قائم رهي آهي. ميرن جي دؤر ۾، لغاري بلوچن جا ڪيترا قابل قدر افراد، وزير ٿي چڪا آهن. انهن ٻنهي خاندانن جي حاڪمن ۽ وزيرن جا مقبرا ۽ قبا ۽ قبا موجود آهن، پر اڄ انهن جي خسته حالت کي ڏسي، اعتبار ئي نٿو اچي ته هي ڪي بلوچ سردار سُتا پيا آهن. پري نه وڃو، حيدرآباد ۾ ميرن جا قبا ۽ نواب ولي محمد خان لغاري (وزير اعظم سنڌ) جو مقبرو ڏسڻ گهرجي، جن جو ڪو به نگران ۽ پُرسان حال ڪين آهي. نواب ولي محمدخان وزير اعظم سنڌ جو عاليشان قبو ۽ مقبرو ته ڪنهن ڏٺو به نه هوندو! اڄ اهو ڊهڻ جي قريب آهي، خير! اهو ته سنڌ ۾ مستثنيٰ مسئلو آهي، ورنه مجموعي حيثيت سان بلوچ قوم جو فن، عمارتسازي ۾ مصوري ڄڻ ته آهي ئي ڪونه!

بلوچي روايات:

        محققن، ايتري تنقيد ۽ قدح کان پوءِ، بلوچن جا ڪي ڳڻ به ڳايا آهن. محقق  اهو سو تسليم ٿاڪن ته بلوچ دلير ۽ غيور قوم آهي، ان جو هر فرد، هٿياربند رهندو آهي، قبائلي تفاخر تي جان ڏيندو. سام وٺندو ته مرندي ويندو پر خاندان تي داغ هڻڻ نه ڏيندو. خيانت نه ڪندو وعدو ڪندو ته پاڙيندو. نياڻيءَ سياڻيءَ جو آدرڀاءُ ڪندو. سيد ۽ پير فقير جي تعظيم ڪندو. مُلن مولوين جي عزت ڪندو. مظلوم جي پڪار تي ڪن ڏيندو. جنگ جي بڇ تي سر ڏيندو. هٿيار ۽ گهوڙي تي شوق هوندس. خريد ڪرڻ جي حيثيت نه هوندس ته به شراڪتي نموني ۾ بندوق، ترار، اُٺ ۽  گهوڙو وٺندو.

بلوچن جي لباس لاءِ هڪ محقق لکي ٿو:

”شاندار ۽ قداور قوم آهي. غيور ۽ بهادر قوم آهي. سندن قد بت کي ڏسي، سندن ذاتي وجاهت کان هرڪو متاثر ٿئي ٿو. هڪ بلوچ، ڏاڙهيءَ سان سونهي ٿو. هٿيار سان سونهي ٿو_ سواريءَ سان سونهي ٿو. پڳ سان دل هوندس، اڇي چادر سان اُنس هوندس، وڏي سلوار، مٿان ڊگهو ڪوٽ ۽ صدري پهريندو پهراڻ سندس قومي نشان هوندو. گوشت سان واهپو هوندس. ’مهماننوازي‘بلوچ قوم جو شعار ۽ علامت آهي. پاڻ فاقي ۾ رهي، اٽو گڏ ڪندو، مهمان آيو ته ان جي دل سان آجيان ڪندو دنبو زبح ڪندو، ڇيلو سِجي ڪري پچائي کارائيندو، نه ته به کير ۽ ڪتل سان آدرڀاءُ ڪندو مکڻ، ماکي، ڏڌ ۽ مهيءَ سان نوازيندو، سائل ۽ مهمان کي در تان نه موٽائيندو.پاڻ ٻيرن ۽ پيرُن تي وقت ڪاٽيندو، پر مھمان کي  ضرور گوشت ۽ ماني کارائيندو. آئي وئي کان تفصيلوار ڏک سک پڇندو ۽ ٻه_چار ڏينهن رهائيندو، پوءِ احوال پڇندو. تفصيل جي لانڍ اهڙي جو مهمان ڪڪ ٿي ٿڪجي پوندو. گهرٻار، ڳوٺ راڄ، واپار ۽ تجارت، اولاد ۽ مال، گهوڙن، اُٺن، ٻڪرين ۽ رڍن تائين، هر هڪ جو کولي کولي حال وٺندو. ڄاتل سڃاتل، اورين پرين جي خبر لهندو، ڏيڻ تي ايندو ته پوءِ سارو گهر ٻُهاري ڏيئي ڇڏيندو.“

