علمي خطَ
ڀنڀور: زماني جي گردش ۽ ان جي بيرحم ھٿن، خبر ناھي
ته ڪيترين قابل قدر تھذيبن کي حرف غلط وانگر
ميساري ڇڏيو آھي . ماضيءَ جون ڪيتريون ئي عظيم
تھذيبون، جيتوڻيڪ فنا ٿي چڪيون آھن، پر انھن
پنھنجا گَھرا نقش ڇڏيا آھن، جيڪي انسانن کي غور ۽
فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏيئي رھيون آھن، ته اسان سوچ ۽
ويچار ڪري، سبب ڳوليون ته آخر انھن جو زوال ڪيئن
ٿيو ۽ ڇو آيو ؟
اسان جي وطن، ’وادي مھراڻ‘ ۾ ڪيتريون ئي تھذيبون،
ماضيءَ ۾ پنھنجي عروج تي پھچي، ميٽجي چڪيون آھن،
پر عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي شيون ۽ اڻمٽ نقش ضرور
ڇڏي ويون آهن، انهن مان ڀنڀور به هڪ آهي.
ڀنڀور، عربي سمنڊ جي ڪناري تي موجود هو، ڪراچي ان
چاليهه ميل پري، اوڀر جي طرف، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ
واري شاهراهه تي ، داٻيجيءَ ۽ گهاري جي درميان
آهي.
جڏهن مارچ 1958ع ۾ آثار قديمه جي ماهرن، انهيءَ
شهر جي کوٽائي ڪئي، تڏهن ابتدا ۾ انهن کي يقين نه
هو ته هنڌ تي ڪو مڪمل شهر آباد هوندو!
جڏهن کوٽائي پايه تڪميل تي پھچي ويئي ، تڏھن خبر
پيئي ته ھي شھر ڪو قديم شھر ھو، جو ڪنھن حادثي جو
شڪار بنجي ، زمين ۾ مڪمل طرح سان دٻجي دفن ٿي ويو.
ھاڻي کوٽائي جڏھن جڏھن تقريباً مڪمل ٿي چڪي آھي،
تڏھن دفن ٿيل شھر، پنھنجي پوري حسن و جمال ۽
خدوخال سميت نمودار ٿيو آھي. گهَر، رستا، گهٽيون ۽
عمارتون پنھنجي دور ۽ تھذيب جي مڪمل شاھدي ڏيئي
رھيا آھن. شھر جو نقشو، گهرن جي جوڙجڪ، رستن جو
تناسب، گهٽين جي ساخت، شھر جي ديوار جي مضبوطي،
پٿرن تي اُڪَر. ڀتين تي مورتون، عبادتگاھن جي
زيبائش ، بندر گاھ جي وسعت، لوھي اوزارن جي
موجودگي ۽ ٻيا اھڙا ڪيئي آثار ۽ نقش، جي ھڪ زندھ ۽
شاندار تھذيب لاءِ ضروري آھن، سي ”ڀنڀور“ ۾ موجود
لڌا ويا آھن: جنھن مان ثابت آھي ته ’وادي مھراڻ‘جو
ماضي، ھر دؤر ۾ ، ھر ھنڌ تي، تھذيب جي اعلي معيارن
تي پھتل ھو. ’وادي مھراڻ‘ پنھنجي گوناگون تھذھبي
ارتقا جي سلسلي ۾، فضليت واري رھندي آئي آھي. سندس
معاصر تھذيبن ۾ اھڙو دم نه آھي، جو ھو ھمسريءَ جي
دعوا ڪري سگهن.
ان کان پوءِ، اھو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اھڙي عظيم
۽ قديم تھذيب ناس ڪيئن ٿي ؟ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي
سلسلي ۾، اڃا تائين عالمن ۽ ماھرن جي ڪا آخري راءِ
قائم نه ڪئي آھي . تحقيق جاري آھي . ممڪن آھي ته
ڪو پتو پئجي وڃي.
ھن وقت جي آثار قديمه ۽ کنڊرات کي جاچڻ کان پوءِ،
اھو نتيجو ڪڍي سگهجي ته ’ڀنڀور‘ جو شھر اچانڪ،
ڪنھن حادثي جو شڪار ٿيو آھي، اکڇنڀ ۾ سارو شھر
دفن ٿي ويو آھي. اھي آثار به موجود آھن، جن جي
بنياد تي چئجي ٿو ته ڪيترن ايامن تائين، سمنڊ به
کيس پنھنجي سيني سان سانڍيو آھي. ھاڻي جڏھن سمنڊ
جو پاڻي ھيٺ لٿو آھي، تڏھن شھر، خاڪ جي ڍير وانگر
ظاھر ٿيو آھي.
مختلف سِڪَن، پٿرن تي اڪريل عيمارتن، ۽ ٻين ڪيترن
سامانن جي مشاھدي مان، اھو پتو ٿو پوي ته ڀنڀور،
اوائلي دؤر ۾ مسلمانن جي قبضي ۾ آيو.
ڀنڀور جي کوٽائيءَ مان جي سڪا مليا آھن، اھي خليفي
ھشام بن عبدالملڪ جي دؤر جا آھن. سندس حڪومت
105ھه کان 125ھه تائين قائم ھئي.
سڪي جي ھڪ طرف ھي لفظ اڪريل آھن.
”لا اِلاه الا الله وحده لاشريڪ له “
۽ ٻئي طرف مسلمان خليفي جو نالو درج آھي .
مسلمانن کان اڳ ان شھر تي ڪير قابض ھئا، ان جي خبر
نه ٿي پئجي سگهي . البت ٿانون جي بناوت مان ، آثار
قديمه جي ماھرن اندازو لڳايو آهي ته، هي شهر مصري
۽ شامي تهذيب کان گهڻي حد تائين متاثر به هو، پر
انهن کان گهڻين ڳالهين ۾ بلند به هو.
شهر جي وچ ۾ هڪ جامع مسجد به موجود آهي، جنهن جو
نقشو عربن جي فن تعمير سان ڪافي ملي ٿو. سڄي مسجد
سنگتراشيءَ جو بهترين نموني آهي. بندرگاهه توڙي
شهر جي عالمپناهه ۽ ديوارن کي جاچي، آثار قديمه
توڙي تاريخ جي ماهرن، اها راءِ قائم، ڪئي آهي ته
اهو مشهور بندرگاهه ’ديبل‘ ئي چئي سگهجي ٿو.
ان ۾ شڪ ناهي ته مختلف هٿ آيل شين جي جاچ جوچ مان
جلدي يا دير سان، اهو پتو پئجي ويندو ته ان شهر جي
تاريخي حيثيت ڪهڙي آهي ؟ اهو شهر ڪنهن ٻڌايو ؟ ۽
ڪڏهن تعمير ٿيو؟ منجهس ڪهڙا ڪهڙا انقلاب آيا؟ سندس
ان پراڻي تهذيب جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪڏهن ٿي ۽ شهر
جي ترقي ۽ ڪمال جو دؤر ڪٿي پهچي ختم ٿيو؟ مسلمانن
جي دؤر ۾ سندس اوج ۽ عروج ڪهڙي مرحلي تي پهتل هو؟
ان طرح اهو به پتو پوندو ته اهي ڪهڙا حادثا هئا،
جن جي ڪري، ههڙو عظيم ۽ قديم شهر دٻجي ناس ٿي ويو
!
ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو ڪو محقق انهن مسئلن تي توجهه
ڪرڻ فرمائي.
_پٻربخش بلوچ،
ڪراچي.
سنڌي سٻاجهڙا نالا:
سنڌ سونهاريءَ جي سٻاجهڙن سنڌين جا نالا، سندن
ذاتيون ۽ سندن قديم ڳوٺن جا نالا، ڪيترا عجيب ۽
غريب انوکا ۽ نرالا آهن. ظاهر آهي ته انهن عجيب
نالن جي پويان ٻه ضرور ڪا عجيب ۽ غريب تاويل لڪل
هوندي. روز مهه جو مشاهدو آهي ته ڪن لفظن جا
اُچار، ڏينهون ڏينهن بگڙندا ۽ بدلجندا رهن ٿا.
ضرورت آهي ته سنڌي سٻاجهڙن جي انهن نالن کي جمع
ڪري، زيرن_ زبرن سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيو وڃي،
جيئن وڏڙن جو اهو ثقافتي يادگار، زماني جي دست
_برد کان محفوظ ٿي وڃي.
انهيءَ مقصد جي پيش نظر، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته
جيترا ٿي سگهن، اوترا سنڌي نالا، جهڙوڪ: اَڪُ،
بگهڙ، وسايو وغيره، ۽ سنڌي ذاتيون، جهڙوڪ: ابڙيجا،
اُنڙ، سومرا وغيره. ۽ سنڌي ڳوٺ جهڙوڪ : اگهم ڪوٽ،
اروڙ، ساوندي، سمه وغيره، زيرن_ زبرن سان لکي
موڪلڻ جي نوازش ڪن، جيئن انهن کي گڏ ڪري، ترتيب
ڏني وڃي.
عجيب ۽ انوکا نالا ۽ انهن بابت تحقيق لکي
موڪليندا، انهن لکندڙن جا نالا ان ڪتاب ۾ شڪرئي
سان شايع ڪيا ويندا.
_سليم هالائي، پرنسيپال، ’سروري اسلامه
ڪاليج‘ هالا نوان.
آثار قديمه جي حفاظت:
تازو، خيرپور ڊويزيل ڪائونسل جي اجلاس ۾، صوبائي
وزير خوراڪ، ملڪ خدابخش بچه، جي موجود گيءَ ۾ ،
’موهن جي دڙي‘ جي حفاظت جي سلسلي ۾ سوال_ جواب
ٿيا.
’موهن جي دڙي‘ متعلق ظاهر ڪيوويو ته ، موهن جي دڙي
جي آثار قديمه جي ابتدائي حيثيت به اڃا مڪمل طرح
سان ظاهر نه ٿي آهي. زمين جي هيٺان نڪرندر پاڻيءَ
۽ سِم جي ڪري، اهو امر ناممڪن ٿي چڪو آهي، ته هن
کان وڌيڪ کوٽائي ڪري، هيٺيئن سطح متعلق ڪا وڌيڪ
معلومات حاصل ڪئي وڃي.
ٻيو ته موجوده کوٽائيءَ کان پوءِ، نڪتل آثار به
ڪَاَدَر ۽ سِم جي ڪري، جوکائتي مرحلي تي پهچي چڪا
آهن. ماهرن ان تي تشويش ظاهر ڪئي آهي ته اگر سِمَ
۽ ڪَاَدَر جي اها حالت رهي ته پوءِ ’موهن جو دڙو‘
ختم ٿي ويندو.
اها به حقيقت ظاهر ڪئي ويئي ته ، ماهرن جي هڪ
جماعت ان سلسلي ۾ ’يونيسڪو‘ جي مدد سان، حتقيق ۽
تفتيش ڪري رهي آهي، انهن جو چوڻ آهي ته معلومات کي
تڪميل تي پهچائڻ کان پوءِ موهن جي دڙي کي سِمَ ۽
ڪَاَدَر کان بچائڻ لاءَ ڪي عملي اپاءُ سوچيا
ويندا، ۽ ڪي مناسب فني تجويزون ٺاهيون وينديون.
ان سان گڏ، ان گروهه، خرچ جي تخميني لڳائيندي ،
ظاهر ڪيو آهي ته دنيا جي هن قديم ۽ عظيم تهذيبي
ورثي کي بچائڻ جي سلسلي ۾ اربين ڊالر خرچ گهرجي
ان خرچ ۾ ’يونيسڪو‘ جي امدادي رقم کان سواءِ، باقي
دنيا کي به امداد لاءِ اپيل ويندي.
موجوده ’موهن جي دڙي‘ جي حفاظت جي سامان پيدا ڪرڻ
کان پوءِ وڌيڪ کوٽائيءَ لاءِ، ماهرين جي سفارش آهر
ڪم ڪيو ويندو.
ماهرن اهو به خيال ظاهر ڪيو آهي، ته وادي_ سنڌ جي
قديم ’رسم الخط‘ جي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي سلسلي ۽ به
اڃا ڪا آخري ۽ علمي تحقيق، تڪيل تي ڪانه پهتي آهي.
ان سلسلي ۾، ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن جي ڪوشش بين
الاقوامي سطح تي تسليم نه ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي
۾. ’يونسڪو‘ پاران قديم زبانن جي ماهرن ۽ عالمن جو
هڪ گروهه مقرر ڪيو ويندو، جن جي لاءِ خرچ_ پکي جو
انتظام پاڪستان سرڪار منظور ڪيو آهي.
ان طرح ’موهن جي دڙي‘ کان سواءِ، ’اروڙ‘ جي
تاريخي مسجد جي مرمت متعلق به ڳالهه ٻولهه ڪئي
ويئي. اها تاريخي مسجد محمد بن قاسم جي تعمير
ڪرايل آهي. پر ان متعلق به ڪو آخري فيصلو نه ٿيو
آهي.
”موهن جي دڙي“ لاءِ صدر مملڪت فيلڊ مارشل محمد
ايوب خان جا جا تاثرات، جي تازو 5_ڊسمبر 1966ع تي،
معائني وقت ظاهرڪيائين، سي دلچسپيءَ کان خالي نه
ٿيندا، چيائين:
”مون کي آثار قديمه سان بيحد دلچسپي آهي، ان ڪري،
تفصيلي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ دوبار اوچتو آيو
آهيان. اسان هن تاريخي يادگار کي بچائڻ جي هر ممڪن
ڪوشش ڪنداسون.“
قديم زماني جا ٻڌڌرم جا آثار مندر، حوض، تلاءَ،
غسلخانا، نيڪال جون ناليون، ٿالَو، گهٽيون، بزارن
جا نشان، پراڻيو سرون ڏسي، انهن جي قدامت ۽ عظمت
جي تعريف ڪندي چيائين:
”اسٽريٽ پلاننگ ۽ ڊرينج سسٽم جي ههڙي بهترين ۽
مثالي نظام مان اسان جي انجنيرن کي سبق حاصل ڪرڻ
گهرجي. کين ڏسڻ گهرجي ته اڄ کان 5_7هزار سال اڳ،
سنڌ ۾ فن تعمير ڪهڙي نه ڪمال تي پهچي چڪو هو. اهي
اهل سنڌ، ڪيترو نه نفاست پسند، نازڪ مزاج، پرهيز
گار ۽ صاف دل هئا؛ جن ايترا ته غسلخانا ٺاهيا آهن،
جن جو تصور به هن وقت ڪري نه ٿو سگهي. هي قديم
سرون، اڄ به استعمال ٿي رهيون آهن،“
حفاظت جي سلسلي ۾ چيائين: ”مون هڪ غير ملڪي ماهر
مقرر ڪيو آهي. جنهن جي رپورٽ جي روشنيءَ ۾، موهن
جي دڙي کي سم ۽ ڪلر کان بچايو ويندو ، ۽ اهو سارو
خرچ سرڪار ڪندي،“
ان سلسلي ۾ سنڌ جي عالمن ۽ ادبين، محققن ۽ آثار
قديمه سان دلچسپي رکندڙن کي گهرجي، ته هو ان سوال
تي نه فقط پاڪستان سرڪار جو ڌيان ڇڪائين؛ پر ان
سان گڏ، يين الاقوامي سطح تي ماهرن جي خدمت حاصل
ڪرڻ لاءِ، تعلق رکندڙ، بين الاقوامي ادارن ۽
’يونيسڪو‘ جي ماهرن کي پڻ توجهه ڇڪائين.
ائين نه ٿئي، جو اسان جي ڏسندي ۽ سنبرندي، دنيا جي
عظيم ۽ قديم تهذيب جو شاهڪار ’موهن جو دڙو‘ سِم ۽
ڪَلَر جو کاڄ ٿي ، ناس ٿي وڃي، ۽ وادي _ سنڌو جو
اهو عظيم نشان مِٽيءَ ۾ ملي وڃي!_ محمد علي ’جوهر‘
لاڙڪاڻه، سيڪريٽري جمعيت الشعراءِ سنڌ.
بڪ سينٽر ۽ عوام:
پاڪستان جي ’نيشنل بڪ سينٽر‘ جي فيصلي جي باري ۾
، اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه اچي چڪو آهي ته هنن، سنڌي
زبان ۽ ٻين علاقائي زبانن کي اردو ۽ بنگله جي ڀيٽ
۾ نظرانداز ڪيو آهي.
سنڌي ڪتابن سان ، جو ٻه اکيائيءَ وارو ورتاءُ ڪيو
وڃي ٿو، ان متعلق مان سمجهان ٿو ته اردو وارن کي
ڪتابن جي خوبصورتيءَ جي معاملي ۾. ڪافيءَ کان
زياده ڪمتريءَ جو احساس آهي.
ٽائيپ جي مقبول نه هجڻ جي ڪري، هنن جا ڪتاب گهڻو
ڪري، ليٿو پريس ۾ ڇپجن ٿا. ان ڇپائيءَ جي سلسلي ۾.
اردو ليٿو ڪتاب، بدزيبا ۽ بدنما ٿين ٿا، ۽ نفاست
پسند طبيعتن تي بار محسوس ٿين ٿا.
سنڌيءَ جي ٽائيپ ته سهڻي ۽ من موهيندڙ ٿئي ٿي . ڪم
از ڪم پاڪستان جي ڪابه ٻولي، ان ڏس ۾. سنڌيءَ جو
مقابلو نٿي ڪري سگهي.
”سنڌي ادبي بورڊ“ جا ڇپيل ڪتاب، سٺائيءَ ۽
سهڻائيءَ ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪتابن جي
ڀيٽ ۾ آڻي سگهجن ٿا.
’نيشنل بڪ سينٽر‘ کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو فرض وسارڻ
نه کپي. هنن کي انعام ڏيڻو آهي، ڪتاب جي سٺائيءَ ۽
سهڻائيءَ جي بنياد تي ، ۽ نه ٻوليءَ جي بنياد تي .
سنڌي اخبارن، ’عبرت‘ ۽ ’ هلال پاڪستان‘ بڪ سينٽر
وارن جو ڌيان، ڪافي دليلن سان ڇڪايو آهي، ۽ هن
علائقي جي رهاڪن جي جذبن جي ترجماني ڪئي آهي. اميد
ته ان تي جوڳو توجهه ڏنو ويندو.
_ ڊاڪٽر نجم الدين عباسي، گاڏي کاتو، حيدرآباد
سنڌ.
پڙهندڙن جا پيغام
محترم ايڊيٽر صاحب
اسلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جي هن جديد دوُر جي
ڪاميابيءَ تي مبارڪ هجيو. نهيايت معاري ۽ معلومات
افزا، تاريخي، تمدني، لساني ۽ فڪري مقالا شايع
ڪيا. اٿوَ. انهن جي مطالع سان، هڪ طرف اسان کي
پنهنجي سنڌي عالمن جي تحقيق ۽ مطالع جو اندازو ٿئي
ٿو، ۽ ٻئي طرف پنهنجي سنڌي ادب جي شاهوڪاريءَ جو
ثبوت ملي ٿو. هر هڪ مقالو، پنهنجي جاءِ تي شاهڪار
جي حيثيت رکي ٿو.
منهنجو مضمون، جو صادق فقير جي سوانح ۽ ڪلام تي
مشتمل، ’مهراڻ‘ جي ٻن پرچن (3-4/65ع ۽ 1- 2 /66ع)
۾ شايع ٿيو آهي. ان کي عالمن ۽ ڄاڻن پسند گيءَ جي
نگاهه سان ڏٺو آهي. ان سلسلي ۾ ڪيترن بزرگن حوصله
افزائيءَ جا خط لکيا آهن، جن جو نقل ڪري اوهان
ڏانهن موڪلڻ ۽ ڇپائڻ، غير ضروري ٿو سمجهان.