بيشڪ اهي ڳڻ، هڪ شاندار قوم جا قابل فخر چئي سگهجن ٿا. شڪر آهي جو بلوچن مان اهي ڳڻ اڃا نه ويا آهن. امير هجي يا غريب هجي، هر بلوچ ۾ اهي خوبيون اڄ به موجود آهن.

بلوچي زبان ۽ ادب:

بلوچ آباديءَ جي مجموعي ۽ قومي زبان”بلوچي“ آهي، جا اڄ به پوري ملڪ ۾ بلوچ عوام وٽ موجود آهي. البت بلوچن جا نوان نسل، مختلف صوبن ۾ پرورش حاصل ڪرڻ جي سببان پنجابي، پشتو، سرائڪي، ملتاني، سنڌي، مڪراني، براهوئي ٻوليون ئي ڳالهائين ٿا. تعليم يافته. انگريزي به ڄاڻن ٿا.

 

ناقدن جي راءِ آهي ته بلوچي زبان ۾ لفظن جو دائرو به محدود آهي. اگر چئجي ته هيءَ زبان، دنيا جي سڀ کان گهٽ سرمايهء الفاظ ٿي رکي، ته به  درست آهي. بلوچي لفظ نهايت سخت، ڪرخت، ثقيل ۽ مشڪل المخارج آهن. ’زوربيان‘ فقط صوتي اٿس، باقي معنوي گهٽ نوان نوان لفظ، گهٽ ۾ گهٽ ٿا گهڙيا وڃن. ٻين علمي ٻولين جي لغت ۽ ادب کان استفادي حاصل ڪرڻ جو ڪو سوال ئي نٿو اچي. بلوچي زبان تي عربي ۽ فارسي زبانن جو وڏو اثرآهي. يا ته ائين چئجي ته انهن ٻولين جو مخلوط نمونو آهي ته بجا آهي. ٻنهي زبانن جي لفظي ڀرمار حد ۽ حساب کان ٻاهر آهي. رسم الخط عربي اٿس. هن زبان جي علمي ۽ ادبي تاريخي ۽ ديني ڪتابن کي اگر جاکوڙ ۽ جدوجهد کان پوءِ جمع ڪبو ته صدين جو سرمايو، هڪ سؤ ڪتاب به ڪين ٿيندا. ٻه_ٽي درجن، غلط سلط ڇپيل ڪتابن جا مس ٿيندا، جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لاءِ جرات گهرجي! شايد دنيا جي هيءَ پهرين ۽ آخري زبان آهي، جنهن وٽ گرامر ڪين آهي. لغت جو ته ڪو سوال ئي نٿو اٿي!

بلوچي زبان ۾ ،درسي ۽ نصابي ڪتابن جو ته مورڳو وجود ئي ڪين آهي. فارسي عربي ۽ انگريزي زبانن ۾، نصاب موجود آهي، سو به وڏن سڌريل علائقن ۾. بلوچي ادب جي پراڻن شاعرن جا’ديوان‘ به گهٽ موجود آهن، البت ڪن ڪن هنڌن، پراڻن شاعر ن جو ڪلام يادداشت طور محفوظ آهي. نون شاعرن مان اڄ تائين ٻن_ چئن شاعرن جو ڪلام مس ڇپيو آهي.

جديد علم ۾ فن يعني، سائنس معاشيات، تاريخ، جاگرافي، سياست، آثار قديم جي اڃا بلوچي زبان کي هوا به ڪانه لڳي آهي. ان طرح قرآن حديث، فقه، تصوف جو حال آهي. چند پارا ۽ چند احاديث جا مجموعا ترجمو ٿيا آهن.