تازو سنڌ جي محقق ۽ عالم، جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ ، صدر شعبهء تعليمات سنڌيونيورسٽي حيدرآباد،
هڪ نوازش نامو موڪليو آهي، ان ۾ ’صادق فقير‘ جي
مقالي متعلق لکن ٿا:
”فقير محمد صديق بابت، اوهان جا مضمون، جي ’مهراڻ‘
۾ ڇپيا آهن، سي قابل تعريف آهن.“ اها هڪ راءِ ئي
اسان جي حوصله افزائيءَ لاءِ ڪافي آهي. اصل ۾ اهو
داد به اوهان ۽ رسالي ’مهراڻ‘ لاءِ آهي. اوهان
جنهن عرقريزيءَ ۽ تحقيق سان منهنجي مقالي جي تصحيح
ڪئي آهي، ان جو اعتراف اٿم.
ٻي ڳالهه ته صادق فقير جي حالات ۾ ، هڪ واقعو لکيو
ويو آهي ته پاڻ ، جهوڪ شريف جي سجاده نشين ميان
عبدالستار اول جي پڳ تي اچڻ ۽ سجادءِ نشين ٿيڻ ۾
مدد ڪيائون، ان متعلق، تاجپور جي نواب صاحبن ٻڌايو
آهي ته اهو واقعو اصل ۾ تاجپور جي نواب صاحبن جي
وساطت سان ٿيو هو، بهرحال، ان مسئلي جي صفائي اڃا
تحقيق طلب آهي. ان متعلق،آءُ صوفي صادي فقير جي
گادي نشين حضرات ۽ متعلقين کان پڇا ڳاڇا ڪري، آخري
حقيقت لکي موڪليندس. اوهان کي ان متعلق ڪا معلومات
حاصل ٿئي ته ان کان به واقف ڪندا، والسلام
_راڄ محمد پلي
ڳوٺ خانصاحب عطامحمد پلي، وايا ڍورونارو، ضلع
پارڪر سنڌ.
مڪرمي ومعظمي گرامي صاحب
السلام عليڪم: ”مهراڻ“ جو ڏهه _ ساله نمبر، ۽ جديد
دوُر جو1-2/ 1966ع جو پرچو، نظر مان گذريا. اوهان
جنهن محنت ۽ عرقريزيءَ کان ڪم وٺي، انهن ٻنهي
رسالن کي هڪ علمي ۽ تاريخي شاهڪار جي حيثيت ڏني
آهي، ان جي جيتري تعريف ڪجي، اوتري گهٽ آهي،
ٻئي پرچا، ساهه سان سانڍڻ جهڙا، تاريخي ۽ دستاويزي
يادگار آهن.
ٻيو ته ههڙن پرچن، خاص طرح سان، ڏهه ساله، _نمبر
کي جيڪڏهن مجلد ڪرائڻ جو انظام ٿي سگهي، ته هوند
پرچي جي عمر ۽ افاديت ۾ اضافو ٿئي،
اسان جون دعائون آهن ته ،”اوهان ۽ مهراڻ“، شال
سنڌي زبان جي هميشه خدمت ڪندا رهو. اميد ته خيريت
سان هوندا._ والسلام
_سليم هالائي
پرنسپال، ’سروري اسلاميه ڪاليج‘ هالا نوان
مڪرمي ومحترمي جناب گرامي صاحب
السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جو ڏهه _ ساله نمبر ۽1-2/
1966ع جو رسالو، اسان ۽ اسان جي سنگت کي نهايت
پسند آيا. بيشڪ ’مهراڻ‘ جي علمي ۽ ادبي خدمت، نه
فقط سنڌي ادب ۽ زبان لاءِ هڪ تاريخي حقيقت بنجي
چڪي آهي. پر ان سان گڏ، سنڌي ادبي بورڊ جي عظمت ۽
مقبوليت لاءِ به هڪ علامت بنجي چڪي آهي. دعا آهي
ته شال اڃا به وڌيڪ خدمت ڪري سگهو ! سلام سڄي سنگت
جارسن. والسلام
_’نديم‘ انصاري
ڳاڙهي موري، ضلعو خيرپور ميرس، سنڌ
پيارا ادا
’مهراڻ‘ جو ڏهه_ ساله نمبر ۽ اوهان جو قربنامو
مليا. شڪريو، ’مهراڻ‘ بابت تفصيل سان راءِ موڪلڻ ۾
ته وقت لڳندو، شايد ڪجهه دير سان واقفيت ڏيندس.
’مهراڻ‘ جا پرچا‘ اڄ تائين، جنهن معيار تي نڪتا
آهن، اهي هڪ ثبوت آهن ته اسان جي سنڌي زبان ۽ ان
جو ادب، زندهه رهندا. ’مهراڻ‘ جي هر اشاعت اسان
لاءِ مسرت ۽ فخر جو پيغام ٿي پهچائي، ان لاءِ
بورڊ ۽ ان جي ڪارپردازن کيرون لهڻيون. قرب
مان_ڪيرت ٻاٻاڻي
ايڊيٽر ”سنڌ ڌارا“ ، فورس روڊ، بمبئي_8
محترمي گرامي صاحب
السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جي جديد دؤر جي تازو پرچو،
۽ ان کان اڳ نڪتل، ’ڏهه ساله نمبر‘ مطالع ڪياويا.
’ضخيم نمبر‘ کي، جنهن ترتيب ۽ فني حيثيت سان.
سينگاريون ويو آهي، ان کي ڏسي ، تسليم ڪرڻو ٿو پوي
ته ’مهراڻ‘ هر لحاظ کان، سنڌي ادب جو روح_ روان
آهي، علمي مضمونن ۽ معيار مقالن مقالن جي پڙهڻ سان
، جا روح کي تازگي نصيب ٿي آهي. ان کي بيان ڪري نه
ٿو سگهجي، فن ۽ ادب، تصوف ۽ اخلاقيات، تاريخ ۽
سوانح تي مشتمل مقالا، اسان جي ادب ۾ مفيد اضافو
چئي سگهجن ٿا. دعا آهي ته اوهان ان سلسلي ۾، اڃا
به وڌيڪ ڪامياب ٿيو،
البت افسانن ۽ حصه نظم جي نه هجڻ ڪري، ڪجهه تشنگي
محسوس ٿي آهي. ان جو ڪو علاج سوچڻ گهرجي.
آءُ ته سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين، حضرت قلبه
مخدوم محمد زمان صاحب ’طالب المولي‘ ۽ معزز ميمبرن
کي عرض ڪندس، ته هو اسان شاعرن جي ان تقاضا کي
ضرور قبول ڪرڻ جي عنايت ڪن. اخبارن ۾ ته سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنسن جا ٺهراءَ به شايع
ٿيا آهن، جن سڀني متقه طور ٿي، گهر ڪئي آهي ته
افسانن ۽ حصه نظم کي دوباره جاري ڪيووڃي. والسلام
_عبدالڪريم ’ڪريم، پلي
ڳوٺ خانصاحب عطا محمد خان پلي، وايا ڍورو نارو،
ضلعو ٿرپاڪر، سنڌ.
عزيزم گرامي صاحب
السلام عليڪم: ’مهراڻ‘ جي تازي پرچي جا سڀ مضمون
معياري نظر آيا، مان هن وقت سنڌ جي مختلف قومن.
ذاتين ۽ انهن جي مخلف پاڙن تي، ڪم ڪري رهيو آهيان،
ان سلسلي ۾ ڪيئ ڪتاب پڙهيا اٿم. ان سان گڏ، ڪيترن
وڏڙن ان صدري روايتون به حاصل ڪيون اٿم. فيالحال
منهنجي اڳيان، بلوچن جي تاريخ جو مسئلو آهي. ان
متعلق به هڪ مقالو ’مهراڻ‘ لاءِ موڪلي چيڪو
آهيان. تازي ’مهراڻ‘ ۾، مرحوم، علي محمد سيال، جو
مختف لغوي حيثيت سان واهه جا ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. پر
آخر ۾ بلوچن ۽ سيدن کي به ’سماٽ‘ ئي چئي ويو آهي !
اها هڪ تحقيق طلب ڳالهه چئبي، بلوچ، ۽ سادات برابر
سنڌ ۾ صدين کان آب رهندا آيا آهن، پر انهن اباڻي
تهذيب کي اڃا نه وساريوآهي ! اميد ته خوش باش
هوندا.
_نواب حاجي جان علي خان لغاري، تاجپور
عزيز گرامي صاحب
’مھراڻ‘جا مختلف ضخيم توڙي تازا پرچا پڙھيا ويا.
’مھراڻ‘ واقعي جنھن مخلصانه انداز ۾، ڪنھن به
نمائش ۽ شھرت جي خبط کان سواءِ، خاموش نموني ۾
خدمت ڪري مضمون، ”سماٽ قوم جو اصل نسل“ ڏاڍو دلچسپ
نظر آيو. ان مرحوم، رھيوآھي، ان جو داد ھرڪو ڏيئي
رھيو آھي. منھنجي راءِ اھا آھي ته ’مھراڻ‘جي خدمت
جو احساس ۽ اعتراف، صدين کان پوءِ ٿيندو . اڄڪلھه
ته ”جيئرن سان جھيڙو ۽ مئن سان محبت “ وارو دؤر
آھي !
- نواب حاجي نور احمد خان لغاري، خانپور
گرامي سائين
اوھان جي ’مھراڻ‘ جو ’ڏھ - ساله نمبر‘ (3_19654ع)
ملي چڪو آھي، مھرباني. ’مھراڻ‘ جو ھي ضخيم نمبر،
اسم بامسميٰ، واقعي علم ۽ فن جو ’مھراڻ‘
آھي.مقالات جي تنوع ۽ افاديت ، معيار ۽ مرتبي جو
داد ته علم وارائي ڏيئي سگهن ٿا. اسان وٽ اردو،
انگريزي، فارسي ۽ عربي، ڪيئي مخزنون اچن ٿيون ؛
انھن جي ڀيٽ ۾، اسان جي مٺڙي ۽ سلوڻي سنڌيءَ جو
ھيءُ شاھڪار، ھر خيال کان ممتاز جڳھه والاريو بيٺو
آھي. اوھان جنھن مخلصانه انداز سان، ايتري ضخيم
رسالي کي ڇاپي چڪا آھيو، ان کي ھڪ علمي معجزو
سمجھڻ گهرجي.
ھڪ مضمون، ھندستان ۽ بين الاقوامي حالات تي
تفصيل سان لکندس، ۽ اھو ’مھراڻ‘لاءِ موڪليندس،
”جھڙو حال،پريان نال“ جي صدق. ان طرح تازو
’مھراڻ‘به مطالع ڪيو اٿم. ھر حال ۾ تعريف جي لائق
آھي.
- ذوالفقار راشدي پير جو ڳوٺ، لاڙڪاڻه
محترم مولانا گرامي صاحب
’مھراڻ‘مطالع ڪيم، نھايت دلي سرور ۽ خط حاصل ٿيو.
محترم، اوھان جي رسالي جو جھڙو اسم شريف
’مھراڻ‘آھي، ۽ ’مھراڻ‘جيئن ھماليه جي سرسبز ۽
شاداب واديءَ مان، ٽَڪَر ٽاڪي ، ڪشالا ڪڍي، ساري
وطن کي سيراب ڪندي، اچي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو؛
تيئن ’مھراڻ‘ به ’مهراڻ‘ جي نقش قدم تي ھلندي،
علمي ھماليه، ”سنڌي ادبي بورڊ“ مان نڪري، ادبي
دنيا کي سبزه زار بنائي ٿو ڇڏي، ۽ سنڌي ادب کي
آباد ٿو ڪري. اوھان جھڙن عظيم فرزندن تي اسان کي
فخر حاصل آھي. اسان لاءِ اوھان جي خدمت ھڪ روايت ۽
مشعل راه بنبي. خداوند ڪريم شال اوھان جي قلم کي
وڌيڪ توفيق عنايت فرمائي . آمين
_درمحمد ولد ملھه خان سري، ٿاڻو بولاخان
جناب گرامي صاحب
السلام عليڪم: ’مھراڻ‘جو تازو پرچو، نھايت پسند
آيو. رسالو قريباً سارو مطالع ڪيو اٿم. مضمون
معياري ۽ چوٽيءَ جي لکندڙ اديبن جا آھن. نھايت
خوشي ٿي ٿئي ته اسان وٽ، اھڙ ن مسئلن کي لکڻ ۽
سمجھڻ وارا، صاحب مطالع اديب اڃا تائين موجود
آھن‘جن جي علمي خدمت جو اعتراف ھرڪو ڪري رھيو آھي.
نظم جو حصو شايد اڃا تائين بند آھي . اگر گنجائش
ٿي ته پوءِ پنھنجو ڪلام موڪليندس.
_ نياز ڪيش، حافظ محمد احسن چنا، دادو.
حضرت گرامي صاحب
تسليم و آداب: ’مھراڻ‘جا ٽي پرچا، پنھنجي روايتي
حسن، نزاڪت ، زيب زينت سان نظر مان گذريا. يقيناً
ھرڪو پرچو، پري کان ٻڌائيندو آھي ته اھو اوھان جي
عرق ريزيءَ ۽ جانفشانيءَ سان لبريز آھي.
’مھراڻ‘جا خاص پرچا ’ڏھ سال نمبر‘۽1-2/1966ع، فڪر
و فن ، ادب ۽ لسانيت، ۽ مختلف علمي ۽ ادبي ڪاوشن
سان سينگاريل آھن. اھي رسالا، پنھنجي مخصوص ۽
معياري مقام جي لحاظ سان، سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جي
ارتقا جي سلسلي ۾، محققانه شاهڪار آهن. سنڌي ادب ۾
اھي پرچا، ھڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت سان يادگار
رھندا.
’مھراڻ‘ جي ڪارڪنن جي ھيءَ ڪاوش، قدر جي قابل آھي.
’مھراڻ‘ اسان جھڙن طالب علمن ۽ نوآموز ۽ سيکڙاٽ
اديبن لاءِ رھنما ۽ رھبر آھي. سچ پچ، ’مھراڻ‘مان
اسان کي اھو ڪجھه حاصل ٿئي ٿو، جيڪو وڏن وڏن ڪتابن
۽ پستڪن مان ملڻ مشڪل آھي. مھراڻ جي پڙھڻ کان
پوءِ، ادب ۽ فن جون نيون راھون کلن ٿيون. بيشڪ
’مھراڻ ‘علم ۽ عرمان جو مھراڻ آھي، جيڪو پنھنجي
پَلٽ سان، اڃايل ادبي زمين کي سيراب ڪري ٿو.
تازي پرچي ۾ آيل سڀ مقالا، نھايت محققانه آھن، جي
مشھور عالمن جا لکيل آھن، ۽ اھي ڪنھن به تعريف ۽
تعارف جا محتاج ڪين آھي.
تازن پرچين ۾، محرم خان جي مقالي مان،سومرن جي دؤر
کان اڳ جي ھڪ سگهڙ جو پتو پيو . ان طرح راڄ محمد
پليءَ، ھڪ صوفي شاعر ۽ نامور بزرگ جو ڪلام، نھايت
تحقيق سان پيش ڪري، سنڌي ادب جو ھڪ تاريخي خال
ڀريو آھي . سچ آھي ته ھن’مھراڻ‘جي ماٺيڻي موج ۾
ڪيترائي جواهر لڪل آھن،
مھراڻ ۾ افسانا، نطم، ناولٽ به ھجن ھا ته چڱو، اھي
جديد ادب جي اسرڻ لاءِ ڪارائتا ذريعا آھن.
ٻيو ته علامه دائود پوٽي جو ايڊٽ ڪيل رسالو، جو
نظرثانيءَ لاءِ، مولانا غلام مصطفي صاحب قاسميءَ
جي سپرد ڪيل ھو، اھو ۽ ”الوحيد“جو ”سنڌ آزاد
نمبر“ بورڊ جي پاران شايع ٿين ته بھتر. اھا صلاح،
مھراڻ جي وسيلي ’بورڊ‘تائين پھچائيندا ته شڪرگذار
رھندس.
_ دادا سنڌي، ميرپور ماٿيلو، حال سکر.
آديسي اُٿي ويا، مڙھيون مون مارين !
(شاھ )
(غ . م.گ)
رئيس ضياء الدين .ايس . بلبل ”ضيا“ مرحوم
ھيءَ خبر ادبي ۽ علمي حقان لاءِ نھايت ڏک
پھچائيندڙ ٿيندي ته سنڌي ادب جي مشھور عالم ۽
اديب، شاعر ۽ قومي ليڊر، مرحوم رئيس شمس الدين،
’بلبل‘جي فرزند ارجمند جناب رئيس ضياء الدين
’ضيا‘، ايس. بلبل 14_سپٽمبر 1966ع تي دادوءَ ۾
وفات ڪئي.
انا لله وانا اليه راجعون.
رئيس ضياء الدين، ايس. بلبل، پنھنجي شخصيت ۽
وجاھت، توڙي علمي ۽ ادبي معيار ۽ خدمت جي لحاظ
سان، ھڪ عزيز ۽ متعارف ھستيءَ جو مالڪ ھو. رئيس
مرحوم جي وفات حسرت آيات سان، ھڪ طرف مرحوم بلبل
جي علمي آشياني جو چراغ اجھامي چڪو آھي، ته ٻئي
طرف علمي ۽ ادبي دنيا ۾ اھڙو خال پيدا ٿيو آھي،
جنھن جو ڀرجڻ مشڪل نظر پيو اچي.
مرحوم رئيس صاحب، سنڌ جي مردم خيز خطي، ميھڙ ۾ ،
15_ڊسمبر 1910ع تي تولد ٿيو. سندن ولادت به ان دؤر
جي مشھور عالم دين، اھل الله ۽ مجذوب درويش،
مولانا غلام محمد سوڍر رحه جي دعا سان وابسته آھي.
مرحوم رئيس ضيا کان اڳ، مرحوم ’بلبل‘ کي ڪوبه
پٽاڻو اولاد ڪونه ھو . مرحوم ضيا، مولانا مجذوب جي
دعا سان، ٽئين گهر مان پيدا ٿيو. سندن نالو، سندن
والد ماجد جي نالي، شمس الدين، سان نسبت قائم
رکندي، ضياء الدين رکيو ويو. سندن اخلاقي ۽
روحاني، ظاھري ۽ باطني ترتيب ۽ پالنا به ان درويش
بزرگ ۽ مجذوب عالم مولانا غلام محمد جي زيرسايه
ٿي، جنھن بزرگ کي عام طرح سان ”ڏاڏو سائين“ سڏيو
ويندو ھو.
رئيس ضيا، ننڍي وھيءَ ۾ ئي يتيميءَ جا ڏکيا ڏينھن
ڏٺا، سندن والده ماجده سندن ولادت کان پوءِ جلدي
وفات ڪئي ، ۽ پاڻ اڃا 9 سالن جا مسَ ٿيا ته مرحوم
بلبل به کين داغ مفارقت ڏيندي، کين يتيم ڪري
انتقال فرمايو.
والدين جي وفات کان پوءِ، سندن تعليم ۽ تربيت جو
ذمه دارنه فرض، جنھن خوش اسلوبيءَ سان ڏاڏي مجذوب
ادا ڪيو، اھو حيرت جھڙو آھي.
ڏاڏو مجذوب ظاھر ۾ ته نھايت مجذوبانه ۽ درويشانه
انداز ۾ گوشه گير رھندو ھو، تنھن ھوندي به رئيس
مرحوم جي تعليم ۽ تربيت، خوراڪ ۽ پوشاڪ تي تمام
گهڻو خيال ڏيندو ھو.
ڏاڏو مرحوم ان دؤر جو وڏو عالم، فقيه ۽ صوفي ھو.