     بلوچن جي تاريخ متعلق، مختلف خيال وارن محققن جي تلخ ۽ سخت تنقيد جا چند نمونا مٿي پيش ڪيل آهن. حقيقت ۾ انهن محققن جا رايا يڪطرفا چئي سگهجن ٿا، ورنه بلوچ قوم جي تاريخ توڙي ادب متعلق گهڻو ئي مراد موجود ٿي سگهيو آهي.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي مشهور تاريخدان مولائي شيدائيءَ جا چند حوالا ڏيڻ ڪافي ٿيندا. بلوچ ادب متعلق ’بلوچستان جي مختصر تاريخ‘ ۾ لکي ٿو:

”1875ع ۾ انڊين سول سروس جي هڪڙي عملدار، مسٽر ايم لانگ ورٿ ڊيمس، جو رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو ميمبر هو، تنهن بلوچي شاعريءَ تي هڪڙو ضخيم ڪتاب ”پاپيولر پوئٽري آف دي بلوچس“ Popular Poetry of the Baloachs“نالي سان تصنيف ڪيو، جو1907ع ۾ لنڊن جي فوڪ لور (Folklore) سوسائٽيءَ گلاسگو يونيورسٽي پريس مان شايع ڪرايو....... ڪتاب ڇهن بابن ۾ آهي.“(ص7)

بلوچ قومن ۽ قبيلن متعلق رقمطراز آهي:

Text Box: 123

 

”ائين نظرٿو اچي ته عربن جي ڪاهه وقت، بلوچستان ۾ ميڊ (Mede)افغان، براهوئي، جت (زط) قومون آباد گارهيون، ميڊ ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ڪناري تي رهندا هئا، افغان سليمان جبل وٽ، ۽ جت ڪڇي ۽ لسٻيلي ۾ زراعت ڪندا هئا، مسٽر رزلي(Risley)جوبيان آهي ته افغان، بلوچ ۽ براهوئي. ترڪي_ ايراني نسل مان آهن. اگرائين درست آهي ته امام المُورخين ابن خلدون، ترڪي نسل جو شجرو يافت بن نوح عليه اسلام کان شروع ڪري ٿو.“(ص8)

 

ٻئي هنڌ لکي ٿو:

      ”مسٽر ايم، ايل ڊيمس صاحب، بلوچي اشعار کان سواءِ ٻيو هڪڙو ڪتاب ’بلوچ قومون‘ به لکيو آهي. ان ۾ بلوچ قوم کي ايراني نسل مان شمار ڪري ٿو. عرب ۽ ايراني قومون هڪٻئي جي لڳ گهڻي عرصي کان رهنديون اچن ٿيون، ٻنهي قومن جي قدامت کان اسين انڪار ڪري نٿا سگهون. مؤرخ ابن اسحاق ۽ علام ابن خلدون، بلوچن جي قدامت کي سام ابن نوح عليه اسلام کان شروع ڪن ٿا. هن مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته بلوچ قوم جو وجود دنياجي قديم زماني کان هلندو اچي ٿو.“(ص9)

      بلوچن جي هجرت متعلق لکي ٿو:

     ”بلوچ قوم، جنهن جا آثار اڄ وادي هيلمند کان مڪران، ديره جات پنجاب کان ڪڇ ۽ گجرات تائين موجود آهن، ان لفظ بلوچ تعلق مستشرقين جا جدا رايا آهن. پروفيسر رالسن، جنهن جا ڪتاب بابل ۽ مصرجي آثار قديمه متعلق مشهور آهن، سولکي ٿو ته:’بلوچ نالو’بابل‘ جي بادشاهه ’بيلوس‘ کان شروع ٿئي ٿو‘. ايڊورڊ گبن لکي ٿو ته:’فرينچ سياح پيٽرو_ڊيلا_ والي لکي ٿو ته: بابل ۾ بيلوس جو مينار اڃا بيٺل آهي ۽ لفظ ڪوش نمرود جي پيءُ جو نالو هو. بلوچ، سام ابن نوح جي اولاد مان آهن ۽ سندن شمار امم ساميه ۾ ٿئي ٿو_ هوبابل کان نڪري حلب ۾ ويٺا،“ (ص15)

بلوچن جي جنگي ڪارنامن متعلق رقمطراز آهي:

”فردوسي جي بيان موجب ته بلوچن سائرس ۽ نوشيروان سان جنگيون جوٽيون، بلڪل ٺيڪ آهي. اسلام جي ظهور کان پوءِ هن  شجاع قوم، اسلامي لشڪر گڏجي وڏين وڏين جنگين ۾ حصو ورتو. مثال لاءِ پندرهن هجري_636ع ۾ جڏهن خلافت فاروقيءَ ۾ حضرت ابو عبيده ۽ حضرت خالد بن وليد جي سرڪرد گيءَ هيٺ هنن يرموڪ جي مشهور معرڪي ۾ قيصر روم جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ڇڏيو. تيئن635ع ۾ ، هنن قادسيه ۽ مدائن جي هولناڪ معرڪن ۾ آل ساسان جي پوئين بادشاهه يزدگرد جي تخت کي الٽائي، اسلام جي جهنڊي کي ايران مٿان کوڙيو، ان کان پوءِ بني اميه دؤر ۾ ڪربلا جي معرڪي ۾ هنن اهل بيت جو طرف وٺي، يزيد ابن معاويه سان جنگ جوٽي، سن ٻيانوي هجري يا سن677ع ۾ بنو اميه خليفي عبدالملڪ بن مروان جي زماني ۾ ، هنن عرب مان هجرت ڪري، ’براهء ايران‘ مڪران ۾ پير رکيو.(ص16)

”حقيقت ۾ ڪي بلوچ، فاتح قادسيه ۽ مدائن کان پوءِ ايران ۾ ٽپي پيا. مشرقي ايران يا خراسان تي اڃا ساسانين جي شهنشاهت هئي. ان زماني ۾ سيستان، بنپور ۽ ڪرمان ۾. جن علائقن کي افغاني_بلوچستان ۽ ايراني_بلوچستان سڏجي ٿو، اتي بلوچ موجود هئا.(ص17)

”بلوچستان تي ايرانين، يوناني، سٿين، تاتارين ۽ عربن ڪاهون ڪيون، پوئين عرب قوم بلوچن جي هئي، جن مڪران ۽ سيستان ۾ پنهنجي جابلو ڀائرن براهوئين سان لڳ بيٺڪون جوڙيون،“ (ص19)

بلوچن جي جنگي هٿيارن متعلق لکي ٿو:

”اهي فن سپهگيري، گهوڙيسواري ۽ تيراندازيءَ ۾ ماهر ۽ شجاع هئا، اهو ئي سبب آهي جو جت ويا، ات ڪامياب ٿيا.

”انهن جاوار ڊگها، بدن تي چوغا، پيرن ۾ گوڏن تائين چمڙي جا بوٽ، سندن ڪلهن تي تيرڪمان، سندن تلوارن جون مياڻيون خوبصورت ۾ جن تي زريءَ جو ڪم ڪيل هو. سندن ترارون، دمشق ۽ قاهره جون جڙيل هيون.“(ص19)

مشهور عالم، فاتحن سان شموليت متعلق رقمطراز آهي.

”چوڏهين صديءَ جي آخر۾، 1398ع ۾ امير تيمور گورگانيءَ جي بلوچ قبيلن مدد ڪئي.....دهليءَ کان پوءِ بنديل کنڊ، هندستان جي قلب وجگر تائين پهتا.(ص 30)

”امير تيمور جا پويان، جن ڪابل قنڌار، هرات ۽ دهليءَ تي شهنشاهيون ڪيون؛ يا ”صفويه“ خاندان جا تاجدار، جن درويشي چوغي اندر وڏي شان ۽ تجمل سان ايران تي  شهنشاهي ڪئي، تن کان بلوچن مهر و وفا ۽ شجاعت ذريعي خراج تحسين وصول ڪيو.“ (ص31) بابر ۽ همايون متعلق لکي ٿو:

”جڏهن 1510ع ۾ ڪابل کان بابر، پنجاب تي ڪاهيو، تڏهن سندس هر ڪاهه ۾ بلوچ ساڻس شريڪ هئا. 1540ع ۾ همايون، قنوج جي جنگ ۾ شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي، ملتان جيسلمير۽ جوڌيور کان قسمت آزمائيندو، جڏهن سنڌ کان بلوچستان پهتو، تڏهن بلوچ ساڻس مروت سان پيش آيا.