سندن علمي ڪمالات کان جتي مرحوم بلبل مستفيد ٿيو،
اتي ڪيترا ھندستاني عالم به سندن رھاڻ لاءِ ڪھي
ميھڙ ۾ ايندا ھئا، ۽ دقيق ۽ لاينحل ديني مسئلن تي
ساڻن تبادله خيالات ڪندا ھئا.
ان سلسلي ۾ مولانا ابوالفتح پاڻيپتنيءَ جو نالو
مشھور آھي، جنھن ڪيترن مسئلن، مثلاً بھشت ۽ دوزخ،
آدم جي پيدائش ۽ بھشت مان خروج، وحي ۽ رسالت
متعلق ڪيئي مسئلا ڏاڏي مجذوب کان حل ڪرايا ھئا.
ڏاڏو مجذوب ھميشه گوشه گير رھندو ھو ۽ ھفتي ۾ ٻه _
ٽي ڀيرا مس سڪل ۽ رُکي ماني کائيندو ھو. صبح جو
پنھنجي ڪوٺڙيءَ مان ٻاھر نڪري، بنگلي جي دروازي تي
ويھي، مرحوم ضيا ۽ سندس سنگتين سان راند کيڏندو
ھو. ان ٻاراڻي مشغلي ۾، ڏاڏو مرحوم ٻارڙن کي جوئر
جي ڪانن سان ٻاراڻا رانديڪا ٺاھي ڏيندوھو، ۽ ڪڏھن
ڪڏھن گهوڙو بنجي، ٻارڙن کي پاڻ تي سواري ڪرائي
وندرائيندو ھو. خاص طرح سان رئيس ضيا کي ڪلھن تي
چاڙھي ھر وقت ڪڏائيندو گهمندو ھو.
مرحوم بلبل جي وفات وقت، ڏاڏو مجذوب، رئيس ضيا کي
ڪلھن تي چاڙھي، ميھڙ شھر کان ٻه _ ٽي ميل ٻاھرکڻي
ويو. ان وقت فرمايائين.
”بابا! اڄ ھت اھو آيو آھي، جيڪو ٻارن کي يتيم ڪندو
آھي، جيڪو مائرن کي رنڙ زال سڏائڻ تي مجبور ڪندو
آھي، جيڪو پٽن کان پيءُ کسي وٺندو آھي ، جيڪو
مائرن کان پٽ کسيندو آھي، جيڪو گهرن مان خوشين جا
چراغ وسائي ويندوآھي، جنھن جي اچڻ سان ھر ماڻھو
بيقرار ۽ اشڪباز ٿيندو آھي، جنھن جي اچڻ سان غم ۽
اوندوه جي فضا طاري ٿي ويندي آھي، جنھن جي اچڻ تي
ڪو به حيلو ڪارگر نه ٿيندو آھي، جو ڪنھن به ميڙ _
منٿ ۽ ست ستاءَ تي ھٿين خالي واپس نه ويندو آھي،
جنھن ھزارين گهر ويران ڪري ڇڏيا. بابا ضيا! اچ،
پاڻ ھن گهر مان نڪري ھلون، جيئن اھو پنھنجو ڪم
پورو ڪري ھليو وڃي !“
ڏاڏي مرحوم جي زير ترتيب رھندي، اپريل 1921ع ۾
رئيس ضيا پنھنجي والد مرحوم بلبل جي برپا ڪيل
انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو. اھو اسڪول اڄڪلھه ھاءِ
اسڪول بنجي چڪو آھي. رئيس ضيا مرحوم ميھڙ جي اسڪول
۾ فقط پنج درجا انگريزي پڙھيا، سي به ڏاڏي مجذوب
جي ترغيب ڏيارڻ سان. سندس تعليم به ڏاڍي
البيلائيءَ سان ٿي . صبح جو ساجھر نيرن کان فارغ
ٿي، ڏاڏي مجذوب جي ڪلھن تي چڙھي، اسڪول پھچندو ھو؛
اتي موڪل ملڻ تائين، ڏاڏو مرحوم ڪلاس ۾ ويٺو ھوندو
ھو . گرميءَ جي موسم ۾ مجذوب کين وڃڻو ھڻندو ھو.
ڪڏھن ڪڏھن ڪلاس ۾ ، اگر ڪو ماستر، اجايو سجايو،
ڪنھن شاگرد کي ڇڙٻيندو ھو ، ته پوءِ کيس ڏاڏو
مرحوم سخت تنبيهه ڪندي چوندو ھو.
”ماستر صاحب! ھي گلن ڦلن جھڙا ٻارڙا، ڪو ماءُ جي
پيٽان علم ۽ ادب ڪون سکي آيا آھن. اگر سکيل ۽
پڙھيل ھجن ھا ته پوءِ ھوند ھت اچن ئي ڪين ھا!اوھان
ھنن کي سيکاريو ۽ پڙھايو ، پر نڪو ھنن کي ماروي،
نڪو هنن کي گارگند ڪريو .ھنن جي آه عرش تي ويندي
آھي . ان کان بچو!“
رئيس ضيا جي تعليم جي سلسلي ۾ ، جڏھن اھو مسئلو
پيداٿيو ته رئيس ضيا انگريزي پڙھڻ ۾ ڪابه دلچسپي
نٿو وٺي، نڪو سبق ياد ٿو ڪري، تڏھن ڏاڏي مجذوب ان
جو اھو حل پيدا ڪيو، جو پاڻ سنڌي _ انگلش ڊڪشنري
گهرايائون . ان کي ڏسي ۽ سمجھي، پوءِ مرحوم ضيا
کي پاڻ سبق ياد ڪرئيندا ھئا. ان لغت ۾ ڏاڏي مجذوب
ايتري ته مھارت حاصل ڪئي، جو پاڻ مرحوم ضيا کي آخر
تائين پڙھائيندا رھيا، ايتريقدر جو اسپيلن لکڻ وقت
اسڪول ۾ خود ماسترن کي به سمجھائيندا ھئا. سندن
ايتري رغبت ۽ تو توجھه ڏيڻ سان مرحوم ضيا ھميشه
چڱا نمبر کڻي پاس ٿيندو ھو. مزو اھو آھي ته ڏاڏو
مجذوب لغت ھميشه ابتي جھلي پڙھندو ھو!
مرحوم ’ضيا‘پنج درجا درجا ميهڙ ۾ پاس ڪري . ڇهون
درجو گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. ۽
ان کان پوءِ ميٽرڪ به اتيئي ڏنائين. ان کان پوءِ
ڪاليج جي تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي، عليڳڙهه،
آگسٽ 1931ع ۾ داخل ٿيو ، اتي 1938ع ۾ ايم . اي
.ايل ، ايل. بي جا امتحان، فرسٽ ڊويزن ۾، امتياز
سان پاس ڪيائين.
عليڳڙهه ۾، ڏاڏي مجذوب جي ترتيب ۽ تعليم تي،ان جي
مشهور عالمن ۽ محققن ڊاڪٽر سيد ظفر الحسن ۽
پروفيسر محمد حبيب جو ڪافي اثر پيو.
ڊاڪٽر سيد ظفرالحسن هڪ جڳ _ مشهور فلسفي ۽ عالم
هو. ڊاڪٽر صاحب خاص طرح سان هيگل جي ”فلسفهء
جدليات“ تي ، انهن ٽن مشهور عالمن مان هڪ ليکيو
ويندو هو، جي ان دؤر ۾ پوري دنيا ۾ سَنَد طور
تسرنيم ڪيا ويا هئا، رئيس ’خيا‘ ان کان’فلسفه‘ ۾
تڪميل ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو سندن خيالات ۽
جذبات، تقرير توڙي تحرير تي ، فلسفيا نه رنگ هڪڙي
طرف، ته ڏاڏي مجذوب جي اثرڪري، مجذوبانه ۽
قلندرانه اثر ٻئي طرف، آخر تائين قائم رهيو.
ان سلسلي ۾ پروفيسر حبيب به فلسفه سياست تي عالمي
شهرت جو مالڪ ۽ وڏو عالم هو، جنهن جي صحبت ۽ تعليم
سان. پاڻ فلسفه سياسيات ۾ تڪميل ڪيائين.
عليڳڙهه ۾ رئيس ضياءُ، نهايت شان ۽ عزت سان، تعليم
پوري ڪري ، جڏهن پنهنجي وطن، ميهڙ ۾ واپس آيو؛
تڏهن پنج سال کن، هتي مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾
گذاريائين. سندن اهي پنج سال، سنڌ جي مشهور جيَد
عالم، استاد العماء حضرت مولانا عبدالڪريم ديروي
رحه، جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، ۽ ٻين
ميهڙ جي عالمن ۽ اديبن جي عارفانه ۽ ادبي صحبت ۾
گذايا. اهو دؤر اسان ٻنهن جي شاعرانه نو مشقي،
مطالع ۽ تبادله خيالات جو سنگ بنياد ثابت ٿيو.
انهن پنجن سالن جي عملي مشاهدي، ۽ وسيع مطالع جي
دور ۾ ، سندن شاعرانه طبع ۾ هڪ قسم جو نئين سر ذوق
پيوا ٿيو. ان ذوق جي تڪميل جي سلسلي ۾، پاڻ پنهنجي
والد ماجد جي نسبت سان ’بزم بلبل‘ کي قائم ڪيائون.
ان ’بزم بلبل‘ جي مشاعرن ۾ ، سنڌ جا وڏا وڏا عالم
۽ شاعر شرڪت ڪندا رهيا. جن ۾ طرحي ۽ غير طرحي ڪلام
پيش ڪيو ويندو هو.
رئيس مرحوم ضيا جي توجهه ۽ انتظام هيٺ جمعيت
الشعراء سنڌ پاران آل سنڌ ادبي ڪانفرنس به ٿي.
1943ع ۾، سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾، منطق ۽
سنڌي ادب جا ليڪچرار ٿيا ۽ ان سان گڏ، کين بورڊنگ
هائوس جو سپرنٽيڊنٽ ٿي پڻ ڪم ڪرڻو پيو ؛ پر ڪجهه
وقت کان پوءِ، ڪن هنگامي ۽ سياسي اختلافن جي پيدا
ٿيڻ تي، پاڻ استعفا ڏئي، واپس ميهڙ ۾ آيا. ڪجهه
وقت کان پوءِ، دادوءَ ۾ پهريائين اسٽنٽ پبلڪ
پراسيڪيوٽر ۽ پوءِ 1953ع ۾ دادو ضلعي جو پبلڪ
پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو.
رئيس مرحوم اهو عهدو آخر تائين، مثالي نموني ۾
ماڻيهو ۽ پنهنجي وفات کان اڳ ان تان استعفا ڏيئي،
سال_ اڌ آرام سان گذاريائين.
رئيس ضيا جي علميحا ۽ ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ ايترو
چوڻ ڪافي آهي، ته پاڻ ”بزم بلبل“ جو باني هو، ۽
ماهنامه ”آديب_سنڌ“ جو ايڊيٽر رهي چڪو هو. دادوءَ
۾ ”انجمن آفتاب ادب“ جو صدر هو ۽ بارايسوسئيشن
ميهڙ ۽ دادوءَ جو سرگرم رڪن. ” جميعت الشعراءِ
سنڌ“ جو نائب صدر ۽ قلندر لال شهباز ميموريل
ڪميٽيءَ جو سرگرم سرڪردو هو. آخري وقت ۾ هڪ
هفتيوار اخبار ”تنظيم عوام“ (دادو ) پڻ هلايائون.
رئيس مرحوم فلسفي ۽ دينيات جي فاضل هجڻ سان گڏ، هڪ
مثالي نثر نگار پڻ هو . پاڻ سنڌيءَ سان گڏ،
انگريزيءَ تي به استادانه دسترس رکندو هو. سندس
سنڌي ۽ انگريزي مضمون ، سنڌ جي سڀني روزانه، سنڌي
توڙي انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا
آهن.
سندن انگريزي مضمون ”ڊان“ ڪراچي ۽ ”انڊس ٽائمس“
حيدرآباد ۾ نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا ويندا هئا.
ڏاڍي ضرورت آهي، اگر ڪو صاحب، اهي انگريزي ۽
سنڌي مقالا جمع ڪري ، ڪتاب تيار ڪري .
رئيس مرحوم پنهنجي وجود مسعود جي حيثيت سان، هڪ
انجمن هو. وٽس هر وقت عالم ۽ فاضل، اديب ۽ شاعر
ايندا رهندا هئا، جن سان علمي ۽ ادبي، مذهبي ۽
ملڪي مسئلن تي تبادله خيالات ڪرڻ سندس پنسديده
مشغلو هو . پاڻ جتي به رهيو، اتي علمي ۽ ادبي
ماحول جو سرڪردو ٿي رهيو، علمي ۽ ادبي ، تعليمي ۽
تهذيبي خدمت جي خيال کان رئيس مرحوم، هر جماعت، هر
انجمن، هر بزم ۽ هر مجلس جو روح_ روان رهندو آيو.
هميشه عالمن ۽ اديبن جي لالجوئي ۽ سرپرستي ڪيائين.
هڙون وڙئون امداد ڪندي ڪونه گسندوهو، سندن جهڙي
هئي صورت تهڙي هئي سيرت! رئيس مرحوم هڪ وضعدار،
خوش اخلاق، نيڪ انسان، خدا ترس ۽ مذهبي خيالات جو
پابند، پڪو ۽ سچو مسلمان هو. سندس نيڪ سيرت مان
هزارن غريبن کي فائدو پهتو، ڪيترن بيروزگار هندن ۽
مسلمانن جو بار مٿس رهندو آيو. ان بار کي آخري
گهڙيءَ تائين نباهيندو آيو. رئيس مرحوم ڪم آزار
شخص هو. دوستن جو دوست هو ۽ دشمنن تي مهربان. ڪنهن
دوست کي اگر ڪٿي به ڪا ناجائز تڪليف پهچندي هئي ته
هو بيقرار ٿي ويندو هو . دور دراز سفر ڪري هيڪر
وڃي، انهن مشڪلاتن کي منهن ڏيندو هو، سندس دستر
خوان هميشه ڪشادو رهيو. هڪ طرف وقت جا عالم ۽
فاضل، اديب ۽ شاعر سندس دسترخوان جي زينت رهيا، ته
ٻئي طرف امير ۽ پير، ليڊر ۽ ملڪي رهنما به سندس
ميزبانيءَ جي شرف کان مستفيد رهيا، ميهڙ ۾ بلبل
بنگلي جا دروازا هر آئي_ وئي لاءِ کليل رهيا. ميهڙ
۾ جڏهن به ڪو ٻاهريون ماڻهو ايندو هو ، اهو هڪ
ڀيرو ضرور بلبل بنگلي تي مهمان طور رهايو ويندو
هو، مهمان نوازيءَ جي سلسلي ۾ امير ۽ غريب جو ڪوبه
فرق نه رکيو ويو حتاڪ، هندو ليڊر، وڪيل ۽ واپاري
به اچي رهندا هئا، بلبل بنگلو ، گويا ميهڙ ۾ هڪ
ادبي ۽ علمي مرڪز جي حيثيت رکندو هو، جنهن ۾
هروقت، علمي ۽ ادبي رهاڻ هلندي رهندي هئي، رئيس
مرحوم ان رهاڻ لاءِ شمع محفل جي حيثيت رکندو هو.
مدرسه عربيه ميهڙ جي عالمن ۽ بزرگن سان گڏ بلبل
بنگله جي رهاڻ، اسان ٻنهين جي فڪر نظر جي تربيت
ڪئي.
مرحوم رئيس جي وفات، علمي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ اهڙو
خال پيدا ڪيو آهي، جنهن جو ڀرجڻ مشڪل آهي، اسان هڪ
راستباز ۽ صداقت شعار، رفيق، دوست، سرپرست ۽ هم
وطن بزرگ کان وڇڙي چڪا آهيون، جو ڏاڏي مجذوب جي
نالي واريءَ ’نسبت‘ سان، هميشه مون کي ”بابا
سائين“ ڪري لکندو هو !
رئيس مرحوم، هڪ علمي ڪتبخانو پڻ ڇڏي ويو آهي، جنهن
۾ مرحوم بلبل جي دؤر جي قديم علمي ۽ فني ڪتابن ۾،
پاڻ چڱو خاصو اضافو ڪيائين، سندس جمع ڪيل لئبرريءَ
۾ انگريزي ، فارسي، اردو، سنڌي، عربي زبانن جا
پيش بها شهپارا موجود آهن. ان طرح سنڌي، اردو ۽
انگريزي، علمي ۽ ادبي رسالن جو پڻ وڏو تعداد موجود
آهي، سندن قانوني ڪتابن جو ذخيرو ان کان علاوه
آهي، سندن فرزندن ۽ عزيزن لاءِ مناسب آهي ته هو
رئيس مرحوم جي لئبرري، سندس علمي مقالن، اڻڇپيل
مضمونن ، شعر وشاعريءَ جي بياض وغيره کي ’باقيات
الصالحات‘ سمجهي محفوظ ڪن.ائين نه ٿئي جو اهو ساري
زندگيءَ جو گڏ ٿيل سرمايو سنڀال کان سواءِ ضايع ٿي
وڃي.
رئيس صاحب مرحوم پنهنجي قبيلي ۽ خاندان جو پڳدار
هو. سندس خاندان ۾ (اڳئين گهر مان ) ٽي فرزند_
مسٽر شمس الدين، صلاح الدين، ۽ رئيس نظام الدين_
آهن، جي به اولادي آهن. سندن هميشره محترم ۽ سندس
پُٽ، پوٽا ۽ ڏوهٽا آهن، رئيس مرحوم جون ٻه
نياڻيون آهن، جي به اولادي آهن ۽ سندن آخري اهليه
به حيات آهي.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سندن سارو ڪڙم ۽ ڪهول
رئيس مرحوم جي روايات کي زندهه رکندو ٿو اچي، ۽
سندس فرزند پنهنجي لائق والد ماجد جي نقش قدم تي
هلي رهيا آهن.
رئيس مرحوم کي پنهنجي جليل القدر والد مرحوم
”بلبل“ جي پاسي ۾، پنهنجي پاڙي واريءَ مسجد ۾ رکيو
ويوآهي .
دعا آهي ته رب ڪريم شال رئيس مرحوم کي مرهي ۽ جنت
۾ جاءِ ڏئي ۽ سندس پسماندن، سندن همشيره محترم، ۽
ان جي اولاد، ۽ سندن فرزندن ، ۽ سندن عزيزن رئيس
قمرالدين، رئيس بدرالدين، ميان عبدالقادر، ميان
غلام قادر، وڏيري الهڏني خان ٿيٻي، ميان عبدالحق،
رئيس فقير محمد، ۽ سڀني عزيزن ۽ دوستن کي صبر
جميل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين) _غ.م.گ
حضرت پير عبدالستارجان سرهندي.
هيءَ خبر سنڌ جي علمي ۽ ادبي مذهبي ۽ ديني حلقن
لاءِ نهايت روح فرسا آهن ته ” خاندان مجديه“ جي
لکن مريدن ۽ عقيدتمندن جي پيشوا، ٽنڊي سائينداد جي
مشهور بزرگان دين، حضرات سرهندي خاندان جي مشهور
عالم ۽ فاضل ، اديب ۽ شاعر، حضرت پير الحاج سائين
عبدالستارجان سرهندي، 17-سيپٽمبر1966ع مطابق 1_
جمادي الثاني 1386هه، داعي اجل کي لبيڪ چوندي،
وفات فرمائي ! انالله وانا اليه راجعون.
سائين عبدالستار جان سرهندي پنهنجي انفرادي ۽ ذاتي
وضعداريءَ جي حيثيت سان، سرهندي بزرگن ۾ شهره آفاق
جو مالڪ هو. مرحوم علوم ظاهريه جي تڪميل ۽ تحصيل
سان گڏ، علوم باطنيه ۾ به وڏي مقام تي فائز هو.