”...همايون جڏهن ايران کان شاهه طهماسڀ صفوي کان مدد وٺي موٽيو. تڏهن بلوچن سندس دل کي مدد ڪئي.. همايون وٽ فقط چار هزار فوج هئي، ۽ بلوچي چاليهه هزار هئا..... سوريءَ شڪست کاڌي، ۽ دهليءَ جا در همايون لاءِ پٽجي ويا.“ (ص34_35)

نادر شاهه متعلق لکي ٿو:

”بلوچن سان نادر شآهه جي دوستي هئي....سندس فوج ۾ ايراني، افغان ۽ بلوچ هئا.“(ص53)

احمد شاهه ابدالي لاءِ آيل آهي:

”1758ع ۾ احمد شاهه، نصير خان جي زور ڀڃڻ لاءِ مستونگ تي ڪاهه ڪئي. هن جنگ ۾ نصيرخان، احمد شاهه جي وزير شاهه وليءَ کي شڪست ڏني،“(ص56)

هندستان تي حملن جا اسباب بيان ڪندي، احمد شاهه جي متعلق لکي ٿو:

”هن ڪاهه ۾ افغاني ۽ بلوچي لشڪر مٿرا تائين پهتا.. ۽ سيويءَ کان وٺي ستلج تائين، بلوچي جهنڊا هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا.“(ص57_58)

پاڻيپٽ جي ٽين لڙائيءَ ۾ احمد شآهه ابداليءَ جي فتح ۽ مرهٽن جي زوال متعلق لکي ٿو: ”ظاهري هن جنگ ۾ احمد شاهه ابداليءَ جو نالو مشهور آهي، پر حقيقت ۾ بلوچي ترارن جو زور هو، جنهن مرهٽن جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ڇڏيو.“(ص60)

سنڌ جي ميرن ۽ بلوچن جي تعلقات متعلق لکي ٿو:

”سندن (بلوچن) سفارش سان، ٽالپر اميرن کي ڪلهوڙن جي درٻار ۾ وزارت جا عهدا مليا هئا،“(36)

ان سلسلي ۾ واضع ڪرڻ ضروري آهي ته ٽالپرن جي دؤر ۾ ، لشڪر ۽ فوج ۾ بلوچ هئا. ان کان سواءِ، وزارت ۽ امارت تي لغاري بلوچ فائز هئا. نواب ولي محمد خان لغاري، وزير اعظم هو. جنهن متعلق هڪ انگريز مؤرخ لکي ٿو ته:

”سنڌ جو راڄ اصل ۾ نواب ولي محمد خان لغاري، وزيراعظم جي هٿ ۾ آهي، ميرن جو رڳو نالو آهي.“

ان طرح سنڌ جي پاران جي سفارشون بلوچستان ۽ افغانستان تائين وينديون هيون، تن ۾ به لغاري نواب، نمائندگي جا فرائض ادا ڪندا هئا.

مٿين چند مختصر حوالن مان بلوچن جي تاريخ ۽ تهذيب، ادب ۽ شاعريءَ، شجاعت ۽ بهادريءَ، فتوحات ۽ ظفر منديءَ جو پورو پورو پتو پوي ٿو، ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته بلوچ هڪ شاندار ۽ وضعدار قوم آهي.ان جي زوال پذير پهلوءَ تي ئي ناقدن وقت بوقت انگشت نمائي پئي ڪئي آهي. اميد ته آئيندي ڪجهه تفصيل سان لکيو ويندو.

بلوچن جي بهادريءَ متعلق علامه اقبال فرمائي ٿو:

”بلوچ قوم ڪنهن تذڪري ۽ تعارف جي محتاج نه آهي، سندس زندگي شينهن جي مثال وانگر آهي. جڏهن شينهن ننڊ ۾ رهي ٿو، ان وقت دنيا سندس وجود کان بيخبر آهي، پر جنهن وقت هو بيدار ٿئي ٿو، تڏهن سندس گجگوڙ کان جهنگ ۽ جبل سڀ ڪنبڻ لڳن ٿا.“

ان طرح بلوچ سردار جي وصيت کي هن طرح علامه اقبال نقل ڪيو آهي:

غيرت هي بڙي چيز، جهان_تگ دومين،

پهناتي هي دوريش ڪو تاج_سرِ دارا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com