وضعدار، نيڪ طينت، ديندار ۽ مرنج_ مرنجان شخصيت جو
مالڪ هو. ديني علوم ۽ روحاني معارف ۾ وڏو درڪ حاصل
هوس. هميشه خوش پوشاڪ ۽ خوش خوارڪ رهيو ، عالمن ۽
ادبين جو جليس، شاعرن ۽ سخن سنج حضرات جو سرپرست
،مريدن ۽ عام ماڻهن جو همدرد ۽ خيرخواهه ، نيڪ_
صورت ۽ نيڪ_ سيرت، اهڙو نه ٿيو نه ٿيندو!
سندس صورت نوراني، سيرت فقيراڻي؛ پوشاڪ اميراني ۽
باطن روحاني؛ هر خيال سان مجمع اوصاف هو. سندس
ڪلام شيرين، گفتگو دلنشين، لب ولهجو نرم ۽ جاذب،
طبيعت ۾ رقت، مزاج ۾ وسعت_ اهي اهڙيون وصفون آهن
جي مشڪل سان ڪنهن هڪ هنڌ نظر ٿيون اچن،
پير صاحب هڪ روشن ضمير، جلوت پسند، سياح، معاله
فهم ۽ نڪته سنج شخص هو؛ جنهن جي وجاهت ۽ شهرت کان
هڪ طرف افغانستان جو شاهه ۽ سعوديه جو بادشاهه،
مصر جو شاهه فاروق متاثر ٿيا، ته ٻئي طرف هندستان
جا وڏا وڏا نواب ۽ رياستن جا مالڪ راجائون ۽
رجواڙا به سندس صورت ۽ سيرت، معامله فهمي ۽ دور رس
فيصلن کان متاثر ٿيا.
هڪ طرف شاهه ايران ۽ شاهه شرق اردن، حضرت پير
سائينءَ جي رهاڻ کان مستفيد ٿيا؛ ته ٻئي طرف
هندستان جا عظيم دانشور ۽ سياسي ليڊر، قائداعظم،
مولانا آزاد، مولانا محمد علي، مولانا شوڪت علي،
مهاتما گانڌيءَ جهڙا جليل القدر ملڪي پيشوا به
حضرت پير سائينءَ سان متعارف رهيا.
جهان بيني ۽ زبان داني، جيئن ته حضرات مجدديه جو
خاص رنگ آهي، حضرت پير سائين ان جامع ۽ هم رنگ وصف
جو واحد نمائندو هو. پاڻ سنڌي، اردو، فارسي، عربي،
پشتو، بلوچي ۽ سرائڪي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ ماهر به
هئا ۽ شاعر به هئا. سندن ڪلام زياده تر عشقيه
شاعريءَ تي مشتمل آهي. ان سلسلي ۾ به پاڻ پنهنجن
قديم بزرگن ۽ سلف صالحن کان جدا گانه رنگ جا حامل
رهيا.
حضرت پير سائين ڪيئي ڀيرا هندستان، ايران،
افغانستان، عرب، عراق ۽ مصر جا سفر ڪيا؛ ان ڪري
مسلم ملڪن جي حالات ۽ سياسي معاملات تي سندن نگاهه
نهايت وسيع به هئي ۽ عميق به هئي. سندن حلقهء
احباب ۾ ، باشاهن ۽ اميرن، وزيرن ۽ عالمن ، شاعرن
۽ ادبين جو وسيع حلقو اچي ٿو وڃي. اهڙي مقبوليت
هن کان اڳ ڪنهن به سنڌيءَ کي مشڪل ملي آهي. سندن
گفتگو زياده تر شسته ۽ شائسته، پر ڪجهه ظرافت
ڏانهن مائل رهندي هئي. بذله سنج ۽ حاضر جواب به
هڪڙائي هئا. کانئن ڪنهن به ظريف ۽ دانشمند، گفتگو
۾ ڪا ڳالهه نه کنئين آهي. پاڻ مجلس جا مور هئا ۽
سندن شخصيت وڏن وڏن عالمن ۽ پيرن جي موجود گيءَ ۾
به نمايان رهندي هئي. وڏاوڏا فرعون ۽ هامان به
سندن اڳيان جهڪندي ڏٺا ويا. پاڻ ديني حميت ۽ اخوت
جي سلسلي ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ رهيا.
پير صاحب جن حرمين جا خادم ۽ محب هئا. ڏڪر جي
حالت ۾ پاڻ هزارين مڻ اناج ۽ لکين رپيا، قحط زده
ماڻهن لاءِ، حرمين پهچائي چڪا هئا. سندن شاعري به
نهايت لذيذ آهي. شاعريءَ جي فن ۾، پاڻ روايت جا
ايترا پابند نه رهيا. هن فن ۾ سندن جدت ۽ ندرت اها
هئي جو پاڻ تشبيهات جو اهو حصو، جنهن ۾ شاعر
سڳورا، معشوق کي ڪافر، چنگيز، ظالم، ستمگر، بت_
بيپير، رهزن_ ايمان، بيوفا، ڪج ادا سڏين ٿا، سو رد
ڪري ڇڏيائون. فرمائيندا هئا:
”هي عجيب ستمگري آهي! محبوب ۽ معشوق کي ستمگر ۽
چنگيز، بيوفا، ڪج ادا چوڻ ڪو مناسب آهي؟ محبوب ۽
معشوق جي هر، ادا، محبوب آهي ! محبوب سرتاپا محبوب
آهي! اهو عاشق ناهنجار گستاخ آهي، جو محبوب مان
عيب ٿو ڪڍي، ۽ کيس مشھور سفاڪ ۽ ظالم چنگيز سان
تشبيھه ٿو ڏئي ! ’پرين جي پار جي‘ مڙئي مٺائي! ‘
ڏسو ته سنڌ جي عارف جي ڪيڏي نه گَھري نگاھ آھي!
بابا! مون ته ڪڏھن به پنھنجي ’محبوب‘ کي ستمگر نه
سڏيو آھي!“
مون کي ياد آھي ته سائين ميران محمد شاھ وٽ ھڪ
رھاڻ ۾ جڏھن اھا گفتگو نڪتي، تڏهن مون کين عرض
ڪيو، ”حضرتا ! ڀلا ڪو اهڙو ڪلام ته سڻايو، جنهن ۾
’محبوب‘ سان خطاب بيحجاب ڪيو ويو هجي !“ پاڻ فواً
فرمايائون: (ڪڙڪ آواز ۾ ، گاف تي زبر ڏيندي، ۽
کلندي ).
” گرامي صاحب، اوهان اسان جا پيارا دوست ۽ سخن سنج
آهيو. اوهان جي تعريف حضرت حافظ هاشم جان صاحب کان
ٻڌي اٿم. اسدالله شاهه ۽ ٻيا ٽکڙائي سادات اوهان
جو گهڻو ذڪر ڪندا آهن. حضرت مخدوم صاحب جي خاص
احباب ۾ شمار ٿيو ٿا. اسان شاعري به جوانيءَ ۾
ڪئي. بهرحال، تفنن طبع لاءِ ڪافي ٻڌائيندس ۽ نه
امتحاناً. “ سائين ميران محمد شاه جي هڪ خوشگوار
ٽهڪ کان پوءِ، سائين ستارن جان هيءَ ڪافي ٻڌائي:
لهه سندم سهڻا سنڀار، نينهن ٿو مون کي نهوڙي !
قول جي مون سان ڪيا تو، پرت مان پيمان پــــــار،
وصل جا وعدا ڪري پوءِ تو وري سي ناوسار... ماريو
مون کي وڇوڙي! آخري شعر آهي:
آءُ نه هڪ آهيان اڃايل، عشق ۾ عاجز اپار،
منجهه انهيءَ ميدان ماريا. برهه بيحد
بيشمار...’پير‘ جهڙا ڪئين ڪروڙي!
اها ڪافي پنهنجي اسلوب ۾ فن جي لحاظ سان نهايت
لذيذ به آهي ۽ معياري به آهي. سندس زبان سادي ۽
سليس سنڌي آهي . ان ۾ تجنيس حرفي جي مراعات به
آهي. ان کي ڏسي. ائين ڪوبه نه سمجهندو ته هيءَ
ڪافي هڪ اهڙي شخص جي آهي. جنهن کي هڪ نه پر ست
زبانون آهن! جنهن وٽ رات ڏينهن عربي، فارسي، پشتو
زبانن ۾ گفتگو هلي ٿي ! اها ڪافي پوري ٿي ته سائين
ميران محمد شاهه فرمايو ”اُهو، ڪلام ٻڌايو ! “
’اُهو‘ ٻڌي مون کڻي چپ ڪئي. پير سائين فرمايو :
”گرامي صاحب‘ هاڻي جواب ترڪي به ترڪي ! رنج نه
ٿيندوُ ! “ مون عرض ڪيو : ” نه نه، ارشاد !“
فرمايائون:
محبوب ماه صورت، ڪو بيوفا نه آهي،
ماڻا مِٺي جا آهن، ليڪن جفا نه آهي.
شاعر شڪايتون ٿا بيجا بڪَن گرامي، دراصل دلبرن ۾
ڪائي خطا نه آهي.
تشبيهه تنهنجي قد جي شمشاد ساڻ ڪن ٿا، شمشاد ۾ ٽلڻ
جي توصيف ڪانه آهي.
تنهنجي مٺن چپن کي مرجان پيا چون ٿا، مرجان ۾
لطافت، ميٺاج سا نه آهي.
ڪنهن دم چون ته آهي، پيارو پَريءَ جو پيڪر، ليڪن
پريءَ ۾ اهڙو نازو ادا نه آهي.
ان کان پوءِ فرمايائون ته ”پهرئين شعر ۾ مون هينئر
_ ’گرامي‘ چئي اوهان کي مخاطب ٿيو آهيان. ورنه اتي
’مدامي‘ آندو اٿم.“ ان کان پوءِ به ڪافي وقت
تائين رهاڻ هلندي رهي .
هڪ ڀيري رهاڻ ۽ صحبت ۾ وحدت الوجود تي گفتگو نڪتي.
مون کين ڪجهه دلائل پيش ڪيا. پاڻ اکيون ٻوٽي ٻڌندا
رهيا. مون جڏهن چپ ڪئي، تڏهن پاڻ اکيون کولي، کِلي
ڏنائون. فرمايائون، ”مولوي صاحب، شيخ ابن عربي
کان ڪافي متاثر آهيو. ڇا؟ مڪتوبات مطالع ڪين ڪئي
اٿو؟ حضرت مجدد فرمائي ٿو:
مارا نص“ درڪار است، نه ڪه قص!“
ائين چئي، پاڻ وحدت الشهود جا دلائل پيش ڪرڻ شروع
ڪيائون. ان رهاڻ ۾ پاڻ قرآن، حديث. اقوال سلف،
بالخصوص حضرت مجدد رحه جي مڪتوبات مان، شواهد ۽
دلائل پيش ڪندا رهيا. ان تقرير دلپذير ٻڌندي، ائين
معلوم ٿيو ته ڪو علم ڪلام جو استاد، شاگردن کي درس
پڙهائي رهيو آهي. سندن دلائل ۾ ڪابه سختي ۽ ڪج
بحثي نه هئي، کلندي ۽ مُرڪندي بحث ڪندا رهيا. سندن
دقيق نگاهه، ۽ وسعت مطالع کي ڏسي، آءُ ته دنگ رهجي
ويس. مون سائين حافظ هاشم جان کان سواءِ، ٻيو ڪوبه
ان پايه جو متڪلم ۽ عالم دين ڏٺو آهي !
سائين ميران محمد شاهه جي چهلم تي، دستر خوان تي
ويٺي، فرمايائون:
”گرامي صاحب، اوهان جو ميران محمد شاهه تي لکيل
وفيات پڙهيم. تمنا ٿو ڪريان تن مان به جلد مري
پوان ته مَنَ مون تي به لکو!“
ان تي، قاضي غلام مصطفيَ، رٽائرڊ ڪليڪٽر ۽ عزيز
محبوب علي چنا صاحب، ٽهڪ ڏيئي وراڻيو:
سائين، اوهان اڄ کڻي پاڻ کي مرحوم سمجهو ته گرامي
صاحب لکي ! فوراً فرمايائون:
”تڪلف سان پيدا ٿيل تحرير ۾ روح نه رهنـدو.
روح تڏهن ٿيندو جڏهن منهنجو روح نڪري !“
بهرحال، اهي عجيب غريب لطائف ۽ ظرائف آهن، جي هن
وقت دل تي تري آيا آهن. سندن شعر وشاعريءَ جي
سلسلي ۾، چند اشعار پيش ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان. سندن
جهان بيني ۽ مشاهدي ۽ تجربي جو شاهڪار ملاحظه
ڪريو:
جڏهن جاچي ڏٺم، ساري خدائي،
نظر مون کي فقط هڪ ڳالهه آئي،
ڪمينن ۾ وفاداري نه آهي،
اصيلن ۾ نه آهي بيوفائي.
ٻه چيزون، ٻن ۾ خالق ڪين خلقيون،
چڱن ۾ بَدِ ۽ بڇڙن ۾ چڱائي.
ڪمينا قرب ڪن، ظاهر زباني،
اندر هڪڙي، ٻهر ڪَن، ٻي ٻيائي.
ڪمينن سان نه رکجي قرب قلبي،
ڪرڻ گهرجي نه تن سان آشنائي.
پري رهجي، نه رکجي پيار تن سان،
نه آهي چال ۾ جن جي چڱائي.
ڪجي قربان پنهنجي جان، تن تان،
رکن جي صاف سهڻا ٿا سچائي.
پڄاڻان. تجربي، هي شعر جوڙيم،
زماني زهر جي چٽڻي چکائي.
محبوب کي ٿا چون:
مشتاق يارَ موهين، بانڪن ڀنڀن ۾ ڇا ٿَئيِ؟
ونگيو وٺن ويچارا، ڪارن ڪنڍن ۾ ڇا ٿَئيِ؟
آب حيات ناهين، ڪوثر به ڪين، ليڪن،
بخشين ٿو زندگاني، لعلن لبن ۾ ڇا ٿئي؟
ظاهر ۾ باهه وانگر، گرچه ٻرن ٿا ليڪن،
ٺارن هِنيون مِٺيءَ سان، ڳاڙهن ڳلن ۾ ڇا ٿئي؟
اسرار عشق وارا، محبوب پاڻ ڄاڻي،
پو ’پير‘ ڇو پڇين ٿو، اهڙن ڪمن ۾ ڇا ٿئي؟
بهار جي آمد تي، حضرت پير سائين، هن طرح ٿو محبوب
سان خطاب فرمائي:
آيو بهار ٿيئڙو تازو چمن دوباره.
سيراب ٿيا بخوبي، سر و سمن دوباره.
چوڌار اڄ چمن ۾، ڪيا چهچهاٽ چيهن،
بلبل، گلن ڦلن تي ٿي نغمه زن دوباره.
مٽ ڪو نه آهه ڪو گُل، محبوب ساڻ منهنجي،
ڦاڙيو گلاب جي گل، ڏس پيرهن دوباره.
سامان ٻيا نظارا، تو لئي ٿا نگارها،
ايندين ڪڏهن پيارا، پنهنجي وطن دوباره.
هي آهي پير سائينءَ جو سنڌي ڪلام، هتي فارسي، عربي
۽ پشتو ڪلام ڏيڻ طوالت جو سبب ٿيندو، سندن ڪلام جي
رنگيني ۽ پختگي، سندن قادرالڪا لام ۽ مشتاق استاد
هجڻ جي شاهد آهي.
آخر ۾ سندن هڪ عجيب غريب واقعو بيان ڪريان ٿو.
سائين عبدالستار جان سرهندي رحه جي زندگيءَ ۽ ان
جي عجائبات ۾ هي واقعو شمار ڪيو وڃي ٿو ته پاڻ،
ٽکڙائي سادات جي بزرگن جي ’وفات‘ تي هميشه موجود
رهيا. حالانڪ پاڻ سياح ۽ سيلاني هئا. ڪڏهن ڪراچي
ته ڪڏهن لاهور، ڪڏهن طهران ته ڪڏهن بغداد، ڪڏهن
بيروت ته ڪڏهن قاهره، ڪڏهن دهلي ته ڪڏهن ڪوئٽيا!
پر اها عجيب حقيقت آهي ته ٽکڙائي سادات جي اهڙي غم
واندو هه جي موقعي تي پاڻ لازمي طور هت ئي موجود
هوندا هئا. 85سالن جي عمر تائين، سندن اها روايت
قائم رهي. اها به گويا سندن هڪ زندهه ڪرامت چئبي !
پاڻ حضرت خواجه حسن جان سرهندي رحه جا ٻيو نمبر
فرزند هئا ۽ 1311هه ۾ ٽکڙ ۾ ڄاوا. حضرت سائين وڏي،
خواجه عبدالرحمان جان رحه کين ڪُلهن تي کڻي ڪڏايو،
۽ ناز سان پاليو.
پاڻ آخري وقت ۾ ، ڪابل مان آيا هئا. کين اوچتو دل
جي شڪايت پيدا ٿي. باوجود علاج جي ، پاڻ صحتمند نه
ٿيا ۽ حيدرآباد، ميمڻ اسپتال ۾ وفات ڪيائون. کين
پنهنجن بزرگن جي ڀرسان، ”مقبره شريف“ ٽکڙ ۾ آرامي
ڪيو ويو. سندن عمر85سال هئي. هن جانڪاه صدمي ۾ ،
اسان حضرت شاهه آغا، حضرت حافظ هاشم جان سائين، ۽
سندن فرزندن فاروق جان ۽ صديق جان سندن عزيزن
مريدن سان شريڪ غم آهيون، دست به دعا آهيون ته رب
ڪريم شال کين مَرهي، ۽ جنت ۾ جاءِ نصيب ڪري، ۽
سندن پسماندن، بزرگن، ڀائرن، اولاد ۽ مريدن کي صبر
جميل جي توفيق عطا فرمائي. _غ.م.گ
علامه آقاي سعيد نفيسي
عملي دنيا لاءِ هيءَ خبر نهايت اندو هناڪ آهي ته
ايران جي وڏي محقق ۽ عالم، نقاد ۽ ماهر تعليم،
علام سعيد نفيسيءَ 14_نومبر1966ع تي وفات ڪئي آهي!
انالله وانااليه راجعون.
علام سعيد نفيسي، پنهنجي جامع خصوصيات جي لحاظ
سان، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو هو. جديد
ايران جي علمي ۽ فڪري ارتقا جي سلسلي ۾ علام مرحوم
جون علمي ۽ ادبي خدمتون بلند مقام حاصل ڪري چڪيون
آهن.
علام مرحوم ابتدائي تعليم پنهنجي وطن ۾ حاصل ڪئي ۽
اعليَ تعليم طهران، پئرس ۽ سئزرلئيڊ ۾ مڪمل ڪئي، ۽
انهن يونيورسٽين ۾ وڏي امتياز سان پنهنجي علمي
تحقيق کي تڪميل تي پهچايائين.
يورپ مان واپس اچڻ کان پوءِ، طهران يونيورسٽيءَ ۾
تاريخ، جا گرافي، فارسي ادب ۽ لسانيات جو پروفيسر
مقرر ڪيو ويو. ان سان گڏ ”ڪاليج آف لا“ ۾ به
پروفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو.
ڪجهه وقت کان پوءِ، ڪابل يونيورسٽيءَ جي تقاضا تي
پاڻ ڪابل ۾ آيو، ۽ اتي به پروفيسر ٿي ڪم ڪندو
رهيو.
علام سعيد نفيسيءَ جي عالمي شهرت کان متاثر ٿي،
دنياجي وڏن علمي مرڪزن ۾ کيس وقت دعوت ڏيئي
گهرايو ويو. علام مرحوم ان علمي سفر ۾ لنڊن، برلن،
پئرس، ميونچ، روم، واشنگٽن کان سواءِ، الهه آباد،
بمبئي، بنارس، پاٽنا. ٽروينڊرم ، حيدرآباد دکن،
دهلي، علي ڳڙهه، ڪلڪتي، مدراس ۽ ناگپور يونيورسٽين
۾ به عالمانه ۽ فاضلانه ليڪچرس ڏنا.
ان سلسلي ۾ پاڪستان به ٻه_ ٽي ڀيرا آيو. ڪراچي،
حيدرآباد سنڌ، لاهور، پشاور، ڊاڪا، راج شاهي،
يونيورسٽين ۾ به علمي ۽ ادبي تقريرون ڪيائين.
ان کان پوءِ کيس بيروت جي سينٽ جوزف ڪاليج ۾
پروفيسر ٿي ڪم ڪرڻو پيو.
سندن تصنيف ۽ تاليف، ۽ درست ڪيل ڪتابن جو نه فقظ
معيار بلند آهي، پر تعداد به ڪافي آهي. سندس
تصنيفات جو انداز 240 آهي. سندس مقالات، جي فارسي
زبان ۾ شايع ٿي چڪا آهن، تن جو انداز 600 کان وڌيڪ
آهي. سندس علمي ۽ محققانه مقالات ڪيترن جلدن ۾
شايع ٿي چڪا آهن.
ان کان سواءِ يورپ ۽ ايشيا ۾ فرينچ، انگريزي،
عربي، روسي، اردو، آرمني ۽ ترڪي زبانن ۾، سندس
150کان وڌيڪ مقالا شايع ٿي چڪا آهن.
سندس علمي ۽ فني خدمتن جو اعتراف نه فقط، جديد
ايران جي محققن ڪيو آهي؛ پر ان کان ٻاهر يورپ جي
مستشرقين به سندس تحقيق مان استفادو ڪيو آهي. يورپ
جا وڏا وڏا محقق، سندس مقالات ۽ تحقيق ڪتابن مان
گهڻو ڪجهه حاصل ڪري چڪا آهن. علامه جي ذات هڪ
علمي سَنَد جي حيثيت سان علمي دنيا ۾ وڏي مقام تي
فائز تصور ڪئي ويئي آهي.
علامه مرحوم نهايت ساده دل، اهل نظر ، صوفي منش ۽
مرنج سرنجان شخصيت جو مالڪ هو . کيس ايراني ثقافت
۽ تهذيب جو نمايندو ڪري تسليم ڪيو ويو هو.
علامه مرحوم ٻه ٽي ڀيرا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي دعوت
تي پڻ آيو هو، ۽ هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارسي
شعبي جي اهتمام هيٺ سندس تقريرون پڻ ٿيون.
علامه مرحوم کي هت حيدرآباد يونيورسٽيءَ ۾ ٻه_ ٽي
ڀيرا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو شرف پڻ حاصل ٿيو. علامه صاحب هڪ
طرف اقبال جي فلسفي ۽ نظريات کان متاثر نظر آيو ۽
ٻئي طرف سنڌي ادب ۽ تصوف متعلق به متعارف هو.
علامه صاحب جي خدمت ۾ جڏهن مثنوي مولانا روم جي
مڪمل ترجمي جو سيٽ پيش ڪيو ويو، تڏهن حيران رهجي
ويو.مولانا دين محمد ”اديب“ فيروز شاهيءَ کي تحسين
۽ آفرين چوندي فرمايائين:
”سنڌي زبان جي اها سعادت آهي، جنهن ۾ مثنويءَ جو
ترجمو، مڪمل ٿي سگهيو آهي . ان مان ثابت ٿو ٿئي ته
سنڌي زبان، سرمايهء الفاظ ۽ تنوع جي لحاظ سان،
اهڙي بلند پايه ۽ شاهوڪار زبان آهي، جنهن ۾
مثنويءَ جا دقيق ۽ فلسفيا نه مسئلا، ترجمو ٿي
سگهيا آهن.“
ان کان پوءِ فرمايائين:
”مولانا صاحب ! اوهان مون سان گڏجي، ايران هلو،
اُتي اوهان جو وڏو قدر ٿيندو...!“
علامه سعد نفيسيءَ، اهو ذڪر، پنهنجي هڪ فارسي
مقالي ۾ پڻ ڪيو آهي. بهرحال، علامه جي وفات نه
فقظ فارسي ادب لاءِ، پر پوري علمي دنيا لاءِ هڪ
دکدائڪ حادثو آهي. سندس علمي شخصيت تي پوري دنيا
جا عالم ۽ فاضل اشڪبار آهن:
سندس پسماندن مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. دعا
آهي. ته رب ڪريم شال کيس مرهي ۽ جنت نصيب ڪري._
آمين _غ.م.گ.
علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون
اعزازي ڊگريون
(سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس، ڄامشورو: 4_مئي1966ع)
گذريل4_مئي1966ع تي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي
ڪانوويڪيشن جي شاندار تعليمي تقريب ۾ ، واديءَ
سنڌ جي ٻن جليل القدر فرزندن_ حضرت علامه آءِ.
آءِ. قاضي ۽ مسٽر ذوالفقار علي ڀٽي_جي خدمت ۾ سندن
ملڪي، ديني، ادبي، علمي ۽ تعليمي خدمتن جي اعتراف
طور، ”ڊاڪٽر آف لا“ جون اعزازي ڊگريون، وائيس
چانسلر سنڌ يونيورسٽي، پروفيسر حسن علي
عبدالرحمان، بار ايٽ لا پيش ڪيون.
ان تقريب ۾ اعليَ تعليمي ماهرن، پروفيسرن، ڊاڪٽرن،
ليڪچرارن، شاگردن، معزز شهرين، عالمن، اديبن ۽
شاعرن شرڪت ڪئي.
جڏهن علامه صاحب ۽ ڀٽي صاحب کي تعليمي سربراهن جي
جلوس ۾ ڊائيس تي آندو ويو، تڏهن سڀني ماڻهن بيهي،
سندن آجيان ڪئي.
ان موقعي تي علامه صاحب جن هڪ بصيرت افروز تقرير
ڪرڻ فرمائي، جنهن ۾ اسلام ۽ نظريهء تعليم متعلق
عالمانه ۽ فلسفيانه انداز ۾ گفتگو ڪئي ويئي آهي.
(اها تقرير، هن ئي پرچي ۾ شايع ڪئي ويئي آهي.)
اسان سندن خدمت ۾ دلي خلوص ۽ محبت سان تهنيت پيش
ڪريون ٿا.
لطيف جي 214 ساله ورسي
(ڀٽشاهه : 4_5_جون1966ع)
سنڌ جي سداحيات صوفي شاعر، شاهه عبداللطف ڀٽائي
رحه جي 214 ساله ورسيءَ جون مختلف تقريبون،
مشاعرو، سيمينار، راڳ ۽ مقالن جي نثست نهايت خوش
اسلوبيءَ سان منعقد ٿيون، جن ۾ هزارها ماڻهن ذوق
شوق سان حصو ورتو.
هن ورسيءَ جو افتتاح، ڊويزنل ڪمشنر، جناب مسرور
حسن خان ڪيو، ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، علامه آءِ. آءِ.
قاضيءَ جو پيغام پڙهيو، ڪمشنر صاحب فرمايو ته :
”شاھ ھڪ عالمگير امن ۽ صلح جو پيغامبر آھي. سندس
ڪلام، اسلام جي صحتمند ۽ ترقي پذير قدرن جو حامل
آھي، ان کي دنيا جي مکيه علمي زبانن ۾ ترجمو ڪرڻ
گهرجي.“
ان سلسلي ۾ ساڳئي ڏينھن سيمينار، ’شاھ ۾ اسلامي
قدر‘جي موضوع تي، پروفيسر غلام مصطفي شاھ ڊئريڪٽر
تعليمات سنڌ جي صدارت ۾ ٿي گذريو. ان ۾ محترم
محبوب علي چنا، عبدالرحيم ڏيٿو، عبدالعلي قلباڻي،
مسٽر شفيع محمد ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ آغا
عبدالغنيءَ بھرو ورتو. صدارتي تقرير ۾، صدر صاحب،
شاھ ۽ سندس فن متعلق بصيرت افروز تقرير ڪئي ۽
ٻڌايو ته ”لطيف جي فن“ انسانيت جا قدر، اسلامي
نظام جي ماتحت پيش ڪيا آھن.“
راڳ ۽ رنگ جي محفل ۾ ، ريڊيو پاڪستان جي فنڪارن ۽
ٻين اھل ذوق فنڪارن حصو ورتو. ھيءَ نشست رات جو
چئين بجي تائين ھلندي رھي.
ڪارروائي جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سيڪريٽري ڀٽشاھ
ڪلچر سينٽر ھلائي، ۽ سينٽر جي علمي ۽ فني خدمتن تي
روشني وڌي .
مرزا قليچ بيگ جي ورسي
(ٽنڊو ٺوڙھو، حيدرآباد: 3_ جولاءِ 1966ع)
سنڌي زبان جي عظيم محسن، اديب، شاعر، ڊارمه نگار،
مترجم مرزا قليچ بيگ جي ياد ۾، گذريل 3_جولاءِ
1966ع تي، ’لطيف لٽرري سوسائٽي‘ ۽ ’لطيف لئبري‘ جي
گڏيل ڪوشش سان شاندار ورسي ملھائي ويئي: جنھن جي
صدارت، مسٽر قطب علي شاھ حسيني، چيئرمن ميونسپل
ڪميٽي حيدرآباد ڪئي.
شام جو مرحوم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھڻ ۽ فاتح
خواني کان پوءِ، ’باب_قليچ‘(ٽنڊي ٺوڙھي ) جي اسٽيج
تي ادبي ڪانفرنس شروع ٿي . جلسي ۾ شھر جا ڪافي
عالم، اديب، شاعر، پروفيسر، شاگرد ۽ ادب ذوق موجود
ھئا. تقريرن جي سلسلي ۾، مولانا غلام محمد ”گرامي“
ضياءُ الله غلام علي، پروفيسر محبوب علي چنا،
پروفيسر خواجا غلام علي الانا، جان محمد جمالي ۽
عبدالعلي قلباڻي ، مرزا قليچ بيگ جي سوانخ ۽ خدمتن
تي ڪافي روشني وڌي .
ان بعد مشاعري جي محفل ۾ _ شمشير الحيدري، مرزا
قمبر علي حيدري، مرزا اسد بيگ، مرزا اجمل بيگ،
مرزا اڪمل بيگ، عباسعلي بيگ، سلطان حيدر، ۽ قمر
ڪوھستانيءَ بھرو ورتو . راڳ جي محفل ۾ فقير
عبدالغفور ۽ بلاول بيلجم،مرزا صاحب مرحوم جون
ڪافيون پيش ڪيون. آخر ۾ فيچر، ڊراما ۽ ٽيبلو اسٽيج
ڪيا ويا.
سوسائٽي ۽ لئبرريءَ جي ڪارپردازن _قاضي غلام نبي ۽
نثار حسيني _ جي سرجوشيءَ سان ورسيءَ جو اھتمام
ٿيو.
سنڌي ادبي رھاڻ
( ھالا نوان : 9_ جولاءِ 1966ع )
”ھالا اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ جي اھتمام سان، سروري
اسلاميه ڪاليج ھالا جي آڊيٽوريم ۾، گذريل 9_
جولاءِ 1966ع تي ھڪ ”سنڌي ادبي رھاڻ“ رچائي ويئي ،
جنھن جي صدارت محترم شمشير الحيدريءَ ڪئي ۽ پنھنجي
تقرير ۾، سرزمين ھالا جي بزرگن، عالمن، شاعرن جي
علمي خدمت جي ذڪر سان گڏ، شاگردن جي ھھڙين ادبي
رھاڻين جي انعقاد کي ساراھيو.سليمان شيخ ۽ ڄام
ساقي جي مضمونن پڙھڻ بعد، مشاعري جي محفل ۾ _
شمشير الحيدري، ’پرواني‘ ڀٽي، پرڀو، ’ناشاد‘، ڄام
’ساقي‘، جھامراءِ نٿراڻي، رفيق ميمڻ، ’شاد‘
ھالائي، محڪم ’بسمل‘، يوسف حفيظي، جان محمد ’جان‘
۽ ٻين ڪيترن مقامي شاعرن حصو ورتو؛ ۽ رات جو 11
بجي رھا ڻ پوري ٿي.
فيڊريشن جي ڪارڪنن _ علي محمد ميمڻ، محمد اسماعيل
ميمڻ ۽ رفيق ميمڻ ۽ سندن دوستن جي سرجوشيءَ سان
رھاڻ ڪامياب رھي .
2 _ سنڌي ثقافتي ڪانفرنس
(ٻڍاپور، ضلعو دادو: 1_ آگسٽ 1966ع)
”بزم صوفياي سنڌ“ جي ثقافتي ڪانفرنسن جي سلسلي جي
”2_ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس“، گذريل 1_ آگسٽ 1966ع تي،
داد شھيد عليه الرحمت جي ميلي ۽ عرس جي موقعي تي،
درگاھ (نزد ٻڍاپور ، ضلعو دادو) تي اعلي پئماني تي
منعقد ڪئي ويئي، جنھن جي صدارت سيد غلام حيدر شاھ
ڪريمي، سجاده نشين درگاھ شاھ ڪريم بلڙي شريف ڪئي
. (1_ ثقافتي ڪانفرنس، ٺٽي ۾ 23_ جون 1966ع تي
ملھايل)
تربت تي گلن چاڙھڻ کان پوءِ، اڱڻ ۾. رات جو 9_ بجي
ڪانفرنس شروع ٿي. سيد يار محمد شاھ لڪياريءَ جي
مرحبائي تقريب کان پوءِ. محترم جي. ايم. سيد (بزم
جي روح روان) افتتاحي خطبو پڙھيو.
مشاعري ۾ شيخ اياز،شمشير الحيدري، پرواني ڀٽي،
فتاح ملڪ، الطاف عباسي، سيف ٻنوي ۽ ٻين بھرو ورتو
.
ھن ڪانفرنس ۾ ڪافي عالم، اديب ۽ شاعر موجود ھئا_
محترم جي .ايم. سيد، شيخ اياز، محمد ابراھيم جويو،
شمشير الحيدري، غلام رباني، پروفيسر الانا، قاضي
فيض محمد، حفيظ قريشي، رسول بخش پليجو، حميد سنڌي،
محمد عثمان ڏيپلائي، جمال رند، پروانو ڀٽي ، فتاح
ملڪ، الطاف عباسي، پرڀوناشاد، معصوم ھالائي، نور
عباسي، حيدر علي ٽالپر، ٻيڙو فقير ۽ رشيد صابر
وغيره.
ماني کائڻ کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ٿي .فقير
عبدالغفور ۽ زرينه بلوچ کان سواءِ، مقامي فنڪار
رات جو 3 بجي تائين محفل مچائيندا رھيا، ۽ ھزار _
ڏيڍ سامعين ڪانفرنس ۾ موجود رھيا.
اردو _ سنڌي مشاعرو
(ٽنڊو محمد خان: 14 آگسٽ 1966ع)
يوم آزاديءَ جي سلسلي ۾ ”بزم _ ادب“ ٽنڊي محمد خان
طرفان، 14 _ آگسٽ 1966ع تي، سٽيزن ڪلب ۾ ھڪ اردو _
سنڌي مشاعرو، شاندار نموني منعقد ٿيو، جنھن جي
صدارت مسٽر يوسف جمال،اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو ڊويزن ڪئي
.
محفل ۾ ’پرواني‘ ڀٽي، ’فدا‘ سرھيي، شوق سنڌي،
’مسڪين‘ ملاڪاتياري، پيربخش ’پياسي‘، ’پرواز‘،
’سيف‘ ٻنوي، مشھود ’انور‘، ’بزرگ‘يوسفي، محمود
صديقي، شاد بھٽوي ۽ مقامي شاعرن بھرو ورتو.
4_5 ڪلاڪن جي يادگار محفل کي ھزار کن شھرين ٻڌو،
جن ۾ آفيسر، پروفيسر، شاگرد، ادب ذوق وغيره ھئا.
ٻيو ڪل سنڌ ٻار ڪنوينشن
(بسنت ھال، حيدرآباد :14_ آگسٽ 1966ع)
گذريل 14_ آگسٽ تي، بسنت ھال ۾، سنڌي ٻارڙن جو ھڪ
دلچسپ ڪنوينشن، زيراھتمام، روزانه ”عبرت“حيدرآباد
جي ٿي گذريو؛ جنھن ۾ شھر جي ننڍن ٻارڙن ۽ سنڌ جي
مختلف ڳوٺن ۽ شھرن مان پھتل ٻارڙن جي وڏي تعداد
کان سواءِ، ڪافي عالم، اديب، شاعر ۽ شاگرد موجود
ھئا.
صبح جو 10 بجي، سجايل ۽ سينگاريل بسنت ھال ۾، جناب
پروفيسر حسن علي عبدالرحمان، وائيس چانسيلر سنڌ
يونيورسٽيءَ، ”2_ ڪل سنڌ ٻار ڪنوينشن“ جو افتتاح
ڪيو. پھرين بيٺڪ ”ادبي رھاڻ“ جي صدارت سنڀالڻ کان
پوءِ، پير مظھرالحق ”گل“ (”ماما موجي“_ ٻارڙن جي
ٻاري _ روزانه ”عبرت“) وائيس چانسيلر کي مرحبا
چوندي، استقباليه خطبو پڙھيو .ان بعد ڪافي ٻارڙن،
دلچسپ ۽ معصومانه انداز ۾ مضمون ۽ افسانا پڙھيا.
عبدالڪريم بلوچ، ٻارڙن کان ڪافي سوال پڇيا، جن جا
ٻارڙن جواب ڏيئي، پروگرام دلچسپ بنايو.
آخر ۾ محترم حسن علي عبدالرحمان، پنھنجي تقرير ۾
ٻارڙن جي اجتماع ۽ ڪنوينشن جي انعقاد تي خوشيءَ جو
اظھار ڪيو ۽ ٻارڙن کي مفيد مشورا ڏنا.
ساڳئي ڏينھن، شام جو 4 بجي، ڪنوينشن جي ٻي نشست
”مذاڪرو“ شروع ٿي، جنھن جي صدارت مولانا غلام محمد
گرامي صاحب ڪئي . ڪافي ٻارڙن، رٿيل عنوان ”تعليم
جو ذريعو، مادري زبان هئڻ گهرجي“ تي دلچسپ تقريرون
ڪيون. آخر ۾ گرامي صاحب پنهنجي روح پرور تقرير ۾
نو نھالن کي ڪيترائي ڪارگر مشورا ڏنا.
ان بعد ٻارڙن جي دستڪارين ۽ ڊرائنگ جي نمائش ٿي،
جنھن جو افتتاح محترم ظفر ڪاظمي ڪيو. سڀني حاضرين،
ٻارڙن جي دستڪارين کي ساراھيو ۽ ھمٿايو.
رات جو 9 بجي تفريحي پروگرام جي آخري نشست ھئي.
بيگم عملدار رضا، اھليه ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ھن
پروگرام ۾ مھمان خصوصي ھئي . ٻارڙن، فيچر،ڊراما،
فئنسي ڊريس. تمثيلي مشاعرو ۽ مختلف رنگارنگ
پروگرام پيش ڪيا. محمد مسخري ۽ پلپلي مسخري، ٻارڙن
کي ونداريو.آخر ۾ بيگم رضا، ٻارڙن ۾ انعام تقسيم
ڪيا ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا.
سڄي ڏينھن جي چھر پھر ۾ شھر جا ڪافي، عالم، اديب،
شاعر، صحافي،فنڪار۽ معزز موجود ھئا، مثلاً: مولانا
غلام محمد گرامي، شيخ علي محمد (ايڊيٽر عبرت)،
سعيد قاضي، محمد ابراھيم جويو، غلام رباني،
شمشيرالحيدري،احسان علي شاھ، عبدالغفور انصاري،
آفتاب مرزا، مصطفي قريشي، شيخ عزيز، ڪريم بخش
خالد،عبدالڪريم پلي، راڄ محمد پلي، ولي محمد وفا،
غلام محمد کوکر، خير محمد کوکر، ناصر،علي بابا،
شوڪت راھي، حميد سنڌي، پرڀو ناشاد، عبدالحق ابڙو،
سومارعلي سومرو، قاضي خادم، محمود يوسفاڻي، محمد
يعقوب ميمڻ، ظفر ڪاظمي، بلاول پرديسي ۽ رشيد صابر.
3 _ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس
(ميرپور بٺورو: 3 _ سيپٽمبر 1966ع)
”بزم صوفياي سنڌ“ جي اھتمام سان گذريل 3_ سيپٽمبر
1966ع تي، ميرپور بٺوري ۾ ”3_ سنڌ ثقافتي
ڪانفرنس“منعقد ٿي. شام جو 6 بجي رلين ۽ پاٽين سان
سجايل شاندار اسٽيج تي، محترم جي . ايم سيد صاحب،
خطبو پڙھي ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ارباب نور محمد
پليجي، مرحبائي تقرير سان سڀني آيل مھمانن ۽
سامعين جو شڪريو اداڪيو.
”مقالن“ جي پھرين نشست جي صدارت سجاده نشين درگاھ
شاھ عنايت صوفي، جھوڪ شريف جي سپرد ھئي، مگر سندن
عدم موجودگيءَ ۽ مقالن ۽ مشاعري، ٻنھي بيٺڪن جي
صدارت محترم شيخ اياز ڪئي .
مولانا غلام محمد گرامي، علم ادب ۽ سنڌ جي تصوف تي
روح پرور تقرير ڪئي. محمد خان مجيدي، عبدالفتاح
عبد، غلام حسين رنگريز ۽ سرويچ سجاوليءَ مقالا
پڙھيا. ٻن ھزارن کان مٿي سامعين، جن ۾ اديب،
شاعر،فنڪار، شاگرد، معزز شھري ۽ ھاري ناري ھئا،
رات جو 12 بجي تائين ڪانفرنس ٻڌاندا رھيا.
عبدالفتاح عبد جي انائونسنگ ۾ مشاعرو ٿيو. اول شيخ
اياز نظم ۽ وايون ٻڌايون . ان بعد تنوير عباسي،
امداد حسيني، ’شمس‘ جعفراڻي، حبيب الله ’سائل‘،
عزيز جعفراڻي، ماستر احمد خان، محمد صالح مھيري،
غلام حسين رنگريز، محمد يوسف ’سيف‘ ’قلندر‘
لڪياري، ’سرويچ‘سجاولي، عبدالفتاح عبد، اڪبر شاھ،
غلام رسول ’مسرور‘، عبدالحميد ’شاھين‘،
’محسن‘عباسي، محمد خان مجيدي، ’پروانو‘ ڀٽي،
’مومن‘مليرائي، سائينداد نوحاڻي، رجب علي ’ضيا‘
شعر پڙھيا. ان وچ ۾ جمال رند، ’لولي‘ٻڌائي.
راڳ جي محفل ۾ فقير عبدالغفور ۽علي محمد سروري ۽
ٻين مقامي فنڪارن حصو ورتو . بٺوري جا باھمت
نوجوان _ عبدالفتاح عبد، عبدالحي پليجو ۽ ٻيا
ڪانفرنس جي اعلي انتظام رکڻ ۾ سرجوش رھيا.
ڊاڪٽر ائنيمري شميل جي آجيان
(حيدرآباد سنڌ: 25 ۽ 26_ سيپٽمبر 1966ع )
اولھه جرمنيءَ جي بون يونيورسٽيءَ ۾، شعبه مشرقي
علوم ۾، خاتون پروفيسر ۽ مشھور مستشرق، ڊاڪٽر
ائنيمري شميل ھن سال مشرق جي دوري جي سلسلي ۾ ، ٻن
ڏينھن لاءِ حيدرآباد سنڌ ۾ به آئي. ھوءَ ايران
مان ٿيندي پاڪستان پھتي، جتي موصوفه، 8_ سيپٽمبر
تي تھران ۾ منعقد ٿيل بين الاقوامي ھسٽري ڪانفرنس
۾ اولھه جرمنيءَ پاران شرڪت ڪئي. ايران سرڪار، ملڪ
جي تاريخ لکڻ لاءِ ھڪ بين الاقوامي مستشرقين جي
ڪانفرنس ڪوٺائي ھئي، جنھن ۾ موصوفه حصو ورتو ھو.
8_ سيپٽمبر کان محترمه، افغانستان سرڪار جي دعوت
تي، يارھن ڏينھن جي دوري ڪرڻ بعد، ڏھن ڏينھن جي
پاڪستاني دوري لاءِ ڪراچي پھتي، جتي محترمه جي
اعزاز ۾ ڪافي ادبي ۽ تعليمي تقريبون منعقد ٿيون .
25_ سيپٽمبر تي موصوفه حيدرآباد پھتي، ۽ انھيءَ
شام، پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ ٻارن جي ميوزم جو
معائنو ڪيائين .
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي طرفان محترمه کي
دعوت استقباله ڏني ويئي ۽ محترمه ٻئي ڏينھن سنڌي
شعبي جي مھمان رھي .
26_ سيپٽمبر، صبح، موصوفه عالمن اديبن سان گڏ،
بلڙي شريف ۽ جھوڪ شريف ويئي، جتي شاھ ڪريم رحه ۽
صوفي شاھ عنايت شھيد رحه جي روضن جي زيارت ڪيائين
.
شام جو ڇھين بجي ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان، محترمه
شميل جي اعزاز ۾، آفيس جي پر فضا لان تي، ھڪ
شاندار دعوت استقباليه ڏني ويئي، جنھن ۾ شھر جي
ڪافي عالمن، اديبن شاعرن، پروفيسرن ۽ شاگردن شرڪت
ڪئي، جن مان مولانا گرامي، محمد ابراھيم جويو،
مولانا غلام مصطفي قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش قاضي، سيد
قمرالزمان شاھ، احسان علي شاھ رضوي، جمال ابڙو،
غلام رباني، نياز ھمايوني، علي نواز جتوئي، الياس
عشقي، رحيم بخش ميمڻ، ڊاڪٽر هاليپوٽو، پروفيسر
غلام علي الانا، عبدالغفور انصاري، تيرٿداس
هوتچند، شمشيرالحيدري، مسز قاضي بخش، رشيده شيخ،
ع.ق. شيخ، زيب ڀٽي، جمال رند، مقبول ڀٽي، پروانو
ڀٽي، عبدالحق عالماڻي، مرزا اجمل بيگ، زرينه بلوچ،
پليجو، قاضي خادم، مولوي ماعر، پرڀو ’ناشا‘ ۽ پير
مظهرالحق وغيره قابل ذڪر آهن،
موصوفه، سنڌي ادبين ۽ شاعرن جي ميڙ ۾ انتهائي مسرت
محسوس ڪري رهي هئي. اول، مسٽر غلام ربانيءَ
موصوفه کي گلن جا هار پارائي، ڀليڪار ڪئي، ان
بعد، ڊاڪٽر شميل صاحبه پنهنجي پياري ۽ عالمانه
نوع ۾ تصوف ۽ سنڌي ادب تي انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندي
فرمايو:
”سنڌي ادب کي يورپ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ، هوءَ ان
جا يورپي ۽ خاص ڪري ترڪي زبانن ۾ ترجما ڪندي.“
موصفه وڌيڪ فرمايو:
”قديم خواهه جديد سنڌي ادب، مشرق جي عظيم ادب جو
شاندار مثال آهي. سنڌ جي صوفي شاعرن جي عارفانه
ڪلام ۾ اهائي جاذبيت ۽ اهو ئي تاثير آهي، جيڪو
فارسيءَ جي مشهور صوفي شاعرن، مولانا رومي، جامي،
عطار، حافظ ۽ سعيديءَ جي شعر ۾ ملي ٿو.“
سنڌي ادبي بورڊ متعلق فرمايائين:
”اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌي ادبي بورڊ، انهن
ڪلاسيڪي صوفي شاعرن جو ڪلام نهايت اعليَ پئماني تي
شايع ڪيو آهي، مون کي يقين آهي ته يورپيءَ ۽
آمريڪي عالم، بورڊ جو شاندار ڪم معلوم ڪري حيرت ۾
پئجي ويندا.“
تصوف متعلق فرمايائين:
”اسلام هت ٻن طرفن کان آيو_ هڪ باب الاسلام سنڌ جي
فتح سان، محمد بن قاسم جي معرفت، ۽ ٻيو هندستان ۾،
وچ ايشيا کان عالمن ۽ درويشن ۽ صوفين جي اچڻ سان
.سنڌ ۾ اسلام تصوف جو عالمگير نظر به حيات پيش
ڪيو.“
موصفه جي تقرير کان پوءِ محترم جي لاءِ خاص راڳ جو
بندو بست ڪيل هو. فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم ۽
زرينه بلوچ، لطيف، سچل، ميين عنات ۽ اياز جو ڪلام
ڳائي، محفل کي رونق وٺائي. موصوفه راڳ ٻڌي ڏاڍو
سرهي ٿي.
ريڊيو پاڪستان طرفان محترم جو انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ
کان پوءِ، کانئس موڪلايو ويو. محترم جو شمار،
دنياجي برک مستشرقين ۾ ٿئي ٿو. هوءَ دنيا جون 18
زبانون ڄاڻي ٿي، جن ۾ “سنڌي“ به شا مل آهي. تصوف ۽
اسلام جي مطالعي سان خاص اُنس اٿس. هن مشرق جي
سڀني صوفي شاعرن جو ڳوڙهو اڀياس ڪري، مشهور صوفين
جي ڪلام جا يورپي زبانن ۾ ترجمان ڪري، وڏي خدمت
ڪئي آهي. محترم جا ڪيترائي مقالا. آمريڪي رسالن ۾
ڇپيل آهن. هوءَ 1960ع ڌاري مشرقي دوري وقت هتي سنڌ
۾ هفتي کن لاءِ ترسي هئي، ۽ سڄي سنڏ گهمي ويئي
هئي. تازو محترم جو هڪ ڪتاب ” پاڪستان“ جرمن زبان
۾ ڇپيو آهي، جا شاهڪار تاليف آهي.
محترم، ترڪيءَ جي انقره يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي سال
پروفيسر رهي چڪي آهي ۽ ترڪي زبان تي وڏي دسترس
رکي ٿي، هن وقت موصوفه جرمن ٻوليءَ ۾ سنڌ بابت چار
ڪتاب __ شاهه عنايت شهيد صوفي؛ قرآن شريف جا سنڌي
ترجما؛ سنڌي لوڪ ادب ؛ شاهه جي ڪلام جو ،سندس دوُر
جي بين الاقوامي شاعرن جي ڪلام سان موازنو ۽
اڀياس__لکي رهي آهي.
محترم، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي شاندار
ادبي خدمتن جي شروع کان مداح آهي. محترم بورڊ جي
ڪتابن تي تبصرا لکي مختلف يورپي رسالن ۾ ڇپرائي،
يورپ کي بورڊ جي ڪم کان متعارف ڪيو آهي. تازو صدر
پاڪستان، فليڊ مارشل محمد ايوب خان، محترمه کي،
انهن خدمتن جي اعتراف طور” ستاره پاڪستان“ جو تمغو
عطا ڪيوآهي.
4_ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس
(ڀٽ شاهه: 29_سيپٽمبر1966ع)
”بزم صوفياي سنڌ“ جي ”چوٿين _ سنڌ ثقافتي
ڪانفرنس“،29_سيپٽمبر1966ع تي، سدا حيات ڀٽ تي،
شاندار اَڊيٽو ريم ۽ وڏي پئماني تي منعقد ڪئي
ويئي، جنهن جي صدارت محترم پير جڙيل شاهه سجاد
نشين درگاهه ڀٽ شاهه ڪئي.
ٺيڪ 7_ بجي، محترم جي .ايم.سيد، افتتاحي خبطو
پڙهيو . ان بعد مولانا گرامي، پير حسام الدين
راشدي، قاضي فيض محمد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش
پليجي، حفيظ قريشي ۽ صاحب خان چنا تقريرون ڪيون.
9 بجي مشاعري جي محفل رچائي ويئي، جنهن ۾ شمشير
الحيدري، حيدربخش جتوئي، برڪت علي آزاد، نور عباسي
، پروانيو ڀٽي، الطاف عباسي، انور هالائي ۽ سيف
ٻنوي بهرو ورتو. ان بعد جمال رند لولي ٻڌائي،
مسرور ڪيو.
سڀني مهمانن جي ماني کائڻ کان پوءِ، ”راڳ رهاڻ“ جي
يادگار محفل شروع ٿي . لطيف جي روضي تي خاص رڳيندڙ
فقيرن جو ٽولو موجود هوته ريڊيو فنڪار فقير
عبدالغفور، حسين بخش خادم، زرينه بلوچ ۽ مصري فقير
به بهتل هئا. رات جو 2 بجي تائين راڳ جي محفل
هلندي رهي.
سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪراچي
(غلام حسين خالقڏنه هال: 2_آڪٽوبر1966ع)
ڪراچيءَ ۾ 2_ آڪٽوبر 1966ع تي ، اتي جي ”سنڌي ادبي
سنگت“ جي اهتمام سان ، هڪ يادگار” سنڌي ادبي
ڪانفرنس“ ٿي گذري، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پهتل
عالمن، ادبين شاعرن، سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪنن ۽
شهر جي معززين، شاگردن، ادب ذوق وڏي انداز ۾ شرڪت
ڪئي، ۽ ڪارروائي تاج بلوچ هلائي.
مقالن جي پهرين نشست ، محترم شمس الدين عرساڻيءَ
جي صدارت ۾ شروع ٿي. مسٽر عرساڻي جي مضمون کان
پوءِ، محترم بيگم دائود پوٽي، رضيه سلطانه، منير
سنڌي، ۽ الهه بچائي لغاريءَ مختلف ادبي مسئلن تي
مضمون پڙهيا.
12 بجي هال جي ورانڊي ۾ تصويرن جي نمائش ۾ گل محمد
کتري، علي اڪبر، الطاف شيخ ۽ افضل گل جون تصويرون
رکيل هيون. سڀني مهمانن 2_2 ڪلاڪ نمائش ڏٺي ۽ ان
جي ساراهه ڪئي،
پروگرام مطابق ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي جنرل
ڪائونسلر جو ڪنوينشن رٿيل هو، جنهن لاءِ سنگت جي
ڪافي شاخن جا سيڪريٽري ۽ 3_ 3 ڊيليگيٽ،
نمائندگيءَ لاءِ سڄي سنڌ مان پهتل هئا.
اونگزيب مارڪيٽ ۾ ڪائونسلر جو اجلاس، محترم
عبدالڪريم گدائيءَ جي صدارت ۾ شروع ٿيو. ايجنڊا
مطابق ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي واڌاري ۽ تنظيمي
مسئلن تي اجتماعي طور غور و غوض ڪرڻ کان پوءِ،
چونڊون ڪيون ويون. نمائندن جي ووٽن سان، محترم
تنوير عباسيءَ کي جنرل سرڪريٽري، محترم پرواني
ڀٽيءَ کي جائنٽ سيڪٽيري، محترم حسين سنڌءَ کي
خزانچي ۽ محترم تاج بلوچ کي آڊيٽر منتخب ڪيو ويو.
سڄي سنڌ جي عالمن، ادبين، شاعرن، اجلاس ۾ سنڌي ادب
تي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ ڪيترائي ٺهراءُ پاس
ڪيا.
ٺهراءُ
_موجود وقت ۾، سنڌي زبان کي تعليمي توڙي سرڪاري
ادارن ۾ اها حيثيت نه مليل آهي، جنهن جي هوءَ
حقدار آهي. ان ڪري مطالبو آهي، ته تمام ترت سنڌ جي
عوام طرفان ڪيل انهيءَ مطالبي کي تسليم ڪيو وڃي.
_سنڌ جي تاريخي جاين، شهرن، ۽ مکيه مرڪزن جا
نالاساڳيا رکيا وڃن، جيئن” ڪينجهر“ جو نالو بد
لائي ”ڪلري“ رکيو ويو آهي.
_حيدرآباد جي يادگار قلعي جي صفائي ڪئي وڃي، ۽ ان
کي محڪمه آثار قديمه جي حوالات ۾ ڏنو وڃي.
_ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرام کي مناسب
جڳهه ڏني وڃي.
_ڪراچي ريجن جي سنڌي اسڪولن کي نه صرف بند نه ڪيو
وڃي، پر انهن جو تعداد به وڌايو وڃي.
_سکر ۾ ريڊيو اسٽيشن تمام جلد قائم ڪئي وڃي.
_ حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جي قوت وڌائي وڃي، جيئن
هن علائقي ۾ هر هنڌ اسٽيشن ٻڌي سگهجي.
_ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻوليءَ جي حيثيت برقرار
رکندي، ”سنڌي شعبو“ کوليو وڃي.
_لوڪل باڊيز ۽ مڪاني خود مختيار ادارا، ”سنڌي ادبي
سنگت“ کي گرانٽون ڏين.
”سنڌي ادبي بورڊ “ کان مطالبو ڪيو ويو ته ”مهراڻ“
رسالي ۾ بند ڪيل حصهء نظم ۽ حصهء افسانه کي جاري
ڪيو وڃي.
شام جو 4بجي، ڪانفرنس جي ٽين، افسانن جي بيٺڪ
لاءِ، هال ۾ ڪافي ساهعين جمع ٿي چڪا هئا. محترم
نسيم کرل جي صدارت ۾ ، امير جليل، آغا سليم، اقبال
جتوئي، غلام نبي مغل ۽ ٻين افسانا پڙهيا.
ان بعد شام جو 6 بجي، محترم امداد حسينيءَ جي
صدارت ۾ مشاعرو شروع ٿيو. عبدالڪريم ’گدائي‘
شمشيرالحيدري‘ ’بردو‘ سنڌي، تنوير عباسي، نياز
همايوني. علي محمد ’مجروح،‘ انور‘ هالائي،
’پروانو‘ ڀٽي، تاج بلوچ، مصطفيَ جتوئي، محمد حسن
’ساز‘ ’رند‘ ڪيفي،’نور‘ عباسي، الطاف عباسي، ’سيف‘
ٻنوي، ’عطا‘ سرهندي، ’مجرم‘ لغاري، ’نظر‘ سنڌي،
عبدالله ’شرر‘، رشيد ’راشد‘، عبدالخالق ’شهيد‘،
عبدالحڪيم ’ارشد‘، نثار شفيع ’ناز‘، ’بدر‘ قريشي،
اقبال جتوئي، سيد اڪبر شاهه، صالح شاهه ’بادل‘،
مجبور‘ شيخ، هري موٽواڻي ’ساٿي،‘ مومن مليرائي،
پرڀو ’ناشاد‘، ۽ آخر ۾ امداد حسينيءَ ڪلام پيش
ڪيو.
ان کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ٿي ، جنهن ۾ غزاله
شاهين ۽ ٻين ڪيترن ئي ريڊيو فنڪارن بهرو ورتو.
سڀني مهمان دوستن جي رات جي مانيءَ جو بندوبست،
محترم پير حسام الدين راشديءَ وٽ هو. رات جو 9 بجي
پير صاحب جي رهائشگاهه ’بيتالضيا،‘ عامل ڪالوني ۾
50_40 کن مهمان اديب، شاعر ۽ مقامي معزز موجود
هئا.
ڪراچيءَ جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جي نوجوان ڪارڪنن جي
سرجوشيءَ سان هي يادگار ’سنڌي ادبي ڪانفرنس ‘
ڪاميابيءَ سان ٿي گذري .
شمشيرالحيدريءَ کي الوداعي پارٽي
(حيدرآباد ، سنڌ: .2_آڪٽوبر1966ع)
سنڌي ادبي بورڊ جي اورچ ۽ مخليص ڪارڪن، سابق
اسسٽنٽ ايڊيٽر رسالو”مهراڻ“، مسٽرشمشير الحيدريءَ
کي، ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽر ٿيڻ تي، مقامي”
سنڌي ادبي سنگت“ طرفان، گذريل، .20_آڪٽوبر1966ع)
تي، سنڌي ادبي بورڊ جي لان تي، شاندار اولوداعي
پارٽي ڏني ويئي.
تقريرن ۾، مولانا غلام محمد گرامي، محمد ابراهيم
جوبي، پروفيسر غلام علي الانا، ۽ محمد عثمان
ڏيپلائيءَ سندس خدمتن کي ساراهيو. ان محفل ۾
پروفيسر عبدالجبار شام، پروفيسر محرم خان ، ع.ق.
شيخ، پروانو ڀٽي، ظفر ڪاظمي، پروفيسر مشتاق، مظهر
ئالدين ميمڻ، عبدالواحد بروهي، نور محمد پليجو،
رسول بخش پليجو، حميد سنڌي، جمال رند، حسن علي
نذير، زيب ڀٽي، الهه بچايو لغاري، ۽ عبدالحق
عالماڻي، پرڀو ناشاد وغيره موجود هئا.
آخر ۾ مسٽر شمشيرالحيدريءَ سڀني دوستن جو شڪريو
بجا آندو.
5_سنڌ ثقافتي ڪانفرنس
(ڊٺڙو، ضلعو سانگهڙ:23_آڪٽوبر1966ع)
گذريل 23_آڪٽوبر تي، ڊٺڙي، ضلعي سانگهڙ ۾، سائين
حسين بخش جيلاني عليه الرحمت جي ميلي جي موقعي تي،
”بزم صوفياي سنڌ“ طرفان، ’5_ سنڌ ثقافتي ڪانفرنس،
منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت پير ڏنل شاهه
جيلاني، سجادءِ نشين، درگاهه ڊٺڙو شريف ڪئي.
ميلي لاءِ سڄي سنڌ مان پهتل ڪافي خلق موجود هئي ۽
ڪيترائي شاعر ۽ اديب، ادبي ڪانفرنس لاءِ اچي پهتا
هئا، ميلو ڏاڍي ڌام ڌوم سا لڳل هو، بازاريون،
دڪان، سرڪس، تفريحي نمائشون وغيره_ جهنگل ۾ منگل
هو!
شام جو 7 بجي، مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ کان
پوءِ، اڱڻ ۾ ڪانفرنس شروع ٿي. اول، محترم شاهنواز
شاهه ”عارف المولا“، مرحبائي تقرير ڪندي، سڀني
آيلن جي آجيان ڪئي، ان بعد، محترم جي ، ايم، سيد
خطبو پڙهي، ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. ڏيڍ هزار جي
سامعين اڳيان مولانا غلام محمد گرامي، حيدربخش
جتوئي، حفيظ قريشي، قاضي فيض محمد ۽ ٻين، سنڌي
ادب، تصوف، زبان ، تهذيب ۽ ثقافت تي روح پرور
تقريرون ڪيون.
مشاعري جي محفل ۾ حيدربخش جتوئي، عارف المولا،
پروانو ڀٽي، فتاح ملڪ، نور عباسي، ڄام ساقي، مومن
مليرائي ۽ پرڀو ناشاد بهرو ورتو.
رات جو، 10بجي ڳائڻ وڄائڻ جي روح آفرين محفل شروع
ٿي، جيڪا صبح 4 بجي تائين ڄمي رهي، ڦوٽي فقير،
امام علي، رشيد علي، جڙيل شاهه، دين محمد شيخ،
استاد منظور علي خان، محمد يوسف حسين فقير،
الهرکيي، مٺي خان، استاد خورشيدعليءَ سامعين کي
مسرور ڪيو.
يوم لطيف
(نوابشاهه: 26_سپٽمبر 1966ع)
بزم ’مهراڻ‘ نوابشاهه جي سهاري هيٺ، 26_سپٽمبر
1966ع تي ’يوم لطيف‘ ملهايو ويو. ان جي صدارت، سنڌ
يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر، پروفيسر حسن علي
عبدالرحمان ڪئي. سامعين، هزارن جي انداز ۾ شريڪ
رهيا، جن ۾ عالم ۽ فاضل، استاد ۽ شاگرد، مقامي
آفيسر، شاعر ۽ اديب ججهي انداز ۾ هئا. سڀ کان اول
بزم، ’مهراڻ‘ پاران، ايڇ . ايم. خوجا صاحب، وائيس
چانيلسر جي ادبي ۽ تعليمي خدمتن جو ذڪر ڪيو.
صدر صاحب، لطيف جي فن ۽ پيغام متعلق فرمايو:
”هر اديب ۽ شاعر، پنهنجي دؤر جو ترجمان هوندو آهي.
ان جو ڪلام ۽ پيغام پنهنجي پنهنجي دؤر جو عڪس ۽
آئينه دار ٿئي ٿو. ”وقت جو شاعر“ ئي صحيح معنيٰ ۾
پنهنجي دؤر جو نبض شناس ٿئي ٿو. ’شاهه لطيف‘ انهن
سڀني خوبين جو مالڪ آهي. شاهه صاحب، هڪ اعليَ معلم
هو، جنهن هڪ قابل حڪيم ۽ نبض شناس وانگر، پنهنجيءَ
قوم جي علاج لاءِ، انيڪ نقطا ۽ بيشمار نسخا، قيمتي
قول ۽ بي انداز ٻول پيش ڪيا آهن. اهي سڀ هڪ طالب
لاءِ رهنما جي حيثيت رکن ٿا.“
ان ’يوم لطيف‘ جي موقعي تي، مقامي شاعرن ۽ ادبين
کان سواءِ، ڪيترن فنڪارن، پڻ پنهنجي فن جو مظاهرو
ڪري، ’لطيف‘ جي ورسيءَ کي رنگ وٺايو، ۽ استادن ۽
شاگردن پڻ لطيف جي ڪلام تي ڪيترا علمي مضمون
پڙهيا.
2_ڪل سنڌ ٻار ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس
(دادو: 26 ۽ 27_ آڪٽوبر 1966ع)
اداره”منڇر _ ادب“ دادو، جي اھتمام سان، گذريل 26
۽ 27_ آڪٽوبر تي، دادوءَ ۾ ”2_ ڪل سنڌ ٻار ادبي ۽
ثقافتي ڪانفرنس“منعقد ٿي، جنھن جو افتتاح پروفيسر
الحاج سيد غلام مصطفي شاھ، ڊائريڪٽر آف
ايجيوڪيشن،حيدرآباد ريجن ڪيو.
26_ آڪٽوبر شام جو ”طالب المولا“ھاءِ اسڪول جي
ميدان تي، شاندار اسٽيج تي، افتتاح ٿيڻ بعد،
ڪانفرنس جي پھرين اشست ”ادبي ڪچھري“منعقد ٿي . ان
بيٺڪ جي صدارت به شاھ صاحب کي سونپي ويئي. اداري
جي صدر، مسٽر اعجاز قريشي مرحبائي تقرير ڪندي سڀني
حاضرين جو شڪريوادا ڪيو. ان بيٺڪ ۾ ڪيترن ئي
ٻارڙن ،مضمون، افسانا، شعر، فيچر ۽ ڪھاڻيون پڙھي،
خوب وندرايو. سامعين ۾ ڪافي تعليمي ماھر، معزز
شھري، اديب، شاگرد ۽ ٻار موجود ھئا: مثلاً : مسٽر
رحيم بخش ميمڻ، مسٽر غلام رضا ڀٽو، مسٽر علي احمد
قريشي، پروفيسر اڪرم انصاري، پروفيسر محبوب علي
چنا، مسٽر راھوجا، مسٽر بقا محمد قريشي،
مسٽرقمرالدين، آخوند شفيح محمد، مسٽر تاج صحرائي،
حافظ احسن چنا، احمد خان آصف، وفا ناٿنشاھي، غياث
جوڻيجو، پرڀو ناشاد، شوڪت سنڌي ۽ نظام صحرائي
وغيره.
27_ آڪٽوبر، صبح 9 بجي، ”طالب المولا“ ھاءِ اسڪول
۾ ٻي تقريب ھئي ” ثقافتي نمائش“، محترم نور محمد
سيال. اي.ڊي.بي. ڊي.نمائش جو افتتاح ڪيو. ڪافي
ماڻھن، دستڪاري، هزاري ڊرائنگ ڪتاب وغيره ڏٺا ۽
ساراهيا. نئين پيرا ڪريو منجھند جو ڪانفرنس جي ٽي
نشست، ”مذاڪرو۽ مشاعرو“، گورنمينٽ ڪاليج جي
آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي، جنھن جي صدارت پروفيسر محبوب
علي چنا ڪئي. ٻارن، رٿيل موضوع تي، ڪافي مضمون
پڙھيا،۽ مشاعري جي محفل رچائي.
شام جو طالب المولا ھاءِ اسڪول جي اسٽيج تي آخري
نشست، ’محفل تفريح‘ منعقد ٿي، جنھن جو مھمان خصوصي
پروفيسر اڪرم انصاري ھو ۽ صدارت محترم تاج
صحرائي ڪئي. ننڍڙن ٻارڙن ڪيترائي ڊارما، ڊائلاگ،
فيچر، فئنسي ڊريس ۽ تفريحي پروگرام پيش ڪري، رات
جو 2 بجي تائين سامعين کي مسرور ڪيو.
آخر ۾ انعام کٽندڙ ٻارن ۾ انعام تقسيم ڪيا ويا.
اداري جي باھمت ڪارڪنن، خصوصاً
اعجاز قريشيءَ جي سرجوشيءَ سان ڪانفرنس ڪامياب
رهي.
ڪل پاڪستان اردو_ سنڌي مشاعرو
(نوابشاهه : نومبر3_1966ع)
ڊسٽرڪٽ ڪلچرل ائسوسئيشن جي زير اهتمام، نوابشاهه ۾
گذريل 3_نومبر تي، هڪ شاندار، ”ڪل پاڪستان اردو_
سنڌي مشاعرو“ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مسٽر اختر
حسين، سابق گونر مغربي پاڪستان ۽ صدر انجمن ترقيءَ
اردو، ڪئي.
صدارتي تقرير ۾ مسٽر اختر حسين چيو ته ”سنڌي زبان،
اسان جي ملڪ جي پياري زبان آهي، ۽ هن ۾ تمام گهڻو
علمي ۽ ادبي ذخيرو موجود آهي.“ انهن شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ جو
حوالو ڏيندي چيو ته ”انهن شاعرن جي ڪلام مان اسان
کي استفاد وڪرڻ کپي.“
مسٽر بشارت رسول، ڊپٽي ڪمشنر نوابشاهه، جي تقرير
کان پوءِ، مشاعري ۾ ملڪ جي چوٽيءَ جي شاعرن بهرو
ورتو، جن مان جوش مليح آبادي، فيض احمد فيض،
قمرجلالوي، ذوالفقارعلي بخاري، احمد نديم قاسمي،
قتيل شفائي ، ماهر القادري، شان الحق حقي، شورعليگ
صهبا اختر، منظر ايوبي، سطانه مهر، خالد عليگ،
عبدالڪريم گدائي، برڪت علي آزاد ۽ پروانو ڀٽي قابل
ذڪر آهن.
مشاعري جي انعفاد ۾، مسٽر رضوي، چيئرمن ميونسپل
ڪميٽيءَ جون دلچسپيون نمايان رهيون.
22_ سنڌي ادبي ڪانفرنس
(لاڙڪاڻو: 5۽6_نومبر1966ع)
”جمعيت الشعراء سنڌ“ جي سهاري هيٺ، ”22_آل سنڌ
ادبي ڪانفرنس“، لاڙڪاڻي ۾، 5۽ 6_ نومبر 1966ع تي
شاندار نموني ۾ ٿي گذري.
5_نومبر شام جو4 جناح لاڙڪاڻي باغ لاڙڪاڻي ۾ عظيم
ادبي اجتماع ۽ ڪانفرنس جو افتتاح، مسٽر رفيق عنايت
مرزا، ڪمشنر خيرپور ڊويزن ڪيو. تلاوت قرآن مجيد ۽
نعت شريف کان پوءِ محمد علي جوهر، چيئرمن
استقباليه ڪميٽي، خطبه استقباليه پڙهيو.
ان بعد مولانا غلام محمد گرامي جي تقرير کان پوءِ
6 کان 7تائين مانيءَ لاءِ اجلاس اُٿيو.
ٻي نشست، رات جو 7 کان 12تائين” سنڌي طرحي
مشاعرو“، زير صدارت پروفيسر سيد غلام مصطفيَ
شاهه؛ ڊئريڪٽر آف ايجوڪيشن جي ”خنران کٽي ته بهارن
جو انتظام ٿئي“
جي طرح تي ٿي گذري ، ان ۾ مشهور شاعرن_ فيض
بخشاپوري، عبدالفتاح عبد، عاقلي، عبدالڪريم گدائي،
نورالدين نور، محمد علي جوهر، استادن بخاري ، نشتر
ناٿنشاهي، ساجد سرشاري، امير قريشي، خادم سروري،
اظهر گيلانيءَ پنهنجا طرحي غزل پڙهيا ۽ داد حاصل
ڪيو. ان ۾ غير طرحي شاعرن کي پڙهڻ نه ڏنو ويو.
جناب صدر صاحب شاعرن کي قومي شعور وڌائڻ جي سلسلي
۾ هدايت ڪئي.
سنڌي مشاعري کان پوءِ، ٽين نشست غير طرحي اردو
مشاعرو، 11 بجي کان شروع ٿيو، جنهن جي صدارت مسٽر
محمد رفيق صاحب، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي ڪئي. ان ۾
لاڙڪاڻي جي مشهور مقامي شاعرن کان سواءِ حسن
حميدي، منظر ايوبيءَ جي ڪلام ڪافي داد حاصل ڪيو.
ان کان پوءِ راڳ جي محفل شروع ٿي. ان ۾ ريڊيو
فنڪارن _ ثريا، محمد يوسف، خادم سروي، مصري فقير
نمايان طور حصو ورتو. اتي جي مقامي راڳيندڙن مان
رسول بخش ڀَٽ به سٺي فن جو مظاهرو ڪيو. مصري فقير،
جناب مخدوم محمد زمان ”طالب المولا“ جو ڪلام،
سامعين جي تقاضا تي، بار بار پيش ڪندو رهيو. سندس
ادائگي ۽ فن کي بيحد پسند ڪيو ويو. رات جو 3 بجي
پروگرام ختم ٿيو.
ٻئي ڏينهن، 6_ نومبر تي صبح جو ”جميعت الشعراء“
سنڌ جي جنرل باڊي جو اجلاس، زير صدارت عبدالفتاح
عبد عاقلي جي، پنڊال ۾ ٿيو. ان ۾ سنڌي ادب جي سڀني
مسئلن تي گفتگو ۽ تبادله خيالات ٿيو. مولانا غلامي
محمد گرامي، ميٽنگ کي خطاب ڪندي، تفصيل سان مسئلن
تي روشني وڌي. ان بعد چونڊون ٿيون، جن ۾ هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا:
صدر: مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب المولا“
نائب صدر: عبدالفتح عبد عاقلي ۽ فيض بخشاپوري
جنرل سيڪريٽري: محمد علي جوهر.
جائنٽ سيڪريٽري: نشتر ناٿنشاهي.
آڊيٽر : دوست محمد ابڙو.
خزانچي : جمال الدين بخاري.
پروپئگنڊا سيڪريٽري : ساجد سرشاري.
ان کان پوءِ ضلعيوار 2_2 نمائندا کنيا ويا.
ٺهراءَ
_”اديب _سنڌ“ رسالي کي دوباره جاري ڪرڻ لاءِ تقاضا
ڪئي ويئي.
_”مهراڻ“ رسالي ۾ حصه نظم ۽ افسانن جي اشاعت لاءِ
استدعا ڪئي وئي.
_سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ سنڌي اديبن ۾ اتفاق،
۽ بڪجهتي پيدا ڪرڻ جي استدعا.
_وفات يافته ادبين لاءِ تعزيت جو ٺهراءُ.
ڪل سنڌ ٻار ڪنوينشن
(هالا پراڻا: 6_نومبر 1966ع)
ٻارن جي ادبي تنظيم ”ٻارڙن جي ٻاري“ (شاخ هالا
پراڻا) طرفان، گذريل 6_نومبر تي ”ڪل سنڌ ٻار
ڪنوينشن“ ٿي گذريو، جنهن جو افتتاح ميان محمود
ڀٽيءَ هالائي صاحب ڪيو.
ڪنوينشن جي پهرين نشست ”ادبي ڪچهري“ جي صدارت مسٽر
عبدالوحيد صديقي، ٻي نشست” محفل قرآت“ جي صدارت
مسٽر عبدالرشيد ”صابر“، ٽين بيٺڪ ”مباحثه“ جي
صدارت مسٽر غلام مرتضيَ ڀٽي، ۽ چوٿين ”محفل
موسيقي“ جي نشت جي صدارت مسٽر مقبول احمد ڀٽي
ڪئي. تصويرن ۽ سڪَن جي نمائش جو افتتاح پير
مظهرالحق ڪيو.
سڄي سنڌ جي مختلف حصن مان پهتل ٻارڙن، هر نشست جي
پروگرام ۾ جوش خروش سان حصو وٺي، ڪنوينشن کي
ڪامياب بنايو.
’ٻارڙن جي ٻاري‘ جي سرگرم ڪارڪنن، مسٽر عبدالرشيد
قريشيءَ جي دالچسپيءَ سان هيءَ ڪنوينشن منعقد ٿيو.
الخالق ادبي اداري جو سالگرهه
(هالا نوان: 13 _نومبر 1966ع)
هالا نوان جي ”الخالق ادبي اداره“ جو ٽيون جشن
سالگرهه، گذريل 13_نومبر تي ڌام ڌوم سان
ملهايوويو. جنهن جي صدارت مخدوم زاده محمد امين
”فهيم“ صديقيءَ ڪرڻ فرمائي.
اول، اداره جي چيئرمن، مسٽر انور هالائي، سالانه
ڪارگذاري جي رپورٽ پيش ڪري، جناب مخدوم محمد زمان
صاحب ”طالب المولا“ جن جو پيغام پڙهي ٻڌايو، جو
پاڻ، کين سونپيل صدارت نه ڪري سگهڻ سبب، اداره ڏي
موڪليو هئائون.
ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محمد سومار ’غمدل،‘ محمد
حسن ’ساز‘، غلام قادر ’گوهر‘، ’مخمور‘ نظاماڻي،
عبدالستار ’عبد‘ مختلف مضبوعن تي مضمون پڙهيا ان
بعد شاعري جي محفل ۾ انور هالائي، حسين بخش
’خادم‘، شهنشاهه‘ هالائي، ’غلام‘ هالائي،
عبدالقادر ’منور‘، عبدالقيوم ’زخمي‘، جهامراءِ
’پياسي،‘ رفيق‘، احمد خليل ’زيرڪ‘، يوسف حفيظي،
علي محمد ’ناز‘، عبدالخالق ’ناظم‘، ولي محمد ،
ويچارو،‘ انيس ’اختر‘ بهرو ورتو ۽ ر راڳ جي محفل ۾
حسين بخش خادم، محمد خان نظاماڻي ۽ ٻين حصو ورتو.
آخر ۾ ”فهيم“ صاحب، ارداره جي ڪارڪرد گيءَ کي
ساراهيندي، تعاون جو يقين ڏياريو. رات جو 2 بجي هي
جشن اداره جي ناظم اعليَ، غلام هالائيءَ جي شڪر يه
ادائيءَ سان ختم ٿيو.
6_سنڌ ثقافتي ڪانفرنس
(سن، ضلعو دادو:18۽19_نومبر1966ع)
”بزم صوفياي سنڌ“ طرفان ثقافتي ڪانفرنس جي سلسلي
۾ ڇهين ڪانفرنس، شاهه حيدر عليه الرحمته جي ميلي
جي موقعي تي گذريل 18 ۽ 19_نومبر 1966ع تي ، ٻه
روزه پروگرام هيٺ، سن ۾ شاندار نموني منعقد ٿي،
جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پهتل عالمن، اديبن، شاعرن ۽
فنڪارن شرڪت ڪئي.
18_نومبرشام جو، هڪ شاندار ۽ ڪشادي پنڊال ۾ محترم
جي . ايم. سيد، ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. سيد بقادار
شاهه (مٽيارين واري) صدارت ڪئي ۽ سندس اٿي وڃڻ تي،
سيد گل محمد شاهه جاءِ والاري.
اول، بزم جي جنرل سيڪريٽريءَ، رسول بخش پليجي
مرحبائي تقرير ڪري، جي. ايم، سيد پاران افتتاحي
خطبو پڙهيو. (محترم جي .ايم، سيد جي وقتي ناسازيءَ
سبب) ان بعد محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا
غلام محمد گرامي، حيدربخش جتوئي ۽ جمال الدين
بخاريءَ تقريرن ڪيون ۽ شيخ اياز مقالو پڙهيو.
مشاعري محفل ۾، ٽن هزار سامعين اڳيان، سنڌيءَ جا
چوٽيءَ جا شاعر_اياز، عبدالڪريم گدائي، نياز
همايوني، رشيد ڀٽي، نورعباسي، پروانو ڀٽي، پرڀو
ناشاد، عبدالخالق شهيد، محمد خان مجيدي، غلام حسين
رنگريز، عبدالحي پليجو، گلذار پليجو، استاد بخاري،
مومن مليرائي ، عبدالفتاح عبد ۽ ٻيا_ پيش ٿيا.
ان بعد راڳ جي روح آخرين محفل صبح جو 5 بجي تائين
هلندي رهي، سائين اختر حسين، فقير عبدالغفور،
نرينه بلوچ، حميدعلي، فتح علي، صادق علي ۽ استاد
منظور علي خان سڄي رات مسرور ڪندا رهيا.
19_نومبر صبح جو ساڳئي ۾ ”بزم صوفياي سنڌ“ جي
تنظيمي مسئلن لاءِ ميٽنگ ٿي. جماعت جي تشڪيل لاءِ
سوچي، نوان عهديدار چونڊيا ويا.
شام جو ٻئي ڏينهن لاءِ ڪانفرنس شروع ٿي. غلام محمد
لخاري، حيدربخش جتوئي ۽ حفيظ قريشيءَ جي تقريرن
کان پوءِ محفل مشاعري ۾ شيخ اياز، نياز همايوني،
بردي سنڌي، عبدالڪريم گدائي، محمد خان مجيدي، عارف
المولا ۽ ٻيڙي فقير سگهڙ بهرو ورتو، سامعين ٻئي
ڏينهن ۾ ججهي انداز ۾ موجود هئا.
ان بعد راڳ جي محفل ۾ فقير عبدالغفور، فتح علي،
حبيب علي، استاد منظور علي خان کان سواءِ ڪيترن ئي
فنڪارن پاڻ ملهايو.
20_نومبر تي، سن جي ڀرسان مشهور تاريخي قلعي” رني
ڪوٽ“ جو ادبين ۽ شاعرن کي سيرپڻ ڪرايو ويو.
جشن هالا
(هالا نوان 19 ۽20_نومبر1966ع)
انجمن ”فروغ_ادب“ هالا نوان طرفان، گذريل 19۽
20_نومبر تي شاندار پيماني تي ”جشن_هالا“ ملهايو
ويو.
هالا جي متعلق سيمينار جي صدارت، پروفيسر ڊاڪٽر
قاضي بني بخش صاحب ڪئي، ۽” طالب المولا“ سان شام
جي تقريب جي صدارت، مخدوم زاه محمد امين ” فهيم“
صديقي ڪرڻ فرمائي. ٻنهي نشتن ۾ پروفيسر محبوب علي
چنا، ’انور‘ هالائي، عبدالقادر، منور‘ احمد خان
ميمڻ ۽ ٻين حصو ورتو.
مشاعري ۽ محفل موسيقيءَ جي صدارت، جناب مخدوم محمد
زمان صاحب”طالب المولا“، ”تمغهء پاڪستان“ ڪرڻ
فرمائي، جنهن ۾ ’انور‘ هالائي، عبداللطيف ’ساقي‘
منور، بيدل، برواني ڀٽي ۽ حضرت ”طالب المولا“ جن
شعر پڙهيا. راڳ رهاڻ ۾ حسين بخش خادم، نور محمد،
محمد خان، علي محمد ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن، مختلف
شاعرن جو ڪلام ڳائي، مسرور ڪيو.
”جشن هالا“ جي سلسلي ۾ هڪ نمائش به لڳائي ويئي
هئي، جنهن ۾ تاريخي خط، قرآن مجيد جا نسخا، قلمي
ڪتاب، تصويرون، جنڊي ۽ ڪاشيءَ جو ڪم ۽ ڀرت وغيره
سجايول هئا.
محمد سليمان شيخ، انور هالائي، يونس ابڙو ۽ ٻين
اداري جي ڪارڪنن جي سرجوشيءَ سان، هي جشن شاندار
نموني ملهايو ويو.
بدين ۾ ادبي ڪچهري
بدين : 6_نومبر1966ع)
هر سال جي دستور مطابق26_نومبر تي بدين ۾ ، شاهه
قادري رحه جي سالياني عرس جي موقعي تي ، هڪ ادبي
ڪچهري ٿي، جنهن جي صدارت پير ملوڪ شاهه جيلاني،
سجاده نشين ڪئي، ڪانفرنس ۾ جان محمد جمالي، خواجا
نذير حسين حيدري، ڊاڪٽر مظهر خواجا، محمد صديق
ملاح تقريرون ڪيون ۽ مقالا پڙهيا.
ڳائڻ وڄائڻ جي محفل ۾ حاجي پريو فقير ۽ ساٿي، غلام
قادر چوهاڻ، ولي محمد شاهه، مير محمد خان لنڊ،
محمد صالح جان محمد ريڊيو فنڪار، علي فقير سوهو،
حاجي صديق واڍو،سجاول خاصخيلي ۽ ٻين ڪيترن فنڪارن
پاڻ ملهايو.
سگهڙ ٻيڙي فقير ڪنڀر ۽ قاضي الهه ورائي، لوڪ ادب
جا گفتا پيش ڪري ڪچهري کي رونق وٺائي.
محمد فقير مسخري ۽ عيسي فقير شيديءَ ڀوڳ چرچي جي
دؤر ۾ ، سامعين کي خوب کلائي وندرايو.
رات جو دير تائين هليل ڪچهريءَ کي سگهڙ ٻيڙو فقير،
سگهڙن جي گفتن جي انداز سان، هلائيندو رهيو.
ڪچهريءَ جو انعقاد، پير ملوڪ شاهه جي دلچسپين سان
وابسته هو.
قلندر لال شهباز جي 713ساله ورسي
(سيوهڻ: 2 ۽ 3_ڊسمبر1966ع)
سنڌ جي مشهور بزرگ حضرت لال شهباز قلندر جي
713ساله ورسي ساليانه ميلي جي موقعي تي، شهباز
ميموريل ڪميٽيءَ جي اهتمام هيٺ نهايت شاندار نموني
۾ ملهائي وئي، ان ادبي ڪانفرنس ۾ مقالن ۽ تقريرن
جي نشست سان گڏ، راڳ ۽ مشاعري جي رهاڻ پڻ ڪئي وئي
۽ آخر ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا.
جناب مسرور حسن، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن ادبي
ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چيو:
”بي غرضيءَ“ جي جذبي مقصد جي صداقت ۽ اسلام جي
اصولن سان محبت جهڙين قلندري خصوصيتن جي جيتري اڄ
ضرورت آهي، اهڙي اڳ ڪڏهن به ڪانه هئي. قلندر جو
اصل مقصد، سماج جي اصلاح آهي. شهباز اڄ کان 700
ورهيه اڳ اصلاح ۽ تبليغ جو ڪم ڪيو اڄ به ضرورت آهي
ته پاڻ ۾ قلندري جذبو پيدا يون.“ ”ان سلسي ۾ سنڌڙي
دا سردار قلندر“ کي ريڊيو حيدرآباد جو نشان مقرر
ڪيو ويندو ان عوامي ڌن سان ئي ريڊيو جي ابتدا ٿيڻ
گهرجي.“
جناب مخدوم محمد زمان طالب المولا تقرير ڪندي چيو:
”قلندر لال شهباز جي باري ۾ جيڪي به اڻلڀ ۽ پراڻا
ڪتاب وٽس آهن، سي تحقيقاتي ڪم لاءِ يادگار ڪميٽيءَ
کي ڏنا ويندا.“
جناب محبوب علي چنه، استقباليه خطبي ۾ ٻڌايو ته
”حضرت قلندر جي ڪلام ۽ پيغام تي تصنيف ۽ تاليف جو
ڪم، لائق عالمن ۽ محتققن جي تعاون سان جلد شروع
ڪيو ويندو.“
مشهور شاعرن حافظ احسن چنه، استادن بخاري، پرواني
ڀٽيءَ ڪلام پڙهيو ۽ فنڪارن رويينه، صادق علي ،
محمد جمن، محمد يوسف، محمد ابراهيم، اميربخش،
خادم، عبدالغفور، محمد طفيل، نذير بيگم، خورشيد
بيگم، ريحانه ياسمين، اقبال جو ڳي، عبدالحڪيم
الغوزه نواز راڳ رهاڻ ۾ حصو ورتو.
سالانه تعليمي ڪانفرنس
(ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد:2 ۽ 3ڊسمبر1966ع)
ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد طرفان، گذريل
2۽3_ڊسمبر تي، به روزه پروگرام هيٺ هڪ ساليانه
تعليمي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ مقامي تعليمي
ماهرن، استادن ۽ شاگردن کان سواءِ سنڌ جي مختلف
ٽريننگ اسڪولن جي آيل نمائندن شرڪت ڪئي.
پهرئين ڏينهن صبح ميٺارام هال ۾ مسٽر غلام رضا
ڀٽي، انسپيڪٽر آف اسڪولس، هن ڪانفرنس جو افتتاح
ڪيو، ۽ ڊاڪٽر سيد اظهر حسن رضوي، پرنسپال ٽريننگ
ڪاليج مرحبائي تقرير ڪندي، سڀني آيلن جي آجيان
ڪئي. مسٽر بخاري، ”لئبرريءَ“ تي تقرير ڪئي ۽ ڪاليج
جي ڪافي شاگردن تعليمي مسئلن تي ڳالهايو، مهمانن
کي ڪاليج جو ميوزم ۽ نمائش پڻ ڏيکاريا ويا. آخر ۾
مسٽر ڀٽي صاحب صدارتي تقرير ڪئي.
ڪانفرنس جي ٻي نشست، شام جوٽين بجي شروع ٿي، جنهن
جي صدارت محترم اي. ڪي. شيخ صاحبه ڪئي، ان نشست ۾
به ڪافي شاگردن تعليم ۽ تربيت جي مسئلن تي
تقريرون ڪيو.
ٻئي ڏينهن، ڪانفرنس جي ٽين نشست ۾ ، استادن ننڍڙن
شاگردن کي اسٽيج تي مثالي سبق پڙهايا. حاضرين ان
”پڙهائڻ“جي مسئلن تي صحتمند تنقيدون ڪيون ۽ پنهنجا
خيال ظاهر ڪيا. آخر ۾ پرنسپال صاحب، مغربي ملڪن ۾
”پڙهائڻ“ جي طريقن جي اپٽار ڪئي.
ڪانفرنس جي آخر ۾ ، شام ج چوٿين نشست کي خطاب
ڪندي، مشهور تعليمي ماهر، محترم ڊاڪٽر غلام حسين
جعفري، تعليمي ۽ تربيتي مسئلن تي سير حاصل تقرير
ڪري، شاگردن کي ڪئين مفيد مشورا ڏنا، جعفري صاحب
فرمايو:
”اسان وٽ پرائمري استادن لاءِ موجوده ٽريننگ جو
سرشتو غلط ۽ تمام اڻپورو آهي، ۽ انهيءَ ڪري
پرائمري استادن جي تجربي ۽ معيار ۾ ڪوبه واڌارو
نٿو ٿي سگهي.“
جعفري صاحب وڌيڪ چيو :
”ٻين ملڪن ۾ جتي ترتيبي عرصو ٽن کان پنج سال ٿئي
ٿو، اتي اسان وٽ فقط هڪ سال جو عرصو رکيو ويو آهي.
ٻين ملڪن جي استادن کي ماستري ڪرڻ کان اڳ گهٽ ۾
گهٽ چوڏهن سال تعليم حاصل ڪرڻي پوي ٿي، ليڪن
هتي7_10سال پڙهائي بعد ماستري اختيار ڪئي وڃي ٿي.
تعليم کاتي جي تربيتي طريقهء ڪار تي تنقيد ڪندي
جعفري صاحب فرمايو:
”اسان جي پرائمري استادن لاءِ ”تربيتي ڪورس“ جو
رڳو نالو آهي: ڄڻ ته ڪا ’قلندري مُهر‘ هجي جو هڪ
سال جي مختصر عرصي اندر ماسترن کي حاصل ٿي وڃي ۽
پوءِ هو سڄي عمر وري تربيت حاصل ڪرڻ کان جند ڇٽل
محسوس ڪندا پيا رهن،“
جعفري صاحب اظهار ڪيو ته:
”تعليم کاتي کي ڪو به احساس ڪونهي ته آخر غلط ۽
اڻپوري تربيت ورتل استاد، قوم جي ترقي لاءِ ڪهڙو
ڪارآمد ٿي سگهي ٿو؟“
جعفري صاحب مشورو ڏنو ته:
”تربيت جي عرصي ۽ نموني تي نظر ثاني ڪرڻ جي ضرورت
آهي، پرائمري استاد جي تمليم جو معيا گهٽ ۾ گهٽ
مئٽرڪ مقرر ڪيو وڃي.“
آخر ۾ فرمايائين:
”تعليم سيکارڻ دراصل هڪ زبردست فن آهي، جنهن تي
عبور حاصل ڪرڻ لاءِ اعليَ مهارت، تعليم ۽ محنت
درڪار آهن.“
ٻارن جي ادب تي مذاڪرو
(29_آڪٽوبر کان10_نومبر1966ع: لاهور)
لاهور ۾ ”نئشنل بوڪ سينٽر آف پاڪستان“ جي اهتمام
سان، تازو هڪ ٻارن جو ميلو ٿيو، جنهن جو افتتاح
29_آڪٽوبر تي اولهه پاڪستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس
سجاد ڪيو. اهو ميلو ڏهه ڏينهن هليو. ميلي جي موقعي
تي نئشنل بوڪ سينٽر آف پاڪستان جي انتظام هيٺ،
ٻارن جي ڪتابن جي نمائش ڪئي ويئي، جنهن ۾ اردو ۽
بنگاليءَ سان گڏ، سنڌي ڪتاب پڻ رکيا ويا. اڪثر اهي
ٻارن جا سنڌي ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ جي ٻين
مختلف ٻارن جي ڪتابن جي ادران چپايل هئا. انهنءَ
سان گڏ، هن موقعي تي نئسٽل يوڪ سينٽر آف پاڪستان
ٻارن جي ادب متعلق هڪ مذاڪري جو بندوبست پڻ ڪيو،
جنهن ۾ ماهرين فن، ماهرين زبان ۽ ماهرين اشاعت
شريڪ ٿيا، هي مذاڪرو 29_آڪٽومبر کان 8_نومبر تائين
جاري رهيو. مذاڪري ۾ جيڪي اردو جا عالم ۽ اديب
شريڪ ٿيا، تن ۾ احمد نديم قاسمي، انتظارحسين، ابن
انشا، عبدالحميد ڀٽي، سيد سيط حسين، عشرت رحماني،
رحمان’مذنب‘، ڊاڪٽر وحيد قريشي، محترم خالده شيخ،
شيخ نياز احمد ۽ مقبول دهلوي جا نالا قابل ذڪر
آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان مسٽر غلام رباني،
مذاڪري ۾ شريڪ ٿيو، مذاڪرن جي سمورين مجلسن جي
صدارت، ڊاڪٽر بيگم ستنام محمود ڪئي. هن مذاڪري ۾
ٻارن جي ادب سان متعلق موضوع ۽ ڪتابن جي طباعت ۽
اشاعت جي مسئلن بابت مقالا پڙهيا ويا ۽ انهن تي
تنقيد تبصري بعد نئشنل بوڪ سينٽر آف پاڪستان کي
ٻارن جي ادب کي فروغ ڏيارڻ جي سلسلي ۾ مفيد مشورا
۽ سفارشون ڏنيو ويون.
جشن_لطيف
(لطيف هال، نوابشاهه:11_ڊسمبر 1966ع)
”سنڌي ادبي سنگت“ نوابشاهه جي اهتمام
سان،11_ڊسمبر1966ع تي سداحيات لطيف جي ياد ۾ هڪ
”جشن لطيف“ شاندار نموني ملهايو ويو، جنهن جي
صدارت مولانا غلام محمد گرامي صاحب ڪئي.
رات جو اٺين بجي، شهر جي شاندار آڊيٽوريم ”لطيف
هال“ ۾ ، مسٽر الطاف عباسي جي سنگت جي مختصر
تعارف، ڪارنامن ۽ مقصدن تي روشني وجهڻ سان، جشن
شروع ٿيو، هزار_ ڏيڍ سامعين، ان بعد، منيراحمد جو
مقالو ٻڌو ۽ محترم قاضي فيض محمد، پرواني ڀٽي ۽
محترم ايڇ. ايم خواجا، ڀٽائي ڀلاري جي ڪلام ۽ پيام
تي روشني وجهندي، تقريرون ڪيون. آخر ۾ مولانا
گرامي صاحب، هڪ زوردار صدارتي تقرير ڪئي، جا ڏاڍو
پسند ڪئي ويئي.
ان بعد رات جو نوين بجي، محترم تنوير عباسيءَ جي
صدارت ۾ مشاعرو شروع ٿيو، جنهن ۾ ’بشير‘ ٻگهيو‘
محمد ’طالب‘، شوڪت‘ بروهي، قادربخش ’محزون‘، رحيم
بخش ’قمر‘ ’نظر‘ سنڌي ’سيف‘ٻنوي، عبدالحڪيم
’ارشد‘، ’الطاف‘ عباسي، پرڀو ’ناشاد‘ رشيد ڀٽي،
’نور عباسي‘ ’بردي‘ سنڌي، ’پرواني‘ ڀٽي ’نياز‘
همايوني، ۽ ’تنوير‘ عباسي شعر پڙهيا.
آخر ۾ راڳ رهاڻ جي محفل مچائي ويئي، جنهن ۾ اقبال
جوڳي، مصري خان جمالي، محمد يوسف، مصري فقير، علي
خان، غلام حيدر ۽ ٻين مشهور فنڪارن بهرو ورتو.
نوابشاهه سنڌي ادبي سنگت جي نوجوان ڪارپردازن
بردي، نور، الطاف، منظور، منير وغيره جي ڪوشش سان
جشن ڪامياب رهيو. _پرڀو ”ناشاد“ |